Wednesday, October 05, 2011

ممبئي پنڌ گهمڻ وارن لاءِ گائيڊ لائين - الطاف شيخ


ممبئي پنڌ گهمڻ وارن لاءِ گائيڊ لائين
الطاف شيخ
منهنجي رهائش ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ هجڻ ڪري آئون ڀر واري اسٽيشن ڪرلا تان ريل ۾ چڙهي هن فورٽ واري علائقي ۾ ايندو هوس. هيءَ ٽرين ڪرلا ريلوي اسٽيشن بعد سيان، مٽونگا، دادر، پاريل، ڪَري روڊ، چِن ڇپو ڪلي، باءِ ڪلا (Bycula)، سئنڊ هرسٽ روڊ ۽ مسجد روڊ اسٽيشن وٽان ٿيندي، آخري اسٽيشن ڇترا پتي شيوا جي ٽرمينس (CST) تي پهتي ٿي. 1880ع جي ٺهيل هن ريلوي اسٽيشن جو نالو وڪٽوريا ٽرمينس هو. اڄ به ڪيترا ماڻهو هن اسٽيشن کي وي. ٽي سڏين ٿا. بهرحال VT يا CST ريلوي اسٽيشن ۽ چرچ گيٽ اسٽيشن هڪ ٻئي کان سڏ پنڌ تي آهن. ڪنهن به اسٽيشن تي لهي، هن علائقي جون مختلف تاريخي جايون ڏسڻ لاءِ پنڌ ئي پنڌ هلي گهمي سگهجي ٿو. يا اتان ٽئڪسي ڪري ناريمن پوائنٽ تائين وڃي سگهجي ٿو. هونءَ ته انهن اسٽيشنن جي آس پاس ۾ ئي ميلو متل آهي. دڪان، شاپنگ مال، فوٽ پاٿ تي جڙيون ٻوٽيون وڪڻڻ وارا، مختلف قدبت ۽ رنگن جون پنجابي، گجراتي، تامل، بنگالي، بهاري، راجستاني عورتون ۽ مرد پنهنجي پنهنجي رياست، شهر ۽ خاندان جون ڊريسون پهري هلڻ وارا، رستن تي مختلف قسم جون گاڏيون... وغيره وغيره، ڏسڻ وٽان آهن. انڊيا جي ريل گاڏين توڙي ريلوي اسٽيشنن جي چهل پهل، رونق ۽ زندگيءَ جو اندازو اسان جي ملڪ جا ماڻهو نٿا لڳائي سگهن. اسان وٽ ريلوي اسٽيشنون اندر توڙي ٻاهر ٻُسيون ٻُسيون ۽ Deserted لڳن ٿيون. ڪراچيءَ جي صدر واري ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران مڙيئي ڪجهه هوٽلون ۽ دڪان آهن، پر اتي به موالين ۽ چرسين جو گهڻو واسو آهي. اسان وٽ ريل جي سفر جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪرندو وڃي. مون کي ته ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ريل ۾ ئي سفر ڪندي حيرت ٿي، جيڪا ساڳين انگريزن ساڳئي دور ۾ ٺاهي، بلڪ ملائيشيا پاسي ته نئرو گيج جي ريل آهي، پر اتي جي سرڪاري ۽ واسطيدار کاتي ريل جي دٻن، وقت جي پابندي ۽ مسافر جي هر سک لاءِ ان کي اهڙو ته معياري بڻائي ڇڏيو آهي، جو ڪيترا ماڻهو سنگاپور کان ڪوالالمپور، يا ڪوالالمپور کان بئنڪاڪ وڃڻ لاءِ هوائي جهاز بدران ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪن ٿا. ملائيشيا ۾ رهڻ دوران آئون هميشھ اها دعا ڪندو هوس، ته ڪاش! اسان جو ريلوي نظام به اهڙو ٿي پوي. ياد رهي ته هيءَ اڄ واري ملائيشيا جي ڳالهه نٿو ڪريان، جڏهن اهو ٽين دنيا مان نڪري چڪو آهي. اهو اڄ يورپ جو ملڪ ٿو لڳي. ان جي مونو ريل يورپ جي ڪيترن ملڪن کان بهتر آهي. آئون 1970ع ۽ ان کان اڳ جي ملائيشيا جي ڳالهه ٿو ڪريان، جڏهن اهو هر ڳالهه ۾ غريب هو. هن کي نه اسان وانگر ايئر لائين هئي نه جهاز ران ڪمپني! صحيح قسم جا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ئي نه هيون، پر اهو آهي ته هنن وٽ جيڪي ڪجهه هو هنن ان کي صحيح طرح هلايو ٿي. ريل ۽ ٽپال جو کاتو هجي يا پوليس ۽ جوڊيشري جو.


بهرحال انڊيا ۾ ريل جو سفر ڪرڻ بعد ان جو احساس اڃا به گهڻو ٿئي ٿو. حق تي انگريز، يورپي يا آمريڪن هتي جي هوٽلن ۽ ريل جي سفر ۾ لطف حاصل ڪن ٿا. بهرحال توهان جو ممبئي ۾ اچڻ ٿئي ته ممبئي جا ٻيا حصا ڏسڻ سان گڏ ممبئي جو هي ڏکڻ وارو حصو به ضرور ڏسجو، جيڪو ناريمن پوائنٽ ۽ گيٽ ويٽُو انڊيا ۽ تاج هوٽل کان-يعني سمنڊ کان- چرچ گيٽ ۽ CST تائين سمجهيو وڃي ٿو. اهي ٻئي ريلوي اسٽيشن جا نالا آهن. سي ايس ٽي CST (ڇترا پتي شيواجي ٽرمينس) ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران ئي ڊاڪٽر دادا ڀائي نوروز جي روڊ آهي. هتي جو مشهور ڪاليج ”سر J.J ڪمرشل آرٽ ائنڊ آرڪيٽيڪچر ڪاليج“ هن ئي روڊ تي آهي. ٻئي پاسي هتي جي مشهور ڪرافورڊ مارڪيٽ آهي. جيڪا هاڻ جيوتي راءِ ڦولي مارڪيٽ سڏجي ٿي. بدرالدين طيب روڊ هن روڊ ۽ مها پالڪا مارگ جي وچ ۾ وهي ٿو، جنهن جي هڪ پاسي انگريزن جو آڳاٽو اسڪول سينٽ زئويئر هاءِ اسڪول آهي ته ٻئي پاسي سينٽ زئويئر ڪاليج آهي. ڪرافورڊ مارڪيٽ جي ويجهو ئي ممبئي پوليس هيڊڪوارٽر آفيس آهي، جتي ڌارين ملڪن جي ٽوئر سٽن کي (خاص ڪري پاڪستان ۽ بنگلاديش کان ايندڙن کي) ممبئي شهر ۾ اچڻ جو اطلاع ڪرڻو پوي ٿو.
سي ايس ٽي CST ريلوي اسٽيشن جي بلڪل سامهون يعني دادا ڀائي نوروز جي روڊ تي ٽائيمز آف انڊيا ۽ ممبئي جي ميونسپل ڪارپوريشن (BMC) جي بلڊنگ آهي. مها پالڪا روڊ ۽ مهاتما گانڌي روڊ جي و چ ۾ آزاد ميدان آهي. تاريخ ۾ آزاد ميدان جي خاص اهميت آهي. بهرحال CST اسٽيشن وارو روڊ دادا ڀائي نوروز جي هيٺ ڏکڻ ۾ جنهن چوراهي سان وڃي ملي ٿو، اهو مهاتما چوڪ آهي، جيڪو فلورا فائونٽين به سڏجي ٿو. مهاتما گانڌي روڊ به هن چوڪ تائين اچي اڃا به هيٺ ڏکڻ ڏي وڃي ٿو. سندس اولهه پاسي ڪرما وير ڀورائي پٽيل روڊ آهي. انهن ٻنهي روڊن جي وچ ۾ ممبئي يونيورسٽي جو اولڊ ڪئمپس آهي. جيئن سنڌ يونيورسٽيءَ جو پراڻو ڪئمپس حيدرآباد ۾ آهي ۽ گهڻين عمارتن تي مشتمل سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ آهي، تيئن ممبئي يونيورسٽي جي شروع واري عمارت هن فورٽ واري علائقي ۾ آهي ۽ نئين عمارت ڪلينا (سانٽا ڪروز) واري علائقي ۾ آهي.
مهاتما گانڌي روڊ ٿورو وڌيڪ ڏکڻ ۾ شياما پرساد مکرجي چوڪ وٽ ختم ٿئي ٿو. چوڪ وٽ ئي هڪ پراڻي دور جي يعني انگريزن جي ڏينهن جي ريگل سئنيما آهي. هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي اها آهي، ته ممبئي جي سئنيمائن جا جيڪي نالا آهن جيئن ته ريگل، ميٽرو، ڪئپيٽل، رٽز، لبرٽي، پئرامائونٽ، مئجسٽڪ، ايروز وغيره. اهي ئي ساڳيا نالا بعد ۾ ڪراچي، لاهور ۽ حيدرآباد جي سئنيمائن جا رکيا ويا. ويندي سنگاپور، هانگ ڪانگ، پينانگ ۽ آفريڪا جي ڪيترن شهرن جهڙوڪ نئروبي، ڪمپالا، ممباسا وغيره ۾ (جن ملڪن ۾ انگريزن جو راڄ هو) اهڙا ئي نالا رکيا ويا.
شياما مکرجي چوڪ وٽان ٻه رستا هيٺ ڏکڻ ڏي ڦٽن ٿا. هڪ نٿا لعل پاريک روڊ جيڪو ناريماڻ پوائنٽ تي وڃيو دنگ ڪري ۽ اڳيان سمنڊ آهي ۽ ٻيو رستو شهيد ڀڳت سنگهه روڊ آهي. هي روڊ ۽ هن مان نڪري هن سان ئي گڏ هيٺ تاج هوٽل ڏي ويندڙ رستو مئري ويدر روڊ آهي. شهيد ڀڳت روڊ تي انگريزن جو هڪ پراڻو چرچ (Church) ويسلي نالي ڏسڻ وٽان آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾ زينب مارڪيٽ ۽ ميٽرو پول هوٽل جي وچ ۾ ٽرنٽي چرچ ۽ اسڪول آهي.
پڙهندڙن ۽ ممبئي گهمڻ لاءِ ويندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي مٿي ذڪر ڪيل شين جو مختصر احوال ڪنداسين. ڪرافورڊ (Crawford) مارڪيٽ، جنهن جو هاڻ سرڪاري طرح جيوتي راءِ ڦولي مارڪيٽ نالو رکيو ويو آهي، ممبئي جي ڏاکڻي حصي جي مشهور مارڪيٽ آهي. هيءَ مارڪيٽ آرٿر ڪرافورڊ جي نالي منسوب ٿيل آهي، جيڪو انگريز راڄ ۾ بامبي (ممبئي) جو پهريون ميونسپل ڪمشنر هو. هن مارڪيٽ ۾ ميوي، ڀاڄين ۽ ڪڪڙين جي هول سيل واپار کان علاوه گهر جي سامان، هار سينگهار جي شين ۽ ڊيڪوريشن جي شين جو ڪاروبار هلي ٿو. يعني هن مارڪيٽ سبزي منڊيءَ جو به ڪم ڏنو ٿي پر هاڻ ان ڪم لاءِ نَوي (نئين) ممبئي ۾ سبزي منڊي ٺاهي وئي آهي.
بهرحال هيءَ ڪرافورڊ مارڪيٽ به خاصي وڏي آهي، جنهن جي ڪورڊ ايراضي ٽي هزار چورس وال آهي. هيءَ بلڊنگ 1869ع ۾ پارسي سيٺ ڪواسجي جهانگير ٺهرائي، شهري حڪومت کي Donate ڪئي هئي. انگريزن کان خود- مختياري ملڻ بعد هن مارڪيٽ جو نالو مهاراشٽرا رياست جي سماج سڌارڪ مهاتما جيوتيراءِ ڦولي نالي رکيو ويو آهي پر اڄ به سڏجي ڪرافورڊ مارڪيٽ ٿي. جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ايمپريس مارڪيٽ جو سرڪاري طرح نالو KMC مارڪيٽ رکيو ويو آهي، پر اڄ به ان کي هر ڪو سندس پراڻي نالي ”ايمپريس مارڪيٽ“ سان سڏي ٿو. هتي اهو به لکندو هلان ته ممبئي ۾ جڏهن 1882ع ۾ اليڪٽرسٽي آئي ته ڪرافورڊ مارڪيٽ پهرين عمارت هئي، جيڪا لائيٽ ذريعي روشن ڪئي وئي. بلڪ ائين چئجي ته سڄي انڊيا ۽ ننڍي کنڊ جي هيءَ پهرين عمارت هئي. هن مارڪيٽ جي عمارتسازي، نقش نگار ۽ اندريون پٿر جو ٺهيل ڦوهارو مشهور ناول نويس رُڊيارڊ ڪپلنگ جي پيءُ لاڪ ووڊ ڪپلنگ ڊزائين ڪيو.
ڪرافرڊ مارڪيٽ جي ويجهو ئي جامع مسجد ڏسڻ وٽان آهي، جيڪا ممبئي جي بيحد آڳاٽي مسجد آهي. گوا ۽ ڪاليڪيٽ جي ڪوڪني سوداگرن هن مسجد لاءِ 1778ع ۾ فيصلو ڪيو ۽ 1802ع ڌاري ٺهي راس ٿي. سو ڏٺو وڃي ته هيءَ مسجد 200 سالن کان به مٿي جهوني آهي. هن مسجد جي گرائونڊ فلور تي دڪان آهن. مسجد سان گڏ ”مدرسہ محمديا“ نالي اسڪول به آهي، جتي مسلمان ٻارن کي ديني ۽ انگريزي تعليم مفت ڏني وڃي ٿي. ٻارن جي رهائش لاءِ هاسٽل به آهي.
مٿي مکرجي چوڪ جي ڳالهه ڪندي لکيو اٿم ته اتان هڪ رستو شهيد ڀڳت روڊ هيٺ ڏکڻ ڏي وڃي ٿو. هي علائقو اپولو بندر به سڏجي ٿو. هن روڊ سان هڪ پئرلل ننڍو رستو ميري ويدر روڊ آهي، جنهن تي هاڻ بهرام روڊ نالو رکيو ويو آهي. بهرحال هي ميري ويدر روڊ هيٺ جنهن روڊ تي اچي ختم ٿئي ٿو، ان جو نالو اپولو بندر روڊ آهي. ميري ويدر نالي ڪراچيءَ ۾ گهنٽا گهر يعني ٽاور به آهي. جيڪو ايم اي جناح روڊ (بندر روڊ) ۽ آءِ آءِ چندريگر (مئڪلوڊ) روڊ جي ميلاپ وٽ آهي. ڪيترن کي شايد اها ڄاڻ نه هجي ته ڪياماڙي پاسي جهازن جي هڪ ڌڪي (Pier) جو نالو پڻ ميري ويدر آهي. ڪيترا شايد اهو سمجهندا هجن (آئون پڻ ننڍي هوندي اهو ئي سوچيندو هوس) ته ميري ويدر ٽاور شهزادي مئري نالي هوا (Weather) جو ٽاور آهي. پر هي ٽاور انگلينڊ جي شاهي خاندان واري راڻي مئري (Queen Mary) نالي ناهي. هونءَ ته راڻي مئري نالي ڇا ڇا نه آهي. پاڻيءَ جي خوبصورت پئسينجر جهاز کان وٺي آمريڪا جي رياست مئري لئنڊ تائين هن جي نالي آهي، پر ممبئي جي اپولو بندر واري هن ميري ويدر روڊ توڙي ڪراچي جي ميري ويدر ٽاور ۽ ميري ويدر پيئر وارو Mere Weather سر وليم. ايل. ميري ويدر هڪ انگريز مرد جو نالو آهي. جيڪو 1868ع کان 1877ع تائين سنڌ جو ڪمشنر هو. هن ڪمشنر نالي ڪراچي هاربر بورڊ طرفان پهرين 1880ع ۾ جهازن کي ٻَڌڻ ۽ بيهارڻ لاءِ هڪ جيٽي (Pier) ٺاهي وئي، پر پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته هن جهڙي ناليواري ڪمشنر جي ياد ۾ ڪا ٽاور جهڙي شيءِ ٺاهي وڃي، جنهن کي هر ڪو ايندڙ ويندڙ ماڻهو پري کان ئي ڏسي سگهي. هي ٽاور 1886ع کان ٺهڻ شروع ٿيو ۽ اٺن سالن بعد 1892ع ۾ مڪمل ٿيو. جنهن جي سار سنڀال جي ڪم لاءِ ان وقت جي ڪشمنر ايوان جيمس ان کي ڪراچي ميونسپل حوالي ڪيو. انگريزن جي ڪيترن ئي ڊاڪيومينٽس ۾ ۽ گل حسن ڪلمتي جي ٿلهي ڪتاب ڪراچي راڻيءَ ۾ ان جو تفصيلي احوال ڏنل آهي ته ان ٽاور تي ان وقت 37178 رپيا خرچ آيو، جيڪو سر بارٽل فريئر جي ياد ۾ ٺهيل فريئر هال سان ڀيٽيو وڃي ته فريئر هال تمام وڏو يادگار آهي، جنهن تي هڪ لک اسي هزار رپيا خرچ آيو هو.
ڪراچي وارو ميري ويدر ٽاور 44 فٽن جي اتاهين پليٽ فارم تي ٺهيل آهي ۽ سندس اوچائي 102 فٽ آهي. هن ٽاور جي چئني پاسي ٺهيل گهڙيالن جو قطر (Diameter) ست فٽ آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ڪراچيءَ ۾ عيسائين جي چرچ ”سينٽ پئٽرڪ ڪئٿيڊرل“ هن ٽاور ٺهڻ کان پنج سال اڳ 1881ع ۾ ٺهي ۽ صدر وارو سينٽ جوزف ڪانوينٽ اسڪول اڃا به اڳ 1868 ۾ ٺهيو، يعني 1843ع ۾ جيئن ئي انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته 25 سالن اندر هنن هي اسڪول کوليو. مشهور انگريز ليکڪ ۽ ڪيترن ئي زبانن جو ڄاڻو رچرڊ برٽن پنهنجي دوست ڪمشنر سر وليم ميري ويدر سان ملڻ لاءِ جڏهن آخري دفعو 1877ع ۾ ڪراچي آيو هو، ته ڪشمنر صاحب جي گهر ۾ اچي ٽِڪيو هو (جيڪو اڄ ڪلهه گورنر هائوس آهي.) هن ان سفر جي احوال ۾ هن گهر لاءِ لکيو آهي ته:
It is at Present occupied by sir William Mere weather, an officer who’ by entire devotion to the interests of his province, the scene of this distinguished career during the last 33 years, has made epoch and history...
ممبئي سڄو گوڙ شور، ٽرئفڪ ۽ عوام سان ڳتيل آهي. ممبئي جو ماٺيڻو حصو ۽ پرسڪون علائقو فقط ڏکڻ وارو آهي. يعني ڪالبا ديوي کان هيٺ وارو علائقو. اڃا به کڻي چئجي ته C.T ۽ چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن کان پوءِ باقي ڏکڻ وارو علائقو جنهن ۾ فورٽ، ناريمن پوائنٽ ۽ آخر ۾ ممبئي جو دنگ ڪولابا وارو علائقو اچي ٿو. ممبئي جي ستن ٻيٽن مان ڪولابا هڪ ٻيٽ هو. چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن کان هيٺ سمنڊ جو پاڻي هو جنهن کي مٽيءَ سان ڀرائي ناريمن پوائنٽ وارو ڌرتيءَ جو حصو claim ڪيو ويو ۽ ڪولابا ٻيٽ کي خشڪي رستي ممبئي جي باقي ڌرتيءَ سان ملايو ويو، جيئن ڪراچي جي ڊفينس سوسائٽي جو فيز ڇهون ۽ ستون وغيره Reclaim ڪيو ويو آهي. يعني اتي سمنڊ هو جنهن کي مٽيءَ ۽ پٿرن سان ڀري خشڪي ٺاهي وئي. سمنڊ جي حصي کي Reclaim ڪرڻ لاءِ گهربل مٽي يا پٿر ڀر ۾ ڪا پهاڙي ڀڃي حاصل ڪيو ٿو وڃي. جيئن سنگاپور جي بندرگاهه وارو وڏو حصو ڌرتي ٺاهيو ويو. پر ڪراچي ۽ هتي ممبئي ۾ ڪا اهڙي پهاڙي نه هجڻ ڪري ڊريزرن (سمنڊ جي تري مان مٽي ڪڍڻ وارن جهازن) ذريعي مٽيءَ سان ڀريو ويو. پورٽ قاسم ڏي ايندڙ جهازن جي سامونڊي لنگهه کي هيٺ اونهو ڪرڻ لاءِ هالينڊ جي هڪ ڪمپنيءَ ڊريزرن (Dredgers) ذريعي اهو چئنل اونهو ڪرڻ دوران نڪتل مٽيءَ کي ڊفينس جي اڄ واري ڇهين ۽ ستين فيز واري حصي تي ڦٽو ڪري ان کي خشڪي بڻائي ڇڏيو.
بهرحال ممبئي جي هن پراڻي ڏاکڻي حصي ۾ انگريز راڄ ۾ انگريز ۽ امير پارسي رهيا ٿي. اڄ به جيڪي هن علائقي ۾ رهن ٿا اهي بيحد امير ماڻهو آهن ۽ هتي ڌرتيءَ جو اگهه دنيا جي مهانگي ترين شهرن نيويارڪ (مئن هٽن) ۽ ٽوڪيو (گنزا) برابر آهي. ناريمن پوائنٽ يا ڪولابا ۾ توهان CST يا چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن کان ٽئڪسي ذريعي اچي سگهو ٿا، جو ممبئي جي هن ڏاکڻي حصي ۾ رڪشائون، آٽو يا ٻيون دونهون ڇڏيندڙ يا گوڙ ڪندڙن گاڏين جي داخلا تي منع آهي. ناريمن پوائنٽ جهڙن علائقي جو پٽ مهانگو هجڻ ڪري جيئن هتي امير ماڻهن جا گهر آهن، تيئن هتي آفيسون يا دڪان به امير ڪمپنين، بئنڪن ۽ ايئر لائينز جا آهن، جهڙوڪ: بئنڪ آف آمريڪا، رزرو بئنڪ آف انڊيا، اسٽيٽ بئنڪ آف انڊيا، برٽش قونصل خانو ۽ لئبريري، فرينچ قونصل خانو ۽ ٽرينڊ مشن، مهاراشٽرا اسيمبلي (وڌيان سڀا)، برلا ڀاون، بجاج ڀاون، مٽل ٽاور، Spencer Stuart، بختاور ٽاور، وغيره وغيره.
هونءَ ممبئي جو هي ڏاکڻو حصو به عجيب آهي، CST يا چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن تائين ڇا ماڻهن ۽ گاڏين جو گوڙ شور آهي. گوڙ جي حساب سان سڄو ممبئي مون کي حيدرآباد وارو حيدر چوڪ لڳندو آهي. ماڻهوءَ جا حواس چرخ ٿيو وڃن ۽ پوءِ ڪنهن ٽئڪسي يا بس ۾ چڙهي ناريمن پوائنٽ اچ ته 15 منٽن ۾ جهڙي دنيا ئي ٻي ٿيو وڃي. لڳي ئي نٿو ته هيءَ اها ئي ممبئي آهي، جيڪا انڌيري ۽ کار کان دادر ۽ چرچ گيٽ تائين آهي، جتي پنهنجو ئي آواز ٻڌڻ ۾ نٿو اچي، جتي ماڻهو پاڻمرادو هلڻ بدران پيهه پيهان ۾ اڳتي ڌڪجي ٿو ۽ هيڏانهن ناريمن پوائنٽ ۽ ڪولابا ڏي ڄڻ ماڻهو ملائيشيا جي ايسٽ ڪوسٽ يا ورهاڱي کان اڳ واري هيرآباد ۾ پهچيو وڃي. صاف سٿرا رستا، ماٺ مٺوڙو، سياري جي موسم ۾ سوئيڊن ۽ ناروي جي رستن وانگر سنسان رستا، نه ٽرئفڪ نه دونهون... رکي رکي ڪو پوڙهو لٺ جهلي هلندڙ پارسي رستو ڪراس ڪري رهيو آهي. ٻه پارسي عورتون ڪنهن ڪرسچن ٽيچر سان سندس گهر جي ٻاهران ڌڪين تي پنهنجن ٻارن جي پڙهائيءَ جو پڇي رهيون آهن، ڪو سنڌي هندو سيٺ اڇي روايتي ڪوٽ ۾ پارڪ اڳيان پاپ ڪارن وڪڻڻ واري ڇوڪري سان ’اردو سنڌي‘ مڪسچر زبان ۾ ڳالهائي رهيو آهي. رکي رکي اوچي ماڊل جي ڪار گذري ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن بس به نظر اچي ٿي. لڳي ٿو ته سڀ نه پر ڪجهه بسين کي هن پاسي اچڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. جيئن هتي جي امير رهاڪن وٽ ڪم ڪندڙ نوڪر، ڊرائيور، بورچي ۽ ڪم واريون سستي سواري ذريعي اچي وڃي سگهن. هتي ئي هڪ رستي جو نالو نريمان روڊ پڻ آهي، جيڪو اوڀر اولهه وهي ٿو ۽ اهو نريمان سرڪل، مهاتما چوڪ ۽ اهليا ٻائي هولڪر چوڪ کي ملائيندو نيتاجي سڀاش چندر روڊ سان وڃيو لڳي، جيڪو روڊ (سڀاش چندر) ممبئي جي سامونڊي ڪناري مئرين بيچ سان لڳل آهي.
نريمان علائقي جي مهانگي پَٽَ ۽ اوچين عمارتن ڪري هن علائقي کي ’ممبئي جو مئن هٽن‘ به سڏين ٿا.
ڏکڻ ممبئي جي هن سهڻي علائقي نريمان توڙي نريمان روڊ تي هي نالو ممبئي جي پارسي ۽ انڊين نئشنل ڪانگريس ليڊر خورشيد فرامجي نريمان تان رکيو ويو. کيس ماڻهو پيار مان ”وير نريمان“ به سڏين ٿا. پاڻ بعد ۾ ممبئي جو ميئر به ٿيو. نريمان پوائنٽ وارو علائقو جيڪو سمنڊ هو، ان کي مٽيءَ سان ڀري خشڪي ٺاهڻ جو ڪم وير نريمان ڪرايو هو.

No comments:

Post a Comment