Thursday, September 24, 2015

ڪير ٿو چوي ته انب ميون جو بادشاهه آهي؟ الطاف شيخ

ڪير ٿو چوي ته انب ميون جو بادشاهه آهي؟
الطاف شيخ
اسان جي ملڪ جا ماڻهو انبن جي موسم جو آڌر ڀاءُ وڏي گرمجوشي سان ڪن ٿا ۽ رمضان جي ڀلاري مهيني وانگر هو هن موسم جو انتظآر ڪن ٿا. اسان وٽ انب غريب توڙي امير جو دلپسند ميوو آهي. هي نه فقط ميوو آهي پر هن کي ڀاڄي طور پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو. اسان وٽ ڪيترا ماڻهو انبن جي موسم ۾ ٻوڙ يا ڀاڄي رڌڻ بدران انب سان ڀت يا ماني کائين. انب ذائقي ۽ خوشبوءِ وارو آهي. انب اسان جي ماڻهن لاءِ بهترين ميوو آهي. انبن جي موسم ۾ گدرا، ڇانهيون، سردا، چڪون، بادام ۽ زردالو يتيم ٻارن وانگر بنا ڪنهن خريدار جي ڌيان ڇڪائڻ جي، دڪانن تي پيا هوندا آهن. هن موسم ۾ ڪو مٺائيءَ کي به نٿو پڇي. بنا ڪنهن شڪ جي اسان جي ماڻهن لاءِ انب ميون جو بادشاهه آهي. منهنجي راءِ به انب لاءِ ساڳي ئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن لاءِ سنڌڙي انب (Madras Alphonso) ميون جو بادشاهه آهي ته ڪن لاءِ چؤسو، لنگڙو، دسهڙي يا سرولي انب بادشاهه آهي. جي مون کان پڇڻ چاهيندائو ته آئون بينگن ڦلي يا سوارن ريکا انبن جو نالو کڻندس. انب لاءِ سڀني کي پيار ۽ ان کي انبن جو بادشاهه سڏڻ جو اسان ننڍي هوندي کان ٻڌندا پيا اچون.


1968ع جي ڳالهه آهي جڏهن مون تعليم ختم ڪري سامونڊي سفر شروع ڪيا ۽ پهريون دفعو ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ ۾ قدم رکيو. منهنجي حيرت جي ڪا حد نه رهي جڏهن هتي جي مارڪيٽ ۾ ميوي جي دڪانن تي هر هڪ کي ڄاهي جي شڪل جي ميوي دورين (Durian) جو ديوانو ڏٺو. منهنجي پڇڻ تي هر هڪ هن ڪوجھي شڪل ۽ ڪنڊن واري دورين کي ميون جو بادشاهه ٿي سڏيو. مون سمجھيو هو چرچا ٿا ڪن يا ٽوڪ خاطر هن ميوي کي بادشاهه ٿا سڏين. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هڪ بدبودار ۽ ڪوجھي شڪل وارو دورين ڪيئن  ٿو ميون جو بادشاهه ٿي سگهي، جڏهن ته ڪراچيءَ کان ڪولڪتي تائين، لاهور کان لکنو تائين ۽ ملتان کان ممبئي تائين هر هڪ انب پسند ڪري ٿو جنهن جي سواد، ذائقي ۽ رنگ جو ڪو مقابلو نٿو ڪري سگهي.
پر ڪجهه  لڳاتار سامونڊي سفرن ۽ هن تر جي بندرگاهن ۾ رهي رهي، اهو محسوس ڪيم ته هن پاسي بئنڪاڪ کان بينڪولا ۽ سنگاپور کان ڪمپوچيا تائين هر هڪ لاءِ دورين ميون جو سرتاج آهي.
انب ۽ دورين جي وچ ۾ اهو فرق آهي ته انب کي هر هڪ پسند ڪري  ٿو. ٿي سگهي ٿو ڪنهن کي گهٽ پسند هجي، پر هو ڪڏهن به ائين نه چوندو ته ”انب سان مونکي نفرت آهي....هن کي منهنجي ڀرسان به نه رکو.“  پر دورين کي هر هڪ پسند نٿو ڪري. جيڪو پسند  ڪري ٿو اهو چرين وانگر هن تي فدا آهي جيڪو نٿو ڪري اهو بنهه نٿو ڪري بلڪه هن ميوي سان سخت نفرت ڪري ٿو. دورين جي هنڱ جهڙي اگري ڌپ ڪري هو ان جي ڀرسان به نٿو گذري. ’دورين‘ کائڻ ۾، انب کان به مٺو آهي پر سندس بوءِ تمام خراب الٽي اچڻ جهڙي آهي. ان ڪري هن ميوي کي هڪڙا پسند ڪن ٿا ته ٻيا هن کان پري ڀڄن ٿا ۽ هن پاسي يعني ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ دورين لاءِ اهو عام چيو وڃي ٿو ته:
“Durian is most loved and most hated fruit.”
هن ميوي لاءِ ماڻهن کي يا ته سخت پيار آهي يا سخت ڌڪار ان جي وچ ۾ ٻي ڪو احساس ناهي.
دورين ناريل کان ڪجهه وڏو ٿئي ٿو ۽ سندس ٻاهرين کل ٿلهي، سخت کهري ۽ ٿلهن ڪنڊن واري آهي. هنن ڪنڊن ڪري هن ميوي جو نالو دورين پيو آهي. ملئي زبان ۾ Duri معنيٰ ڪنڊو ۽ Durian معنيٰ ڪنڊن وارو.
ڏکڻ اوڀر ايشيا جي بندرگاهن ۾ جهاز رستي آءٌ ڏهه سال کن ايندو ويندو رهيس ۽ اهڙا ڏهه سالَ ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ نوڪري ڪيم. ان دوران مون وڏي ڪوشش ڪئي ته دورين ميوو يا ان مان ٺهيل بسڪيٽ، ڪيڪ، چاڪليٽ کاڍا وڃن پر مونکي ڪاميابي نصيب نه ٿي. دورين جي ڌپ ڪاليج جي ڏينهن ۾ ڪيمسٽري ڪلاس ۾ پيدا ٿيندڙ H2S گئس جي ناسن ۾ چڀندڙ (Pungent) ڌپ جي ياد ڏياري ٿي جنهن لاءِ اسان جو مرحوم ڪلاس-ميٽ رفيع ڪاڇيلو چوندو هو ته اهو It is a Devil’s Dung آهي.
هونءَ ملائيشيا ۾ ميون جي کوٽ ناهي. ملائيشيا توڙي ڀر وارن ملڪن ٿائلنڊ، انڊونيشيا، سنگاپور وغيره ۾ ڪيترائي لذيذ، مِٺي ڳَر ۽ سٺي سڳنڌ وارا ميوا ٿين ٿا. جهڙوڪ: مينگو اِسٽين، رمبوتان، چڪون، ماتا ڪُچنگ، ڊوڪو، چمپداڪ، اسٽار فروٽ، ليچي، انناس، لونگان وغيره. ويندي ملائيشيا جو ڪيلو، خاص ڪري  پسانگ اماس (سنهري  ڪيلو) بهترين جنس آهي جيڪا جپان ۽ يورپ جي ملڪن ڏي ايڪسپورٽ ٿئي ٿي. اهڙن لذيذ، سستن ۽ سڀ جي پسند وارن ميون هوندي سمجهه  ۾ نٿو اچي ته هنن علائقن جا ماڻهو  دورين جهڙي بدشڪل ۽ بدوبودار ميوي پٺيان چريا ڇو آهن جيڪو قيمت ۾ به تمام مهانگو آهي، ڀُرٽن جهڙن ڪنڊن واري کل هجڻ ڪري کڻڻ ۾ ڏکيو ۽ ڳرو آهي، کولڻ ۾ سخت آهي بلڪ خطرناڪ آهي، ڇو جو هن ميوي کي ڀَڃڻ واري جا هٿ اڪثر زخمي ٿيو پون، ۽ بقول  يورپين جي هن ميوي جي ڌپ بدبودار جورابن جهڙي آهي. سڀ کان حيرتناڪ ڳالهه اها آهي ته ههڙي ڳري ميوي مان کائڻ لاءِ ڪي پنج ڇهه چمچا مس ڳر (pulp) جا نڪرن ٿا.
ائگريڪلچر ۽ باٽني جي شاگردن لاءِ اهو لکندو هلان ته دورين ميوي جو Genus Durio فئملي سان تعلق  آهي. هو پنهنجي وڏي سائيز، منفرد بوءِ ۽ چُڀندڙ ڪنڊن واري کل ڪري هڪ نمايان ميوو آهي. دورين ڊيگهه ۾ 12 انچ ۽ گولائيءَ ۾ 6 انچ تائين ٿئي ٿو ۽ تورَ ۾ ٽن ڪلو جيترو به ٿئي. سندس ٻاهرين کل سائي کان ناسي رنگن تائين ٿئي ٿي. سندس اندرين کائڻ واري ڳر (flesh) هئڊي کان ڳاڙهي رنگن وارو ٿئي ٿو. هن کائڻ واري ڳر مان بدبوءِ نڪري ٿي جيڪا ايڏي ته تيز ۽ چڀندڙ ٿئي ٿي جو اڻ ڇليل دورين مان به محسوس  ٿيندي  رهي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪا هوٽل يا ڪا عمارت سينٽرلي ايئرڪنڊيشنڊ آهي ته هڪ ڪمري ۾ آيل دورين ميوي جي ڌپ سڀني ڪمرن ۾ رهندڙن کي محسوس ٿئي ٿي. مزي جي ڳالهه اها ته دورين جي اها ڌپ ڪِن کي الٽي ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي ته ڪن لاءِ اها بدبوءِ ڌپ نه پر عطر عنبيرن کان بهتر خوشبوءِ آهي. دورين کائڻ وارن عاشقن کان پڇندائو ته هو توهان کي  چوندا ته هن ميوي جي بادامن جهڙي خوشبوءِ آهي پر ٻيا ان کي سڙيل بصرن جي ڌپَ سڏين ٿا. ٻٻر جي ڪَنڊن واري هن ميوي جي ان بدبوءِ ڪري هن پاسي جي ملڪن جي وڏين هوٽلن ۾ هن ميوي کي آڻڻ تي بندش  آهي. سنگاپور ۾ ته نه فقط هوٽلن ۽ آفيسن ۾ پر ميٽرو ريل (MRT) ۽ پبلڪ بس ۾به کڻي اچڻ جي اجازت ناهي. جتي  ڪٿي توهان کي Durians not allowed جا بورڊَ نظر ايندا. منهنجي خيال ۾ هتي جي حڪومت جو اهو سٺو فيصلو آهي، نه  ته هن ميوي جي ڌپَ کان ونءُ ويندڙ توهان ۽ اسان جو ساهه گهٽجي وڃي.
جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ اسانجو جهاز جون جي مهيني ۾ ڪراچي ايندو هو ته مهنجا جهاز هلائڻ وارا ساٿي خوشيءَ سان مون پاران ڊيوٽي ڪندا هئا جيئن آئون ڳوٺ جو چڪر  هڻي اچان ۽ واپسي تي انبن جو کوکو ٻه کڻي اچان. پر انب اهڙو ميوو آهي جنهن کي هر هڪ پسند ڪري ٿو پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪو کڻي ان کي گهٽ ڀائيندو هجي. هتي ملائيشيا جي شهر ملاڪا جي آفيس ۾ ڏهه کن جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر هوندا هئاسين. مون اٺ نَوَ سال کن هن آفيس ۾ ڪم ڪيو.هر سال دورين جي موسم ۾ اسان هڪ يا ٻه دفعا چيني چيف انجيئر لائو سينگ جي ڊيوٽي ڪندا هئاسين جيئن هو پنهنجي ڳوٺ موئر (Muar) ٻه ڏينهن وڃي واپسي تي دورين ميوي جو کارو کڻي اچي. پوءِ اهو ڏينهن اسان جي آفيس ۾ مڪاني ملئي ۽ چيني آفيسرن لاءِ ڄڻ عيد ٿي ويندي هئي باقي اسان چار پنج ٻاهرين ملڪن جا، دورين جي ڌپ ۾ بي حال ٿي ويندا هئاسين. هن ميوي جي ايڏي ته چڀندڙ (pungent) ڌپَ ٿئي ٿي جواسان جا يارَ کائڻ بعد چڱي طرح صابڻ سان هٿ ۽ چپ ڌوئي ايندا هئا ته به سندن جسم مان، خاص ڪري  پگهر مان، اها ڌپ پئي ايندي هئي. اسان سان گڏ ڪم  ڪندڙ برطانيا جو ڪئپٽن ڪئرو جنهن هڪ دفعي  همت ڪري دورين جو گودو چوسيو هو اهو چوندو هو:
“Mr Altaf! Eating Durian is like eating custard in a public toilet”
چون ٿا ته گهڻا گهڻا  سال اڳ دورين فقط ملئي ماڻهو کائيندا هئا ۽ ناريل، ڪٺهل ۽ انناس وانگر تمام سستو ميوو هوندو هو. پوءِ ڏسندي ئي  ڏسندي ملائيشيا ۾ رهندڙ چينين کي دورين جو اهڙو چشڪو لڳو جو هاڻ توهان کي جتي ڪٿي چيني خريدار نظر ايندا جيڪي ملئي ماڻهن کان وڌيڪ امير آهن ۽ دورين جي قيمت گهڻي هجڻ جي باوجود خريد ڪن ٿا.
دورين جو وڻ 25 کان 50 ميٽر اتاهون ٿئي ٿو. سندس پن رٻڙ پلانٽ وانگر سدا ساوا ٿين ٿا. هو سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا گل ۽ ڦَل ڏئي ٿو. اها ڳالهه اسان جي ماڻهن لاءِ شايد عجيب هجي جتي چار مختلف موسمون ٿين ٿيون. پر ملائيشيا خط استوا جي ويجھو هجڻ ڪري ٻارهوئي ساڳي موسم مينهن ۽ گرمي واري رهي ٿي. منهنجي گهر جي ڪمپائونڊ ۾ لڳل انب، رمبوتان ۽ چڪن جا وڻ به سال ۾ ٻه دفعا ٻور ڏيندا آهن.
نئون لڳايل دورين جو وڻ چئن کان پنجن سالن بعد ميوو ڏئي ٿو. ٻُور جھلڻ (pollination) بعد ٽي مهينا وٺي ٿو. اسان وٽ ڪيترا ماڻهو دورين ۽ ڪٺهل (Jack fruit) کي ساڳيو سمجھن ٿا. ڪٺهل بنگلاديش ۽ ڏکڻ هندستان ۾ به ٿئي ٿو جيڪو دورين کان سائيز ۾ ڊگهو ٿئي ٿو. سندس کل کهري ضرور ٿئي ٿي پر دورين جي کل کان تمام گهڻي  نرم آهي. ڪٺهل گيدوڙي وانگر گهٽ درجي جو هجڻ  ڪري بيحد سستو آهي. ملائشيا توڙي سنگاپور ۾ دورين سڀ کان مهانگو آهي. مثال طور دورين جون زياده دلپسند جنسون ڊي 24 (جيڪا Duro Zibethinus آهي)، سلطان ۽ مائو شان وانگ جو هڪ ڪلو 5 کان 10 آمريڪن ڊالر آهي. هڪ  دورين جو سراسري  وزن ٻه ڪلو به لڳايو وڃي ته هڪ هڪ داڻي جي قيمت هڪ هزار کان وٺي ٻه هزار روپين تائين ٿئي ٿي. ان ۾ کائڻ جوڳو حصو يعني گودو، جنهن کي هتي Aril سڏين ٿا  15 کان 25 سيڪڙو ڪو مس ٿئي ٿو، باقي رڳو ٿلهي کل ۽ ٿلها ٻج ٿين ٿا.
دورين ميوي ۾ کنڊ، وٽامن سي، پوٽئشيم ۽ گهڻوTheserotonergic Amino Acid Tryptophan ٿئي ٿو. هي ميوو ڪاربوهائيڊريٽ، پروٽين ۽ چرٻي جو به source آهي. هن پاسي جي ماڻهن جو اهو وهم آهي، بلڪ ديسي چيني حڪيمن موجب،  دورين جو تاثير گرم آهي ۽ کائڻ واري کي تمام گهڻو پگهر ٿئي ٿو. هاءِ بلڊپريشر جي مريضن ۽ پيٽ وارين عورتن کي دورين هرگز نه کائڻ کپي. ڪيترن ملئي ۽ چيني ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ته دورين شهواني طاقت وڌائي ٿو. دورين معجونن ۽ ڪشتن جو ڪم ڏئي ٿو. انڊونيشيا ۾اها چوڻي مشهور آهي ته Durian Jatuh, Sarong naik ساڳي مطلب واري  چوڻي ملائيشيا ۾ به عام آهي تهApabila Durian turun, Sarong naik. ملئي لفظ ”جاتو“ يا ”ترون“ جي معنيٰ آهي ڪرڻ، هيٺ اچڻ ۽ نائيڪ معنيٰ آهي مٿي چڙهڻ. هتي جا ماڻهو مرد توڙي عورتون گوڏ جهڙو اسڪرٽ ٻڌن جنهن کي سرونگ سڏجي ٿو. بهرحال مطلب اهو آهي جڏهن دورين جي موسم اچي ٿي، يعني جڏهن  دورين ميوو وڻ مان ڇڻي ٿو ته سرونگ مٿي کڄي ٿو. دورين موسم ۾ هن پاسي اهو جملو پڻ  عام  آهي ته جيڪڏهن  توهان فئملي پلاننگ چاهيو ٿا ته دورين کان پاسو ڪريو.
هتي اهو به لکندو هلان ته وڻ هيٺان دورين چونڊڻ وقت هيلمٽ (لوهي ٽوپلو) پائڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. ڇو جو وڻ مان ڪو دورين هيٺ هلندڙ ماڻهوءَ جي مٿي ۾ لڳڻ سان هن کي سخت زخمي ڪري سگهي ٿو. هونءَ دورين لاءِ چون ٿا ته هن کي اک ٿئي ٿي. اهو وڻ مان ان وقت نٿو ڇڻي جنهن وقت ان هيٺان ڪو موجود آهي. دورين دنيا جو واحد ميوو آهي جيڪو وڻ مان پٽي نٿو سگهجي. ملائيشيا ۾ ناريل پٽڻ جو ڪم ڀولڙن کان ورتو وڃي ٿو پر اهي به دورين جهڙو ڳرو ۽ ڪنڊن وارو ميوو پٽڻ جو جوکم نٿا کڻن. هي ميوو جڏهن پچي راس ٿي هيٺ ڇڻي ٿو ان وقت وڻ هيٺان  کنيو وڃي ٿو. دورين گهڻو ڪري رات جو ڪري ٿو ۽ پوءِ ڏينهن جو کنيو وڃي ٿو جنهن لاءِ مٿي لکي آيو  آهيان ته چونڊڻ وارو همراهه مٿي تي لوهي ٽوپلو يا ٿلهو ٽوال ٻڌي وڻ هيٺان دورين ميڙي ٿو. ڇو جو اگھاڙي مٿي تي اتاهين تان دورين ڪرڻ سان نه رڳو مٿو ڦاٽي ٿو پر ماڻهو مريو  به وڃي. اهوئي سبب آهي جو هن پاسي جي ڪن  ملڪن ۾ ڪنهن کي  دورين هڻڻ ”اقدام قتل“ جو ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو.
منهنجي هڪ ملئي دوست پاڪستان ۾ انبن جا مختلف نالا ٻڌي مونکي چيو ته يار توهانجي ميون جي سردار ”انب“ جا هي ڪهڙا عجيب نالا آهن....... طوطا پوري، بيگن ڦلي، گلاب خاصو، لنگڙو، فجري، زردالو ، ڪليڪٽر، راجا پوري...........!

ملائيشيا کان آيل مهمان کي ته مون ڪو جواب نه ڏنو پر ڏٺو وڃي ته سندن ميون جي بادشاهه دورين جا ٻه عجيب نالا آهن جيڪي انهن جنسن جي رنگن، سائيز، ذائقي، شڪل، بوءِ مطابق رکيا ويا آهن. هن شهر ملاڪا ۽ ڀر واري رياست ”جو هور“ ۾ دورين جون  جيڪي جنسون مشهور آهن انهن جا نالا: برونگ هنتو  (چٻرو)، ڪُچنگ تيدور (ستل ٻلي)، جينتار بُومي (زلزلو)، وغيره. پينانگ ڀرسان ”ڀلائو باليق“ نالي هڪ ٻيٽ دورين کان مشهور آهي جتي جون ڪجهه جنسون هن ريت آهن: انگت انجنگ (غمگين ڪتو)، ناسي ڪنيت (هيڊ وارو ڀت)، تيمباگو (ٽامو پتل)، سموت (اڏوهي)، ڪيپاس (پنکو)، ايتريقدر جو دورين جي هڪ جنس جو نالوKurap  يعني خارش وارو ڪينئون (ring worm) به آهي. 

No comments:

Post a Comment