Tuesday, March 13, 2012

هنن گهٽين ۽ گهرن جون يادون - الطاف شيخ


هنن گهٽين ۽ گهرن جون يادون
الطاف شيخ
ملاڪا جي چائنا ٽائون جي مشهور گهٽي ’جوَ نڪر اسٽريٽ‘ مان لنگهي ڊچ دور جي ڳاڙهين عمارتن The Stadthuys ڏي وڃي رهيا هئاسين. رستي تي گورنر هائوس جي سامهون هڪ ملباري، چنڊول وڪڻي رهيو هو. منهنجي ميزبان، ميرپورخاص جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر چيو ته؛ سائين گرمي آهي، ڳنڍو کائي ننڍپڻ جون يادون تازيون ڪيون وڃن. مون هائوڪار ڪئي. چنڊول دراصل ڳنڍو ئي آهي، جنهن ۾ برف جي ڪاتر، شربت (خاص ڪري هتي جي مڪاني شربت ملاڪا گُولا Melaka Gula وغيره ٿئي ٿو. ڪي ڪي گاڏن وارا، ان مڪسچر ۾، هڪ ٻن قسمن جا رڌل چڻا (ڪچانگ) به وجهن ۽ ان کي آئر باتو چمپور (ABC) سڏين. پڙهندڙن لاءِ اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا ۾، خاص ڪري هن شهر ملاڪا ۾، گجراتي ۽ ملباري به چڱا خاصا رهن ٿا. گجراتي دڪان هلائين ۽ جيئن پهرين لکي آيو آهيان ته گجراتي (انڊيا واري گجرات جا رهاڪو)، ملاڪا ۾ انگريزن پورچوگالين ۽ ڊچن جي آمد کان به گهڻو اڳ آيا. باقي ملباري ۽ گوا پاسي جا رهاڪو، پڪ پورچوگالين جي حملي ۽ قبضي دوران انڊيا کان آيا هوندا.


هاڻ ته گجراتي، سنڌي هندن، ويندي هيٺانهين درجي جا پورهيا ۽ مزوري ڪندڙ سکن، تاملن، ملبارين جو اولاد پڙهي ڳڙهي ملائيشيا جي هر اداري ۾ اچي ويو آهي، ويندي فوج، پوليس، جوڊيشري ۽ تعليمي ادارن ۾! نه ته آئون جڏهن جهاز تي هن پاسي ايندو هوس، يعني سٺ واري ڏهي جي آخري سالن توڙي ستر وارن سالن ۾، ته انڊين جا ڪم مقرر هئا. سندن اولاد به اهو ڪم ڪيو ٿي. پڙهائي جهڙي جهنجهٽ ۾ پيا ئي ڪو نه ٿي. ملائيشيا جي ريل کاتي KTM (ڪيريٽا آپي تناح ملايو) ۾ اسٽيشن ماسٽر ۽ گارڊ کان وٺي ڪوليءَ تائين مدراسي هئا. رٻڙ ۽ پام آئل جي پوک ۾ هارپو ۽ مزورڪو ڪم تاملن ڪيو ٿي. رٻڙ ۽ تيل جو وڪرو، چينن ڪيو ٿي. جاگيرن جا مالڪ به اهي هئا يا وري انگريز ۽ ڪجهه ملئي. بئنڪن، هوٽلن ۽ دڪانن اڳيان چوڪيداري، پٺاڻن ۽ سکن ڪئي ٿي. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هٽڙا، گجراتين ۽ سنڌي هندن هلايا ٿي.
ملاڪا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي، ملباري هي گولو ڳنڍو (چنڊول) وڪڻندي نظر آيا ٿي ۽ اسي واري ڏهي ۾ به اسان لاءِ هن قسم جا ڳنڍا، ڪاٺيءَ واري قلفي يا ملڪ روز جهڙيون شيون، رستي تي وٺي کائڻ هڪ عام ڳالهه هئي. پوءِ اسيءَ واري ڏهي جي آخري سالن ۾، ملاڪا ۾ مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي جهڙيون ريسٽورنٽون کليون، جن ۾ ويهي، آئيس ڪريم يا ملڪ شيڪ جهڙيون شيون کائڻ فئشن ٿيو. پر اڄ به ڪٿي ڪنهن کي چنڊول يا ABC وڪڻندو ڏسجي ٿو ته قدم رڪجيو وڃن ۽ کائڻ تي دل چوي ٿي. هونءَ به اسان وٽ، سنڌ ۾، ننڍپڻ ۾ فقط ڳنڍو هو. ڪاٺيءَ ۾ برف جي ڪاتر چنبڙائي، ان تي شربت هڻي کائبو هو.
جيسين ملباري اسان لاءِ چنڊول ٺاهي، آئون سامهون گورنر هائوس جي پراڻي طرز جي عمارت ڏي ڏسي، ڪجهه پراڻين سوچن ۾ غرق ٿي ويس. هن کان اڳ آئون، جڏهن به هتان لنگهندو هوس ته ملاڪا جي گورنر وٽ ڪجهه دير ضرور ويهندو هوس ۽ پوءِ ڪچهريءَ دوران ڪڏهن چانهه ته ڪڏهن ماني کائي، نڪرندو هوس. ملاڪا ۾ رهائش دوران، ملاڪا جو گورنر تُن سيد احمد الحاج بن سيد محمود شهاب الدين رهيو. تُن (Tun) سندس خطاب هو، جيڪو ملڪ جي بادشاهه طرفان ملي ٿو، جيئن انگريز شهنشاهه يا راڻي وڪٽوريا طرفان اسان جي ماڻهن کي خانبهادر يا راءِ بهادر جهڙا لقب مليل آهن.
اسان وٽ حاجي، الحاج يا حاجياڻي نالي جي اڳيان لڳايو وڃي ٿو پر ملئي ماڻهو نالي جي آخر ۾ هڻن.
ملاڪا ڇڏڻ بعد به، ٻه ٽي دفعا جڏھن ملاڪا گھمڻ آيس ته احمد بن محمود شهاب الدين ملاڪا جو گورنر هو، پر هن ڀيري هو نه فقط هن آفيس ۾ موجود ناهي پر هن دنيا ۾ به نه رهيو آهي. کيس وفات ڪئي، ٻن سالن کان مٿي ٿي ويا آهن.
ملائيشيا ۾ هاڻ مڙيئي سيڪيورٽيءَ ڪري وڏن آفيسرن، وزيرن گورنر سان ملڻ ۾ ڪجهه دقت ٿي پئي آهي، نه ته اسيءَ وارو سڄو ڏهو، جيڪو مون ملاڪا ۾ گذاريو، ڪنهن اهم عهدي واري سان ملڻ به مشڪل ڪم نه هو. گورنر صاحب سان ته منهنجا بيحد سٺا ۽ دوستاڻا تعلقات هئا ۽ نه فقط آئون پر وطن کان آيل مهمانن کي به گورنر صاحب سان اچي ملائيندو هوس. هڪ ته سندس رياست جي اهم نيول اداري ۾ مون درس و تدريس جو ڪم ڪيو ٿي ۽ ٻيو منهنجي لکڻ پڙهڻ جي عادتن ڪري، هن منهنجو هر وقت خيال ڪيو ٿي، بلڪ ڪجهه زياده ئي خيال ڪيو ٿي. جنهنڪري منهنجي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترن منهنجي ساٿين کي، مون سان ساڙ ٿي پيو ته گورنر صاحب مون کي ايڏو اهم ڇو ٿو سمجهي. ڳالهه اها آهي ته ان ۾ منهنجو ڪو هٿ وس نه هو. گورنر صاحب پاڻ به طبيعت جو سٺو ۽ بااخلاق انسان هو ۽ قدرت طرفان ڪجهه حالتون منهنجي فائدي ۾ اهڙي ريت رونما ٿي پيون جو اسان جي تمام گهاٽي دوستي ٿي وئي. اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو؟ ان بابت ان وقت مون پنهنجي آفيس وارن کي تفصيل سان نٿي ٻڌايو. پر هتي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ لکي رهيو آهيان.
جهاز هلائڻ جي نوڪري ڇڏي، يعني سمنڊ کي گڊ باءِ چئي، ملاڪا ۾ ڪناري جي نوڪريءَ تي آيس ته اتفاق سان اهو جهاز جنهن تي آئون نه رڳو سال کان چيف انجنيئر رهي چڪو هوس پر ٺهيو به منهنجي اڳيان هو، سو سنگاپور ۾ ڊگهي مرمت لاءِ آيو. انهن ڏينهن ۾، جهاز تي پاڪستان ڊي يا شايد عيد جو جشن ملهائڻ جو پروگرام ٺهيو. مون کي پنهنجي ڪمپنيءَ طرفان سنگاپور وڃي، اهو ڏينهن جهاز تي رهڻ ۽ مهمانن جو خيال رکڻ لاءِ چيو ويو. سنگاپور، ملاڪا کان باءِ روڊ ٽن ڪلاڪن جو سفر آهي. آئون پنهنجي ڪار ذريعي، سنگاپور پهتس. جهاز تي ڊنر جو بندوبست هو، جنهن ۾ مڪاني اهم بزنيسمين، جن اسان جي جهازن ذريعي سامان گهرايو ۽ موڪليو ٿي، انهن کي ۽ ملڪ جي اهم آفيسرن کي مدعو ڪيو ويو هو. مون کان صلاح پڇڻ تي مون کين سنگاپور ۾ ملائيشيا ۽ ڪجهه ٻين مسلمان ملڪن جي سفيرن کي به سڏڻ لاءِ صلاح ڏني. انهن ڏينهن ۾ سيد احمد شهاب الدين سنگاپور ۾ سفير هو. سندس اچڻ تي سمورو وقت آئون ساڻس گڏ هوس. اسان جو جهاز هي چڱو خاص ماڊرن ۽ آٽوميٽڪ هو. ملائيشيا ان لحاظ ۾ اسان کان ڪافي پٺتي هو. آئون هن جهاز هلائڻ ۽ سمنڊ تي ايندڙ مسئلن بابت، سفير صاحب (سيد احمد شهاب الدين) کي ٻڌائيندو رهيس، جيڪي ڳالهيون هن کي دلچسپ لڳي رهيون هيون.
سفير صاحب موڪلائڻ وقت، ڪارڊ ڏيندي تڪلف طور يا واقعي دل سان چيو ته؛ ”سنگاپور ته اچڻ ٿيندو رهندو هوندو. وري اچو ته ضرور ملجو.“
پر سچي ڳالهه اها ته ملاڪا پهچڻ تي مون کان نه فقط ان ڊنر تي مليل ماڻهن جا نالا وسري ويا، پر مليل ڪارڊ به هيٺ مٿي ٿي ويا. هونءَ به سنگاپور اهو شهر هو (خاص ڪري انهن ڏينهن ۾) جنهن ۾ منهنجا ڪيترا ئي جهازران دوست Shore Job ۾ هئا ۽ انهن سان ئي ملڻ جو وقت نه ٿي مليو. شاپنگ ۽ گهمڻ ڦرڻ کان ئي فرصت نه هئي. پوءِ سال ڏيڍ رکي، اتفاق اهڙو ٿيو جو تن سيد احمد شهاب الدين کي ملاڪا جو گورنر مقرر ڪيو ويو. اخبار ۾ خبر پڙهيسين، پر اهو ڌيان ۾ نه آيو ته هي اهو ئي سفير آهي، جنهن سان سنگاپور ۾ ملاقات ٿي هئي. منهنجي خيال ۾ اها سندس عظمت آهي جو هن کي اهو ياد هو ته آئون ملاڪا ۾ رهان ٿو. هن کي شاباس هجي جو هڪ وڏي عهدي تي ٿي ڪري مون کي ياد رکيائين، نه ته منهنجي حيثيت ڇا هئي؟ هڪ ڌاريون (Expatriate) ۽ ننڍي نوڪري وارو.
جڏهن منهنجي باس مون کي ٻڌايو ته؛ ”سڀاڻي گورنر وٽ وڃجو، هو توهان سان ملڻ ٿو چاهي.“ ته هن سان گڏ مون کي به حيرت ٿي. مون کي ته خواب خيال ۾ به نه هو ته هي گورنر اهو ئي سفير آهي، جنهن سان منهنجي سنگاپور ۾، اسان جي ڪمپنيءَ جي هڪ جهاز تي ڊنر دوران ملاقات ٿي هئي.
بهرحال، منهنجي لاءِ اها خوش نصيبي چئجي ته منهنجي هڪ پڙهيل ڳڙهيل، جهوني سياستدان ۽ سرڪاري اعليٰ آفيسر سان سٺي دوستي ٿي وئي، جيڪا سندس وفات تائين قائم رهي. گورنر سيد احمد، ملائيشيا جي اتراهين رياستن ڪيداح جي شهر ڪُليم (Kulim) ۾ 4 مئي 1925 ۾ ڄائو، يعني عمر ۾ هو مون کان 20 سال وڏو هو. پاڻ ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم، مهاتير محمد کان ٻه مهينا وڏو هو. مهاتير جي ڄم جي تاريخ 10 جولاءِ 1925 آهي. پاڻ ٻڌائيندو هو ته؛ مهاتير سندس ڪزن آهي، يعني هو پڦاٽ ماروٽ آهن. مهاتير جو پيءُ محمد، الور اسٽار شهر ۾، اسڪول ٽيچر هو ۽ هن چاهيو ٿي ته هن جا ٻار توڙي ڀائٽيا ڀاڻيجا، اعليٰ تعليم حاصل ڪن. سندس هن ڀاڻيجي، سيد احمد شهاب الدين، پنهنجي ڳوٺ ڪُليم جي ملئي اسڪول مان 1932 کان 1935 تائين تعليم حاصل ڪرڻ بعد، پنهنجي ماروٽ مهاتير سان گڏ الور اسٽار شهر جي ”سلطان عبدالحميد ڪاليج“ ۾ داخلا ورتي ۽ 1947 ۾، سينئر ڪئمبرج امتحان پاس ڪيو. ان بعد هن، وڌيڪ تعليم انڊيا مان حاصل ڪئي. ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن هو مون سان اتي جون خبرون چارون ڪندو هو ۽ سائوٿ انڊين کاڌا اِڊلي، ڊوسا وغيره کائڻ وقت، اهي ڏينهن ياد ڪندو هو. هونءَ به سندس نانو، يعني مهاتير جو ڏاڏو، انڊين هو. گجرات کان، هتي ملايا ۾ اچي رهيو ھيو ۽ ملئي عورت سان شادي ڪيائين. اها ٻي ڳالهه آهي ته، ملائيشيا ۾ رهندڙ ڪيترا ئي انڊين مسلمان، جن ملئي عورتن سان شادي ڪري پنهنجو پاڻ کي ملئي رنگ ڍنگ ۾ آڻي ڇڏيو، اهي يا انهن جو اولاد، پنهنجي اصليت ”انڊين هجڻ“ جو ذڪر ڪرڻ کان لنوائين ٿا.
هونءَ به وقت سان گڏ، هي سڀ ملئي سڏبا، ڇو جو هي ملئي ڳالهائين ٿا، ملئي ويس وڳا پهرين ٿا، ملئي کاڌا کائين ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي ملئي تهذيب ۽ ثقافت سان وابستا رکن ٿا. هي مڪاني ماڻهن وانگر هن ڌرتيءَ ۽ هتي جي عوام جي بهتريءَ جو سوچين ٿا. مهاتير جو ڏاڏو کڻي گجراتي انڊين هو پر مهاتير جون هن ملڪ لاءِ خدمتون ڪير ٿو وساري سگهي. مهاتير جي پيءُ محمد به، ملئي عورت ’وان تمپاوان‘ سان شادي ڪئي ۽ مهاتير جي زال به سندس ڪلاس ميٽ ملئي ڊاڪٽرياڻي ’سيتي هاسما‘ سان ٿي. يعني مهاتير کي ته گجراتي، تامل يا هندي جو لفظ به نه ايندو هوندو پر هتي جا مڪاني ملئي ماڻهو، جيڪي سياسي طور مخالفت ۾ آهن، اهي اڄ به جڏهن مٿس ڪاوڙبا آهن ته کين مهاتير جي ٻي ڪا ڪمزوري ته نه ملندي آهي، جنهن کي نشانو بنائين، پوءِ چڙ مان اهو ئي چوندا آهن ته انڊين آهي. اڃا به وڌيڪ ڪاوڙ جو اظهار ڪندا ته انڊين بدران کيس ماما (Mamak) جو اولاد سڏيندا، جيڪو لفظ ملائيشيا ۾ انڊين چانهه ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ وارن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
اڳتي هلي سيد احمد سياست ۾ آيو ۽ سال 1954ع کان 1967ع تائين، هو اُمنو (Umno) سياسي پارٽي ڪيداح رياست جو سيڪريٽري ۽ ان بعد 1978 تائين چيئرمين ٿي رهيو. پاڻ 1967ع کان 1978ع تائين ڪيداح رياست جو وزيراعليٰ (مينتري بيسار) ٿيو. ملئي زبان ۾ Menteri معنيٰ وزير ۽ Besar معنيٰ وڏو آهي.
مغربي ملائيشيا، جيڪو ٿائلينڊ کان سنگاپور ٻيٽ تائين آهي ۽ مشرقي ملائيشيا (صباح ۽ سرواڪ) سان ڳنڍجڻ کان اڳ تائين، فقط ”ملايا“ سڏيو ويو ٿي، ان ۾ يارهن رياستون آهن. پينانگ ۽ ملاڪا رياستن کان علاوه ،باقي نون رياستن ۾ سلطان آهن، جيڪي واري وٽيءَ تي چئن سالن لاءِ سڄي ملڪ (مشرقي ۽ مغربي ملائيشيا) جا بادشاهه ٿين ٿا. ڪيداح رياست، جنهن سان اسان جي مهربان دوست سيد احمد شهاب الدين (گورنر ملاڪا) ۽ سندس ڪزن مهاتير محمد جو تعلق آهي، هڪ اتراهين رياست آهي، جنهن جي اتر ۽ اوڀر ۾ ٿائلينڊ آهي ۽ ڏکڻ ۾ پيراڪ ۽ پينانگ رياستون آهن ۽ اولهه ۾ ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Straits) آهي. سنڌو نديءَ وانگر هيءَ هڪ سامونڊي سوڙهي گهٽي آهي، جيڪا هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ کي ملائي ٿي. اسان ڪولمبو، ڪلڪتي يا چٽگانگ کان سنگاپور وڃڻ لاءِ، پنهنجن بحري جهازن کي هن سامونڊي گهٽيءَ مان وٺي ويندا آهيون ۽ هيءُ لنگهه صدين کان استعمال ٿيندو اچي. جڏهن اڃا انجڻيون ايجاد نه ٿيون هيون، ڪاٺ جا ٻيڙا جن تي ڪپڙي جا سڙهه ۽ بيرکون هونديون هيون اهي هوا جي زور تي هوا جي رخ مطابق هليا ٿي ۽ آثار قديمه جي ڪيترين شين مان اهي ثبوت مليا آهن ته ڏکڻ هندستان جي تامل سلطنت جو هن رياست (ڪيداح) سان عيسوي سن 110ع کان سمنڊ رستي وڻج واپار هو ۽ انهن جو ئي ڪيداح تي راڄ هو. جيئن شاهه جي بيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن جي لنڪا (سري لنڪا) عدن ۽ جاوا ۾ سمنڊ رستي اچ وڃ ۽ واپار وڙو هو، تيئن ڪيداح رياست جو ذڪر ٻي عيسوي صدي جي هڪ تامل گيت (پاتي ناپالائي) ۾ ملي ٿو. تامل ۽ مرهٺي ادب ۾، ڪيداح مختلف نالن؛ ڪادارام، ڪاتاها نگارا، ڪاتاها دويپا سان سڏيو ويو آهي.
ملئي زبان جي تاريخ ”حڪايات ميرونگ مَهاوَنگسا“ موجب ڪيداح رياست، هندو بادشاهت جي هٿ هيٺ هئي. ڪيداح سلطنت 1136ع ڌاري وجود ۾ آئي، جڏهن هندو بادشاهه فرا اونگ مهاونگسا مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو سلطان مظفر شاهه رکيو. سندس واسطو سيام (اڄ واري ٿائلينڊ) سان هو. 15هين صديءَ ۾ ملاڪا سلطنت قائم ٿيڻ بعد، اتي جي ملئي حڪومت ڪيداح کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. سترهين صديءَ ۾ ملاڪا تي قبضو ڪرڻ بعد، پورچوگالين ڪيداح تي حملو ڪيو. بعد ۾ ڪيداح تي وري سيامين جو قبضو ٿيو ۽ ڪيداح جي سلطان سيامن (ٿائي سلطنت) مان جان ڇڏائڻ جي آسري ۾ اڄ وارو پينانگ (جيڪو ڪيداح جو حصو هو) انگريزن جي خواهش تي کين ڦلن مٺ ۾ وڪڻي ڏنو. اها ارڙهين صديءَ جي آخر وارن سالن جي ڳالهه آهي. انگريزن، پينانگ ٻيٽ کي خوب ٺاهيو ۽ جوڙيو. انگريزن جي موجودگيءَ ڪري، سيام وارن جو ڪيداح جي سلطان تان، ڪجهه دٻاءُ گهٽ ٿيو. پر 1811ع ۾ سيام وارن، ڪيداح تي حملو ڪري، ان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو. اٽڪل هڪ سؤ سالن بعد، سال 1909ع ڌاري ڪيداح جو ڪنٽرول، انگريزن حوالي ڪيو ويو.
ٻي جنگ عظيم ۾، ڪيداح (۽ ڪيلنتان) ملايا جون پهريون رياستون آهن، جيڪي جپانين جي ور چڙهيون، ان بعد باقي ملايا ۽ سنگاپور. جپانين ڪيداح رياست جون واڳون يڪدم ٿائلينڊ حوالي ڪيون، جن ڪيداح جو وري ساڳيو نالو ساءِ بوري (Syburi) رکيو، جيڪو هو پهرين رکي چڪا هئا. بهرحال جپانين جي آڻ مڃڻ بعد، ’ڪيداح‘ وري انگريزن حوالي ڪيو ويو ۽ 1957ع ۾ انگريزن جي وڃڻ بعد، هنن سڀني ملئي رياستن گڏجي هڪ ملڪ ٺاهيو، جيڪو اڄ ملائيشيا سڏجي ٿو. ڪيداح پکيڙ توڙي آدمشماريءَ ۾، اٺون نمبر وڏي رياست آهي. سندس جملي ايراضي، 9500 چورس ڪلوميٽر (3700 چورس ميل) آهي. يعني نوابشاهه ۽ جيڪب آباد ضلعي جيڏي آهي ۽ سندس آدمشماري 20 لک کن ٿيندي، يعني لاڙڪاڻي ضلعي کان به 5 لک گهٽ.
ڪيداح جي گاديءَ جو شهر ’الور اسٽار‘ آهي، جتي مهاتير محمد جنم ورتو. ان کان علاوه، ٻئي ۽ ٽئي نمبر تي وڏا شهر سنگائي پيتاني ۽ ڪُليم آهن. ڪُليم اهو شهر آهي، جنهن ۾ اسان جي ملاڪا واري گورنر دوست سيد احمد شهاب الدين 1925ع ۾ جنم ورتو. سندن بابت لکي چڪو آهيان ته پاڻ هن رياست ڪيداح جو 1978ع تائين يارهن سال وزيراعليٰ ٿي رهيو. ان بعد 2 سالا وزارت داخلا جو ڊپٽي وزير ٿي رهيو. ان بعد 2 سال کن، سنگاپور جو سفير (هاءِ ڪمشنر) ٿي رهيو، جتي منهنجي ساڻن پهريون دفعو پاڪستان جي جهاز تي هلندڙ دعوت ۾ ملاقات ٿي. 1984 ۾ کين ملاڪا جو پنجون گورنر مقرر ڪيو ويو. ملئي زبان ۾ گورنر کي ”ينگ دي پرتئا نيگري“ سڏجي ٿو.
سيد احمد ٻه شاديون ڪيون. هڪ 1950ع ۾ شريفان حنيفان بنتِ سيد علوي سان، جنهن مان کين ڇهه ٻار آهن. هن جو 1993ع ڌاري ڪوالالمپور ۾ انتقال ٿيو. گورنر صاحب جي ٻي زال جو نالو مارفوزا بنت شيخ محمد عثمان آهي، جنهن سان هن جي شادي 1960ع ۾ ٿي، جنهن مان کيس چار ٻار آهن. سيد احمد صاحب جو انتقال، 7 جولاءِ 2008 تي، سندس ڪوالالمپور واري گهر ۾ ٿيو. پر سندس جسد خاڪي کي، ملاڪا جي اسٽيٽ قبرستان ۾، العظيم مسجد ڀرسان دفن ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment