Saturday, March 03, 2012

ناسي گورينگ کان ناسي ڪنڌار - الطاف شيخ


ناسي گورينگ کان ناسي ڪنڌار
الطاف شيخ
ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر مون کي پنهنجي ڪار ۾ ملاڪا شهر جي ٻهراڙيءَ واري پاسي جا چڪر ڏيارڻ بعد، هتي جي مشهور علائقي آئر ڪيروح ۾ وٺي آيو، جتي ملاڪا جو چڙيا گهر (Zoo)، هتان ريڪريسي (گهمڻ لاءِ جنگل) وغيره آهي. هونءَ ته سڄو ملائيشيا جهنگلن، گهاٽن ٻيلن، سرسبز پوکن، جانورن، نانگ بلائن ۽ پکين سان ڀريو پيو آهي، پر هڪ ڌارئين ٽوئرسٽ کي هتي جي جنگلن جي آئيڊيا ڏيڻ لاءِ، ملاڪا حڪومت، ملاڪا شهر جي هن ٻهراڙيءَ واري علائقي ۾ ڪجهه اوريجنل جنگل جو حصو ڇڏي ڏنو آهي. جيئن ڌاريان ۽ هن ملڪ جا ماڻهو هن گهاٽي جنگل ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ پڪنڪ ملهائڻ کان علاوه، هتي جا انيڪ قسمن جا آڳاٽا وڻ، ٻوٽا ۽ جيت جڻيا ڏسي لطف اندوز ٿين. ريڪريسي(Rekreasi)  ملئي لفظ آهي، جيڪو انگريزي لفظ Recreation تان ورتل آهي. اهڙيءَ طرح ملئي زبان ۾ ٿوري ڦيرڦار سان ڪيترا ئي انگريزيءَ جا لفظ آهن، جيئن اڪائون (Akaun) انگريزي لفظ اڪائونٽ مان نڪتل آهي. اھڙيءَ طرح اڪٽف (Aktif) ائڪٽو مان، بئنڪرپ (Bankrap) بئنڪرپٽ مان، سيمين سيمينٽ مان، ايڪسپلائٽيسي (Eksploitasi) انگريزي لفظ Exploitation مان... وغيره. هي ائين آهي جيئن، اسان وٽ انگريزيءَ جا لفظ اسٽيشن، بومب، ڊرم، پُل ٿرو (بندوق جو بئرل صاف ڪرڻ جو ڏنڊو)، آرڊلي (فوجي آفيسر جو خدمتگار سپاهي) وغيره، ٽيشڻ، بم، ڊم، ڦلترو ۽ اردلي سڏجن ٿا.


ملاڪا جو هيءُ زو به ڏسڻ وٽان آهي، جنهن جو ذڪر آئون ملائيشيا جي سفرنامن ۾ ڪري چڪو آهيان. صاف سٿرو ۽ صحتمند جانورن ۽ پکين کان علاوه سندس وڻڪار ۽ گل گلزار ڏسڻ وٽان آهن. مون وٽ پاڪستان کان جيڪو به مهمان ايندو هو ته ان کي ملاڪا جو چڙيا گهر ضرور ڏيکاريندو هوس. ان وقت هيءُ سڄو ٻهراڙي وارو علائقو هو. پوءِ اسان جي هوندي 1988ع ڌاري هن علائقي ۾ وليج ريسورٽ نالي هڪ هوٽل کلي. سڀني چيو ته؛ ماني کائڻ يا چانهه پيئڻ لاءِ شهر کان هيڏو پري ڪير ايندو؟ جڏهن شهر جي مرڪز (صدر) واري علائقي جون هوٽلون ئي مهمانن لاءِ پيون واجهائين، اتي شهر کان هيترو پري ڪير اچي رهندو!
پر پوءِ سنگاپور کان ڪوالالمپور روڊ، هتان لنگهڻ ڪري، سنگاپور جا ماڻهو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هن هوٽل ۾ رهڻ لڳا. هنن کي ههڙي ماٺ ميٺ ۽ گهاٽو جهنگل وڻيو ٿي، جتي رڳو وڻن جي پنن جي سرسراهٽ ۽ جيتن ۽ پکين جي چرپر ۽ لاتيون هجن. امن امان ۽ هر شيءِ جو معيار بهتر هجڻ ڪري، ڪيترن يورپي ملڪن جون ڪارپوريشنون، ادارا ۽ ڪمپنيون پنهنجن ماڻهن کي هن هوٽل ۾ رهائي، هفتي هفتي جا سيمينار ڪرڻ لڳيون. سنگاپور جون به ڪيتريون ئي هوٽلون ان مان ڪمائي رهيون هيون. هڪ اهڙو يونائيٽيڊ نيشن جو سيمينار مون به سنگاپور جي هڪ هوٽل ۾ اٽينڊ ڪيو، جتي آفريڪا، يورپ ۽ ايشيا جي 50 کن ملڪن جا نمائندا هفتي کن لاءِ گهرايا ويا هئا. اسان سڀني کي آمريڪا ۾ گهرائڻ کان بهتر اهو ئي هو ته سنگاپور ۾ رکيو وڃي، جتي جي هوٽلن جي سيمينار ۽ ڪانفرنس هالن جو معيار آمريڪا ۽ جپان جهڙو آهي پر مهمانن کي هوٽل ۾ رهائڻ، کارائڻ پيارڻ ۽ ڀاڙن ڀتن تي خرچ اڌ کان به گهٽ رهي ٿو. اڄ ان بزنيس مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي ملائيشيا جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ٻهراڙيءَ واري علائقن ۾ ان قسم جون فائيو اسٽار هوٽلون عام آهن، جن ۾ ڪانفرنس، سيمينار، مختلف ڪلبن جي ميمبرن جي گڏجاڻين لاءِ وڏا هال ٺهيل آهن. ان قسم جون ڪيتريون ئي هوٽلون، جيتوڻيڪ شهر کان پري ٺاهيون ويون آهن، پر مهمانن کي گهمائڻ ڦيرائڻ لاءِ هر هوٽل وٽ آرامده ٽوئرسٽ بسون آهن. هوٽل بزنيس يا ٽوئرسٽن جي آمد مان هر ملڪ ڪمائي سگهي ٿو پر بنيادي ڳالهه اها آهي ته امن امان جي صورت بهتر هجي، هر هڪ کي تڪڙو انصاف ملي. جيئن جپان، سنگاپور، ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ڪنهن ڌارئين يا مڪاني ماڻهو کي تڪليف پهچي ٿي ته رستي تي بيٺل پوليس واري سان، يا ويجهي ٿاڻي تي پهچي ڳالهه ڪرڻ سان، هن جي مسئلي جو حل ڪڍيو وڃي ٿو. ان بعد ٻئي نمبر تي بهتر روڊ رستا ۽ ڪميونيڪيشن ضروري آهي.
عطا، مون کي ملاڪا جو اندريون حصو ڏيکارڻ بدران، ٻاهريون حاصو گهمائي رهيو هو. آئون سمجهي ويس ته هو مون کي اهي شيون ڏيکاري رهيو هو، جيڪي منهنجي ملاڪا ڇڏڻ بعد رونما ٿيون آهن. واقعي اُنهن ڏينهن ۾ هن پاسي جتي فقط ملاڪا زو ۽ جنگل رڪريسي هو، اتي ’دوسن داتو مراد‘ نالي هڪ خوبصورت باغيچو (Orchid)، داتاران سجاره (تاريخي منزل گاهه)، ايڪسپو ملاڪا جون عمارتون به نظر اچي رهيون هيون. لبوح (شاهراهه) آئر ڪيروح جي ٻئي پاسي MITC (ملاڪا انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر) جي نئين عمارت هئي. اتي ئي هڪ تعليمي ادارو Institute Biotechnology آهي. وچ ۾ پلينيٽيريم ٺهيل آهي، ڀر ۾ هتي جي هڪ خوبصورت مسجد العلامي آهي. مسجد جي ٻئي پاسي سبيعده (Subaidah) ريسٽورنٽ ۽ ان جي پٺيان، جتي لبوح آئر ڪيروح ۽ جالان MITC ملن ٿا، انڪاسا هوٽل آهي. ملئي زبان ۾ جالان، لورونگ يا لبوح جي ساڳي معنيٰ Road آهي. يعني روڊ، رستو، بليوارڊ، Lane، گهٽي، اوينيو وغيره آهي.
”آئون توهان کي هن انڊين مسلم ريسٽورنٽ جي ماني کارائڻ لاءِ وٺي آيو آهيان.“ ڊاڪٽر مير عطا چيو.
دل ۾ مون سوچيو ته؛ ماني ته رستي تي شادي ۾ کائي آيو آهيان، پر هاڻ انڪار ڪرڻ صحيح نه لڳندو. مون کي کڻي نه پر عطا ۽ سندس پٽ غلام محمد کي ته کائڻي آهي. ٻيو ته هو مون کي اڌ شهر لتاڙي هن هوٽل ۾ وٺي آيا آهن سو ٻه گراهه به کائڻ ضروري آهي. بهرحال هيءَ سائوٿ انڊين ٽائيپ هوٽل هجڻ ڪري مون کي اها خوشي ٿي ته عطا کي آئون گهڻو خرچ نه ڪرائيندس.
دراصل ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي سائوٿ انڊين هوٽلن ۾ Set Meal (مقرر ماني) ناهي، جيئن اسان جي ملڪ جي هوٽلن ۾ 2 ٻوڙ گهرائبا ته هوٽل جو بئرو اهو مقرر مقدار ٻوڙ جو کڻي ايندو، چاهي اهو کائڻ وارن لاءِ گهٽ هجي يا گهڻو. پر هتي جي هنن هوٽلن ۾، هوٽلن جي منهن وٽ ٻوڙ ۽ ڀاڄين جا سڀ ديڳڙا ۽ تريل مڇيون، گانگٽ يا ٻي ڪا شيءِ پيالن ۾ رکي هوندي. ويندي سلاد، ڀت، ماني وغيره. توهان پليٽ کڻي پاڻ يا بيٺل بئري جي مدد سان، جنهن ٻوڙ مان ذرو پرزو وڻي، پنهنجي پليٽ تي رکو. ڪنڊ تي ويٺل ڪئشير کاڌي جو قسم ۽ مقدار ڏسي توهان کان ان موجب ٿورا يا گهڻا پئسا وٺندو.
ڪار کي پاسي تي پارڪ ڪري ريسٽورنٽ ۾ گهڙياسين. شهر کان پري هجڻ ڪري، هن هوٽل ۾ ضرور اهو ماڻهو ايندو هوندو، جيڪو هن هوٽل جي مانيءَ جو عاشق هوندو. ڇو جو هتي اچڻ لاءِ هرهڪ کي پنهنجي ڪار يا ٽئڪسيءَ ۾ اچڻو پوي ٿو. پارڪنگ لاٽ ۾ ملاڪا، ولايا (يعني گادي واري شهر ڪوالالمپور) ۽ ڀر وارين رياستن (سريمبان ۽ جوهور) کان علاوه سنگاپور جي نمبر پليٽن واريون ڪارون، پڻ بيٺل هيون. سنگاپور کان ڪوالالمپور، اپوح يا پينانگ ويندي، هو هتي ترسي ماني کائين ٿا ۽ ساهي پٽين ٿا. عطا مهمان جي حيثيت ۾ مون کي اڳيان ڪيو. يعني پهرين آئون کڻان، ان بعد غلام محمد ۽ پاڻ ٿي بيٺو. اٽڪل ڏهه ٻارهن قسمن جا ٻوڙ، ڀاڄيون ۽ فراءِ ٿيل شيون هيون، جن ۾ سائوٿ انڊين نموني جي ٻوڙن کان علاوه ملئي اسٽائيل جا به ڪجهه ڊش: ناسي ڪنڌار، ناسي گورينگ، بيف رنڊانگ، اِڪان پيداس، ايام ۽ اڊانگ گورينگ هئا. سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا کڻجي!
هوٽل کڻي چينيءَ جي هجي يا انڊين جي، پر هو ملئي ماڻهن جو خيال ڪري ٿو. پاڻ ٻڌ يا هندو هجڻ جي باوجود، هوٽل ۾ هر شيءِ حلال رکندو. کاڌي پيتي جا نالا ملئي زبان ۾ لکرائيندو. ڇو جو هنن جا سٺا گراهڪ ملئي ماڻهو آهن، جيڪي گهر ۾ رڌ پچاءَ جي تڪليف گهٽ ڪن ٿا. هوٽلن ۾ ويهي کائڻ ۽ پئسو خرچ ڪرڻ جا مڙس ماڻهو آهن. ساڳئي وقت اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي تائين، کاڌي پيتي جي شين ۾ ڪو به ملاوت نٿو ڪري. چاهي ڇٻيءَ ۾ ناسي ليماڪ (ڀت) جون پڙيون رکي وڪڻندڙ ڪا ملئي عورت هجي، گاڏي تي ڀت ۽ ٻوڙ جو ديڳڙو رکي وڪڻندڙ هجي. مٿئين قسم جون انڊين ۽ چيني ريسٽورنٽون هجن يا ڪا فائيو اسٽار هوٽل. مجال آهي جو ڪٿي صحت جي اصولن خلاف کاڌو هجي. ان ڪري هتي جا وڏا ماڻهو به اکيون پوري گاڏي (ريڙهي) واري کان ماني وٺي کائيندا آهن. ٻي ڳالهه اها آهي ته هر هڪ پنهنجي شيءِ گهٽ نفعي تي وڪڻي ٿو. ماڻهو ٻاهر جي ماني ان ڪري نٿو کائي جو متان ان ۾ صحيح شيءِ (گيهه، مسالو وغيره) استعمال نه ٿيو هجي ۽ ٻيو ته ٻاهر جي ماني مهانگي ٿي ٿئي، پر ايران وانگر هتي ملائيشيا ۾ به اهي ٻئي شيون ته آهن. ملائيشيا ۾ رهڻ دوران اسان نيرن ۽ منجهند جي ماني ورلي ڪو گهر ۾ ڪندا هئاسين. ٻين ملئي ماڻهن وانگر، آفيس ۾ ايندڙ گهوڙيئري (Hawker) کان يا ڪئنٽين مان ماني وٺي کائيندو هوس. ٻار اسڪول جي ڪئنٽين يا اسڪول کان ٻاهر بيٺل گاڏي وارو ڀت ۽ ڪا فراءِ ٿيل شيءِ وٺي کائيندا هئا ۽ پاڙي جون زالون پنهنجي گهٽيءَ جي هٽڙي تان يا مارڪيٽ مان سيڌو وٺڻ دوران، ڪنهن ملئي يا ماماڪ (هتي به ’ڪ‘ کي اچارڻو ناهي) جي ريسٽورنٽ تان ڪجهه وٺي کاڌو ٿي. ڪيترين حالتن ۾ ته گهر ۾ رڌڻ بدران ٻاهر کائڻ ۾ خرچ گهٽ ۽ ٽائيم جي بچت ٿئي ٿي. پر اسان وٽ پاڪستان ۾ ٻاهر کائڻ وڏي جوکم جو ڪم آهي. ڇو جو اسان وٽ، چڱين خاصين ريسٽورنٽن ۾ به ملاوت وارا مسالا ۽ گريز جهڙو تيل استعمال ٿئي ٿو. مٽن ۽ بيف جي نالي ۾ خبر ناهي ڪهڙن جانورن جو گوشت هلي ٿو. مردار ڪڪڙين کي ڪهي، رڌي گراهڪن کي کارائي ڇڏڻ ته ڄڻ ڪا ڳالهه ئي ناهي. ٻن ٻن ڏينهن جو بچيل پاروٿو ٻوڙ هلائي ڇڏڻ به هڪ عام ڳالهه آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ کاڌي سان تعلق رکندڙ بيماريون وڌي رهيون آهن.
مون هن ڪشادي ۽ نئين ٺهيل هوٽل Suhaidah ۾ چؤڌاري نظر ڊوڙائي ته حيرت ٿي. ڇو جو انڊين ۽ ملئي ماڻهن کان وڌيڪ، چيني ويٺل هئا. ڪو زمانو هو جو ملئي ماڻهو، ملئين جي هوٽلن ۾ ۽ چيني ماڻهو چينين جي هوٽلن ۾ ويندا هئا، جو هرهڪ کي پنهنجا کاڌا پسند هئا. پر هاڻ هڪ ٻئي سان ملڻ جلڻ، سفر ڪرڻ ۽ ٽي وي جي اشتهارن ڪري، مختلف ملڪن ۽ قومن جا کاڌا هرهڪ پسند ڪري ٿو. ڪو زمانو هو، اسان جي ملڪ ۾ ڪيترن کي ڊبل روٽي پسند نه هئي. اسان ننڍا هئاسين ته اسان جي ڳوٺ جو هڪ ماستر، جنهن کي لنڊن ۾ وڌيڪ پڙهڻ جي اسڪالر ملي هئي، رڳو ان ڪري واپس موٽي آيو جو هن کي ماني (چپاتي) کان علاوه ٻي ڪا شيءِ پسند نه هئي. هاڻ ٿو ڏسجي ته ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڊبل روٽي ته ڇا پر بن، برگر، پيزا، ماڪروني، اسپاگهيٽي ۽ نوڊل جي ڳالهه پئي هلي ۽ هتي جي انڊين ريسٽورنٽن ۾ ڏسان پيو ته چيني ۽ ملئي پيا نان، پوريون، اِڊلي، ڊوسا کائين، پاؤ ڀاڄي، ڪچوريون، کيچا، پاپڙ ۽ فش هيڊ (مڇيءَ جي منڍيءَ) جو ٻوڙ کائين!
ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته؛ ”هن هوٽل جو مالڪ، ايڏانهن الور اسٽار پاسي جو آهي.“
”پوءِ ايترو پري اتر کان اچي، هيڏانهن ملاڪا ۾ هوٽل کولي اٿس؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”ان ڪري جو هن کي هي پلاٽ حڪومت طرفان مليو.“ عطا وڌيڪ ٻڌايو ته؛ ”سال 2003ع ۾ جڏهن هي MITC ٽريڊ سينٽر ٺهيو ته نقشي ۾ هڪ ريسٽورنٽ لاءِ پلاٽ به رکيو ويو ۽ ههڙي عمدي هنڌ تي هرهڪ هوٽل کولڻ چاهي ٿو.“
عطا ٻڌايو ته؛ هن انڊين مسلم جي سالن کان الور اسٽار ۾ پنهنجي ريسٽورنٽ هئي. پوءِ ماڻهو ٿا ڳالهه ڪن ته اڳئين وزيراعظم احمد بداوي جي والد سان هن جي وڏي عقيدت هئي، جيڪو پڻ ساڳئي شهر ۾ رهيو ٿي. سندس وفات تي هي انڊين مسلمان، آيل مهمانن جو بنا ڪنهن لالچ جي، ٽي ڏينهن بريانيءَ سان خاطر تواضح ڪندو رهيو. وزيراعظم صاحب کي پوءِ خبر پيئي ۽ کانئس ان خدمت چاڪريءَ جو اجورو پڇيو ته هن وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ صاف صاف چيو ته هن اهو ڪم پنهنجي ڳوٺ جي معتبر ماڻهوءَ لاءِ پنهنجو فرض سمجهي ڪيو. احمد بداوي (وزيراعظم صاحب) بيحد متاثر ٿيو ۽ هن اها ڳالهه دل ۾ رکي ڇڏي. ان بعد ملاڪا ۾ جڏهن هي MITC ٽريڊ سينٽر ٺهيو ته هن هي پَٽُ هِن انڊين مسلمان کي ڏنو ته هو سندس ڳوٺ ۾، الور اسٽار جهڙي، سائوٿ انڊين ۽ ملئي کاڌن جي ريسٽورنٽ هلائي.
هونءَ ملاڪا جي هيءَ ريسٽورنٽ سبيعدا (Subaidah) هتي جي مشهور ملئي ڊش ”ناسي ڪنڌار“Nasi Kandar کان به مشهور آهي. ناسي ڪنڌار دراصل ڦڪرا چانور (Steamed Rice) آهن، جيڪو هتي هڪ عام ۽ بنيادي ڊش آهي، جنهن ۾ ٻيو ڪو سائيڊ ڊش فراءِ چڪن، مڇي يا گانگٽن جو ٻوڙ، ڀاڄي وغيره ملائي کائي سگهجي ٿو. اھو Nasi Kandar توهان کي، هر تامل مسلمان 'Mamak' جي ريسٽورنٽ تي ملندو. پاڻيءَ-پسيل هن ڀت جو اهو نالو، ”ناسي ڪنڌار“ خبر ناهي ڪيئن پيو!
ملاڪا جي جنهن ڳوٺ ۾ اسان جي نيول اڪيڊمي هئي، ان ۾ 80 سالن جو سائوٿ انڊيا جو هڪ تامل مسلمان رهندو هو. هيءَ ڳالهه 1983ع جي آهي. اهو ٻڌائيندو هو ته؛ پراڻي زماني ۾ ڪيترا گهوريئڙا (Hawker) ڪنڌ تي لٺ رکي، ان جي پوڇڙن تي رسن ذريعي ڪکن جا وڏا ٿالهه رکي، ان تي شيون رکي ٻهراڙيءَ ۾ وڪڻندا هئا. اهڙيءَ طرح هو ڀت (Nasi) به کڻي هلندا هئا، جيڪو ناسي ڪنڌار سڏجڻ لڳو. ملئي زبان ۾ ڪنڌ تي ڪنواٽي (ساهمي وانگر لٺ) رکي، ان جي ٻن پڙن ۾ شيون کڻي هلڻ کي ڪنڌار سڏجي ٿو.
ان قسم جي شين واري ساهمي کڻي، شيون وڪڻڻ اسان وٽ به عام هو ۽ ننڍپڻ ۾ مون پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ ڪيترن ئي پٺاڻن کي خشڪ ميوو وڪڻندي ڏٺو. بهرحال ملائيشيا ۾ ان وقت کان اڻڀن رڌل چانورن جو نالو ’ناسي ڪنڌار‘ مشهور آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ انهن چانورن کي وڌيڪ خوشبودار ۽ لذيذ بنائڻ لاءِ ڪجهه ڪجهه مکڻ، زعفران ۽ ٻيون شيون به وڌيون وڃن ٿيون ۽ جيئن اسان وٽ حيدرآباد، لاهور، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ڪي دڪان يا ريسٽورنٽون ڪواب، چڪن تڪي يا نان پاين کان مشهور ٿين ٿيون، تيئن ملائيشيا جي به ڪجهه شهرن جون ڪي ريسٽورنٽون ناسي ڪنڌار کان مشهور آهن. پينانگ ۾ جهاز ايندو هو ته اتي جا ملئي دوست يا ڪوالالمپور جي آفيس جا ماڻهو، اسان کي اتي جي مشهور ريسٽورنٽ ”قاسم ريسٽورنٽ“ ۾ ناسي ڪنڌار کائڻ لاءِ چوندا هئا. جيئن اسان پنهنجن ڌارين دوستن جا جهاز ڪراچي ۾ اچڻ تي کين بندو خان جو چڪن تِڪو کائڻ لاءِ مشورو ڏيندا هئاسين.
ملائيشيا جي ڪيداح رياست جي ڪئالا ڪيتل شهر ۾ جامع مسجد جي اڳيان ناسي ڪنڌار کان جيڪا ريسٽورنٽ مشهور آهي، ان جو ته نالو ئي آهي:
Nasi kundar thumbs up.

No comments:

Post a Comment