Friday, March 23, 2012

سکن جا شادمانا ۽ ٻيڙيءَ جو سفر - الطاف شيخ


سکن جا شادمانا ۽ ٻيڙيءَ جو سفر
الطاف شيخ
ملاڪا ۾ تعليم يا نوڪري ڪندڙن ۽ گهمڻ لاءِ ايندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته ملاڪا ۾ نه فقط مسجدون، مندر، گرجا گهر، ٻڌن جا پگوڊا، هندن جا مندر آهن، پر سکن جو پڻ هڪ ٽڪاڻو (گوردوارو) آهي، جيڪو ”گوردوارا صاحب ملاڪا“ سڏجي ٿو. سکن جو هي ٽڪاڻو، ملاڪا شهر جي مرڪزي علائقي ۾ آهي. ملاڪا شهر جو وچ ۽ آڳاٽو حصو اهو آهي، جتي ڊچن جي حڪومتي دور جون ڳاڙهي رنگ جون عمارتون آهن، جن جي اڳيان انگريزن جي ڏينهن جو مهاراڻي وڪٽوريا جي ياد ۾ ڦوهارو ٺهيل آهي. انهن عمارتن ڀرسان جيڪو روڊ گذري ٿو، اهو ”جالان لڪسامانا“ سڏجي ٿو، جيڪو اڳيان وڃي ’جالان بيندا هارا‘ ٿئي ٿو. جتي لڪسامانا روڊ ختم ٿي بينداهارا شروع ٿئي ٿو، اتي ان جي هڪ پاسي ’جالان بنگارايا‘ واري گهٽي آهي ته ٻئي پاسي بيحد ويڪرو رستو ’جالان تيمينگانگ‘ (Temenggong) آهي. تيمينگانگ تي سکن جو ٽڪاڻو ”گوردوارا صاحب“ آهي. ملاڪا ۾ رهائش دوران اسان جنهن گجراتيءَ کان اٽو وٺندا هئاسين ان جي چڪي ان جي ڀرواري گهٽيءَ ۾ هئي. ڌيان ۾ رهي ته هن پاسي برما ٿائلنڊ کان جپان ڪوريا تائين، گهڻي مينهوڳيءَ ڪري، ڪڻڪ بدران چانور پوکيا وڃن ٿا ۽ هي ملڪ ڀت کائڻ وارا ملڪ آهن، جتي نيرن تي به عام ماني ”ڀت“ آهي. هتي سوين توڙي ڪيڪ پيسٽرين ۾ گهڻي ڀاڱي چانورن جو اٽو استعمال ٿئي ٿو ۽ هتي اٽو معنيٰ چانورن جو اٽو ۽ ماني کاڌي معنيٰ ”ڀت کاڌو“. ايتري قدر جو جپان ۾ ته مانيءَ لاءِ لفظ ئي ڀت(Gohan)  آهي، جيئن نيرن کي ’گوهان اسا‘ سڏين، پوءِ ڀلي هو نيرن تي فقط سُوپ پين يا ڊبل روٽي ۽ بيضو کائين. جيئن اسان وٽ ڀلي ڪو دال ڀت کائي، پر چوندو ته مون منجهند جي ماني کاڌي.


بهرحال شروع وارن ڏينهن ۾، خاص ڪري اڄ کان ٽيهارو سال اڳ، جڏهن ملاڪا ۾ ڌارين رهاڪن ۾ اسان جا اٺ ڏهه گهر هئا، ڪڻڪ جي اٽي جهڙيون شيون اهڙو عام نه ملنديون هيون، جهڙو اڄ ملن ٿيون. اسان ڌارين کان علاوه احمد ڪياني نالي هڪ لاهور جو اهڙو همراهه جيڪو شايد ڄائو به ملائيشيا (پيرلس رياست) ۾ هو، جنهن جي شادي به ملئي فيملي ۾ ٿي هئي. هُو ۽ هن جي زال بيحد پڙهيل لکيل ۽ ماڊرن سان گڏ مذهبي خيالن جا ماڻهو هئا. ملاڪا ۾ هو، اسان ڌارين لاءِ وڏي مدد ۽ رهنمائي هئا. هن کان ئي اسان کي تازي اٽي جي دڪان جي خبر پيئي. پنڌرهين ويهين ڏينهن جڏهن آئون هن دڪان تي اٽو وٺڻ ويندو هئس ته ڀر ۾ سکن جي ٽِڪاڻي ۾ به ليئو پائيندو هئس. اسان پنهنجي ملڪ ۾ فقط مسجدون ڏٺيون هيون، هتي ملائيشيا ۾ مختلف مذهبن ۽ ڌرمن جي ماڻهن جا عبادت گهر ڏسي حيرت ٿيندي هئي. هتي اچي اهو احساس ٿيو ته هڪ ئي گهٽيءَ ۾ نه فقط مختلف زبانون ڳالهائيندڙ پر مختلف مذهبن جا ماڻهو به سُڪون سان رهي سگهن ٿا. بلڪ هنن جي مختلف خوشيءَ جي ڏينهن تي هنن کي خوش ٿيندو ڏسي ساڙ ۽ حسد محسوس ڪرڻ بدران، اسان خوشي محسوس ڪري سگهون ٿا. هتي جي گهٽين ۾ آڳاٽا مندر ۽ گرجا گهر، اڄ به قائم هجڻ جي باوجود ڀر ۾ رهندڙ مسلمان پنهنجي دين تي قائم آهن ۽ هو نه فقط اسلام کي سچيءَ دل سان قبول ڪن ٿا پر ان جي اصولن تي عمل به ڪن ٿا. اهڙي تناظر ۾ جڏهن آئون هتي جي ملئي اخبار بيريٽا يا انگريزي اخبارStar  ياNew Straits Times  جي پهرئين صفحي تي خبر ڏسندو آهيان ته سکر ۾ مسلمانن عيسائين جي گرجا گهر کي باهه ڏيئي ڇڏي، ملتان ۾ يا ڪراچي ۾ امام بارگاهه تي بم ڪيرايو ويو يا فائرنگ ڪئي وئي ته ان ڏينهن تي آئون ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهيان جو هتي جا ملئي مسلمان مون کان حيرت مان سوال ڪندا آهن ته توهان ٻين جا عبادتگاهه ڇو ٿا ڊاهيو؟ معمولي رنجشن خاطر انسان ذات جو قتل ڇو ٿا ڪريو؟
ملاڪا ۾ سکن جو هي ٽڪاڻو سؤ سال کن پراڻو ٿيندو. سکن جا گوردوارا ته ملائيشيا جي هر وڏي شهر ۾ آهن پر ملاڪا جو هي ٽڪاڻو حَسن ابدال وانگر سکن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. هر سال جي مئي مهيني جي آخري هفتي ۾، ملائيشيا ۽ سنگاپور جا سک بابا، سوهن سنگهه جي ورسي ملهائڻ ۽ هن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هتي اچن ٿا. بابا سوهن سنگهه لاءِ چون ٿا ته هن دليلن ۽ اتساهه پيدا ڪندڙ تقريرن ذريعي، سک ڌرم کي هن پاسي مشهور ڪيو. هن جو ملاڪا واري هن مندر سان واسطو هو ۽ 24 مئي 1972ع تي سندس وفات بعد، هن جي باقاعدگي سان ورسي ملهائي وڃي ٿي. 21 کان 25 مئي تائين هنن گهٽين ۾ پٽڪن سان مردن ۽ پوتين سان عورتن جي پيهه پيهان هوندي آهي ۽ فضا ۾ فقط پنجابي ٻوليءَ جي گونج هوندي آهي.
ائين به نه آهي ته ملاڪا ۾ سک رڳو بابا سوهن سنگهه جي ورسي تي نظر اچن ٿا. سک راندين جا شوقين آهن ۽ هو اِٽي ڏڪر کان هاڪي، سڀ رانديون ڪن ٿا ۽ انهن جون پنهنجو پاڻ ۾ ۽ ٻين قومن سان مئچون لڳيون رهن ٿيون. ڪڏهن سنگاپور ۽ ملاڪا ۾ ته ڪڏهن ڪوالالمپور ۽ اپوح ۾. سنگاپور ۽ ملائيشيا جي شهرن جي بس اسٽاپن يا ريلوي اسٽيشن اڳيان ٽڪيٽ وٺندڙن جي قطار ۾ توهان کي سک ضرور نظر ايندا، جن جي ڳچيءَ ۾ سفري ٿيلها هوندا ته هٿن ۾ فٽ بال، والي بال يا هاڪي جا ڏنڊا.
هونءَ ڪنهن به ملڪ ۾ نوڪري يا تعليم لاءِ وڃجي ٿو ته ان ملڪ جو پنهنجي مڪاني ماحول ۽ غير زبان ڪري ڌاريون ماڻهو شروع وارا ڏينهن هلڪي يا هيوي ڊپريشن جو شڪار ضرور ٿئي ٿو. پر ملائيشيا انهن ڳالهين ۾ نرالو ملڪ آهي. خاص ڪري ملاڪا ته مون کي هيڪاندو عجيب لڳو. پنهنجي وطن کان هزارين ميل ڏور اچڻ جي باوجود ڪيتريون ڳالهيون پنهنجي پَٽن جهڙيون لڳيون. کاڌا پيتا، ويس وڳا، قرب محبتون، دڪانن ۾ گهڙ ته مڪاني زبان ملئي بدران دڪاندار گجراتي ۽ اڙدو پيا ڳالهائين. سکن جي هن ٽڪاڻي ۾ به گهڙڻ سان ائين لڳو ڄڻ امرتسر ۾ اچيو وڃجي. سکن جا ڳائڻ وڄائڻ ۽ چرچا ڀوڳ جيڪي هن کان اڳ اسان فقط ٻين جي واتان ٻڌا هئا، سي پنهنجن ڪنن سان ٻُڌا ۽ اکين سان ڏٺا. سکن جي هن مندر ۾ ئي اچي مون کي خبر پيئي ته ملاڪا ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ سنڌ کان لڏي آيل سنڌي به رهن ٿا. هنن ٻڌايو ته هو هندن جي مندرن کان علاوه سکن جي ٽڪاڻن ۾ به پوڄا پاٺ ڪن ٿا. مون کي سڀ کان گهڻي حيرت ٿيندي آهي ته سکن جي هن مندر ۾ جڏهن هنن جي پنڊت بابا سوهن سنگهه جي سالياني ورسي ٿيندي آهي ته نه رڳو مڪاني سک پر چيني ۽ ملئي مسلمان به پنهنجن گهرن ۾ مختلف کاڌا ۽ مٺايون ٺاهي مندر ۾ اچي ڏيندا آهن، جيئن پرديس کان آيل مسافرن کي کاڌي پيتي پٺيان خرچ ڪرڻو نه پوي. ڪيتريون ئي رضاڪارانه ميڊيڪل ڪئمپون لڳي وينديون آهن. ساڳئي وقت، سک تيرٿين جي به اها ڳالهه قابل داد آهي ته ڪوشش ڪري هر هڪ پنهنجو رتDonate  ڪري ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ملاڪا جي اسپتالن جون بلڊ بئنڪون هر وقتOverflow  ٿينديون رهن ٿيون.
ملاڪا ۾ اچي ملاڪا نديءَ ۾ ٻيڙيءَ جو سير، هڪ نئين ماڻهوءَ يا مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ جيڪو هتي رهي ويو هجي، سڀ ۾Best  آهي. ملاڪا ندي، ملاڪا شهر مان لنگهي ٿي ۽ هتي جي ٽوئرسٽ کاڌي طرفان ڇهه کن چاليهه ڪرسين واريون ۽ ڇهه، ويهه ڪرسين واريون فائبر گلاس جون ٻيڙيون آهن، جن ۾ آيل سياح سڄي شهر جو سير ڪن ٿا. ڪلاڪ کن جي هن سير ۾ آئون جائزو وٺي ڇڏيندو آهيان ته ڪٿي ڪٿي نيون عمارتون يا پارڪ، مسجدون يا شاپنگ سينٽر ٺهيا آهن. توهان جي ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهيا آهيو ته توهان جو اهو شوق به هتي پورو ٿي سگهي ٿو. هن سير لاءِ ٽئڪسي ذريعي يا شهر ۾ هلندڙ بس ذريعي، بس اسٽاپ نمبر ڇهين تي اچڻو پوندو، جيڪو Melaka River بس اسٽاپ سڏجي ٿو. هيءَ ندي اها تاريخي ندي آهي، جنهن جي ڇوڙ وٽ مختلف دورن ۾ پورچوگالين، ڊچن ۽ انگريزن پنهنجن جهازن جا لنگر اچي ڪيرايا ۽ ٻيڙين ذريعي هن نديءَ ۾ ڌوڪي، بمن ۽ بارودن جي زور تي هن شهر تي قبضو ڪيو، جيڪو هن سڄي ريجن تي قبضو ڪندڙ ”ملاڪا سلطنت“ جي گاديءَ جو شهر هو. ان دور جي يورپين هن نديءَ جي سونهن ۽ اهميت ڪري ملاڪا نديءَ کي Venice of East (مشرق جي وينس) ٿي سڏيو.
ٻيڙيءَ جو سفر، ڊچ دور جي ڳاڙهين عمارتن وٽان شروع ٿي ”ڪمپونگ مورتيم“ ڳوٺ وٽ ختم ٿئي ٿو، جيڪو فاصلو ڏهه کن ڪلو ميٽر ٿيندو. رستي تي ”تان بون سينگ“(Tan boon seng)  پل جي هيٺان پڻ ٻيڙي لنگهي ٿي. هيءَ پل تاريخي اهميت رکي ٿي. 1511 ۾ جڏهن پورچوگالين ملاڪا سلطنت تي حملو ڪيو هو ته هنن هن پل تي قبضو ڪري، شهر جي ٻن حصن جو هڪ ٻئي سان لاڳاپو ڪٽي ڇڏيو هو. ان پل کان علاوه سير ڪرائيندڙ ٻيڙي ٻن ٻين پلين هيٺان به لنگهي ٿي. هڪ ته ”چان بُون چينگ“ پل جيڪا 1908ع ۾ ٺهي، جنهن کي 1963ع ۾ وري مضبوط ۽ ماڊرن ڪيو ويو. اها لوهي پل آهي، جيڪا پراڻي چائنا ٽائون (ڪمپونگ پنتائي) کي نئين چائنا ٽائون (جالان بنگارايا واري حصي) سان ملائي ٿي. ان کانپوءِ ماڻهن جي ٽپڻ لاءِ هڪ پل اچي ٿي، جنهن کي هتي جا ماڻهو غيباتي پُل(Ghost bridge of Malacca)  سڏين ٿا. هيءَ پل ڳوٺ ڪمپونگ هُولو کي جالان ڪِي ائن(Kee Ann Road)  ۽ سينٽرل مارڪيٽ سان ڳنڍي ٿي. هيءَ پل شروع ۾ مهاڻن لاءِ ٺاهي وئي هئي، جن مڇيءَ جو واپار ڪيو ٿي. اڄ به هن پل جي چوڌاري ڪيتريون ئي چيني ريسٽورنٽون آهن، جتي سامونڊي کاڌي جا شوقين مڇيون، گانگٽ، ڪيڪڙا، آڪٽوپس، سپون وغيره کائڻ لاءِ اچن ٿا. 1999ع جي جيمس بانڊ جي هڪ هالي ووڊ جي فلمEntrapment  تمام گهڻو مشهور ٿي هئي، جنهن ۾ جيمس بانڊ ”سين ڪونري“ ٿيو هو ۽ هيروئن ڪئٿرين زيٽا جونس ٿي هئي. هن فلم جون ڪجهه سينون ڪوالالمپور ۾ پيٽروناس ٽاور ۽ بڪت جليل ريلوي اسٽيشن وٽ فلمايون ويون هيون. هن فلم جي حوالي سان ملاڪا جي هن غيباتي پل وارين ريسٽورنٽن مان هڪ ريسٽورنٽ مشهور آهي، جيڪا هن فلم ۾ ڏيکاري وئي آهي.
سنگائي ملاڪا (ندي) جو هي ٻيڙي وارو سفر، ڪمپونگ مارتين (ڳوٺ) تي ختم ٿئي ٿو. ملئي زبان ۾ سنگائي معنيٰ ندي ۽ ڪمپونگ معنيٰ ڳوٺ به آهي ته گهر به. جيئن ڪاليج جي ڏينهن ۾ هاسٽل ۾ رهڻ دوران عيد جون موڪلون ٿيڻ تي چئبو هو ته ”ڳوٺ ٿا وڃون“ يعني ڳوٺ پنهنجي گهر وڃون ٿا، تيئن هتي جا ملئي ماڻهو چون Balek kampong يعني ڳوٺ پيا وڃون.
بهرحال اڄ ڪلهه جي ماڊرن ٿي ويل ملاڪا شهر ۾، هن ملڪ جو ڪو صحيح معنيٰ ۾ ڳوٺ ڏسڻو آهي ته ڪمپونگ مارتين هڪ آهي. هي ڳوٺ ڏسي مون کي سٺ واري ڏهي جا آخري سال ياد ٿا اچن، جڏهن ڳوٺاڻا ڪاٺ جا گهر هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ شفٽ ڪيا ويا ٿي. ملائيشيا ۾ شروع کان امن امان جي حالت بهتر هجڻ ڪري، جپان وانگر ملائيشيا ۾ به کيتن ۽ جنگلن ۾ اڪيلا گهر نظر ايندا. هڪ اهڙي گهر جي مالڪ، پنهنجي ٻني وڪڻي ڀرواري ڳوٺ ۾ ورتي. هن پنهنجن ڏاڏن پڙڏاڏن جو ٺهيل چئن ڪمرن جو ڪاٺ جو گهر نٿي ڇڏڻ چاهيو. پوءِ هتي جي دستور موجب، آچر ڏينهن ڀروارن ڳوٺن جي ماڻهن کي هن دعوت ڪئي ۽ ٻه سؤ کن ماڻهو گڏجي، ان ڪاٺ جي خوبصورت گهر کي بانس جي ڊگهن ڏنڊن ذريعي کڻي فرلانگ کن پري گهر جي مالڪ جي ورتل پٽ تي ان گهر کي Install ڪيو. ملائيشيا جا ڳوٺاڻا ڪاٺ جا گهر هيٺ زمين سان مليل هجڻ بدران ڪاٺ جي پاين تي بيٺل ٿين، جن کي کڻي سگهجي ٿو.
بهرحال ملاڪا نديءَ ۾ ٻيڙيءَ جو هي سفر نه رڳو دلچسپ پر تاريخي خيال کان لاڀائتو آهي، جنهن لاءِ ڪنهن خوب چيو آهي ته:
Malacca River cruise allows visitors to enjoy history in a much more entertaining way; it is a picture of the Melakan state at its best!

No comments:

Post a Comment