Wednesday, September 09, 2015

وائيٽ هائُوس ۽ پريزيڊنٽس پارڪ - ياسر قاضي

وائيٽ هائُوس ۽ پريزيڊنٽس پارڪ
پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 32
ياسر قاضي
هن سفرنامي جي پوئين ڀاڱي ۾ اسان ويتنام جنگ ۾ مارجي ويل ۽ گم ٿي ويل فوجين جي ياد ۾ ٺهيل ”ويتنام ويٽرنس ميموريل“ تفصيل سان گھميو. هي يادگار گھمڻ کان پوءِ اسان هڪ ڊگھي راهداريءَ سان هلندا، پنهنجي ڪوسٽر جي پارڪنگ واريءَ جاءِ تائين پهتاسين، هن راهداريءَ جي ٻنهي پاسن کان پنن کان وانجھيل وڻ بيٺل هئا، جن تي ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ پن لڳڻ وارا هئا ۽ واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ ”چيري بلاسم“ جي حسين رت جي شروعات ٿيڻ واري هئي. ان راهداريءَ تان گذرندي اسان جي گائيڊ ”ايليڪسي سوچينڪو“ اسان کي ويتنام جنگ جي هن يادگار بابت وڌيڪ تفصيلن کان آگاهه ڪيو، جنهن پڄاڻان اسين سڀ ڪوسٽر ۾ سوار ٿي امريڪي صدر جي سرڪاري گھر، ”وائيٽ هائُوس“ ڏانهن روانا ٿياسين. امريڪا ۾ جڳهن جا نالا به ڏاڍا منفرد آهن. بظاهر عام فهم ۽ هر ڪنهن کي سؤلڙائيءَ سان سمجھه ۾ ايندڙ، پر دراصل انهن ۾ وڏي حڪمت ۽ دانائيءَ سان ”ڪا اُونهي ڳالهه اسرار جي“ چيل! امريڪي صدر جي رهائش واري جاءِ کي ”دِي وائيٽ هائُوس“ چون. امريڪي دفاع واري وزارت (امريڪي جِي ايڇ ڪيُو) کي ”پينٽاگون“ چون (”پينٽاگون جو مطلب به ”پنج ڪُنڊو“ آهي ۽ پينٽاگون جي عمارت جو نقشو به پنج ڪُنڊو آهي) ته امريڪي صدر جي سرڪاري آفيس واري ڪمري کي ”اوول آفيس“ چون. ”اوول“ جي معنى به ”بيضوي“ آهي ۽ هن دفتر جو نقشو به بيضوي (آني واري) شڪل جو ٺهيل آهي. امريڪا ۽ يورپ ۾ اهڙا ڪئين مثال آهن ته جڳهن، روڊن، رستن، چؤڪن، چؤبانن ۽ ان جهڙن ٻين يادگارن جا نالا يا ته انهن جي شڪلين تي رکيل آهن، يا وري انهن جي رنگن تي! ان کان اڳ جو اسان جي ڪوسٽر واشنگٽن جي روڊن تي تيزيءَ سان ڊوڙندي ”وائيٽ هائُوس“ پهچي، تيسين اوهان کي ”وائيٽ هائُوس“ تي اهو نالو پوڻ جو سبب ۽ تاريخي پسمنظر ٻُڌايان. اصل ۾ امريڪا جي صدر لاءِ جوڙايل هي گھر (صدارتي محل) نهايت پراڻو آهي، جنهن کي برطانوين پاران 1812ع ۾ شروع ٿيل جنگ ۾ 1814ع ۾ باهه ڏئي ساڙيو ويو هو. جنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ جڏهن هن عمارت جي مرمّت ۽ اصلوڪيءَ حالت ۾ بحاليءَ وارو اڏاوتي ڪم ٿيو ته باهه جي دُونهي ۾ دُونهاٽيل ۽ داڳيل، هن صدارتي محل جي پٿر جي ڀتين کي اڇو رنگ ڏنو ويو، پر ان مرمت کان پوءِ به وڏي عرصي تائين هن محل کي ”وائيٽ هائُوس“ ڪونه سڏيو ويو. هن کي ان نالي سان تڏهن سڏيو وڃڻ لڳو، جڏهن 1901ع ۾ تڏهوڪي امريڪي صدر ”ٿيوڊور روزيويلٽ“ پنهنجي صدارتي محل جي اسٽيشنريءَ جي سامان تي پهريون ڀيرو لفظ ”وائيٽ هائُوس“ ڇپرائي هن محل تي اهو نالو پڪو ڪيو، جنهن کان پوءِ هي گھر ”وائيٽ هائُوس“ جي نالي سان ئي سڏجڻ ۽ سُڃاڻجڻ لڳو.


اسان کي ڪوسٽر ۾ ويتنام جنگ جي شهيدن جي يادگار کان وائيٽ هائُوس تائين پهچندي ڪو گھڻو وقت ڪونه لڳو ۽ اسين امريڪي صدارتي محل جي حدن اندر داخل ٿي وياسِين. هي ”وائيٽ هائُوس“ جو پويان وارو حصّو آهي، جيڪو ”وائيٽ هائُوس“ جي ڏکڻ ۾ آهي، جنهن کي ”پريزيڊنٽس پارڪ“ وارو پاسو چيو وڃي ٿو، جيڪو عوام لاءِ کليل آهي. ”وائيٽ هائُوس“ جو سامهُون وارو (اتريون) روڊ (ايڇ اسٽريٽ، ”پينسلوينيا ايوينيو“) بذاتِ خود صدر جي اچ وڃ لاءِ استعمال ٿيندو آهي ۽ عام اچ وڃ لاءِ بند آهي. ”وائيٽ هائُوس“ جي اوڀر ۾ ”ففٽينٿ (15هين) اسٽريٽ“ جڏهن ته اولهه ۾ ”سيونٽينٿ (17هين) اسٽريٽ“ آهي. اسان جي ڪوسٽر ”وائيٽ هائُوس“ کان ٿورو پرڀرو پارڪ ٿي، جتان اسين پنڌ هلندا اچي پريزيڊنٽس پارڪ واري پاسي کان اُن لوهي گرل وٽ اچي بيٺاسين، جتان ”وائيٽ هائُوس“ جي ڏاکڻين حصّي جو صاف ۽ واضح نظارو ٿي رهيو هو، پر هتان ڪڍجندڙ تصويرن ۾ ”وائيٽ هائُوس“ ۽ ڪئميرا جي اک جي وچ ۾ اهي لوهي گِرل واريُون شِيخُون حائل هيون، پر ٿوريءَ دير کان پوءِ اسان ان جُوءِ ۾ اهي لوڪيشنس (ڪُنڊُون) ڳولهي لڌيُون، جتان ”وائيٽ هائُوس“ (اڇي ماڙِيءَ) جي پوري عمارت مُڪمّل طور ڪئميرا جي اک ۾ سمائجي پئي سگھي. اسان جي گائيڊ ”سوچينڪو“ ٻڌايو ته ”وائيٽ هائُوس“ تي امريڪا جو جھنڊو ڦڙڪڻ جو مطلب آهي ته هن وقت امريڪي صدر اندر موجُود آهي. مُون پنهنجو موبائل فون ڪڍي، چرچو ڪندي مائي اينان (مسز اين هارٽمين) کي چيو ته: ”هڻانس مِسڊ ڪال اوباما کي؟ ته آيا آهيُون تُنهنجي گھر.. تُون ڪٿي لِڪو ويٺو آن!؟“ مائي اينان مُنهنجي چرچي سان سُر ۾ سُر ملائيندي پنهنجي مخصُوص انداز ۾ چيو: ”او رِيئلي..!؟“ اسان جا اهي چرچا به جاري رهيا ته تصويرڪشيءَ جو دؤر به هلندو رهيو. اسان جا گھڻا تڻا ساٿي هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا ۽ ”وائيٽ هائُوس“ جي مختلف زاوين کان تصويروگرافي ڪرڻ لڳا. مائي اينان مُون کي ”وائيٽ هائُوس“ جي مٿان ويٺل سيڪيورٽي گارڊس ڏيکاريا، جيڪي مختلف زاوين کان پنهنجيُون بندُوقون سڌو ڪيُون ايترو تيار (الرٽ) ويٺا هُئا، جهڙوڪر بس اجھو ”وائيٽ هائُوس“ تي حملو ٿيڻ وارو هجي. گائيڊ ٻڌايو ته انهن گارڊس (سنائيپرس) جو ايترو الرٽ ويٺل هجڻ جو مقصد پڻ اوباما جي وائيٽ هائُوس اندر موجُودگي آهي. اوهان کي ٻُڌائيندو هلان ته وائيٽ هائُوس ڪامپليڪس جي سيڪيورٽيءَ جُون ذميواريُون ”يُونائيٽيڊ اسٽيٽس سِيڪريٽ سروس“ ۽ ”يُونائيٽيڊ اسٽيٽس پارڪ پُوليس“ جي بلي هونديُون آهن. 2005ع ۾ جڏهن وائيٽ هائُوس مٿان جهازن جي بمباريءَ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، تڏهن ”نارويجين ايڊوانسڊ سرفيس ٽُو ايئر ميزائيل سسٽم“ رستي انهن جهازن کي تباهه ڪري ڪيرايو ويو هو. ان حملي جو پتو اڳواٽ پوڻ سبب وائيٽ هائُوس کي بروقت خالي ڪرايو ويو هو، جنهن سبب ڪوبه جاني نقصان ڪونه ٿيو ۽ امريڪي انٽيليجنس سيڪيورٽيءَ پنهنجي مُستعديءَ جو اعلى مثال قائم ڪري ورتو هو. ان نارويجين جهاز ڪُش سسٽم کي ان واقعي کان پوءِ کان وٺي اڄ تائين وائيٽ هائُوس ۽ ان جي پسگردائيءَ جي فضائن جي سيڪيورٽيءَ جي ذميواري ڏنل آهي ۽ تڏهن کان وٺي، حفاظتي اُپاءَ طور وائيٽ هائُوس ۽ ان جي پسگردائيءَ جي فضائن ۾ جهاز اڏائڻ (ايوي ايشن سرگرمي) منع آهي. اهڙن ئي حفاظتي اُپائن طور ”وائيٽ هائُوس“ جي سامهُون وارو روڊ (پينسلوينيا ايوينيُو) سرڪاري گاڏين کان سواءِ هر قسم جي ٽرئفڪ لاءِ بند آهي. اهو به ٻڌندا (پڙهندا) هلو ته 2005ع جي ان حملي کان اڳ به ٻه ڀيرا وائيٽ هائُوس، هوائي حملن يا حادثن جو شڪار ٿيو آهي. پهريون ڀيرو 1974ع ۾ هڪ اغوا ٿيل (يا ڪن تذڪرن مُوجب چوري ٿيل) هيليڪاپٽر اوچتو اچي وائيٽ هائُوس اندر لينڊ ڪيو، جڏهن ته ٻيو ڀيرو ان حادثي کان ٺيڪ 20 سال پوءِ هڪ ننڍو جهاز، وائيٽ هائُوس جي حدن اندر ڪريش ٿي ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جو پائلٽ ٿڏي تي ئي مري ويو هو. اوهان کي انهن رهائشگاهن جي باري ۾ به ٻڌائيندو هلان، جن ۾ وائيٽ هائُوس کان اڳ مختلف امريڪي صدر رهائش پذير رهيا. ڪنهن به امريڪي صدر جي پهرين رهائشگاهه، نيُويارڪ جي علائقي ”مينهٽن“ ۾ قائم ”سيميُوئل اوسگُڊ هائُوس“ هئي، جنهن ۾ پهريون امريڪي صدر ”جارج واشنگٽن“ اپريل 1789ع کان فيبروري 1790ع تائين رهيو. واشنگٽن وري گھر مٽايو ۽ فيبروريءَ کان آگسٽ 1790ع تائين مينهٽن، نيُويارڪ ۾ ئي ”اليگزينڊر ميڪمب هائُوس“ ۾ رهيو. ٽيون صدارتي محل، امريڪا جي پهرين گاديءَ واري شهر، فلڊيلفيا (رياست: پينسلوينيا) ۾ ”پريزيڊنٽس هائُوس“ نالي قائم ٿيو، جنهن ۾ نومبر 1790ع کان مارچ 1797ع تائين، واشنگٽن، جڏهن ته مارچ 1797ع کان مئي 1800ع تائين ٻيو امريڪي صدر، ”جان ايڊمس“ رهيو. جنهن بعد ”گورنمينٽ هائُوس نيُويارڪ“ 1790ع کان 1791ع تائين امريڪي صدر جي چوٿين گھر طور ٺهي ئي رهيو هو، ته ان وچ ۾ صدر جو سرڪاري گھر فلڊيلفيا شفٽ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، ان ڏس ۾ پنجون سرڪاري گھر پينسلوينيا رياست جي شهر فلڊيلفيا ۾ 1790ع واري ڏهاڪي ۾ امريڪي صدر جي مستقل رهائش طور ٺهيو، پر ان ۾ به نه واشگٽن رهي سگھيو، نه ڏاڏو آدم (ايڊمس). ايڊمس کي وائيٽ هائُوس جي پهرين مڪين طور رهڻ نصيب هو.
”وائيٽ هائُوس“ (جنهن کي اردوءَ ۽ فارسيءَ وارا ”قصرِ سفيد“ به چوندا آهن) اڄ کان 222 سال اڳ 13 نومبر 1792ع تي تعمير ٿيڻ شرُوع ٿيو ۽ پهرين نومبر 1800 تائين جُڙي راس ٿي ويو. جيئن مٿي ٻُڌايم ته هن محل جي جُڙي راس ٿي وڃڻ کان پوءِ هن ۾ رهائش اختيار ڪندڙ پهريون امريڪي صدر ”جام ايڊمس“ (ڏاڏو آدم) هو، جيڪو 30 آڪٽوبر 1735ع تي پيدا ٿيو ۽ 4 جُولاءِ 1826ع تي لاڏاڻو ڪيائين ۽ 4 مارچ 1797ع کان 4 مارچ 1801ع تائين امريڪا جو صدر رهيو. هن صداتي محل جو نقشو ”جيمز هوبن“ (ڄم: 1758ع ـ لاڏاڻو: 8 ڊسمبر 1831ع) نالي مشهُور آرڪيٽيڪٽ ٺاهيو، جنهن جو بنيادي طور تي تعلق آئرلينڊ سان هو. اوهان جيڪڏهن امريڪي 20 ڊالرس وارو سائو نوٽ ڏٺو هُوندو ته ان جي پويان اوهان کي وائيٽ هائُوس جو اسڪيچ ڇپيل ملندو، جڏهن ته اسان وٽ ڪنهن به پاڪستاني نوٽ تي اوهان کي ”ايوانِ صدر“ يا ”وزيرِاعظم هائُوس“ جي تصوير ڇپيل ڪانه ملندي، تنهن ڪري انهن ٻنهي عمارتن کان عام پاڪستاني واقف ڪونهن. ”ايوانِ صدر“ ته پارليامينٽ هائُوس جي ويجھو هئڻ سبب وري به ڳچ ماڻهن ڏٺو هُوندو، پر پاڪستان جي وزيرِاعظم جي رهائشگاهه جي باري ۾ ته تمام گھٽ ماڻهن کي پتو هُوندو يا تمام گھٽ پاڪستانين کي ان عمارت جو مهانڊو ياد هُوندو، جڏهن ته امريڪا ۾ اوهان کي هر گفٽ شاپ ۽ سووينيئر شاپ تي وائيٽ هائُوس جا هر سائيز ۾ ماڊل (ريپليڪا) ملندا، مختلف ٿانون تي ان جي ٺهيل شبيهه ملندي يا مختف شرٽن ۽ ٽوپين (ڪيپس) تي وائيٽ هائُوس ڇپيل ملندو. وائيٽ هائُوس جي سرڪاري منظُور ٿيل لوگو (مونوگرام يا خاص نشان) ۾ پڻ بذاتِ خُود وائيٽ هائُوس جو اسڪيچ ڏنل آهي، بلڪل ايئن، جيئن امريڪي دفاعي هيڊڪوارٽر ”پينٽاگون“ جي لوگو (خاص نشان) ۾ ان جي عمارت جو نقشو ڏنل آهي. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ اهڙن ادارن جا مثال تمام گھٽ آهن، پر مُون کي وائيٽ هائُوس يا پينٽاگون جا لوگو ڏسي، ”انسٽيٽيُوٽ آف سنڌالاجيءَ“ جو مونوگرام ياد ايندو آهي، جنهن ۾ پڻ سنڌالاجيءَ جي ڄامشوري ۾ قائم عمارت جو اسڪيچ جيئن جو تيئن ڏنل آهي، اهڙو ٻيو مثال نيشنل آرٽ گيلري اسلام آباد آهي، جنهن جو 2007ع ۾ جڏهن لوگو (مونوگرام) ڊزائن ڪرايو ويو هو، ته ان ۾ پڻ ان جي عمارت جو اسڪيچ ئي شامل ڪيو ويو آهي. ان سان اهو فائدو ٿيندو آهي ته اهو مونوگرام (لوگو) ڏسندڙ جي ذهن ۾ ان جاءِ جي عمارت جو نقشو به ويهي رهندو آهي ۽ هُو جڏهن به ان عمارت کي ڏسندو آهي ته ڏسي ئي سُڃاڻي وٺندو آهي ته اها فلاڻي اداري جي عمارت آهي. وائيٽ هائُوس اندر هڪ ”وزِيٽرس سينٽر“ يا ”وزِيٽرس آفيس“ پڻ ٺهيل آهي، جنهن ۾ عام ماڻهُو مخصُوص ڏينهن اڳ گھمڻ لاءِ اپلاءِ ڪري، ضرُوري سيڪيورٽي ڪليئرنس کان پوءِ مخصُوص فِيس ادا ڪري، وائيٽ هائُوس جا ڪجهه حصّا گھمي سگھن ٿا. وائيٽ هائُوس جي آڳاٽي اڏاوت کان پوءِ 1949ع کان 1951ع تائين تڏهوڪي امريڪي صدر، ”ٽرُومين“ وائيٽ هائُوس جي نئين سر اڏاوت ڪرائي، ڇاڪاڻ ته تنهن وقت تائين آڳاٽي وائِٽ هائُوس جُون ڪيتريون ئي مرمتوُن ٿي چڪيون. هن ذري گھٽ سمُوري ٻيهر اڏاوت کان پوءِ ٽرُومين، 27 مارچ 1952ع تي هن نئين جوڙايل صدارتي محل ۾ باقاعدي ٽپڙ کڻي آيو ۽ طُمطراق سان رهيو. ان کان پوءِ هر صدر پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ وائيٽ هائُوس کي سهڻو بڻائڻ جا جتن ڪيا. ان ڏس ۾ وڏي مرمت ”جان ايف ڪينيڊيءَ“ 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ڪرائي. ياد رهي ته وائيٽ هائُوس ۾ ڪنهن به قسم جي مرمت، اڏاوتي ڦيرڦار، سڌارو يا واڌارو، ”ڪميٽي فار دي پرزرويشن آف دي وائيٽ هائُوس“ جي اجازت ۽ سفارش کانسواءِ نه ٿي ڪري سگھجي. ڪوبه صدر وائيٽ هائُوس جي ڪنهن به اڏاوتي تبديليءَ لاءِ ان ڪميٽيءَ کي لکڻ جو پابند آهي، جيڪا ان مرمت يا واڌاري جي منظُوري ڏيڻ کان وٺي ان لاءِ ڏوڪڙن جو انتظام وغيره ڪرڻ جو ڪم انجام ڏيندي آهي.
تعمير جي لحاظ کان ”وائيٽ هائُوس ڪامپليڪس“ جا پنج مُک حصّا آهن. هڪ: ”ايگزيڪٽو ريزيڊنس“ (يعني صدر جي اصل شاهي رهائشگاهه)، ٻيو: ”اِيسٽ ڪولونيڊ“ (يعني اوڀاريون ٿنڀو / ٺُلهه)، ٽيون: ”ويسٽ ڪولونيڊ“ (يعني اولاهون ٿنڀو / ٺُلهه)، چوٿون حصّو: ”اِيسٽ ونگ“ (اوڀاريون ورانڊو)، پنجون حصّو: ”ويسٽ وِنگ“ (اولاهون ورانڊو) شامل آهن، جڏهن ته ٻاهر ٻه مکيه باغ، ”روز گارڊن“ يعني گلاب جو باغ ۽ ”ڪينيڊي گارڊن“ يعني صدر جان ايف ڪينيڊيءَ پاران ٺهرايل باغ پڻ وائيٽ هائوس جي اهم حصّن ۾ شامل آهن. ”وائيٽ هائُوس ڪامپليڪس“ جا ٽي فلور (منزلُون) آهن. گرائُونڊ فلور تي ”ڊپلوميٽڪ رسيپشن رُوم“ (شاهي استقباليه)، ميپ رُوم، چائنه رُوم، ورمِيل رُوم، مرڪزي هال ۽ لائبرري اهم ڀاڱا آهن. پهرين منزل (فرسٽ فلور) ”اسٽيٽ فلور“ چورائي ٿو، جنهن جي اهم حصّن ۾ بلُو رُوم (نيرو ڪمرو)، سائُوٿ پورٽيڪو، ريڊ رُوم (ڳاڙهو ڪمرو)، گرين رُوم (سائو ڪمرو)، اِيسٽ رُوم، اسٽيٽ ڊائننگ رُوم (ماني کائڻ وارو شاهي ڪمرو)، فيملي ڊائننگ رُوم، انٽرنس هال، ڪراسنگ هال ۽ ايسٽ رُوم شامل آهن، جڏهن ته ٻئي منزل (سيڪنڊ فلور) صدر جي رهائش وارو فلور آهي، جنهن جا ڪئين مُک ڀاڱا آهن، جن ۾ ”ييلو اوول رُوم“، ”ٽرُومين بالڪني“، ”لنڪن سِٽنگ“ (صدر لنڪن جي ويهڻ جي جاءِ)، ”لنڪن بيڊ رُوم“ (لنڪن جي آرام وارو ڪمرو)، ”ٽريٽي رُوم“، پرائيويٽ سٽنگ رُوم، پريزيڊنٽس بيڊ رُوم، ايسٽ سٽنگ هال، ويسٽ سٽنگ هال، ايسٽ رُوم، ويسٽ رُوم، سينٽر هال، ڪئينس سٽنگ (راڻيءَ جي ويهڻ جي جاءِ)، ڪئينس بيڊ رُوم (راڻيءَ جو خواب گاهه) ۽ پريزيڊنٽس ڊائننگ رُوم وغيره شامل آهن.

وائيٽ هائُوس جي ڏاکڻين پاسي جو (جنهن پاسي کان اسين موجُود هُئاسُون) عوام لاءِ کليو هجڻ جو مقصد عوام پاران وائيٽ هائُوس جو هڪ قومي ملڪيت واري عمارت جي حيثيت ۾ مُشاهدو ڪرڻ آهي، جتي هر وقت وڏي انگ ۾ ماڻهو موجُود هجن ٿا. اُن گرل (شيخن جي ديوار) جنهن سان لڳولڳ اسين بيهي وائيٽ هائُوس جو ابتدائي نظارو ڪري رهياهُئاسِين، جي بلڪ ڀرسان هڪ روڊ لنگھي ٿو، جنهن تي پڻ ماڻهن جي وڏي رش هئي ۽ کوڙ سارا ٻار ۽ نؤجوان ”اسڪيٽنگ شُوز“ (ڦيٿن لڳل جُوتا) پهري اُن روڊ سان ڊوڙي رهيا هئا ۽ ماڻهن جو وڏو انگ هتي پڪنڪ جيان لطف اندوز ٿي رهيو هو. ان روڊ جي پرئينءَ ڀر ”پريزيڊنٽس پارڪ“ هو، جنهن ڏانهن وڌياسِين ته هڪ بينچ تي اڌيڙ عمر جي هڪ انتهائي ٿلهي عورت ويٺي صُوف کائي رهي هئي. اشفاق آذر چيو ته: ”مُنهنجي ان نموني تصوير ڪڍ جو اها ٿُلهي مائي به ان فوٽوءَ ۾ اچي وڃي ۽ کيس خبر به نه پوي!“ مُون اِشُوءَ کي اُن بينچ آڏو لڳل پول (ڪلاسيڪل اسٽريٽ لائيٽ) سان ٽيڪ ڏئي ان طرح سان بيهڻ لاءِ چيو، جو سندس پسمنظر ۾ دلچسپ حد تائين ان ٿُلهي عورت جو مُڪمّل وجُود فوڪس ۾ اچي رهيو هو. مُون  اِشُوءَ جي تصوير ڪڍندي ان ڳالهه جو يقين ڪري ورتو ته اُن وزني عورت کي پڪ هئي ته هي مُون سان گڏ فوٽو پيا ڪڍرائن، پر هُن هڪ لفظ به منع ڪرڻ يا جَھلڻ جي حوالي سان ڪونه ڪُڇيو، نه ئي ڇڙٻيو، جيتوڻيڪ ان تصوير ۾ سندس نظر سنئي سڌي منهنجي ڪئميرا جي لينس جي طرف آهي. خير! اوهان کي ”پريزيڊنٽس پارڪ“ جي حوالي سان ٻُڌائيندو هلان ته هي صدارتي باغ لنڊن جي ”هائيڊ پارڪ“ وانگر ٺاهيو ويو آهي. جيئن هائيڊ پارڪ ۾ جنهن به شخص کي وڻي، اچي پنهنجي دل جو اوٻر ڪڍي سگھي ٿو، تيئن ئي ”پريزيڊنٽس پارڪ“ ان ئي مقصد لاءِ ٺاهيو ويو آهي ته اوهان کي امريڪا جي ڪنهن به سياسي نمائندي، اهلڪار يا عملدار جي خلاف ڪابه تقرير ڪرڻي هجي، ڪوبه جملو چوڻو هجي، ڪوبه ڌرڻو يا احتجاج ڪرڻو هجي، ته اوهان ”پريزيڊنٽس پارڪ“ ۾ اچي ڪري سگھو ٿا، جيڪو ڪرڻ لاءِ اوهان کي ڪنهن جي به پاران ڪنهن به قسم جي ڪابه جھل پَل ڪانهي. امريڪا هُونئن ئي ”اظهار جي آزاديءَ“ جو نه فقط دعويدار آهي، بلڪه ان جو عملي مظهر پڻ آهي، تنهن ڪري اوهان کي هن باغ (پريزيڊنٽس پارڪ) ۾ اڪثر ماڻهُو امريڪي صدر جا ڪارٽُون ٺاهي، پلي ڪارڊ هٿ ۾ کنيُون بيٺي، سندس خلاف نعرا هڻندي، ايتريقدر جو کيس گاريُون ڏيندي به نظر ايندا، پر کين ڪجهه به ڪونهي چيو ويندو، ڇاڪاڻ ته اها جاءِ ان ئي مقصد لاءِ ماڻهن لاءِ ٺاهي وئي آهي، ته هُو ڪنهن به سرڪاري نمائندي، خاص طور امريڪي صدر تي پنهنجي ڪاوڙ ڪڍي سگھن، پر هن قوم وٽ اهو شعُور به آهي (۽ يقيناً منجھن اهو شعُور تعليم جي ڪري ئي آهي) ته احتجاج فقط جائز مُطالبن مڃرائڻ لاءِ ئي ڪرڻو آهي ۽ احتجاج لاءِ مُقرر ڪيل جاين تي ئي ڪرڻو آهي. هر روڊ، رستي ۽ گھٽيءَ کي پنهنجي ذاتي ميراث سمجھي ان کي جڏهن ۽ جنهن وقت چاهجي، بلاڪ ناهي ڪرڻو ۽ عام شهرين (جنهن جو ان احتجاج سان ڪوئي وڙو واسطو ناهي) جي زندگيءَ جي ڪم ڪارن ۾ رُخنو ڪونهي وجھڻو. ”پريزيڊنٽس پارڪ“ جو انتظام پڻ ”يُو ايس نيشنل پارڪ سروس“ جي بلي آهي (جنهن جي باري ۾ اوهان گذريل قسطين ۾ پڙهندا آيا آهيو) ۽ هن پارڪ ۾ اچڻ، ويهڻ، تفريح ڪرڻ توڙي احتجاج ڪرڻ جا وقت صبح ساڍي 7 لڳي کان شام 4 لڳي تائين آهن. 18.07 چورس ايڪڙن تي ڦهليل ”پريزيڊنٽس پارڪ“ 1791ع کان قائم ٿيل آهي، جنهن ۾ هر سال لڳ ڀڳ 14 لک ماڻهُو گھمڻ، تفريح يا احتجاج جي مقصد سان اچن ٿا. اسان پڻ ان وقت هڪ احتجاج ڏٺو، جنهن ۾ 500 جي لڳ ڀڳ ماڻهُو (جن ۾ ماين توڙي مردن جو لڳ ڀڳ هڪجيترو تعداد موجُود هو) اُن وقت اوباما جي خلاف احتجاج ڪندي، سندس خلاف نعرا هڻندي ڏٺا. هن پارڪ کان اڃا به اڳتي ڪجهه حصّو اهڙو به هو، جنهن کي چوڌاري رسيُن سان حدُون ڏئي بند ڪيو ويو هو، جنهن جي اندر سبزيُون ۽ ڀاڄيُون پوکيل هيُون. سرڪاري طور تي هي حصّو به ”پريزيڊنٽس پارڪ“ ۾ شامل آهي. اسان هن پارڪ جي مختلف حصّن توڙي هنن پوکن جي آسپاس وٽان نظر ايندڙ ”وائيٽ هائُوس“ جي مختلف زاوين کي پنهنجي ڪئميرائن جي اکين ۾ محفوظ ڪيوسي. اسان جو دوست ذوالفقار مهتُو (جيڪو ”دنيا نيُوز“ نالي ٽي وي چينل سان واڳيل آهي) وائيٽ هائُوس جي بنا اجازت جي ريڪارڊنگ ڪرڻ ۾ مصرُوف هيو، جنهن پنهنجي آفيشل ڪئميرا ۽ چينل جي لوگو وارو مائڪرو فون به آندو هو. اسان کيس ”پريزيڊنٽس پارڪ“ جي شرُوعاتي ڇيڙي تي وائِيٽ هائُوس جي پيش منظر ۾ بيٺي، رڪارڊنگ لنڪ ڏيندي ڏٺو، جنهن جي مدد ڪرڻ لاءِ اسان جو ”سماء ٽي ويءَ“ وارو ساٿي ضياءالرحمٰن پيش پيش هو، جنهن ساڻس ڪئميرامين جُون خدتُون انجام پئي ڏنيُون. يقيناً اُن وقت مهتُوءَ ۽ ضياء سميت اسان سمُورن مان ڪنهن کي به اها سُڌ ڪانه هئي ته ذوالفقار بنا اجازت جي هيڏي حساس نوعيت واري ان عمارت کي رڪارڊ ڪرڻ جي ڪري وڏي تڪليف کي مُنهن ڏيڻ وارو آهي. مهتُوءَ سان ٿيل ان جُٺ توڙي وائيٽ هائُوس جي قطار ۾ قائم ٻن ٽن ٻين اهم عمارتن جي حوالي سان ڄاڻ اوهان کي هن ”سفر ـ ڪٿا“ جي ايندڙ يعني 33هين قسط ۾ ڏبي، تيسيتائين وائيٽ هائُوس جي پاڙي ۾ اسان سان گڏ هججو!

No comments:

Post a Comment