Tuesday, October 18, 2011

انڊيا ۽ ايران ۾ کاڌي جي ورائٽي ۽ سستائي آهي - الطاف شيخ


انڊيا ۽ ايران ۾ کاڌي جي ورائٽي ۽ سستائي آهي
الطاف شيخ
ممبئي يونيورسٽي جو هي مين ڪئمپس جتي جي گيسٽ هائوس ۾ آئون ترسيل آهيان ممبئيءَ جي جنهن علائقي ۾ آهي اهو علائقو ڪالينا سڏجي ٿو، ان ڪري هن يونيورسٽيءَ کي Kalina Campus پڻ سڏجي ٿو ۽ شروع واري ممبئي يونيورسٽي جي ننڍي بلڊنگ جيڪا ڏکڻ ممبئي جي فورٽ واري علائقي ۾ آهي، اها فورٽ ڪئمپس سڏجي ٿي. هي ائين آهي جيئن سنڌ يونيورسٽي جي پراڻي بلڊنگ ”حيدرآباد ڪئمپس“ سڏجي ٿي ۽ مين يونيورسٽي ”ڄام شورو ڪئمپس“ سڏجي ٿي يا ڪراچي ۾ NED يونيورسٽي وارو سٽي ڪئمپس جيڪو پاڪستان چوڪ ۾ آهي جتي پهرينNED  ڪاليج هو ۽ ٻيو هاڻ وارو NED يونيورسٽي ڪئمپس جيڪو ڪراچي يونيورسٽي پاسي، گلستان جوهر ڏي آهي. ڪالينا ۽ ڄام شورو ۾ اهو فرق آهي ته ممبئي جي ڏاکڻي ڪنڊ کان ڪالينا تائين بلڪ اڃا به مٿي چمبور يا وکرولي تائين، جتي ڪٿي حيدرآباد يا ڪراچي جي صدر جهڙو شهر لڳو پيو آهي. ممبئي يونيورسٽي کان ٻاهر نڪر ته هن جي بائونڊري لائين سان دڪانن ۽ ريسٽورنٽن جون قطارون لڳيون پيون آهن. روڊ جي ٻئي پار به اهو حال آهي، جيتوڻيڪ اصل ڪالينا ڳوٺ جنهن جي ڪري هن يونيورسٽي کي ڪالينا ڪئمپس سڏجي ٿو، پيٽارو ۽ ڄام شورو وانگر چڱو خاصو پري آهي پر لڳي ٿو ته يونيورسٽي جي در کان شروع ٿيو وڃي. يونيورسٽي جي ٻاهران روڊ جي ٻنهي پاسي ڪيترين ئي بسين جا اسٽاپ آهن، جيڪي بسيون نه فقط ڀر وارين ريلوي اسٽيشنن ڪُرلا ريلوي اسٽيشن ۽ سانٽا ڪروز ريلوي اسٽيشن ڏي وڃن ٿيون پر شهر جي ڪيترن ئي ڏورانهن علائقن تائين شاگردن کي کڻي وڃن ٿيون. ان کان علاوه يونيورسٽي جي گيٽ ٻاهران هر وقت ڪيتريون ئي ٽئڪسيون ۽ آٽو رڪشائون بيٺل ملن ٿيون. سواريءَ جو ته ممبئي شهر ۾ ڪو به مسئلو ناهي. هتي رڪشائون فقط ”آٽو“ سڏجن ٿيون ڇو جو ممبئي ۾ رڪشائون ٻن قسمن جون آهن. هڪڙيون اهي آهن جن جي اڳيان سائيڪل لڳل آهي جيڪا پيرن سان پئڊل هلائڻ سان هلايون وڃن ٿيون. اهي رڪشائون سڏجن ٿيون، باقي اسان جي ملڪ جهڙيون رڪشائون جيڪي موٽر سائيڪل ذريعي يعني آٽو موبائيل ذريعي هلايون وڃن ٿيون، اهي فقط ”آٽو“ سڏجن ٿيون. ان کان علاوه ڪلڪتي، دهلي ۽ احمد آباد بڙودا جهڙن شهرن ۾ اهڙيون به رڪشائون ڏٺم جن ۾ سائيڪل يا موٽر سائيڪل نه ٿئي. هلائڻ وارو رڪشا جون ٿوڻيون ڪڇن ۾ جهلي پاڻ سان گڏ ان کي ڇڪي. ان قسم جون رڪشائون مون ننڍي هوندي ڪراچيءَ ۾ ڏٺيون هيون، اٽڪل 1960ع ۾. ان بعد بند ٿي ويون. ماڻهوءَ ڇڪڻ واريون رڪشائون ستر واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ چين جي شهرن ۾ به عام هيون، پر هاڻ اهي فقط انڊيا جي ڪجهه شهرن ۽ هنوئي (ويٽنام) ۾ وڃي رهيون آهن.
 
ڪالينا شهر، جنهن جي نالي سان هي ممبئي يونيورسٽي ائين مشهور آهي جيئن سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو کان ۽ ڪئڊٽ ڪاليج ’پيٽارو‘ ڳوٺ کان، يونيورسٽي جي مين گيٽ جي بلڪل سامهون آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن واڪ ڪري اتي جي ”جامع ڪالينا مسجد‘ ۾ هليو ويندو هوس، اتي ئي هڪ آڳاٽو ڪالينا ميونسپل اسڪول آهي ۽ هڪ ڪئٿولڪ گرجا گهر پڻ. هن گرجا گهر (Church) جي آس پاس وارين گهٽين ۾ هن علائقي جي عيسائي ڪميونٽي رهي ٿي، جتي هڪ ڏينهن چڪر هڻڻ سان اهڙو ماحول محسوس ٿيو جهڙو بوبي(Bobby)  فلم ۾عيسائين جي محلي جو ڏيکاريو ويو آهي. صبح جو وقت هو ڪيترا ئي پوڙها، ٿلها، گنجا عيسائي گهر جي رنگين ڌڪين تي ويٺا هئا. اهو ٻڌي ته آئون پاڪستاني آهيان، هو منهنجو آڌرڀاءُ ڪرڻ لڳا ۽ ڪجهه کائڻ پيئڻ لاءِ چوڻ لڳا. بهرحال مون ساڻن گڏ ۽ سندن عبادت گهر (Church) اڳيان ڪيترا ئي فوٽو ڪڍرايا. هڪ ٻڌايو ته هن جو هڪ ڀاءُ شروع کان ڪراچي جي ڪنهن علائقي، شايد سولجر بازار ۾ رهي ٿو. هو گهوڙن جي ڊوڙ جو جاڪي به آهي ۽ هن ڪافي عرصو پير پاڳاري وٽ به نوڪري ڪئي آهي. اهڙن موقعن تي مون کي حيرت ٿيندي آهي ته انڊيا ۽ پاڪستان جي به عجيب ڪهاڻي آهي، جتي ڪجهه عيسائي، مسلمان، هندو، بوهري، خوجا ڀائر پاڪستان ۾ رهن ٿا ته ڪجهه انڊيا ۾. عوامي ليول تي ٻنهي کي هڪ ٻئي لاءِ پيار ۽ سڪ آهي، پر حڪومتي يا سياسي ليول تي اسان هڪ ٻئي تي بندوقون تاڻيو ويٺا آهيون.
مٿي ڪالينا واري جنهن گرجا گهر (Church) جي ڳالهه ڪئي اٿم ان جو نالو سينٽ ٿامس ڪئٿولڪ چرچ آهي. هونءَ ان سان ملندڙ جلندڙ نالي وارو ممبئي ۾ هڪ ٻيو گرجا گهر پڻ آهي، جنهن جو نالو سينٽ ٿامس ڪئٿڊرل آهي، جيڪو ممبئي جو پراڻو ترين چرچ آهي ۽ 1718ع ۾ ٺهيو. يعني پوريون ٽي صديون پراڻو آهي. هي چرچ ممبئي جي ڏاکڻي حصي ۾ فلورا ڦوهاري (Fountain) وٽ آهي.
هونءَ يونيورسٽي جي پٺيان وڪولا (Vakola) واري علائقي ۾ پڻ هڪ گرجا گهر (سينٽ ائنٿوني چرچ) ۽ هڪ مسجد ”وڪولا مسجد“ نالي آهي.
ممبئي يونيورسٽيءَ جي گيٽ ۾ اندر داخل ٿيڻ بعد مون کي لڳو ته ان جو گيسٽ هائوس ڳولڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي، پر در وٽ بيٺل شاگردن جي پهرين ئي ٽولي کان پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته اهو ٿورو اڳيان هلي کاٻي پاسي واري بلڊنگ ۾ آهي. يعني سنڌ يونيورسٽي وانگر ٿورو اڳيان هلي مارئي هاسٽل بعد اتي آهي، جتي وائيس چانسلر جو گهر آهي. گيسٽ هائوس جي ٻاهران ئي اسان جو ميزبان پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي بيٺو هو. هو مون کان وڌيڪ ٿڪل نظر اچي رهيو هو. ظاهر آهي ته هو صبح جو گهران نڪتل هو ۽ 2 بجي ڌاري يونيورسٽي ختم ٿيڻ تي گهر وڃڻ بدران هن گيسٽ هائوس جي رسيپشن ۾ منهنجي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. هو مون کي وڏي حب سان مليو.
”ڊاڪٽر صاحب! ڪمال ٿا ڪريو،“ مون کيس چيو، ”توهان گهر هليا وڃو ها. سڀاڻي ملون ها.“
”سائين! مون سوچيو توهان کان فيڊ بئڪ وٺان ته توهان هتي، هن يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ آرامده محسوس ڪندؤ يا نه، جيئن ٻي صورت ۾ توهان کي هوٽل ۾ رهائڻ واري بندوبست کي ترجيح ڏجي“. هن مون واري ڪمري ۾ سامان رکرائيندي چيو. مون چوڌاري نظر وڌي. اٽيچڊ باٿ روم، ٽيبل سان گڏ لئمپ، ٻه پلنگ، ٽيليفون، ايئرڪنڊيشن... ٻيو ڀلا هڪ مسافر کي ڇا کپي. مون ان ئي وقت بئگ کولي ان مان ڪتاب ۽ ڪپڙا ڪڍي کٽ تي رکڻ شروع ڪيا. معنيٰ آئون هتي ئي رهڻ ۾ خوش آهيان. ”ڊاڪٽر صاحب هن کان وڌيڪ عياشي ڪهڙي.“ مون ٻلديو کي چيو.
ڊاڪٽر ٻلديو پنهنجي گهران مون لاءِ بيڪري جي بسڪيٽن سان ڀريل ٻه برنيون، چانهه ٺاهڻ لاءِ اليڪٽرڪ ڪيٽل، پائوڊر کير ۽ چانهه جي پتي به آڻي رکي هئي، جيڪا مون لاءِ سڀ کان وڏي لگزري هئي ۽ جنهن وقت موڊ ٿي ٿيو چانهه ٺاهي پيتم ٿي. ڊاڪٽر صاحب موڪلائڻ کان اڳ اسٽوڊنٽس ڪئنٽين ۾ وٺي آيو، جيڪا ايترو پري هئي جيترو سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس هاسٽل کان سحر امداد وارن جو بنگلو. اسان اتي ويهي چانهه پيتي. ڪئنٽين جي ويهارو کن ٽيبلن مان ڏهاڪو کن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڀريل هئا، جيڪي يونيورسٽيءَ ۾ شام جو هلندڙ ڪلاسز جا شاگرد هئا. ڊاڪٽر صاحب ڪئنٽين جي مئنيجر کي سڏائي کيس مون بابت ٻڌايو ته آئون هن يونيورسٽي جو مهمان آهيان ۽  منهنجي کاڌي پيتي جو بل سندس ڊپارٽمينٽ ڏي موڪليو وڃي. ساڳي وقت هن مون کي ٻاهر جي هڪ ريسٽورنٽ ”مينا ريسٽورنٽ ائنڊ بار“ جو مينو ڏنو ته آئون ان ريسٽورنٽ ۾ وڃي، يا هنن کي فون ڪري، پنهنجي پسند جي ماني گهرائي سگهان ٿو، جنهن لاءِ هنن کي منهنجا پرٽيڪيولرس ٻڌايا ويا آهن ته آئون هفتي لاءِ ممبئي يونيورسٽي جو مهمان آهيان.
”سائين تڪلف بلڪل نه ڪجو، جيڪي وڻناوَ اهو گهرائجو. بلڪ ڪنهن به شيءِ جي ضرورت هجي ته مون کي فون ڪجو.“ ٻلديو وڃڻ وقت وري مون کي تاڪيد ڪئي.
”ادا مٽلاڻي توهان فڪر ئي نه ڪريو. پهرين تنهنجي چانهه ۽ بسڪيٽ ته کائي پورا ڪريان.“ مون هڪ بسڪيٽ ڪڍي کاڌو. واهه جو Crispy ۽ لذيذ هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان پاڪستانين جي مقابلي ۾ هندستان جا هندو توڙي مسلمان واهه جون شيون ٺاهين ٿا. هو شيءِ سٺي ٺاهين ٿا ۽ فائدي جي هٻڇ گهٽ ڪن ٿا، جنهن ڪري هنن جون شيون دنيا جي مارڪيٽن ۾ نظر اچن ٿيون. مون سڄو هفتو ڪوشش ڪئي ته ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي جي ٻڌايل هوٽل يا ڪئنٽين ۾ لنچ يا ڊنر کائجي پر يونيورسٽي جي گيٽ ٻاهران يا شهر ۾ دڪاندارن ۽ وينڊرن (خومچي وارن) کان ڪا نه ڪا شيءِ وٺي کاڌم ٿي ۽ مانيءَ جي ضرورت نٿي پيئي. اسان ننڍا هئاسين يعني سٺ سال کن اڳ جي ڳالهه آهي ته هڪ هندو تِيلن جو ڊگهو اسٽينڊ رکي ان مٿان گٻيت، ماکي ۽ ڳڙداڻي رکي وڪڻندو هو. اهڙي ئي اسٽائيل ۾ يونيورسٽي جي ٻاهران Vendors نظر آيا ٿي ۽ ڪو ڀلي انهن جي شين کي غير هائيجنڪ سڏي پر مون پنهنجي دل کان مجبور ٿي ڪڏهن برفي مائو وٺي ٿي کاڌو ته ڪڏهن ڪچوريون سموسا، ڪڏهن ڇولا ته ڪڏهن ڪواب بن. ڪڏهن ڪڏهن شهر ۾ ڪنهن ڪاليج يا آفيسن اڳيان، پٽاٽن جي گرم ماني يا چانور دال به وٺي ٿي کاڌم. دراصل کاڌي پيتي جا مسئلا ته يورپ ۾ آهن. خاص ڪري اتر يورپ جي ملڪن ۾. جتي هڪ طرف کاڌي پيتي جا محدود دڪان آهن ته مهانگائي ٻئي طرف آهي. ايشيا جي ملڪن ۾ اهي مسئلا نه آهن ۽ انهن ۾ به انڊيا ۽ ايران اهڙا ملڪ آهن، جن ۾ اڄ به کاڌي جي ورائٽي هڪ طرف آهي ته سستائي ٻئي طرف. انڊيا ۽ ايران ۾ ماڻهو ڏهين رپئي ۾ بن ۽ پڪوڙو وٺي گذر ڪري سگهي ٿو، ٻارهين رپئي ۾ آلو پراٺا دال سان کائي پيٽ ڀري سگهي ٿو. گهڻي عياشي ڪرڻي اٿس ته چاليهه رپئي ۾ چِلو ڪباب کائي سگهي ٿو. وقت ئي ته پاس ڪرڻو اٿس جيئن ٿورن پئسن ۾ گهڻو گهمي سگهي. پر جي ڪو نڪري گهمڻ لاءِ ٿو ۽ وتي گهر جي مانيءَ جو سک ڳوليندو ته پوءِ گهر ۾ ئي ويٺو هجي. ٻاهر ڇو ٿو نڪري؟
ڪي ماڻهو شايد اهو چون ته نه فقط انڊيا ۽ ايران پر ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ کاڌي جي ورائٽي آهي. بلڪل صحيح ڳالهه آهي. نه فقط کاڌي جي ورائٽي آهي پر ايران جي کاڌي وانگر هر شيءِ صاف سٿري ۽ هائيجنڪ ملي ٿي، پر ڪو زمانو هو جو ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ کاڌي جي هر شيءِ سستي هئي، اڄ انهن ملڪن ۾ هر شيءِ جو اگهه چوٽ تي چڙهيل آهي. ڪجهه اسان جي ملڪ جو سڪو به ساک وڃائي ويٺو آهي. ڪو زمانو هو، جڏهن اسان جهازن ذريعي ملائيشيا ۽ سنگاپور ويندا هئاسين ته سنگاپور جو ڊالر اسان کي ٽن رپين ۾ ملندو هو. اڄ ان ڊالر کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي 51 رپيا ڏيڻا پون ٿا.
ڪو شايد اهو چوي ته کاڌي پيتي جي پاڪستان ۾ به ورائٽي ۽ سستائي آهي. بلڪل آهي پر ايتري ناهي. انڊيا ۾ دالين ۽ ڀاڄين جا تمام گهڻا ڊش ٺهن ٿا. اسان وٽ هوٽلن ۾ زور گوشت تي آهي جيڪو پوڙهن ۽ بيمار وهٽن جو آهي. ويندي ڪڪڙ جي گوشت جي هائيجنڪ هجڻ ۾ به شڪ رهي ٿو. هاڻ ته بند ٿيل بوتلن وارو پاڻي به نقلي ملي ٿو ۽ هڪ ٽوئرسٽ اسان وٽان اڪثر بيمار ٿي وڃي ٿو. انڊيا جون ڪيتريون ئي حالتون اسان جهڙيون آهن پر انڊيا جي حڪومت امن امان برقرار رکڻ لاءِ توڙي کاڌي خوراڪ جي شين جي وڪري تي سخت نظر رکي آهي. اهو ئي سبب آهي جو نه رڳو ايشيا جا پر يورپ ۽ آمريڪا جا ٽوئرسٽ به انڊيا ۾ بي ڊپا ٿي گهمن ٿا.


No comments:

Post a Comment