Monday, September 28, 2015

شاگرد ڏنگا آهن يا استاد جاهل - الطاف شيخ

شاگرد ڏنگا آهن يا استاد جاهل
الطاف شيخ
پٺتي ٿو نظر وجھان ته مونکي هر تعليمي اداري ۾ تمام سٺا ٽيچر مليا. ايماندار، محنتي، پنهنجي سبجيڪٽ جي ڄاڻ رکڻ وارا ۽ هنن لاءِ خوشي جي فقط اها ڳالهه هوندي هئي ته سندن شاگرد سٺين مارڪن سان پاس ٿين. سندن پڙهائڻ، سمجھائڻ ۽ ٽيسٽ وٺڻ جي طريقن مان آئون ڏاڍو متاثر رهيس ٿي. شايد اهو سبب هجي جو مون به ماستر ٿي انهن استادن جي نقش قدم تي هلڻ چاهيو ٿي. عادت موجب ڪا نئين ڳالهه ڪرڻ جي چڪر ۾ پڙهندو مئرين انجنيئرنگ (جهاز ٺاهڻ، هلائڻ ۽ خرابيون دور ڪرڻ جي انجنيئري) رهيس پر ذهن تي هر وقت ماستر ٿيڻ جو ڀوت سوار رهيو ٿي. موڪلن ۾ ڳوٺ ايندو هئس ته اتي جي ڪاليج ۾ پڙهائيندو هوس. ستر وارري ڏهي ۾ سگا جي سهڪار سان NJV اسڪول ڪراچي ۾، شام جو سول سروس (CSP) جي امتحانن لاءِ شاگردن کي مفت پـڙهائڻ شروع ڪيو ويو ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مون به رضاڪاراڻا طور پڙهائڻ قبول ڪيو. صبح جو جهاز تي ڊيوٽي ڪري شام جو شاگردن کي سائنس پڙهائيندو هوس. شاگرد يا سگار وارا چوندا هئا توهان کي شاباس هجي پر مونکان وڌيڪ شاباس جا مستحق سائين سراج ميمڻ ۽ مظهر صديقي (اڳوڻو V.C)هئا، جن مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. مونکي حيرت ٿيندي هئي ته هو صاحب وڏا آفيسر هجڻ جي باوجود شاگردن سان بيحد شفقت سان پيش ايندا هئا. ادا مظهر انهن ڏينهن ۾ سنڌ گورنمينٽ ۾ سيڪريٽري هو. وقت تي آفيس ويندو هو جتان چئين بجي NJV اسڪول پهچي ويندو هو.


جهاز سمنڊ تي هوندو هو ته جونئر انجنيئرن کي هفتي ۾ ٽي ڏينهن پڙهائيندو هوس. انهن ڏينهن ۾ گورن (يورپين، انگريزن) توڙي اسان ايشين جي اها سوچ هوندي هئي ته ٻئي کي جهاز جي معلومات نه ڏجي جيئن هو امتحان پاس ڪري مٿاهين پوسٽ (چيف انجنيئر) تائين نه پهچي، ٻين جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر مونکي جھليندا هئا پر مونکي اها ڳالهه  ڪڏهن به پسند نه آئي. مونکي پنهنجن زيردستن کي پڙهائيندي ۽ معلومات ڏيندي خوشي ٿيندي هئي. ان مان مونکي به فائدو ٿيندو هو. اهي ڪم جيڪي عام صورت ۾ فقط جهاز جي چيف انجنيئر کي ڪرڻا پون ٿا انهن ۾ هو به منهنجي مدد ڪرڻ  لڳا ۽ مونکي ساهي پٽڻ لاءِ وقت ملي ويو ٿي.
ڏهه ٻارهن سال لڳاتار جهاز هلائيندو رهيس. انهيءَ وچ ۾ شادي ٿي، ٻار ٿيا. ٻار وڏا ٿيا ته هنن لاءِ پڙهائي يعني اسڪول جو مسئلو ٿيو ۽ مونکي جهاز کي ڇڏي ڪناري جي نوڪريءَ جو سوچڻو پيو. منهنجا ٻيا ڪلاس ميٽ به ان مسئلي ڪري جهاز ڇڏي مختلف ملڪن جي شپ يارڊن، بندرگاهن، سرڪاري شپنگ آفيسن يا خانگي جهازران ڪمپنين جي ڪناري وارين آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ لڳا. مونکي پڙهائڻ جو شوق هو سو ڪو تعليمي ادارو ڳولڻ لڳس ۽ يڪدم ايران، سنگاپور ۽ ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمين مان آفر اچي وئي. مون ملائيشيا کي ترجيح ڏني جو ان پاسي جي علائقن ۾ جهاز هلائڻ ڪري مونکي توڙي ٻارن کي ملئي زبان سمجهه ۾ اچي وئي هئي. جيتوڻيڪ اڄ ان بابت افسوس ڪريان ٿو ته ملائيشيا بدران ايران ۾ نوڪري ڪريان ها ۽ فارسي سکڻ ڪري مونکي پڙهڻ لاءِ وڏو لٽريچر ملي وڃي ها. ملئي زبان ڪا اهڙي ناهي جنهن م ادبي مواد هجي.
بهرحال ملائيشيا ۾ نوڪري جو فيصلو ڪيم. ڏور اوڀر سان واسطو رکندڙ هڪ جهازي دوست مونکي خبردار ڪندي چيو ته ”پڙهائڻ جو شوق اٿئي پر اهو ٻڌائي ڇڏيانءِ ته چيني شاگرد ڏاڍا ڏنگا مڙس آهن. سوچي سمجھي هن فيلڊ ۽ هن ملڪ جو رخ ڪجانءِ جو ملائيشيا جي اڌ آدمشماري چيني آهن.“ ملائشيا ۾ اڌو اڌ کڻي چيني نه هجن ۽ سرڪاري طرح سندن انگ 45 سيڪڙو هجي، اهڙا 45 سيڪڙو ملئي آهن جيڪي مسلمان ۽ هتي جا اصلي ماڻهو آهن جن کي بومي پترا سڏيو وڃي ٿو..... يعني هن ڌرتي جا پُٽ. باقي 10 سيڪڙو ننڍي کند جا آهن جيڪي انڊين سڏجن ٿا. انهن مان وري سؤ مان ستر اسي ڏکڻ هندستان جا تامل آهن باقي سک، پٺاڻ، پنجابي، سنڌي هندو، بوهري، بنگالي ۽ سريلنڪن آهن.
سامونڊي زندگي جي پڙهائي توڙي نوڪري  تمام محنت  ۽ جوکائتي آهي ان ڪري هن تعليمي اداري ۾ ملئي شاگرد پنهنجي طبيعت جي حساب سان ٿورا ايندا رهن ٿا. گهڻائي چينين جي آهي. بهرحال مون ملائيشيا ۾ ڏهه سال کن لڳاتار پڙهايو ۽ مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ ٿي رهيس. منهنجون Observations هن ريت آهن: ملئي شاگرد نهايت شرميلا ۽ خاموش مزاج جا آهن. ايڏا ذهين ۽ محنتي نه آهن ۽ نه وري negative سوچ رکن ٿا..... منهنجو مطلب آهي ته امتحانن ۾ کين سوال جا جواب ياد نه هوندا ته پيپر ڇڏي ويندا. امتحان هال ۾ بيٺل استادن کان اجائي کوٽ کوٽ ڪري جواب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندا ۽ نه وري ڪاپي ڪندا. ان کان هو فيل ٿيڻ کي ترجيح ڏين ٿا. چيني ڇوڪرا محنتي ۽ ذهين ٿين ٿا. بنيادي تعليم انگريزي ميڊيم اسڪولن مان حاصل ڪرڻ ڪري هنن جي انگريزي سٺي آهي ۽ بنا ڪنهن شرم ۽ هٻڪ جي ليڪچر ڏيڻ واري ٽيچر کان سوال پڇندا رهن ٿا. سندن ڪي ڪي سوال ته سندن ذهانت جي صاف صاف نشاندهي ڪن ٿا. دراصل اهڙين ڳالهين ڪري اسان جا ڪيترا ٽيچر منجهيو پون، خاص ڪري اهي جيڪي پنهنجي سبجيڪٽ ۾ ڀڙ نه هجڻ ڪري هنن جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان قاصر ٿين ٿا. اهوئي سبب آهي جو اسانجي ملڪ جا ڪيترائي ڪئپٽن ۽ جهازن جا چيف انجنيئر جيڪي طوفانن ۾ ته ثابت قدم رهيا پر گهٽ ڄاڻ ۽ گهٽ سامونڊي تجربي ڪري هن قسم جي شاگردن جي سوالن جي طوفانن اڳيان بيهي نه سگهيا ۽ ٽيچنگ ڇڏي وري وڃي جهاز هلايا.
دراصل ڳالهه اها آهي ته سامونڊي نوڪريءَ ۾ هر هڪ جي ترقي سفارش تي نه پر امتحان پاس ڪرڻ تي ٿئي ٿي. هر پروموشن لاءِ 21 مهينا جهاز هلائڻ بعد امتحان ٿئي ٿو ۽ نيٺ آخر ۾ انجنيئرنگ ڪئڊٽ وڃيو چيف انجيئر ٿئي ۽ ناٽيڪل ڪئڊٽ جهاز جو ڪئپٽن ٿئي ٿو. هي امتحان بين الاقوامي قسم جا ٿين ٿا ۽ جيتوڻيڪ هر مهيني ۽ هر ملڪ ۾ ٿين ٿا، پر هر امتحان ۾ ورلي ڪو هڪ ٻه شاگرد پاس ٿئي ٿو. لکت جي امتحان کان علاوه اورل به ٿئي ٿي جيڪا پاس ڪرڻ ضروري آهي. اورل ۾ھر شاگرد جي خبر پئجيو وڃي ٿي ته هن کي جهاز هلائڻ جي ڄاڻ ۽ مشڪل کي منهن ڏيڻ جي همت آهي يا نه! صحيح جواب سي به پوري اعتماد سان ڏيڻ تي هن کي پاس  ڪيو وڃي ٿو. فقط هڪ اڌ غلط جواب ڏيڻ تي هن کي فيل ڪيو وڃي ٿو جيئن  هو وڌيڪ پـڙهي وري ٻئي مهيني امتحان ۾ وهي. فيل ٿيڻ کي ايڏو خراب نه سمجھيو ويندو آهي پر ڪو شاگرد ڪنهن اهڙي سوال جو جواب غلط ڏيو ٿو وڃي جنهن جو واسطو جهاز يا جهاز ۾ سوار ماڻهن جي سلامتي سان آهي ته هن کي هڪ طرف فيل ڪيو وڃي ٿو ته ٻئي طرف سزا خاطر ٽي مهينا يا ڇهه مهينا Sea Time ڏنو وڃي ٿو. يعني هن کي پڙهائي ڇڏي جهاز تي رهڻ لاءِ ٽپڙ ٻڌڻا پون ٿا. ۽ پوءِ اهو ضروري ناهي ته جهاز جو سفر اوترن مهينن جو ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن ته واپس هوم پورٽ ۾ ورڻ ۾ سال سوا سال لڳيو وڃي. ان ڪري چيني جهازران شاگرد ڪلاس روم ۾ گهڻي کان گهڻي معلومات حاصل ڪرڻ جا خواهشمند ٿين ٿا جيئن کين  Sea Time واري سزا نه ملي ۽ انهن ٻن يا ٽن مهينن جي تعليمي ڪورسن لاءِ ڳريون فيون ڏين ٿا. چيني ماڻهو بنيادي طرح ڪنجوس ۽ واپاري طبيعت جا آهن ان ڪري هو پنهنجي ڏنل پئسي جي پائي پائي جو فائدو وٺڻ چاهين ٿا ۽ اسان جا اهي ٽيچر جيڪي Casual طور نوڪري ڪن ٿا اهي ههڙن شاگردن جي پڇيل سوال مٿان سوال جو جواب نه هجڻ تي ناڪ آئوٽ ٿيو وڃن ۽ پوءِ اهوئي سمجھن ٿا ته چيني شاگرد ڏنگا آهن.
دراصل چيني شاگرد ڏنگا نه آهن پر هنن کي پنهنجي مستقبل جو فڪر رهي ٿو. هو وقت برباد نٿا ڪرڻ چاهين. هو ڪلاس روم ۾ ويهي اٻاسيون نٿا ڏيڻ چاهين. هو پنهنجي دماغ ۾ دفن ٿيل سوالن جا جواب چاهين ٿا. اهي سوال اڪثر جهاز ۾ ٿيندڙ مسئلن بابت هوندا آهن ته طوفانن ۾ هيئن ٿي پوي ته ڇا ڪرڻ کپي. فلاڻي قسم جي شيءِ (ڪپڙي، اناج، تيل.........) کي باهه لڳي وڃي ته ڇا ڪجي، انجڻ جو فلاڻو حادثو ٿي پوي ته ان کي سمنڊ تي ڪيئن صحيح ڪجي...... اهڙا سوين سوال...... جن جا جوابَ شايد ڪتابن ۾ به موجود نه هجن ته انهن جوابن کي ڪتابن ۾ ڳولڻ لاءِ هنن کي ٽائيم ڪٿي! هو ته اهوئي چاهين ٿا ته سندن ٽيچر جنهن سالن جا سال جهاز هلايو آهي اهو پنهنجي تجربي مان کين يڪدم جواب/حل ٻڌائي. هونءَ به سٺي استاد جو ڪم آهي پڙهائڻ يعني ڳالهائڻ، گفتگو ڪرڻ. توهان جي ٻارن کي ٽيوشن پڙهائڻ واري مِس (ماسترياڻي) يا ماستر، جي هنن سان گفتگو ٿو ڪري، يعني سائنس، انگلش يا مئٿس جا حسابَ سمجھائي ٿو، ليڪچر ڏئي ٿو ته اهو سٺو آهي. پر اهي ٽيوشن پڙهائڻ وارا جيڪي ٻارن کي لکڻ يا خود پڙهڻ جهڙن ڪمن ۾ مشغول رکن ٿا اهي بيڪار ۽ ٽوٽي آهن.
اهي ڳالهيون نڪتيون آهن ته اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا ۾ اسان پڙهائڻ وارن کي روزانو شامَ جو پنهنجي گهر ۾، ايندڙ ڏينهن جو ليڪچر تيار ڪرڻو پوندو هو. Notes خود ٽائيپ ڪري فوٽو اسٽيٽ يا سائڪلو اسٽائيل ڪرڻا پوندا هئا ۽ OHP ٽرانسپيرنيسيز ۽ ماڊلن ذريعي سمجھائڻو پوندو هو. ملئي شاگرد خاموش ويٺا هوندا هئا ۽ اهوئي سوچيندا هئا ته مولا مينهن وساءِ ته ڪانئر ڇٽن ڪم کان، پر چيني ڇوڪرا طوفاني بارشن ۾ به ڪلاس روم ۾ پهچي ويندا هئا ۽ هو نه چاهيندا هئا ته پيرڊ جا ڪجهه منٽ به ڪي ضايع ٿين. مونکي شروع وارا ڏينهن ياد آهن ته هڪ دفعي ليڪچر دوران ڪنهن شاگرد کي جهاز جو ڪو مشيني پرزو سمجھه ۾ نه پئي آيو ته مون چاڪ کڻي ان پرزي جي بورڊ تي اسڪيچ ٿي ٺاهي ته هو رڙ ڪرڻ لڳا ته سر ائين ته نه ڪريو.
توهان ان جو مطلب سمجھيو؟ هنن جو مطلب هو ته ڊرائنگ نه ٺاهيو جو ڊرائنگ ٺاهڻ سان ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ڏهه پنڌرهن منٽ ضايع ٿي ويندا. اهو ٽائيم به سندن سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ لڳايان.......... پر پهريون دفعو آئون به سمجهي نه سگهيو هوس جو مون يڪدم ان جو سبب پڇيو ته هڪ شاگرد اٿي چيو ته سائين مهرباني ڪري ان مشين جي ڊرائنگ گهران ٽرانسپرنسي تي ٺاهي سڀاڻي اسان کي Display ڪري ڏيکارجو.
هڪ دفعي هڪ شاگرد جهاز جي ڪنهن ٽرم جي definition پڇي. هيءَ به شروع وارن ڏينهن جي ڳالهه آهي پوءِ ته آئون پاڻ به خبردار ٿي ويس. بهرحال مون کيس ٻڌائي ان بعد سڀني کي چيم ته اها ٽن سٽن جي ڊيفينيشن نوٽ ڪري وٺو. هڪ چيني شاگرد اٿي چيو.

“How about providing us with handout”
يعني ڪلاس  روم ۾ لکڻ تي هو وقت ڇو وڃائين. مونکي گهران ٽائيپ ڪري ٻئي ڏينهن کين هئنڊ آئوٽ مهيا ڪرڻ کپي.
منهنجا پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته ترقي ڪندڙ قومن جي شاگردن کي علم پرائڻ جي ڪيڏي جستجو رهي ٿي. هو ڪيڏي محنت ڪن ٿا ۽ وقت جو قدر ڪن ٿا.
altafshaikh2005@gmail.com


No comments:

Post a Comment