Monday, September 28, 2015

پرديسَ ۾ پنهنجن سان ويجهڙائي. - الطاف شيخ

پرديسَ ۾ پنهنجن سان ويجهڙائي....
الطاف شيخ

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄام شورو جا ٽي سنڌي ڊاڪٽر مون وٽ آيا. هنن کي برونائي ۾ نوڪري ملي هئي جنهن سلسلي ۾ هنن ڪجهه ڳالهيون پڇڻ ۽ منهنجي صلاح وٺڻ چاهي ٿي. اٿڻ مهل پڇڻ لڳا: ”سائين اتي رهندڙ پاڪستانين مان ڪي توهانجا سڃاڻو آهن؟


”نه. ڪو سڃاڻو هن وقت ذهن تي نه اٿم پر بهتر آهي ته پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان گهڻو گهاٽو نه ٿجو.“ مون چيو مان.
”ڀلا پنهنجي ڳوٺ جا سنڌي هجن ته انهن سان ته ملون يا نه؟“ هنن پڇيو.
”انهن کان ته اڃان به پري رهجو“، مون چيو مان، ”ٻيو ته ٺهيو توهان پنهنجو پاڻ ۾ به فاصلو رکجو.“
منهنجي ان ڳالهه تي هنن کي بيحد حيرت لڳي ۽ ٿي سگهي ٿو پڙهندڙن کي به تعجب ٿيو هجي. پر پوءِ مون کين مختصر طور سمجھايو ته آئون ڪو کين اهو نٿو چوان ته هو پنهنجن سان منهن سُڄائي هلن...... يعني رُسي هلن. منهنجو مطلب اهو آهي ته پرديس ۾ گڏ رهڻ  يا هر وقت گڏ گڏ گهمڻ ۽ هڪ ٻئي وٽ گهڻو اچڻ وڃڻ کان پرهيز ڪندئو ته هڪ ٻئي سان پيار محبت قائم رهندوَ، نه ته ٻي صورت ۾ گهڻو ويجھو رهڻ ۽ هجتي ٿيڻ جي End Result روسامو ۽ غلط فهميون ٿيون ٿين.
”هڪ ٻي ڳالهه ته قدرت توهان کي هڪ نئين ملڪ ۾ ٽي سال کن رهڻ جو موقعو ڏئي رهي آهي ته ان مان فائدو وٺي توهان مڪاني ماڻهن سان دوستي رکجو جيئن توهان اتي جي زبان ۽ ٻيون ڳالهيون هنن کان سکي سگهو ۽ توهان مان ڪنهن جو مڪاني دوست ڪا اهڙي ڪم جي ڳالهه ٻڌائي ٿو ته توهان پنهنجن هم وطني دوستن کي به ان جو فائدو رسائي سگهو ٿا. ڇو جو آئون توهانکي اهو ته نٿو چوان ته اتي پهچي توهان ٽئي ڄڻا هڪ ٻئي سان ڪٽي ڪري ڇڏيو يا ڪو هم وطني پنجابي، پٺاڻ يا ڳوٺ جو سنڌي ملي ته توهان ٻئي پاسي کڻي منهن ڦيريو. آئون رڳو اهو ٿو چوان ته پنهنجن ۾ گهٽ چنبڙو، مڪاني ماڻهن جي گهڻو ويجھو وڃو جو هنن کي پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي وڌيڪ خبر آهي ۽ ٿي سگهي ٿو هو توهان جي مستقبل کي بهتر بنائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿين. ان کان علاوه اهو به چوندس ته توهان ٽنهي مان هر هڪ پنهنجا پنهنجا دوست ٺاهي. ائين نه ته توهان سڀ هڪ سان دوستي رکي پوءِ پنهنجو پاڻ ۾ پيا مقابلو ڪريو.........“
پرديس ۾ ڇا آهي جو هر هڪ مشغول آهي. هر هڪ تي پورهئي ۽ نوڪري جا pressure آهن. ڀلي کڻي ڪو توهانجي ڳوٺ جو هجي يا ڪنهن  مائٽ عزيز جي reference سان توهان هن سان واقفيت ڪئي هجي، هو توهان جي هڪ محدود ليول تائين مدد يا گائيڊ ڪري سگهي ٿو. هن سان وڌيڪ چَبي ٿيڻ تي هو بيزار ٿيو پوي ۽ اسانجو پرديس ۾ آيل نئون همراهه هن جي بي رخي ڏسي ڊپريشن ۾ هليو وڃي. آئون ته اهو چوندس ته پرديس ۾ ڪو توهان جي مورل سپورٽ ڪري ته اها به وڏي ڳالهه آهي. پئسي ڏوڪڙ، ماني ٽڪي يا رهائش جي ته ڪنهن مان اميد رکجي نه اهڙو ٿورو کڻجي.
ڪيترا دفعا ائين به ٿيو آهي ته ٻاهر نوڪري ڪندڙ ڪو ڊاڪٽر، انجنيئر يا پورهيت وڏي دل جو آهي ۽ هو کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي تي گهڻو خرچ ڪري ٿو جنهن کي ڏسي ڌاريون يا پنهنجي وطن جو محسوس ضرور ڪندو پر ڌارئين مان اهو فائدو آهي ته اها ڳالهه اتي جو اتي رهي ٿي پنهنجو ماڻهو ارادتاً يا غير ارادتاً توهانجي ڳوٺ تائين پهچايو ڇڏي. اڃان ڪالهه ئي ملائيشيا مان هڪ ڊاڪٽر ان ڳالهه جو ڏک ڪندي چيو ته هو پئسو بچائي ڳوٺ اچي گهر ۽ ڪراچيءَ ۾ هڪ عدد ڪلنڪ ٿو ٺاهڻ چاهي پر هتي نوڪري ڪندڙ سندس ڳوٺ جي همراهه سندس مائٽن کي اهو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هي بيحد ڪنجوس آهي وڏو پئسو اٿس. نتيجي ۾ سندس هر هڪ مائٽ کانئس قرض جي گُهرَ ڪندو رهي ٿو.
هڪ ٻي ڳالهه جيڪا پنهنجي سالن جي تجربي تي لکي رهيو آهيان ته پرديس ۾ جڏهن به ڪو هم وطني يا هم زبان ملي ٿو ته اسان take it granted سمجھون ٿا ته هو سؤ سيڪڙو اسانجو پنهنجو آهي، اسان سان وفادار رهندو ۽ هن جي هر ڳالهه اعتبار جوڳي هوندي. پر ائين ناهي. هو ڇا چوندا آهن ته پرديس۾ پنهنجي ديسَ جا ڪانگ به سهڻا لڳندا آهن سو پرديس ۾ هم زبان ۽ هم وطن سان ڳالهائيندي ۽ ويجھو ويندي دل ضرور ماندي ٿئي ٿي پر اها به حقيقت آهي ته پرديس ۾ گهڻيون ٺڳيون پنهنجا ئي ڪن ٿا چاهي انگلينڊ فرانس هجي يا آمريڪا ڪئناڊا هجي. آمريڪا ۾ هڪ همراهه پنهنجي نقصان ۾ ويندڙ پيٽرول پمپ مان جان ڇڏائڻ لاءِ  هڪ نئين آيل هم زبان کي ئي مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري وڪڻي ڇڏيو. هو نئون آيل پنهنجي ملڪ جي تڪليفن کان ڀڄي، پنهنجو الهه تلهه وڪڻي آمريڪا ۾ ڪو بزنيس ڪرڻ لاءِ پهتو هو ۽ هن پنهنجي ڪاليج جي دوست جي ڳالهين ۾ اچي عمل ڪيو ۽ پوءِ دوستي ته ختم ٿي وئي پر پئسو به ڦاسي ويس.
ڪئالالمپور ۾ گذريل ڏهن سالن کان رهندڙ سکر جي پروفيسر پنهنجي غم جو اظهار هن ريت ڪيو ته هن جي هڪ ملئي آفيسر سان دوستي هئي جنهن نمونو سمونو ڪري هن کي اتي جي شهريت (پاسپورٽ) وٺرائي ٿي ڏنو. ان جو  پروسيس هلي رهيو هو ته هن نيڪ نيتيءَ سان کڻي ڪئالالمپور ۾ رهندڙ سندس هڪ ڳوٺائي ڊاڪٽر سان ڳالهه  ڪئي. ڊاڪٽر جو ڏٺو ته پروفيسر کي ٿي مستقل رهائش (Permanent Residency) ملي سو پاڻ به اهي فارم ڀري اميگريشن آفيس ۾ ڏئي آيو. هنن کيس چيو ته توهان ان لاءِ qualify نٿا ڪريو. ان تي هو ماڳهين پروفيسر جو مثال ڏئي آيو ته هن جا ڪاغذ ته process ۾ آهن. بس وٺ پڪڙ ٿي. پروفيسر صاحب کي به disqualify ڪري ڇڏيائون. پوءِ ٻنهي کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته جيڪر هڪ جي ٿي وڃي ها ته پوءِ ٻيو پاڪستاني به هن ملئي آفيسر جي معرفت ڪرائي وٺي ها.
مون ڪڏهن ڌارئين ملڪ جو پاسپورٽ (شهريت) اختيار نه ڪئي پر آئون هر ملڪ ۾ ڏسندو هوس ته اسانجي ملڪ جا ماڻهو جيڪي اڳهين ان ڌارئين ملڪ جا شهري هوندا هئا اهي هرگز نه چاهيندا هئا ته ڪو اسان جهڙن ٻين کي ملي. هنن کي جيئن ئي کڙڪ پوندي هئي ته ٻئي جو پتو ڪٽرائي ڇڏيندا هئا. ڪاميابي فقط انهن کي نصيب ٿيندي هئي جيڪي پنهنجن کان پري رهيا ٿي ۽ هنن هر ڳالهه کي راز ۾ رکيو ٿي.
ملائيشيا جي شهر ”جو هور بارو“ جي هڪ اداري ۾ اسانجي ٽن چئن ڄڻن نوڪري ڪئي ٿي. هو گڏ گڏ رهيا ٿي ۽ گڏ گڏ آفيس ويا ٿي. انهن مان هڪ جيڪو ڦڏي باز قسم جوهو ۽ هن جي ملائيشيا ۾ دل نٿي لڳي اهو اهاني بهاني انتظاميه سان وڙهندورهيو ٿي. آخر هڪ ڏينهن هن کي نوڪريءَ کان جواب مليو ته ٻين کي به چيائين ته توهان به  مونسان ٻڌي ڪريو ۽ توهان به نوڪريءَ تان استيفا ڏيو ته هنن ملئي ماڻهن کي خبر پئجي وڃي. هنن گهڻو ئي چاهيو ته ائين نه ڪجي پر هو هن ڦڏي باز  جي اثر هيٺ ايترو ته هئا جو مجبورن استيفا ڏنائون. اداري جون في الحال وايون بتال ٿي ويون ته هڪ ئي وقت هيترا آفيسر ڇڏي ويا پر پوءِ هو ڌڪ پچائي ويا. وڏو خرچ ڪري انڊيا مان جلدي جلدي ماڻهو گهرايائون جيڪي ٿوري ئي  وقت ۾ ڪم سکي ويا ۽ اداري جو ڪاروبار هلڻ لڳو پر ان اداري اڄ ڏينهن تائين وري اسان جي ملڪ جي ماڻهوءَ کي نه رکيو آهي ۽ هوڏانهن اسانجا نوڪري ڇڏي ويل اڄ ڏينهن تائين ان بهترين نوڪريءَ کي ساري ۽ پڇتائي رهيا آهن. دراصل هر ماڻهوءَ جي پنهنجي طبيعت ٿئي ٿي ۽ پرديس ۾ هر هڪ ڪجهه نه ڪجهه حساس ٿيو پوي. هو پنهنجي اباڻي گهر ۽ وطن جا سُک ڇڏي ڌارئين ملڪ ۾ پهچي ٿو پوءِ هو جيتوڻيڪ اهوئي سمجھي ٿو ته پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهوءَ سان رهي هو بهتر محسوس ڪندو پر ائين ٿئي نٿو. ٿوري ئي عرصي ۾ هنن کي هڪ ٻئي جون عادتون يا فيصلا پسند نٿا اچن ۽ پوءِ اختلاف شروع ٿيو وڃن. ۽ انهن رنجشن جون خبرون ڳوٺ وارن کي به پوڻ شروع ٿيو وڃن. ۽ سندن روسامو نه فقط پرديس ۾ پر وطن موٽڻ تي به قائم رهي ٿو. توهان ڏسندئو ته ڪنهن يونيورسٽي جا ٻه پروفيسر پيار محبت سان گڏ گڏ تعليم لاءِ ولايت ويندا، واپسي تي اهڙو رسي ايندا جو اچڻ سان هڪ ٻئي جون گلائون پيا ڪندا.
پرديس ۾ ڪير کڻي ڪيترو به خبردار رهي پر ٿوري گهڻي کٽ پٽ ٿيو وڃي ۽ آئون هميشه اهو چوندو آهيان ته بهتر آهي ته مڪاني ماڻهن يا ڌارين ملڪن جي ماڻهن سان گڏ رهجي جيئن ڪا هلڪي ڦلڪي رنجش ٿي به پوي ته ملڪ ڇڏڻ وقت اها اتي ئي دفن ٿي وڃي ۽ اتي جا جهڳڙا پنهنجي ڳوٺ يا محلي ۾ نه کڻي اچجن. هونءَ ئي سفر اهڙي شيءِ آهي جو ٿڌي طبيعت جو صابر ماڻهو به ڪڏهن ڪڏهن چيڙاڪ ٿيو پوي ۽ ٻئي جي دل رنجايو وجھي. ٻيو ته ٺهيو پر جنهن زماني ۾ حاجين جا جهاز هلندا هئا ته ڪراچيءَ مان چڙهڻ وقت اسان جا حاجي سڳورا تسبيحون پڙهندا هلندا هئا ۽ هر هڪ ٽولي جا حاجي پاڻ ۾ عزت احترام ۽ محبت سان پيش ايندا هئا. پوءِ ٻه مهينا کن سعودي عرب ۾ رهي جڏهن موٽندا هئا ته واپسي جي سفر تي هر هڪ کي ٻئي لاءِ ڏک ۽ شڪايتون هونديون هيون........... ناراضگي جو هڪ سبب خريد ڪيل اڻ ميو سامان به هوندو هو جنهن جي رکڻ لاءِ کين جاءِ نه پئي ملندي هئي!
پرديس ۾ پنهنجن بدران ڌارين سان دوستي رکڻ لاءِ آئون ان ڪري به چوندو آهيان ته جيئن ٻين ملڪن ۽ زبانن جي ماڻهن جي به ڄاڻ ٿي سگهي، پنهنجا ته هونءَ به پنهنجا آهن. ڪم پوڻ تي هنن وٽ ڪنهن وقت به وڃي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ڌارين جي ويجهو رهڻ سان انهن جون سٺيون ڳالهيون به سکي سگهجن ٿيون.
بهرحال هي منهنجا views آهن. توهان جو ڪو دوست يا مائٽ ٽي چار سال کن ٻاهر رهي آيو هجي ته ان کان به راءِ وٺي سگهو ٿا ته منهنجو مشاهدو ڪيتري حد تائين صحيح آهي.


No comments:

Post a Comment