Monday, September 28, 2015

ايئر ڪنڊيشنر جو اهم ڪم ڇا آهي؟ - الطاف شيخ

ايئر ڪنڊيشنر جو اهم ڪم ڇا آهي؟
الطاف شيخ
انسان کڻي ڪيڏو به وڏو ٿي وڃي پر هو پنهنجي پيءُ جي اڳيان هميشه ٻار رهي ٿو. هو کڻي سٺ سالن جو ٿي وڃي پر سندس ماءُ پيءُ هن کي نصيحتون ڪندو رهندو، گرمي ۽ ٿڌ کان بچڻ لاءِ چوندو وتندو ..... خيال سان گاڏي هلائڻ ۽ وقت تي ماني کائڻ لاءِ چوندو رهندو. مون ۽ منهنجي ڀاءُ انجنيئرنگ پڙهي پر اسان جي والد صاحب منهنجي ڀاءُ کي پنهنجي اباڻي ڌنڌي، ٻني ٻاري سان لڳايو ۽ هو وقت سان گڏ ان ڪم ۾ ماهر ٿي ويو پر آخر تائين بابو هن کي سمجھائيندو آيو ته فصل ۾ گاهه نه ٿيڻ کپي، ٻج ۽ ڀاڻ صحيح پيو وٺين يا نه ۽ ڪيترا دفعا ته پاڻ اچي پنهنجي اڳيان انبن جي چڪين جي گرافٽنگ ڪرائيندو هو، اهو سوچي ته سندس پٽ ٻار آهي خبر ناهي سمجھه ۾ اچيس يا نه ..... جيتوڻيڪ تڏهن به ۽ اڄ جي د﷦ور ۾ ٻار وڏن کان گهڻو هوشيار آهن. ڪمپيوٽر ۾ اسان ايترا ماهر نه آهيون جيترا اسان جا پوٽا ڏوهٽا.


بهرحال آئون تڏهن جي ڳالهه ٿو ڪريان جڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ هئنڊ پمپن جي جاءِ تي اليڪٽرڪ جا پمپ لڳي رهيا هئا، جن ذريعي زمين مان پاڻي ڇڪي مٿي ٽانڪيءَ کي ڀريو ويو ٿي. انهن ڏينهن ۾ آئون لنڊن ۾ پنهنجي جهازسازي (مئرين انجنيرنگ) جي سبجيڪٽ جو آخري امتحان ڏئي جهازَ جو چيف انجنيئر ٿيو هوس ۽ ڇهه مهينا کن نارٿ سي ۽ هندي وڏي سمنڊ جي ڏهاڪو کن بندرگاهن جي مسافري (voyage) مڪمل ڪري ڪراچي پهتو هوس. ملڪ کان ٽي سال کن يڪو ٻاهر رهيو هوس سو  هاڻ مهيني جي موڪل تي ڳوٺ آيو هوس.
پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هتي هڪ ڳالهه لکندو هلان ته مئرين انجنيئر يعني پاڻيءَ جي جهازن وارو انجنيئر هڪ مڪينيڪل، اليڪٽريڪل ۽ ريفريجريشن انجنيئر جو مڪسچر ٿئي ٿو فرق فقط اهو آهي ته مٿين انجنيئرن جو فقط لکت پڙهت يعني ٿيوري تي زور رهي ٿو پر مئرين انجنيئر پريڪٽيڪل ڪم کان جان بچائي نٿو سگهي جو سمنڊ تي جهاز خراب ٿيڻ تي مئرين انجينئر کي، بنا ڪنهن ورڪشاپ جي مدد جي، پاڻ ئي صحيح ڪرڻو پوي ٿو. هن کي ڏينهن رات لڳاتار ڪم ڪري اهو نقص دور ڪرڻو پوي ٿو، ٻي صورت ۾ انجڻ جي بند ٿيڻ تي جهاز سامونڊي لهرن ۽ هوائن جي رحم وڪرم تي رهي ٿو ۽ تباهه ٿي سگهي ٿو. وڏي حادثي جي صورت ۾ به جهاز کي هلڻ جوڳو ڪري گهٽ ۾ گهٽ ڀرواري بندرگاهه تائين پهچائڻو پوي ٿو. اهوئي سبب آهي جو اسان (مئرين انجنيئرن) کي ويلڊنگ ۽ ليٿ مشين جو ڪم به سکڻو پوي ٿو جيئن ڀڳل پرزي کي، عارضي طور تي ٺيڪ ڪري سگهون.
تعليمي اداري مان ڊگري حاصل ڪرڻ ۽ ورڪشاپ مان ٻه سال کن apprenticeship مڪمل ڪرڻ بعد مئرين انجنيئر هڪ جونئر انجنيئر جي حيثيت سان جهاز تي چڙهي ٿو. هر جهاز تي  سندس سائيز مطابق جونئر انجنيئر کان چيف انجنيئر تائين اٺ ڏهه کن مئرين انجنيئر ٿين ٿا. هڪ جونئر انجنيئر لڳاتار نوڪري ڪندو رهي ۽ وقت تي امتحان پاس ڪندو رهي ته ڇهه ست سالن ۾ چيف انجنيئر ٿيو وڃي. هر امتحان کان اڳ هن کي 21 مهينا جهاز هلائڻو پوي ٿو. آخري امتحان ..... چيف انجنيئر جي ۾ ته ڪو به سليبس مقرر ناهي. هن کي هر قسم جي انجڻ، مشين، پمپ، بئالر جي چڱي طرح ڄاڻ هجڻ کپي جو هر جهاز تي مختلف قسم جي مشينري ٿئي ٿي جنهن کي هلائڻ ۽ صحيح رکڻ جي جوابداري چيف انجنيئر جي آهي. ڪناري تي، خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن ۾، جتي رشوتخوريءَ جو مرض آهي، جتي سرڪاري يا خانگي نوڪري ڪرڻ وارو پاڻ کي نوڪر سمجھڻ بدران ٻين تي رڳو حڪم هلائي ٿو، اتي جا عام ماڻهو اهو سوچي به نٿا سگهن ته جهاز جو چيف انجنيئر معنيٰ سڀ کان گهڻو پورهيو ۽ ذمينداري کڻڻ وارو. جتي ٻيا انجنيئر انجڻ کي صحيح نٿا ڪري سگهن اتي چيف انجنيئر کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوي ٿو، جنهن لاءِ هن کي ڄاڻ، تجربو ۽ اعتماد هجڻ ضروري آهي. ان بنا هو survive نٿو ڪري سگهي.
بهرحال آئون چيف انجنيئر ٿيس ۽ ان بعد ڇهين مهينن کن جو ڊگهو سامونڊي سفر خير خوبي سان ڪري گهر پهتس. جهاز کڻي نئون هجي يا پراڻو، سندس انجڻيون ڏينهن رات هلن ٿيون. جن ۾ ٽيهارو کن مختلف پمپ، ٽي يا چار وڏا جنريٽر، بئالر، ايوپريٽر، پيوريفائر، ريفريجريشن پلانٽ وغيره وغيره، انيڪ مشينون اچيون وڃن ٿيون ۽ سمنڊ تي اهو ڏينهن خالي نٿو رهي جنهن ۾ ڪو maintenance جو يا ڀڃ ڊاهه کي صحيح ڪرڻ جو ڪم نه هلندو هجي. جهاز جا سمورا انجنيئر، چيف انجنيئر سميت ڏينهن رات ڪم ۾ مشغول رهن ٿا. ۽ ماشاءَالله جهاز جو هر انجنيئر (مئرين انجنيئر) ڪم جو ڄاڻو ٿئي ٿو خاص ڪري certified انجنيئر جن ترقي حاصل ڪرڻ جو هڪ يا ٻه امتحان پاس ڪيا آهن. اهو ان ڪري جو هي هڪ اهڙو پروفيشن آهي جنهن ۾ پهرين ڪم ڪري ڏيکارجي ٿو ۽ پوءِ امتحان ڏجي ٿو. يعني هر امتحان پهرين 21 مهينا سمنڊ جي نوڪري (Sea Time) مڪمل ڪرڻ بعد ٿئي ٿو. سو هڪ جهازن جو چيف انجنيئر چاهي يورپي گورو هجي يا آفريڪي شيدي يا اسانجو ايشيائي، هو ساڳي قابليت رکي ٿو ۽ جهازن جا مالڪ اهو نه ڏسندا آهن ته هو ڪهڙي ملڪ ۽ رنگ جو آهي. هنن لاءِ ايترو ڪافي آهي ته چيف انجنيئر جو امتحان پاس ٿيل آهي. ڇو جو هڪ امتحان پاس ڪيل چيف انجنيئر جي موجودگي ۾، جيڪڏهن  جهاز جو حادثو ٿي پوي يا جهاز ٻڏي به وڃي، ته به مالڪ کي انشورنس ڪمپني وارا سڄي رقم ڀري ڏيندا ۽ انشورنس ڪمپني کي خبر آهي ته امتحان پاس ٿيل چيف انجنيئر هجي يا ڪئپٽن هو غلط ڪم نه ڪندو ۽ هن جي ڄاڻ جو  هنن کي اعتراف رهي ٿو جو امتحان وٺڻ وارا به اهي انشورنس ڪمپني وارا ئي ٿين ٿا ۽ هو اميدوار کي هر طرح سان چڪاسين ٿا ۽ معمولي شڪ جي حالت ۾ به فيل ڪريو ڇڏين. اهوئي سبب آهي ته هي امتحان دنيا جي هر بندرگاهه ۾ هر مهيني ٿين ٿا پر پاس ڪو اڪو ڌڪو ٿئي ٿو.
اهو پڙهڻ بعد توهان سمجھي ويا هوندئو ته مئرين انجنيئر ـــ خاص ڪري جهاز جي چيف انجنيئر کي مشين جي ڪيڏي ڄاڻ ٿئي ٿي ۽ هو انهن کي ٺيڪ ڪري هلڻ جوڳو بنائڻ لاءِ ڪيڏو ڪم ڪن ٿا. آئون جڏهن پهريون دفعو چيف انجنيئر جي عهدي تي جهاز تي sail  ڪري ڳوٺ پهتس ته تقريباً سڄي پاڙي مان هئنڊ پمپ غائب ٿي ويا هئا. انهن جي جاءِ تي هاڻ اليڪٽرڪ پمپ هئا. اسان جي گهر ۾ به پمپ لڳل هو جيڪو ٻئي ڏينهن پاڻي ختم ٿيڻ تي منهنجي پيءُ آن ڪيو. پمپ پاڻي نه ڇڪيو ته بابا پريشان ٿي ويو. آئون اٿيس ته بابا مونکي جھليو. ”مستريءَ چيو آهي ته پاڻي نه ڇڪڻ جي صورت ۾ ان ۾ پاڻي وجھجو“ بابا چيو ۽ پاڻ ٻه ٽي ڪريون پاڻيءَ جون ڀري ان ۾ وڌيون پر پمپ ڪم نه ڪيو. آئون سمجھي ويس ته پمپ صحيح طرح prime  نه پيو ٿئي. ٿي سگهي ٿو gland packing کي ٽائيٽ ڪرڻ جي ضرورت هجي. بهرحال اها ڪا اهڙي ڳالهه نه هئي پر بابا مونکي هٿ لائڻ نٿي ڏنو. هن جو اعتماد ڳوٺ جي مستري عبداللطيف انصاريءَ ۾ هو  جنهن هي پمپ فٽ ڪيو هو. مونکي ان جي دڪان تي بازار موڪليائون. مونکي کل به اچي رهي هئي ته گذريل ڇهه ست سال سمنڊ تي اهي ئي ڪم ڪندو رهيو آهيان پر منهنجي پيءُ کي ڪهڙي خبر. هو ته مونکي اڃان به ٻار ٿو سمجھي بهرحال مستري عبداللطيف جي دڪان تي ويس پر هو نماز تي ويل هو گهر آيس ته بابو به مسجد ۾ هو. پاني سان سندس Gland پئڪنگ ٽائيٽ ڪري پاڻي مٿي چاڙهيم. پاڙي ۾ رهندڙ مون کان ٽي سال کن ننڍي ڪزن ڪئپٽن رشيد ابڙو کي کلندي چيم ته بابا کي جي بحري جهاز ۾ سفر ڪرڻو پوي ۽ ان جو ڪئپٽن تون ۽ چيف انجنيئر آئون هجان ته هو پڪ اهو چئي ان جهاز ۾ هلڻ کان انڪار ڪندو ته هي ڪالهوڪا ٻارَ سمنڊ تي هيڏو وڏو جهاز هلائي به سگهندا يا نه.
جهاز جي انجنيئر (مئرين انجنيئر) جو اهو به ڪم آهي ته جهاز جو ايئرڪنڊيشن سسٽم ۽ ڪولڊ اسٽوريج صحيح رکي. جهاز تي گهٽ ۾ گهٽ ڇهن مهينن جو راشن رکڻو پوي ٿو. ذبح ٿيل سوين ڪڪڙين کان علاوهه پنجاهه کن ٻڪريون، رڍون ۽ ڪجهه ڍڳيون به کنيون وڃن ٿيون .... يعني ذبح ٿيل ۽ کل لٿل. ان کان علاوه ڪافي مقدار ۾ مڇي ۽ ميوو پڻ رکڻو پوي ٿو. مئرين انجنيئرنگ جي شاگرد کي ايئرڪنڊيشن ۽ ريفريجريشن بابت تفصيلي تعليم ڏني وڃي ٿي جيئن اسان ان سامان کي اهڙي حالت ۾ رکون جو خراب نه ٿئي. اهي ڪمرا جن ۾ فروٽ ۽ ڀاڄيون رکيون وڃن ٿيون انهن جي ٿڌاڻ اهائي رکندا آهيون جيڪا گهرو ريفريجريٽر ۾ ڀاڄين جي خاني ۾ هوندي آهي .... يعني واڌو 5 ڊگريون. ان کان علاوه اهڙي ڪمري ۾ Exhaust پنکي جو هلڻ ضروري آهي جو ڀاڄيون ۽ ميوا ڪاربن گئس خارج ڪن ٿا. مڇيءَ کي صحيح رکڻ لاءِ لڳاتار ڪاٽو ويهه ڊگريون ۽ گوشت لاءِ ڪاٽو ڏهه ڊگريون ٿڌاڻ قائم رکي وڃي ٿي ۽ اها رڪارڊ خاطر هر چئن ڪلاڪن بعد نوٽ ڪئي وڃي ٿي. ان معاملي ۾ هڪ ڳالهه جيڪا اهم آهي ۽ گهرجي ڀاتين کي ڄاڻ هئڻ کپي، اها هيءَ ته فريزر مان اوترو گوشت ڪڍجي جيترو ان ڏينهن رڌڻو هجي. ان ڪري حساب مطابق ٿيلهيون ٺاهي رکجن. ڇو جو هڪ دفعو فروزن گوشت کي ٻاهر ڪڍي نارمل ٽيمپريچر تي آڻڻ بعد ان کي وري ٻيو دفعو فريز نه ڪجي. ڇو جو ٻئي دفعي فريز ڪرڻ سان ان مان وٽامن ۽ پروٽين ختم ٿيو وڃن. پر اسان وٽ اڪثر اها پرئڪٽس رهي ٿي ته هر دفعي گوشت يا قيمي جي پيالي کي روم ٽيمپريچر تي آڻي، ضرورت جيترو گوشت ڪڍي باقي کي وري فريز ٿيڻ لاءِ رکيو وڃي ٿو. ٻيو ته ٺهيو منهنجي زال جيڪا شاديءَ بعد 8 سال کن مون سان گڏ جهاز تي رهي ۽ ڏسندي رهندي ته ان معاملي ۾ اسين ڪيڏو خبرداري کان ڪم وٺنداهئاسين، اها به گهر ۾ ساڳي غلطي ڪندي رهي ٿي. منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ چيف انجنيئر راشد ڪاظمي چوندو آهي ته ”هٰذا قومً جاهلون .....“يعني منهنجي زال جا هي ڪم ڏسي نه پر اسانجي ملڪ جي ٽي وي تي ڪنهن ڪمپني جي ايئرڪنڊيشنر جو اشتهار ڏسي........... جنهن ۾ اشتهار ۾ ڏيکاريو ويندو آهي ته اهو ايئرڪنڊيشنر ڪمري کي اهڙو ته ٿڌو يخ بنائي ٿو جو ان جو سئچ آن ڪرڻ کان اڳ هڪ ٽرڙو ڇوڪرو ڪوٽ سئيٽر پائي، مٿي تي گرم ٽوپي ۽ ڳچيءَ کي مفلر سان ڍڪي ٿو ۽ پوءِ ايئر ڪنڊيشنر جو سئچ آن ڪري ٿو. جيئن ئي ايئرڪنڊيشنر هلي ٿو ته هو ڏڪندي وات مان سين سين جا آواز ڪڍي ٿو ڄڻ برف باري ٿي رهي هجي! اسان وٽ اها سوچ آهي ته ايئرڪنڊيشنر اهڙو ٿڌو هجي جهڙو سخت سيارو. اونهاري ۾ ڪوٽ سئيٽر پائي ايئر ڪنڊيشنر هلائڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ ڪيترا ماڻهو 9 يا 10 تي ٿرمواسٽئٽ رکي پوءِ سوڙون پائي سمهن! انگريز به اسانجا اهي ڪم ڏسي منهن مٿو پٽيندا هوندا!
ايئرڪنڊيشنر جو ڪم سيارو آڻڻ ناهي. بس ٿوري گهڻي ٿڌڪار ضرور ڪري جيڪا 26 ڊگرين تائين محدود رکي وڃي ٿي. ڇو جو سنڌ جي اونهاري واري گرمي ۾ ڪمري کي گهڻو ٿڌو ڪري پوءِ ٻاهر نٽهه اس ۾ نڪرڻ سان  ماڻهو بيمار ئي ٿئي ٿو. آمريڪا جي رياست ٽيڪساز جي موسم به سنڌ ۽ ملتان جهڙي آهي پر آئون آمريڪا جي انهن رياستن ۾ ڏسندو آهيان ته آفيس توڙي گهرن ۾ 25 يا 26 ڊگرين تي ٿرمواسٽئٽ set ڪيو وڃي ٿو. ايئرڪنڊيشن جو مطلب اهو ناهي ته ڪوڪمري کي ڪولڊ اسٽوريج ٺاهجي جنهن ۾ دفن ڪرڻ کان اڳ مردا رکيا وڃن ...... پر ايئرڪنڊيشنر جو ڪم آهي ڪمري جو ٽيمپريچر pleasant بنائڻ ..... يعني 25 يا 26 ڊگريون ڪافي آهي. دراصل ايئرڪنڊيشنر جا اهم ڪم آهن:
1.     هوا کي فلٽر ڪر ڌوڙ، دونهين ۽ جراثيم کان پاڪ ڪرڻ، ۽
2.     هوا مان نمي يعني پاڻي ٻاهر ڪڍڻ. ڇو جو Humidity  نهايت خراب شيءِ ٿئي ٿي. انسان کي گرمي ايڏي تڪليف نٿي پهچائي جيڏي گهمَ! .... پر اسان وٽ انهن ڳالهين جو احساس ناهي ..... رڳو ٿڌڪار پيدا ڪرڻ تي زور آهي. سياري ۾ 5 ڊگريون ٿڌ ٿي ويندي ته به نه جوراب پائبا ۽ نه سئيٽر .... ڀلي نمونيا ٿي پوي .... باقي اونهاري ۾ AC جي پيدا ڪيل 20 ڊگريون ٿڌڪار تي ڪوٽ ۽ مفلر ويڙهي وهڻ  کي وڏ ماڻهپي سمجھندا. ڀائي توهان کي اهڙو سيءُ ٿو لڳي ته کڻي ٿڌڪار گهٽ ڪريو ...ملڪ سڄي ۾ بجليءَ جو بحران لڳو پيو آهي، ڪيترا ته فقط پنکو (fan)  هلائڻ لاءِ پريشان آهن.

No comments:

Post a Comment