Monday, September 28, 2015

سياستدانن جا چرچائي بيانَ - الطاف شيخ

سياستدانن جا چرچائي بيانَ
الطاف شيخ

ڌارئين زبان سکڻ تمام سٺي ڳالهه آهي. اسين سنڌي خوش نصيب آهيون جو اسانکي ٽي زبانون ته اچن ئي اچن ٿيون. پنهنجي مادري زبان (سنڌيءَ) کان علاوه اڙدو ۽ انگريزي پڻ. ڪيترن کي ته پنجابي به اچي ٿي. اسان جي صدر آصف زرداريءَ کي ننڍي هوندي ته پنجابي ڪانه ايندي هئي شايد جيل ۾ سکي ويو جنهن مان کيس اهو فائدو ٿئي ٿو ته پنجاب ۾ هو جڏهن هنن جي زبان ۾ تقرير ڪري ٿو ته ماڻهو خوش ٿين ٿا. منهنجو والد (مرحوم گل محمد شيخ) هميشه مونکي ڌارئين زبان سکڻ لاءِ چوندو هو ته ”هر زبان ته نه، پر گهٽ ۾ گهٽ اهو ملڪ جنهن ۾ ٻن سالن کان مٿي رهڻ جو پروگرام رٿين، ان جي زبان ضرور سک“


ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪنهن به ملڪ  جي زبان ڄاڻڻ سان اتي جا مڪاني ماڻهو وڌيڪَ عزتَ ۽ خيالُ ڪن ٿا ۽ پرديسَ ۾ زندگي گذارڻ آسان ٿيو پوي. توهان  کي هو پنهنجين غمين خوشين ۾ شامل ڪن ٿا. خاص ڪري هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ مونکي وڏو فائدو رسي ٿو جو مڪاني ماڻهو، پنهنجيون ڪيتريون ئي ڳالهيون، مسئلا، سوچون، عقيدا ۽ خوف بنا ڪنهن رک رکاءَ جي مونسان Share ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي  جو مون جپان ۽ ملائيشيا تي گهڻا ڪتابَ لکيا آهن. جهاز هلائڻ دوران پنهنجن جونئرن کي ۽ ڪناري جي نوڪري ۾ پنهنجن شاگردن کي آئون به اهوئي چوندو رهيو آهيان ته وڌيڪ زبانون سکو...... خاص ڪري اهي زبانون جيڪي گهڻن ملڪن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. سوڊاني يا مصري ماڻهو اسان پاڪستانين کان ڪي وڌيڪَ قابل نه آهن پر عربي زبان جي ڄاڻ ڪري هنن کي هر عرب ملڪ ۾ آسانيءَ سان نوڪري مليو وڃي. اسان مسلمانن لاءِ ته عربي زبانَ تمام گهڻي اهميتَ رکي ٿي ۽ ڳالهائي به تمام گهڻن ملڪن ۾ وڃي ٿي. ملئي زبانَ ادبي خيالَ کان ايتري امير ناهي پر ملائيشيا کان علاوه انڊونيشيا، سنگاپور، برونائي، ڏکڻ ٿائلنڊ ۽ ڏکڻ فلپين ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. اهڙي طرح اهي جهازران جيڪي وچ ۽ ڏکڻ آمريڪا ڏي جهاز هلائين ٿا انهن کي کپي ته هسپانوي (Spanish) زبانَ سکن جو وچ آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي سڀني ملڪن ۾ هسپانوي ڳالهائي وڃي ٿي، ويندي USA جي ڏاکڻين رياستن: ٽيڪساز، نيوارلينس وغيره ۾ پڻ. آفريڪا ۾ انگريزي بعد فرينچ هلي ٿي. ڏور اوڀر پاسي جپاني ڄاڻڻ واري کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. جپاني ڳالهائڻ ۾ سولي ۽ سرائڪيءَ وانگر سريلي آهي. ڪيترا ماڻهو جپاني لکڻي مان اهو سمجھن ٿا ته اها ڳالهائڻ ۾ چيني زبانَ وانگر آهي. پر ائين ناهي. جتي جپاني زبان ۾ هر لفظ ڪا شڪل (کانجي)آهي اتي اسان جهڙن ڌارين جي سهولت لاءِ آوازن   واري  ڪاٽاڪانا ۽ هراگانا لکڻيون پڻ آهن. جپاني ڳالهائڻ ۾ ان ڪري سولي آهي جو جپانيءَ جي هر لفظ ۾ڪانسوننٽ پويان Vowel آهي. توهان جپاني زبانَ جي ڪو به لفظ کڻي ڏسو توهانکي هر ڪانسوننٽ پويان Vowel نظر ايندو. مثال طور سوزوڪي، ياشيڪا يا سانيو ڏسو ته اهو Vowels سان ڀريو پيو آهي. ان ڪري جپاني لفظ اُچارڻ سولا آهن.
هڪ ٻي ڳالهه جوبه اظهار ڪندس ته ڪا به زبان سکو ته اها چڱيءَ طرح سکو ۽ ڪا به شيءِ بنا محنت جي حاصل نٿي ٿئي. پاڪستان ۾ ۽ هر ملڪ ۾ ڌارين زبانن سکڻ جا ٽيوشن سينٽر آهن جن مان مون ڏٺو آهي ته ڪيترا شاگرد ٻن هفتن يا مهيني جو ڪورس ڪري مليل سرٽيفڪيٽ يا ڊپلوما ڏيکاري پيا خوش ٿيندا ته اسان جرمن، فرينچ يا عربي سکي آهي. آئون اهو چوندس ته انهن ڪاغذن جي ڪا Value ناهي. ڪم جي شيءِ اها آهي ته توهان سکيل زبان ڦر ڦر (Fluently) ڳالهائي به سگهو ٿا يا نه؟ ڪيترا مون اهڙا شاگرد ڏٺا جيڪي عربي زبان ۾ M.A ڪرڻ بعد به ڪنهن عرب جي ٻن جملن کي نٿا سمجيو سگهن! اوساڪا يونيورسٽي جي سنڌيءَ جي پروفيسر ڪينساڪو ماميا کي شابس ڏيندو آهيان جيڪو جپاني شاگردن کي سنڌي پڙهائي ٿو ۽ اسان سنڌين سان به نه رڳو تڪڙو ڳالهايو وڃي پر سنڌي ۾ چرچا ڀوڳَ به ڪري ٿو. جيتوڻيڪ هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان فقط ايم فِل ڪئي آهي.
جهاز تي Sail ڪندڙ هڪ جونيئر کي چيم ته ”سڄو ڏينهن ڪمپيوٽر تي فلمون ٿو ڏسين. ان کان بهتر آهي ته جنهن ڊچ جهازران ڪمپني ۾ آهين انهن جي زبان کڻي سک“
”سر! جيسين ڪنهن ڇوڪريءَ سان عشق نٿو ٿئي تيسين زبان سکڻ تي دل نٿي چوي.“ هن جواب ڏِنو.
”ته پوءِ هاڻ جهاز ٻه مهينا کن ڪولمبو (سري لنڪا) ۾ هلي بيهندو.... سنهالي سکي وٺجانءِ.“ مون چيو مانس
”نه هاڻ ٻي زبان ۽ ٻي عشق جي ضرورت ناهي. مونکي اوڏڪي زبان اچي ٿي ۽ اوڏ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ وارو آهيان.“
اها ٽيهارو سال اڳ جي ڳالهه آهي. ڪئپٽن امر چند اڄ ڪلهه نيوزيلئنڊ ۾ رهي ٿو ۽ سندس اوڏ زال مان ٽي ٻار جوان به ٿي ويا آهن.
ملائيشيا ۾ پڙهائڻ دوران شاگردن کي فارين زبان سکڻ جي تلقين ڪندي ڪڏهن ڪڏهن ”ڪوئي ۽ ٻليءَ“ جو لطيفو به ٻڌائيندو آهيان ته هڪ ٻلي اچي ڪوئي جي پٺيان لڳي. ڊوڙائي ڊوڙاني ٿڪائي رکيائينس، آخر ڪوئي ڇا ڪيو جو هڪ پيتيءَ پويان لڪي ڪتي جي آواز ۾ ڀونڪار ڪئي ”ڀؤن ڀؤن ڀؤن“
ٻلي اهو ٻڌي ڊڄي وئي ۽ پويان پير ڪري ڀڄي وئي. ڪوئو هٿ ڇنڊي ٻاهر نڪتو ۽ چپن تي مرڪ آڻي چيو: ”واقعي ڌارئين زبان سکڻ مان فائدو آهي!“
سو ٻئي جي زبان ضرور سکجي. آئون ان جي حق ۾ آهيان پر ان ڏينهن درٻيلي جي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم سان گڏ ويٺو هوس ته ان وقت وزير اعليٰ صاحب جو ٽي وي تان اهو بيان هلي رهيو هو  ته سنڌ جي اسڪولن ۾ هاڻ چيني زبان به سيکاري ويندي. اهو ٻڌي اسان ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويو. اسان جي کلڻ جو سبب توهان شايد اهو سمجھي رهيا هجو ته اسان اهو بيان ٻڌي سوچيو هجي ته سنڌ جي اسڪولن ۾ شاگرد صحيح طرح سنڌي به نٿا پڙهن. انگريزي پڙهي اڪ ڪارا ڪيائون هاڻ وري دنيا جي ڏکي ۾ ڏکي زبان چيني سکندا. جي ها! توهان جي اها ڳالهه به صحيح آهي پر اسان کي اڄ کان چاليهه ٻائيتاليهه سالَ اڳ جو زمانو ياد اچي ويو جڏهن اسان تازو جهاز جي نوڪري شروع ڪئي هئي ۽ اسانجو جهاز چين جي بلڪل ڏکڻ اوڀر واري هڪ بندرگاهه فانگچيانگانگ ۾ هو. مائو جو زمانو هو. اسان ڌارين کي گهمڻ ڦرڻ جا اجازت نه هئي سو ڪئپٽن مخدوم (جيڪو انهن ڏينهن ۾ ڊيڪ ڪئڊٽ هو ۽ آئون جونئر انجنيئر) ٻنهي گڏجي اتي جي ماڻهن کان ڪجهه چيني زبان جا جملا سکيا ڇو جو اسان کي ٻڌايو ويو هو ته هاڻ هر سفر ۾ اسانجو جهاز ملائيشيا، جپان ۽ ڪوريا سان گڏ چين  به ويندو رهندو.
 ٻئي دفعي اسان جو جهاز چين جي ٻئي بندرگاهه شنگھائي پهتو. اتي جي  ماڻهن سان اسان چيني زبان ڳالهائي ته سمجھن ئي نه! اسان جي پڇيل انگريزي جملن جا هاڻ هنن ٻيا چيني جملا ٻڌايا. اسان اهي خوب رٽيا. ٽيو دفعو اسان جو جهاز چين ۾ ضرور آيو پر بلڪل اتراهين بندرگاهه ڊاليان ۾. اتي جي ماڻهن سان جڏهن ياد ڪيل چيني جملا ڳالهاياسين ته خبر پيئي ته هو بلڪل نٿا سمجھن. نه شنگهائي وارا ياد ڪيل جملا ۽ نه فانگچينگانگ وارا! پوءِ اسانکي اتي رهندڙ يونيورسٽي جي هڪ انگريز پروفيسر ٻڌايو ته سڄي چين ۾ ڪا هڪ چيني زبان ناهي. هتي ننڍيون ننڍيون سوين زبانون آهن پر وڏيون جيڪي هڪ ڪروڙ کان به مٿي ماڻهو ڳالهائين ٿا اهي به پنجاهه کن آهن !
ملائيشيا ۾ ڏسڻ ۾ ايندو ته جڏهن چار پنج چيني گڏ وهن ٿا ته هو انگريزي يا ملئي زبان ۾ ڳالهائين ٿا ڇو جو ضروري ناهي ته هنن جو چين جي ساڳئي صوبي سان تعلق هجي. چين جي هر صوبي ۽ علائقي جي مختلف چيني زبان آهي. سو اسان جي وزير اعليٰ جو بيان ٻڌي اسان کي ان تي کل آئي ته جيڪا ڳالهه اسان کي 40 سال کن اڳ سمجھه ۾ اچي وئي اها اسان جي صوبي جي سربراهه کي اڃان نه آئي آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته جيئن اردو ۽ هندي زبان سمجھڻ وارو هڪ ٻئي سان ڳالهائي ته سگهي ٿو پر هڪ ٻئي جي لکڻي پڙهي نٿو سگهي ڇو جو اڙدو ۽ هندي لکڻي جدا جدا آهي. ملائيشيا ۾ هَڪا، ٽيوچو ۽ هُڪين چيني زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. سنگاپور جي چئن قومي زبانن مان جيڪا هڪ چيني زبان آهي اها منڊارين سڏجي ٿي. هانگ ڪانگ جي چيني زبان ڪئنٽونيز آهي (جيڪا  چين جي گئانگ ڊانگ ۽ گئانگزي صوبن جي زبان آهي)، اهڙي طرح Wu نالي چيني زبان آهي، چئانگزي صوبي جي Gan نالي چيني زبان آهي جيڪا پنج ڪروڙ چيني ڳالهائين ٿا. اهڙي طرح ٻيون چيني زبانون آهن جيڪي ڳالهائڻ ۾ مختلف آهن پر سڀني جي لکت ساڳي آهي. ڇو ته چيني زبان ۾ هر لفظ شڪل آهي. اها ڳالهه ائين سمجي سگهو ٿا ته مثال طور سج جي شڪل ٺاهڻ ته هرڪو سمجھي سگهي ٿو ته اهو سج آهي پر اسان سنڌي ان شڪل کي ڏسي  سج يا سڄ سڏينداسين، اڙدو ڳالهائڻ وارو سورج، سنسڪرت وارو ثوريا، انگريز ان کي ڏسي سن چوندو، عرب شمس چوندو ته ايراني آفتاب...... وغيره. پر ڳالهه اها آهي ته ڪا به چيني زبان ڳالهائڻ ئي ڏکي ڳالهه آهي لکڻ ته ٿيو بيحد مشڪل ڪم. اسانجو ماڻهو انگريزيءَ جي 26 اکرن ۽ سنڌيءَ جي 52 اکرن ۾ ئي ڦاٿو رهي ٿو تنهن ۾ آهي ايتري همت جو ٿوري گهڻي چيني پڙهڻ لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار شڪيون ياد ڪري؟ هونءَ ته چيني زبان جو ڄاڻو يا ماستر پروفيسر سڏائڻ لاءِ اٽڪل پنجاهه هزار شڪليون ياد ڪرڻ ضروري آهن.

جيئن اسان وٽ پاڪستان ۾ صوبن جي حساب سان  سنڌي، بلوچي، پجابي، پشتو وغيره زبانون آهن تيئن چين ۾ تيرهن کن زبانون ته ائين صوبن جي حسابَ سان آهن. جن  مان گهڻي کان گهڻي منڊارين آهي جيڪا 85 ڪروڙ چيني ڳالهائين ٿا. ان بعد Wu نالي چيني زبان آهي جيڪا شنگهائي ۾ ۽ جيسانگسو صوبي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. تائيوان وارو چيانگ ڪائي شيڪ جي مادري زبان به وو (Wu) هئي. ڪئنٽونيز چيني زبان آهي جيڪا Yue يا Yueh  به سڏجي ٿي ۽ ست ڪروڙ ماڻهو ڳالهائين ٿا. اهڙي طرح Min نالي چيني زبان آهي جيڪا پنج ڪروڙ ماڻهو ڳالهائين ٿا ڪن ڪن چيني زبانن جا ڪجهه ٽرمس ۽ لفظ پاڻ ۾ ضرور ملن ٿا. پر اهو آهي ته سڀ چيني زبانون Tonal آهن يعني ساڳيو لفظ  مختلف لهجي ۽ اچارڻ جي نموني سان چار پنج معنائون به رکي ٿو پوءِ ان حسابَ سان ساڳي لفظ جون لکڻ ۾ مختلف شڪليون آهن. يعني ڳالهائڻ ۾ ڪنهن لفظ جي صحيح معنيٰ جي خبر نه پوي ته ان جي شڪل ڏسي يعني لکت ۾ اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اها ڳالهه ا سان جي زبانن ۾ جيڪي فونيٽڪس آهن مشڪل آهي. مثال جي ڳالهه سنڌي جو هڪ لفظ وَٽُ کڻو جنهن جون ڪيتريون ئي معنائون آهن جهڙوڪ ڌاڳي کي وٽ ڏيڻ، پيٽ ۾ وٽ پوڻ، تور لاءِ ساهمي ۾ وٽ وجھڻ، تبرڪ طور مهمانن کي وٽ ڏيڻ وغيره پر سڀني شين لاءِ لکڻ ۾ به هڪ ئي نموني جو لفظ آهي. ڪنهن ڪنهن زبان ۾ لکڻ ۾ ٿورو فرق رکيو ويو آهي جيئن انگريزي جو لفظ ناٽ آهي جيڪو Not، Naught، Knot وغيره لکيو ٿو وڃي.
شروع جي ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ يا سنگاپور ۾ ڪا چيني فلم ڏسندا هئاسين ته ان جا sub Titles انڊين فلمن وانگر انگريزي بدران چينيءَ ۾ ئي لکيل ڏسي اسان کي حيرتَ ٿيندي هئي. مونکي ياد آهي ته سنگاپور جي State سئنيما هال ۾ مون ڀر ۾ ويٺل هڪ همراهه کي چيو هو: جڏهن چيني فلم آهي ته هيٺ به چينيءَ ۾ ڇو لکيل آهي؟ شايد ٻوڙن لاءِ ڇا جيڪي ٻڌي نٿا سگهن؟
ان تي هن مونکي ٻڌايو ته فلم ٽيوچو چيني زبان ۾ آهي جيڪا فقط ٽيوچو ڳالهائڻ وارا سمجھي سگهن ٿا پر هال ۾ اڌ کان وڌيڪ منڊارين، ڪئنٽونيز، هُڪين، هَڪا، گان، دنگان (چيني مسلمانن جي زبان)، زيانگ ۽ ٻيون چيني زبانون ڳالهائڻ وارا ويٺا آهن جن جي سمجهڻ لاءِ سب ٽائٽل لکت ۾ ڏنا ويا آهن.
بهرحال الله ڪنهن کي همت ۽ توفيق ڏئي ته هو ڀلي چين جي ڪا چيني زبان سکي. چين هڪ وڏو ملڪ آهي. اڄ ڪلهه هن جو بزنيس سڄي دنيا سان آهي، اسانجو پاڙيسري ۽ دوست ملڪ آهي پر ڪا به ڌارئين زبان سکڻ کان اڳ پنهنجي ملڪ جي زبان ۽ انگريزي (جنهن ۾ اسانجي ملڪ جو ڪاروبار دنيا سان هلي ٿو ۽ هڪ پٽيوالي کي آفيس مان موڪل ڪرڻ لاءِ به انگريزيءَ ۾ درخواست ڏيڻي پوي ٿي) ۾ ڀڙ هجڻ ضروري آهي. ٻي ڳالهه ته توهان جو چين جي جنهن حصي يا صوبي سان واسطو هجي ـــ تعليم، نوڪري يا بزنيس جي سلسلي ۾ ته ان صوبي جي زبان سکجي. ڪئنٽونيز سکڻ بعد توهان کي ڪئنٽن يا هانگ ڪانگ ۾ ته رهڻ ۾ مزو ايندو پر پاڪستان جي اتر واري چين ڪاشغر وغيره ۾ توهان جي اها چيني ڪنهن کي به سمجھ ۾ نه ايندي.

ڪجهه ڏينهن اڳ (نومبر جي مهيني ۾) عدنان رنڌاوا جو جنگ اخبارَ ۾ وزير اعليٰ سنڌ جي بيان جي سلسلي ۾ هڪ ڪالم هو. پاڻ چين ۾ سفارتڪار به ٿي رهيو آهي.  بقول هن جي هن سڀ ڪم ڪار ڇڏي ٻه سالَ لڳاتار چيني سکڻ جي ڪوشش ڪئي پوءِ وڃي جهڙي تهڙي ڳالهائڻ سکيو ۽ هن جي چواڻي چيني زبان دنيا جي مشڪل ترين زبان آهي. هن لکيو آهي ته حڪومت سنڌ جي ان بيانَ تي حيرت ٿي ته سنڌ ۾ چيني زبان کي نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو. پر ان سان گڏ اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته اهو ڪيئن ٿيندو؟ چيني زبانَ کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ ڪو کنڊ جو اگهه وڌائڻ ته ناهي جيڪو وزير اعليٰ صاحب کاٻي هٿ سان ڪري سگهي. انگريزي ته اسان پنهنجن ٻارن کي سيکاري نه سگهياسين جنهن جي سکڻ جا موقعا چيني زبان جي نسبت ايترا ته گهڻا هئا جو مقابلو ئي نٿو ڪري سگهجي.
بهرحال ڪجهه سالن اندر چيني زبان کي اسڪولن ۾ متعارف ڪرائڻ جو حڪومت سنجيده ارادو رکي ٿي ته سوچڻو پوندو ته هزارن جي تعداد ۾ چيني سيکارڻ وارا استاد ڪٿان ايندا؟ جيڪڏهن چين هزارن جي تعداد ۾ ٽيچر به موڪلي ته انهن لاءِ بي پناهه وسائلن جي ضرورت پوندي، اهي ڪٿان ايندا؟ ڇا ان ڪم لاءِ به پاڪ چيني دوستي جو نعرو هڻي پنڻ جو ارادو آهي.




No comments:

Post a Comment