Thursday, September 24, 2015

هاءِ جواني، ٿو ساري تو کي هرڪو- الطاف شيخ

هاءِ جواني، ٿو ساري تو کي هرڪو
الطاف شيخ
اسانجي ڪاليجي ڏينهن ۾، يعني هيءَ 1960ع ڌاري جي ڳالهه آهي، صبح جو پي ٽي (ورزش) لاءِ پوري ڇهين وڳي سيٽي وڄندي هئي ۽ اسان سڀ شاگرد سُفيد نِڪر (چڍيءَ) ۾ هاسٽل جي ميدان تي اچي حاضر ٿيندا هُئاسين. اسان جي ڏينهن ۾ نه فقط پي ٽي ۽ رانديون پر ڪلاس ۾ بِه نڪر ۾ وڃبو هو.
ڪمرو ڇڏي ميدان ۾ اچي بيهڻ لاءِ وڄندڙ سيٽيءَ کان 15 منٽ اڳ بيوگل (گهگهو) وڄندو هو جيڪو ننڊ مان اٿڻ جو اطلاع هوندو هو. جيئن پندرنهن منٽن ۾ اسان هٿ منهن ڌوئي، سليپنگ سوٽ لاهي چڍي، گنجي، جوراب ۽ رٻڙ جو بوٽ پائي سگهون.


مئٽرڪ بعد جڏهن فرسٽ ييئر ۾ آياسين ته ڪجهه دلير ٿياسين..... يا شايد اعتماد آيو...... يا ڪجهه دير وڌيڪ ننڊ ڪرڻ جو شوق ٿيو. منهنجي روم ميٽن: خيرپور جي شوڪت جماڻي، ظفر خان (سابق چيئرمين PIA ۽ اينگرو) ۽ زين العابدين شاهه (رٽائرڊ ڪموڊور) اها صلاح مشورو ڪيو ته صبح جو اٿي P.T  لاءِ ڊريس بدلائڻ بدران ڇونه رات جو اڳواٽ پائي سمهجي ۽ صبح جو اٿي هٿ منهن ڌوئڻ يا ڏندن کي برش ڪرڻ بدران سمهڻ مهل ڪجي. اهڙي طرح صبح جو ڏهه پنڌرهن منٽ وڌيڪ سمهڻ لاءِ ملي ويندا. حيرت جي ڳالهه اها ته ان ۾ اسان کي وڏي ڪاميابي نصيب ٿي. بيوگل بدران اسان سيٽيءَ تي ٽپ ڏئي اٿندا هئاسين ۽ باٿ روم جو رخ رکڻ بدران سڌو اچي ميدان تي بيهندا هُئاسين. ٻين جن ان بابت ٻڌو اهي اسان تي کلندا رهيا ٿي. ته 15 منٽن جي ننڊ لاءِ وڏو Risk  کڻي رهيا آهيون. ڪنهن ڏينهن وقت تي ميدان تي نه پهچنداسين ته سزا کائينداسين..... انهن جي ڳالهه صحيح ٿي.... هفتي ۾ هڪ ٻه دفعو وقت تي پهچي نه سگهڻ تي ٽاڪ منجھند جو سزا خاطر ايڪسٽرا ڊرل ڪرڻي پيئي. پوءِ ان گهاٽي جي ڪم کي ڇڏي ڏنوسين. سڀ کان گهڻا دفعا دير شوڪت جماڻي کان ٿي ۽ اتفاق آهي جو مون کان هڪ دفعو به نه ٿي. ان جو سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو جو آئون نه فقط چڍي ۽ گنجي پر رٻڙي جوتا (P.T Shoes) به پائي سمهندو هوس جيڪو ڪم ٻين لاءِ دير جو سبب بڻبو هو.
 اها هئي 52 سال اڳ ماضيءَ جي ڳالهه .  هاڻ حال جو احوال:
ان ڏينهن شوڪت جماڻيءَ سان گڏ ڪنهن دعوت ۾ وڃڻو هو. گهران نڪرڻ کان اڳ فون ڪيائين ته اچان پيو. ان بعد گهر پهچي هن رکي رکي ٻه دفعا بيل وڄايو، پر جلدي جلدي ۾ مونکان صحيح طرح ٽاءِ نه پئي ٻڌي ٿي، ان بعد ضرورت نه هجڻ جي باوجود واش روم ۾ وڃڻو پيو. شگر جي مريض کي، نه ته رستي تي ضرورت پئجي سگهي ٿي. ماني جي دعوت آهي ته گلو ڪوفيج گوري به ساڻ کڻي. گهڻي شگر وارن لاءِ ته ائمرل نموني جي گوري به ضروري ٿيو پوي جيڪا مانيءَ کان اڳ کائڻ ضروري ٿئي ٿي.
ٻاهر  نڪري شوڪت جي ڪار ۾ اچي ويٺس ته شوڪت پنهنجي اسٽائيل جي اڌ اکري کل جي وارکا ڪندي چيو ” يار ايڏي دير! پيٽارو ۾ ته پهرين ئي سيٽي تي ميدان تي هوندو هئين.“
سندس اها ڳالهه  ٻڌي مون کان به کل نڪري وئي. ”يار سچ ٿو چوين..... اهي به ڪي ڏينهن هئا جن گذري اڄ پورا 52 سالَ ٿي ويا آهن“ مون چيو.
 ”ننـڊ ۾ هجڻ جي باوجود ڪيئن کٽ تان ٽپ ڏئي اٿبو هو ۽ گرائونـڊ ڏي ڊوڙبو هو!“ شوڪت ياد ڏياريو.
 ” ۽ هاڻ ته ڪرسيءَ تان اٿڻ لاءِ به زور ٿو لڳائڻو پوي. شوڪت! تڏهن ٻاهر نڪرڻ لاءِ رڳو جوتا پائڻا پوندا هئا، سي به هلندي هلندي پائي وٺبا هئا.“
”هينئر به ته رڳو هڪ شيءِ جوتا ئي ته پائڻا پون ٿا، ڪهڙا گھنگھرو ٻڌڻا پون ٿا؟“ شوڪت چيو.
”فقط هڪ شيءِ هجي ته ان جو ذڪر ڪجي. چشمو پاءِ. نه رڳو پاءِ پر پڙهڻ وارو کيسي ۾ کڻي هل. ڊينچر (نقلي ڏند) لڳاءِ.......... ۽ پاڻ واري خالد کي ته ڪنن ۾ ٻڌڻ جو آلو به لڳائڻو پوي ٿو جنهن جي بيٽري چارج نه هجڻ ڪري بيٽري چارجر به کڻڻو پوي ٿو” مون چيو.
”لڳي ٿو هاڻ ڄاڻ ته لٺ کڻڻ جي به نوبت اچي،“ شوڪت چيو، ”سراج ته هر وقت ڪنڌ وارو ڪالر به لڳائي هلي ٿو“
سراج راندين ۾ اسان سڀني کان هوشيار هو پر ظاهر آهي هاڻ هو به اسان وانگر 70 سالن جو اچي ٿيو آهي ۽ ستر سال ڪا گهٽ عمر ته نه آهي..... خاص ڪري پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي مرد جي زندهه رهڻ جي سراسري عمر 45 کان 50 سال مس آهي.
دراصل انسان جي پيري به عجيب شيءِ آهي! هوڇا چوندا آهن ته ’ مين ني لڙکپن مين اسد، سنگ اٺايا تو سر ياد آيا‘ (غالب). اسانکي ننڍپڻ  ۾ نه پر هاڻ پنهنجي ننڍپڻ جي ڳالهين تي افسوس ٿو ٿئي. ڪيئن جرمني، انگلينڊ يا فرانس جي ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۾ چڪر ڏيندي، انهن پوڙهين تي چڙ وٺندي هئي جن اڳيان لنگھندي اُهي شئمپو، پائوڊر يا باڊي يا ڪڇو اڳيان ڪري ان تي لکيل قيمت پڇنديون هيون. اسان کي چڙ يا حيرت ان ڳالهه تان وٺندي هُئي ته هنن کي چشمو لڳو پيو آهي ته به پاڻ نٿيون پڙهن. پر هاڻ جڏهن آئون ڪنهن کان لکيل قيمت يا ننڍن اکرن وارا لفظ پڇندو آهيان ته ننڍپڻ جا ڏينهن بلڪه جوانيءَ جا ڏينهن ياد اچي ويندا آهن ۽ سخت ڏک ٿيندو آهي. ڇو جو وڏي عمر ۾ ويجهي جي نظر لاءِ الڳ عينڪ ٿي ٿئي جيڪا اڪثر گهر وسريو وڃي. يا کڻي کيسي ۾ موجود آهي ته  ٻن انگن يا اکرن کي پڙهڻ لاءِ پري جي عينڪ لاهي، کيسي مان ويجھي نظر جي عينڪ ڪڍي ڪير لڳائي.
موبائيل فون جو ڪارڊ جنهن دڪان واري کان وٺندو آهيان، ان کي چوندو آهيان ته مهرباني ڪري فون ۾ وجھي ڏي. هو اڪثر، خاص ڪري جڏهن مشغول هوندو آهي يا موڊ ۾ نه هوندو آهي، ته چئي ڏيندو آهي ”سر هي ته ڪو ڏکيو ڪم آهي ڪونه. توهان کي اهو به نٿو اچي.“ هو مونکي هر وقت لُنڊي سٿڻ ۽ هوائي چپل ۾ ڏسي سوچيندو هوندو ته آئون خبر ناهي ڪير آهيان. چار درجا پڙهيل به آهيان يا نه. اهڙي طرح ڪمپيوٽر ۾ ڪا خرابي ٿيندي آهي ته ڪمپيوٽر واري کي گهر گهرائي چوندو آهيانس ته هن ۾ هي هي پروگرام ڊائون لوڊ ڪري پوءِ  اسڪئنر ۽ پرنٽر مان ڪڍيل تارون صحيح طرح فڪس ڪري پوءِ وڃ. هڪ دفعي ته هن بيزاريءَ مان چئي ڏنو ته سر توهان کي اهو به نٿو اچي. کلندي چيومانس“ ڳالهه ٻڌ! پاڪستان ۾ ڪيترا منهنجي عمر جا اديب ۽ شاعر آهن جيڪي ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپ ڪندا هوندا؟ جيڪي فوٽو شاپ، اَيڊوب ۽ ويب سائيٽ ٺاهي ويندا هوندا؟ هڪ ٻي ڳالهه ٻڌ  ...... آئون جڏهن تنهنجي عمر جو هوس ته نه فقط دنيا جي سمنڊن تي پاڻي جا آفت جيڏا جهاز هلايم پر پاڪستان جو پهريون آٽو ميٽڪ جهاز مون هلايو.“
هو وائڙن وانگر مونکي غور سان ڏسڻ لڳو. اهو نه چوندس ته منهنجي اها ڳالهه ٻڌي هو مون مان متاثر ٿيو پر هو مونکي اهڙي نموني سان ڏسڻ لڳو ڄڻ دل ۾ چئي رهيو هجي ته هي اڇي ڏاڙهيءَ وارو ڪوڙ ته ڪهڙا ٿو ڳالهائي.
دراصل هن جو ڪهڙو ڏوهه! جنهن مسجد ۾ آئون نماز پڙهندو آهيان ان ۾ منهنجا ٻه ٻيا هم پيشه، يعني جهازن جا چيف انجنيئر پڻ ايندا آهن. عمر ۾ کڻي هو مونکان سال يا اڌ وڏا هجن، يا ننڍا به ٿي سگهن ٿا، پر ظاهري طرح انهن ۾ مون جهڙو به حال ناهي. ٻنهي جا وار چانديءَ جهڙا سفيد، هڪ جو ته پٺيءَ جو ڪنڊو به ٿورو چٻو ٿي ويو آهي.... آهستي آهستي ٿي مسجد جون ڏاڪڻون چڙهندا ۽ آئون اڪثر سندن ۽ پنهنجي جوانيءَ  جا ڏينهن ياد ڪري سوچيندو آهيان ته ڪير چوندو ته اسان سالن جا سال دنيا جي مختلف سمنڊن تي مختلف جهاز هلايا...... طوفانن جو مقابلو ڪيوسين ..... سمنڊ جي ڇولين کي منهن ڏنوسين .... انجڻ جون خرابيون دور ڪرڻ لاءِ چوويهه چوويهه ڪلاڪ انجڻ روم ۾ ڪم ڪيوسين...... لڏندڙ جهاز ۾ هڪ ئي گهڙيءَ ۾ انجڻ جي تري ۾ ڪرئنڪ ڪيس ۾ ڪم چالو ٿي رکيوسين ته ٻي گهڙيءَ ۾ باندر وانگر ست ماڙ مٿي، جهاز جي فنل (چمنيءَ) ۾ موجود  ايگزاسٽ بئالر کي ٿي ڏٺوسين. جنهن جي سخت گرمي ۾ انجڻ جي  exhaust  مان نڪرندڙ تيزابيت واري ڌپ ۾ ساه پيو گھٽبو هو .... پر اسان کي فقط دماغ ۾ اها ڳالهه هوندي هئي ته جهاز هلندو رهي، هلندو رهي ۽ ان سان واسطو رکندڙ سوين مشينون صحيح ڪم ڪنديون رهن.

هڪ اهڙي ئي خراب موسم ۽ سياري جي طوفاني رات ۾، جڏهن اسان جي جهاز جون انجڻيون ۽ جنريٽر بند ٿي ويا هئا ۽ جهاز ٻڏڻ واري مرحلي ۾ وڃڻ کان اڳ اونڌو ٿي رهيو هو ته اوندهه ۾ منهنجو ڏاڪڻ جي مٿين ڏاڪي تان پير ترڪي ويو هو ۽ ڪافي مٿاهينءَ تان ’مين انجڻ‘ جي سلينڊرن مٿان اچي ڪريو هوس.  پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري بيهوش ٿي ويو هوس. بعد ۾ صحيح ٿي وري ڊيوٽيون ڏيڻ لڳس پر گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا کن دنيا جي مختلف ملڪن جي اسپتالن ۾ علاج لاءِ ٽُلڪندو رهيس. ان کي به 35 سال ٿي ويا آهن...... پر اڄ به ڪڏهن ڪڏهن پير ٿاٻڙجڻ ڪري پٺيءَ جي ڪنڊي کي سَٽ اچي ويندي آهي ته پوءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ ٻئي کي هٿ ڏئي مسجد جا ٽي ڏاڪا چڙهڻو پوندو آهي. هڪ اهڙيءَ گهڙيءَ، ڀر واريءَ گهٽي  جي رهاڪوءَ، پنهنجي مئٽرڪ جي شاگرد پٽ کي مون سان ملائيندي هن کي چيو:” انڪل جهازن جو چيف انجنيئر ٿي رهيو آهي. هن پنهنجي دور جا وڏي کان وڏا بحري جهاز هلايا....“  هو مونکي ان حيرت مان ڏسندو رهيو جنهن سان آئون پنهنجن ٻن ساٿين کي ڏسي هنن ۽ پاڻ بابت سوچيندو آهيان ته ڇا واقعي اسان ايڏا دليريءَ جا ڪم ڪيا! 

No comments:

Post a Comment