Saturday, March 24, 2012

زبردست اسڪول، نامور شاگرد - الطاف شيخ


زبردست اسڪول، نامور شاگرد
الطاف شيخ
هن کان اڳ واري مضمون ۾ ملاڪا هاءِ اسڪول وٽان لنگهندي مون فٽ بال راند جو احوال لکيو آهي، جيڪا اسان اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ، هن هاءِ اسڪول جي ماسترن سان کيڏندا هئاسين. ان وقت تاريخ جو ايترو مطالعو نه هجڻ ڪري، مون جهڙن کي ڪڏهن به هن هاءِ اسڪول جي اهميت جو احساس نٿي ٿيو. اڄ هن اسڪول وٽان لنگهندي، هن کي عزت ۽ پيار جي نگاهن سان ڏسان ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي تاريخ جو حصو سمجهان ٿو، جيئن اسان جو پيارو دوست سرجن برگيڊيئر نظام الدين ڏانور چوندو آهي. هو اسان جي ڳوٺ هالا جي مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول مان فقط هڪ سال پڙهيو پر هو هميشه چوندو آهي ته هن کي خوشي آهي ته هن هڪ آڳاٽي اسڪول جي ميدان، ورانڊن ۽ ڪلاس روم ۾ ساهه کنيو، جيڪو 1944ع جو ٺهيل آهي. اڄ ملاڪا جي هن هاءِ اسڪول جي پوڙهائپ، اهميت ۽ تاريخ جي ڄاڻ هجڻ ڪري، مون کي به اهو احساس ٿي رهيو آهي.


ملاڪا هاءِ اسڪول، 1826ع ۾ ٺهيو. يعني اٽڪل ٻه صديون کن اڳ ٺھيو ۽ ملاڪا ۾، پينانگ ٻيٽ واري هاءِ اسڪول بعد، ٻئي نمبر تي پراڻو اسڪول آهي. پينانگ وارو ”پينانگ فري هاءِ اسڪول“ 1816ع ۾ ٺهيو هو. انهن ڏينهن ۾ اڃا نه ڪوالالمپور وجود ۾ آيو هو ۽ نه ملاڪا يا ملائيشيا. هيءُ سڄو علائقو، ملاڪا سلطنت سڏبو هو، جنهن جو اهم ۽ گاديءَ وارو شهر ۽ مشغول بندرگاهه ملاڪا هو. يعني ملاڪا ائين هو جيئن برطانيا ۾ لنڊن. جنهن جو ملاڪا تي قبضو ٿي ٿيو، ان جو چوڌاري راڄ ٿي هليو. سال 1511ع کان 1641ع تائين، پورچوگالين جو ملاڪا سلطنت تي راڄ رهيو. ان بعد ٻي يورپي قوم ’ڊچن‘ جو نه فقط ملاڪا تي قبضو ٿي ويو پر اڄ وارن انڊونيشي ٻيٽن؛ جاوا ۽ سماترا، تي به هو قابض ٿي ويا. ملاڪا سلطنت، هنن جي هٿن ۾ 1641ع کان 1824ع تائين رهي ۽ انڊونيشيا ته ويهين صديءَ جي اڌ تائين رهي. اڄ به انڊونيشيا جي ٻيٽن؛ جاوا، سماترا ۽ بالي، وغيره ۾، مادي زبان کان علاوه ڊچ ڳالهائي وڃي ٿي. جيئن اسان وٽ انگريزي آهي. لبنان ۽ موراڪو جهڙن ملڪن ۾ فرينچ آهي. سال 1824ع ڌاري انگريز، ڊچن کي ڀڄائي، پاڻ حاڪم ٿي ويٺا. هو ڪافي سالن کان هنن ٻيٽن تي پنهنجا پير ڊگهيڙيندا ويا. جڏھن ته پينانگ ۽ سنگاپور ٻيٽ، هنن ڪجهه سال اڳ ئي، پئسن سان يا داداگيريءَ سان، ملئي سلطانن کان حاصل ڪري ورتا هئا. ان ڪري پينانگ جو هاءِ اسڪول ملاڪا سلطنت تي قبضو ڪرڻ کان اڳ جو (1816ع ڌاري) ٺهرايل آهي. بهرحال انگريزن جو 1824ع ۾ جيئن ئي ملاڪا تي قبضو ٿيو ته هنن ٻن سالن بعد، هيءُ ملاڪا هاءِ اسڪول ٺهرايو. جيئن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ٿيڻ بعد، انگريزن يڪدم ڪراچيءَ ۾ ڪانوينٽ (مِشنري) اسڪول ۽ گرجا گهر ٺهرايا.
ان خيال کان ڏٺو وڃي ته هن علائقي جا ماڻهو کڻي جنگلن جا رهندڙ چيا وڃن پر هنن وٽ تعليم ته اسان کان به گهڻو اڳ اچي وئي. اسڪول کلڻ ۽ صحيح طرح هلڻ مان حاصل ٿيندڙ فائدي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هالا ۾ اسڪول کلڻ ڪري، هالا جي ماڻهن جي گهڻائي ٻين ڳوٺن جي مقابلي ۾ وڌيڪ تعليم يافته ٿي وئي. ملاڪا جو هي هاءِ اسڪول ته اسان واري هالا جي هاءِ اسڪول کان به 118 سال اڳ کليو. ائين به نه آهي ته 1824ع ۾ انگريزن جي راڄ شروع ٿيڻ کان اڳ، ملاڪا ۾ ڪو اسڪول نه هو. هونءَ انگريزن جي مقابلي ۾ ٻيون فاتح يورپي قومن کي آفريڪا يا ايشيا جي مڪاني ماڻهن لاءِ تعليم، انصاف، روڊ ۽ ريل گاڏيون ۽ ٻيون اهڙيون سهولتون ڏيڻ تي دل نٿي چاهيو. پر ملاڪا ۾ انگريزن کان اڳ، ڊچن جي حڪومت ۾ ”ڊچ ملئي اسڪول“ ضرور هو. جيڪو ڊچن جي سمجهو ته ٻه صديون حڪومت جي آخري سالن ۾، (1819 ۾) عيسائي تبليغ جماعت وارن کوليو هو. جيڪو 1824ع ۾ ملاڪا کي، انگريزن حوالي ڪرڻ وقت، ڊچ حڪومت بند ڪري ڇڏيو. پوءِ انگريزن، پورن ٻن سالن بعد، هيءُ هاءِ اسڪول شروع ڪيو. هيءُ اسڪول به، پهرين انگريز عيسائي جماعتن (Christian Mission) شروع ڪرايو ۽ هن جو ان وقت ”ملاڪا فري اسڪول“ نالو رکيو ويو. پر پوءِ خرچ پکي ۽ انتظامي مسئلن جي ڪري، هيءُ اسڪول 1847ع ۾ انگريز حڪومت حوالي ڪيو ويو ۽ هن جو مٿيون نالو ”ملاڪا هاءِ اسڪول“ رکيو ويو.
سال 1826ع ڌاري، جڏهن هيءُ اسڪول شروع ٿيو ته، پهرئين سال ۾ ئي 65 ڇوڪرين داخلا ورتي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ماڻهن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو شعور هو. ياد رهي ته هيءُ اسڪول هر ذات، نسل، زبان ۽ معاشي رتبي جي ماڻهوءَ لاءِ هو. ان ڪري هن اسڪول جو نالو ئي فري اسڪول رکيو ويو هو. جنهن ۾ نه فقط تعليم مفت (Free) ڏني وئي ٿي پر داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ به غريب غربو، مسلمان، ٻڌ، ملئي، چيني وغيرھ آزاد (Free) هو. سال 1834ع کان بعد، ڇوڪرين جو هاءِ اسڪول الڳ کلڻ ڪري، هن ۾ فقط ڇوڪرا پڙهڻ لڳا. وڏي لڙائي لڳڻ تائين، هن اسڪول ۾ ڪڏهن به شاگردن جو تعداد 500 کان مٿي نه ٿيو. پر پوءِ آهستي آهستي وڌڻ لڳو. وقت سان گڏ ٻيا اسڪول به کلندا رهيا. اڄڪلهه هن اسڪول ۾، هڪ ئي وقت 2000 شاگرد رکيا وڃن ٿا. اسڪول کي ٻه هاسٽلون به آهن جن مان هڪ ۾ 120 شاگرد ۽ ٻيءَ ۾ 300 شاگرد رهن ٿا. هاسٽلن کي مسجد، ايئرڪنڊيشن لئبرري، AV روم، سائيبر ڪيفي ۽ ڪلنڪ پڻ آهي.
بهترين پڙهائي، سخت ڊسيپلين، شاگردن تي چڱيءَ طرح نظر ۽ شهر ۾ بهتر امن امان جي حالت هجڻ ڪري، نه رڳو ملائيشيا جي ٻين شهرن ۽ ڀر وارن ملڪن جا مائٽ مٽ پر ملاڪا شهر جا به ڪيترا ئي مائٽ پنهنجن ٻارن کي گهر ۾ رهائڻ بدران، اسڪول ۽ ڪاليجن جي هاسٽلن ۾ رکڻ ۾ وڌيڪ بهتر عاقبت سمجهن ٿا. جتي هنن کي نه فقط پڙهڻ لاءِ سٺو ماحول ملي ٿو، پر مختلف مذهبن ۽ زبانن جي ٻارن سان پڻ سٺي Interaction ٿئي ٿي. انڊيا جي تعليمي ادارن ۾ به، ان قسم جون بهتر خاصيتون هجڻ ڪري، ڪيترا انڊين جن کي آمريڪا، انگلينڊ ۽ يورپ جي ملڪن جي Citizenship مليل آهي، سي به انهن ملڪن جي اسڪولن ۾ پنهنجن ٻارن کي پڙهائڻ بدران انڊيا موڪلين ٿا. ان بابت تفصيلي احوال آئون پنهنجي هندستان واري سفرنامي ”هلي ڏسجي هندستان“ ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن فقط پوني جي شهر جي تعليمي ادارن ۾ آفريڪا ۽ عرب ملڪن جي شاگردن کان علاوه ايران ۽ ملائيشيا جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به پڙهڻ اچن ٿا ۽ هو انهن تعليمي ادارن جي هاسٽلن ۾ رهن ٿا. شهر جي پوليس، گهمڻ لاءِ آيل ٽوئرسٽن ۽ شاگردن جي حفاظت ڪري ٿي. امن امان جي حالت سخت هجڻ ڪري، هر هڪ سڪون محسوس ڪري ٿو.
بهرحال هتي ملاڪا جي هاءِ اسڪول جي ڳالهه هلي رهي آهي، جنهن جو 1989ع تائين موٽو هو:
"Here we strive for better things"
ان بعد ملئي زبان ۾ پڻ رکيو ويو
Sini terdidiknya Manusia
(هي آهي اهو هنڌ، جتي انسانن کي تعليم يافته بنايو وڃي ٿو.)
ان بعد هڪ ٻن پرنسپالن، هن اسڪول جا ٻيا به Motto رکيا، جيئن ته:
"We are the best."
ملئي زبان جو هڪ ٻيو به موٽو رکيو ويو:
Mesra, Hormat, Sayang.
(دوستي، عزت ۽ پيار)
هڪ ٻيو ملئي موٽو:
High School Cemerlang, pelajar Terbilang (Excellent High School, Distinguished Students)
اسيءَ واري ڏهي ۾، جڏهن منهنجو ملاڪا ۾ لڳاتار رهڻ ٿيو، انهن ڏينهن ۾ چيني پرنسپال مسٽر چان يِنگ تات هو. ان بعد 1985ع کان منهنجي واپس ٿيڻ واري سال 1991ع تائين، حاجي عبدالرفيع ملئي پرنسپال ٿيو. اڄ ڪلهه، سال 2006ع جي آخر کان تئان حاجي عبدالرزاق بن چي نگاهه پرنسپال آهي. ملئي مسلمانن جو هي نالو Che Ngah اسان جي ماڻهن لاءِ عجيب لڳي، پر هتي اهو عام آهي، جيئن پاڻ وٽ ميانداد، آگي ڏنو يا انب گوپانگ.
هن اسڪول جو پنهنجو هڪ ملئي ترانو به آهي، جنهن جي ڌن آمريڪي Patriotic گاني: ”آمريڪا دي بيوٽيفل“ سان ملي ٿي.
Sekolah tinggi Malaka, keseluruh Negara
ملاڪا هاءِ اسڪول، سڄي قوم لاءِ
Beramai- ramai kita dukung rukun Negara
اسين سڀ گڏجي ملڪ جو نظريو رکون ٿا
Satu padu bertenaga majukan Negara
گڏجي هڪ ٿي همت سان پنهنجي ملڪ کي سڌاريون ٿا
Prinsip hidup progresif amalan sekolah kita
زندگي جي ترقي ڏي مائل اصولن تي اسان جو اسڪول عمل ڪري ٿو.
جيستائين هن اسڪول مان تعليم وٺندڙ اهم شاگردن جو سوال آهي، ان جو ته ڪو ڪاٿو ئي ناهي. ظاهر آهي اهو اسڪول جنهن ۾ 185 سالن کان ٻار پڙهي رهيا آهن. ان اسڪول مان ڪيترا ئي اهم ۽ نامور ماڻهو پيدا ٿيا هوندا. ڪجهه ماڻهو جيڪي آئون سڃاڻان ۽ جن سان منهنجو ملڻ جلڻ رهيو آهي، هن ريت آهن:
- داتڪ محمد علي رستم، ملاڪا جو هاڻوڪو وزيراعليٰ
- چيني سياستدان لِم گئان اينگ
- هتي جو مشهور انڊين سياستدان ۽ ڊاڪٽر ايم ڪي راجڪمار. (جيڪو 2 سال اڳ ڪوالالمپور ۾ گذاري ويو)
ملائيشيا جو قومپرست چيني (باباز جو اولاد) تان چينگ لاڪ، جنهن جي نالي تي ملاڪا ۾ هڪ گهٽي آهي، جيڪا انگريزن جي ڏينهن ۾ Heeren Street سڏبي هئي. ڪوالالمپور ۾ به پودو رايا وٽ ”جالان تن تان چينگ لاڪ“ روڊ آهي. ڪوالالمپور جي مشهور رستن تان، پيتالنگ اسٽريٽ ۽ ڪراس اسٽريٽ جي ڀرسان، تان چينگ جي پٽ تان سِيوسِن (Tan Siew Sin) نالي پڻ روڊ آهي، جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾Foch Avenue سڏبو هو. پروفيسر داتڪ ڊاڪٽر ابراهيم ابو شاهه، TUM يونيورسٽي جو وائيس چانسلر، پڻ ملاڪا جي هاءِ اسڪول جو پڙهيل آهي.

No comments:

Post a Comment