Sunday, March 04, 2012

ملائيشيا ۾ ”ماما“ ڪلچر - الطاف شيخ


ملائيشيا ۾ ”ماما“ ڪلچر
الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ ماما، جيڪو لفظ ملئي زبان ۾ Mamak لکيو وڃي ٿو جيئن ’جامع‘ ملئي زبان ۾ Jamak لکيو وڃي ٿو، جي ڳالهه نڪتي هئي. هتي ڪجهه سٽون، ان قوم بابت لکڻ، پڙهندڙن لاءِ دلچسپ ثابت ٿيندو.
ملائيشيا پاسي تامل مسلمان، جيڪو چانهه-پاڻيءَ جو هٽڙو يا ريسٽورنٽ هلائي ٿو، اهو ’ماما‘ سڏجي ٿو. هي ائين آهي جيئن اسان پٺاڻ دڪاندار کي ’لالا‘ سڏيون ٿا. هونءَ ته اسان وانگر ملئي ڪلچر ۾ هر وڏي مرد توڙي عورت کي، پوءِ اهو ڀلي کڻي ڌاريو هجي ماما يا ماسي (ملئي زبان ۾ ماچي) سڏيو وڃي ٿو. پر هاڻ انهن کي اسان وانگر مسٽر فلاڻو يا مئڊم، سر يا جناب چئي، مخاطب ٿيون ٿا. تيئن هتي ملائيشيا ۾ به انچڪ (مسٽر)، تُئان (جھور پوڙهي مرد لاءِ) يا پُئان (محترما، مسز) جي خطاب سان سڏيو وڃي ٿو. پر هي سائوٿ انڊين دڪاندار، اڄ به ماما سڏجن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي، جيئن ماضيءَ ۾ انڊين جو سماجي ۽ معاشي درجو هيٺانهون رهيو آهي ۽ هنن جي اڪثريت پورهيت ٿي ڪم ڪيو ۽ غربت جي زندگي گذاري، ان ڪري کين مڪاني ماڻهو هيٺانهون سمجهن ٿا. اڄ جڏهن انهن انڊين پورهيتن ۽ ڪلئبر ڪلاس ماڻهن جو اولاد پڙهي ڳڙهي ملڪ جي مختلف ادارن ۾ وڏن عهدن تي پهچي ويو آهي ته اها ڳالهه به ملئي مسلمانن توڙي چينين کي نٿي وڻي. کين چڙ ٿي وٺي ته هي ڪالهه جا نوڪر، چوڪيدار، ڏيهاڙيءَ تي ڪم ڪندڙ مزدور، هاري (Bonded Labor) اڄ وڏا سرجن، پروفيسر، سائنسدان، پوليس آفيسر ۽ اعليٰ فوجي عملدار ٿي ويا آهن. جتي تامل دڪاندار کي پيار مان ماما سڏيو وڃي ٿو، اتي کين ماما (Mamak) سڏڻ ۾ نفرت ۽ حقارت جو به اظهار ڪيو وڃي ٿو. جيئن اسان وٽ ڪنهن کي بنگالي سڏڻ سان نفرت جو اظهار ڪيو ويو ٿي، جيتوڻيڪ ان دور ۾ انڊيا جي بنگال صوبي جي رهاڪوءَ کي بنگالي سڏڻ سان هن کي ڪاوڙ نٿي لڳي. ڇو جو کيس خبر هئي ته اتي جا ماڻهو بنگالين کي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. بنگالين کي رابندر ناٿ ٽئگور جي قوم جو ماڻهو شاعر، اديب، ڪلاڪار، امن پسند سمجهن ٿا. پر اسان جي ماڻهن، پنهنجي بنگال صوبي (مشرقي پاڪستان) جي رهاڪوءَ کي بنگالي سڏڻ ۾ نفرت جو اظهار ڪيو ٿي. هنن جو بنگالي سڏڻ مان ”بکيو بنگالي “ وارو تصور ظاهر ٿيو پئي.


مٿين ڳالهه لاءِ، يعني تامل مسلمان دڪاندار کي ماما سڏڻ جي احساس جو مثال، اسان وٽ پٺاڻن کي لالا سڏڻ کان علاوه شيدين کي ڏاڏا سڏڻ آهي. اڄ کان هڪ ڏيڍ صدي اڳ، زئنزيبار کان آيل شيدين جي اولاد کي سندن وفاداري، خدمت چاڪري، کلمک طبيعت، چرچن ڀوڳن ۽ پهلوانيءَ جا جوھر ڏيکارڻ سبب، سنڌ جا ماڻهو، پيار مان ڏاڏا سڏين ٿا. جڏھن ته ڪي ماڻهو، ان کي derogatory طور پڻ استعمال ڪن ٿا.
هڪ ڳالهه آهي ته هيءَ ’ماما‘ به عجيب قوم آهي. ملائيشيا جي ترقيءَ ۾ سندن وڏو Contribution آهي. هاڻ ته جتي ڪٿي ڊپارٽمينٽل اسٽور، هوٽلون، دڪان ٿي پيا آهن. روڊن جي نيٽ ورڪ ۽ سواريءَ جي سهوليت ڪري، ڏورانهن ۽ جهنگلن اندر، ڳوٺن مان ماڻهو منٽن ۾ شهرن اندر پهچيو وڃي. ور نه ته ڳوٺاڻن توڙي شهر جي رهاڪن لاءِ، مامائن جا دڪان وڏو سُک هوندو هو. اڄ به آهن. نه فقط چانهه-پاڻيءَ ۽ مانيءَ-ٽڪر لاءِ پر، خبر چار لھڻ ۽ ملڪ جو واءُ سواءُ وٺڻ لاءِ به تامل دڪاندار، يعني ’ماما‘، خبر-رسان ايجنسيءَ ۽ وندر جو بهترين ذريعو مڃيا وڃن ٿا.
مون کي سال 69-1968ع وارو زمانو ياد آهي. جڏهن منهنجو پهريون دفعو، ملائيشيا جي بندرگاهن: پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ڪئالالمپور) ۽ جوهور بارو ۾ اچڻ ٿيو هو. پينانگ جي بندرگاهه ۾، رات جو دير سان جهاز پهچندو هو ته به، اسان ان وقت جهاز تان لهي ڪناري تي قدم رکندا هئاسين. جيتوڻيڪ ان وقت دڪان ۽ هوٽلون، بند هونديون هيون. جڏھن ته پراڻا جهازي چوندا هئا؛ ”مڙيئي خير آهي. هلو ته واڪ ڪري رستي تي ڪنهن ماما (ماماڪ) جي ڌاٻي تان چانهه ۽ اڦراٽو کائي اچون.“ اهو ان ڪري جو مامائن جا هن قسم جا ڌاٻا، هَٽَ، پيڍيون، ريڙها (گاڏا) ۽ هوٽلون، سال جا 365 ڏينهن، 24 ئي ڪلاڪ کليل رهن ٿا. فقط عيدالفطر وارا ٻه ڏينهن موڪل ڪن، جيئن چيني دڪاندار پنھنجي نئين سال شروع ٿيڻ تي، ٻه ڏينهن موڪل ڪن ٿا.

هاڻ ته هر بندرگاهه ۾، جهاز تان لهه ته ٿڌن مشروباتن ۽ کاڌي پيتي جي شين جون وينڊنگ باڪسز لڳيون پيون آهن. جن ڪٻٽن جي چِيرن (Slots) ۾ گهربل رقم وجهي پسند جا ڪيڪ، بسڪٽ، بادام، پستا يا ڪوڪا ڪولا، سيون اپ ڪڍي سگهجي ٿي. تنھن هوندي به ڏسجي پيو ته مون جهڙا مامائن جا شوقين، تامل دڪاندارن جي دڪانن (Kedai Mamak) تي پهچيو وڃن. ڇو جو انهن جي چانهه ۽ مٺين ڳالهين جو سواد ئي پنهنجو آهي. اھو ائين آهي جيئن اسان وٽ ماڻهو واڪ ڪري بس اسٽاپن تي پٺاڻن جي هوٽلن تي چانهه پيئن ٿا. ڇو جو سندن خاص تيار ڪيل ڌوڌ پتيءَ جو سواد ئي پنهنجو آهي. گهر ۾ ٺاهڻ سان به اهڙي مزيدار چانهه نٿي ٺهي. خبر ناهي پٺاڻن جي هوٽل تي ٺهيل ڌوڌ پتي چانهه ڪاٺين جي باهه تي ٺاهڻ ڪري اهڙي ٿئي ٿي يا هو ڪا خاص پتي استعمال ڪن ٿا يا ڪا منجهس ٻي ڪا شيءِ وجهن ٿا.
ان تان مون کي ياد آيو؛ مامائن جي هوٽلن جي به هڪ چانهه جيڪا تيح تاريڪ (Teh Tarik) سڏجي ٿي، سڄي ملائيشيا ۾ مشهور آهي. ملئي زبان ۾ دڪان کي ڪيدائي (Kedai) سڏجي ٿو، جيڪو دراصل تامل زبان مان ورتل آهي. چانهه کي Teh چون ۽ تاريڪ جي لفظي معنيٰ آهي ڇڪڻ يعني Pull ڪرڻ. جيئن اسان وٽ دروازن تي لکيل هوندو آهي pull . جنھن جي معنيٰ آھي دروازي کي پاڻ ڏي ڇڪيو. تيئن ملائيشيا جي آفيسن ۽ دڪانن جي دروازن تي، ملئي زبان ۾ هڪ طرف Tolak معنيٰ push لکيل هوندو آهي ته ٻئي طرف Tarik معنيٰ pull هوندو آهي.
’تيح تاريڪ‘ ساڳي عام چانهه هوندي آهي، پر هي تامل دڪاندار (ماما) اها چانهه ٽهڪڻ بعد ڪوپ يا گلاس ۾ وجهڻ بدران، هڪ وڏي جست يا اسٽيل جي ڪريءَ ۾ وجهي، پوءِ اها ٻئي هٿ ۾ جهليل ٻي ڪريءَ ۾ نائيندو آهي. ائين ان چانهه کي هڪ ڪريءَ مان ٻيءَ ۾ ۽ ٻيءَ مان پهرين ۾ ڏهه پندرهن دفعا اٿل پٿل ڪندو آهي، جيئن اسان وٽ گهرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ننڍي ٻار کي چانهه ٺاري ڏيڻ لاءِ ڪبو آهي. ڪي ڪي ماما، بلڪ هاڻ ته اهو فئشن ۽ ڪرتب ڏيکارڻ جو ڪم ٿي پيو آهي، ٻن ڪرين جي وچ ۾ گهڻي کان گهڻو فاصلو رکي، هڪ ڪريءَ مان ٻي ڪريءَ ۾ آبشار وانگر چانهه نائيندو آھي. هڪ ماما کي ته ڏٺم ته؛ هو هٿ ۾ چانهه جون ڀريل ٻه ڪريون کڻي، ٻئي هٿ ۾ جهليل خالي ڪرين ۾ چانهه اوتي رهيو هو. اهو فوٽو، ملائيشيا جي اڙدو واري سفرنامي ”ملائيشيا ڪي دن“ ۾ ڏئي چڪو آهيان. ان قسم جا تماشا ڏسڻ لاءِ، مامائن جي دڪانن اڳيان ڪيترا ئي غير ملڪي سياح نظر اچن ٿا.

ملائيشيا جي ان قسم جي چانهه ”تيح تاريڪ“ يا عام چانهه، توهان کي هرگز نه وڻندي. ڇو جو ملائيشيا ۾ چانهه يا ڪافيءَ ۾ condensed کير استعمال ٿئي ٿو، جيڪو بيحد گهاٽو ۽ مٺو ٿئي ٿو. جيسين ان جو عادي نه ٿجي، تيسين اها چانهه عجيب لڳي ٿي. اسان کي به شروع جا ٻه ٽي مهينا بنهه پسند نه آئي. گهر ۾ پائوڊر واري کير مان چانهه ٺاهي پيئندا هئاسين پر ٻاهر ته جتي ڪٿي اها مٺي کير جي چانهه ملي ٿي. تنھنڪري مجبورن ٽي چار دفعا پي، اهڙا عادي ٿي وياسين جو پنهنجي ملڪ جي ڌوڌ پتي يا انگريزي اسٽائيل جي چانهه، الڳ کير ۽ الڳ کنڊ واري، وسري وئي. جيئن شروع جي ڏينهن ۾ ملئي ماڻهن تان کلندا هئاسين ته نيرن تي ڪيئن ٿا ناسي ليماڪ (Nasi Lemak) کائين. ڇو جو اسان لاءِ نيرن تي ڀت کائڻ، سو به مڇيءَ سان، عجيب ڳالهه هو. پر پوءِ ناريل جي کير ۾ رڌل اهو ناسي ليماڪ وارو ڀت، اهڙو وڻي ويو جو اڄ به ملائيشيا جو نالو ٻڌڻ سان ناسي ليماڪ ٿو ياد اچي.

مٿي ناسي ليماڪ ۾ به ’ڪ‘ جو اچار ماٺيڻو آهي. يعني ملئي زبان ۾ Jamek (جامع)، Nenek (ناني) وانگر lemak ۾ به آخر ۾ `k` لکجي ٿي پر اچارجي نٿي. هتي اهو به لکندو هلان ته؛ بس اسٽانن تي ٺهندڙ ڌوڌ پتي چانهه وانگر، ملائيشيا ۾ مامائن جي تيح تاريڪ (ڇڪيل چانهه) ۾ به ڪٿي ڪٿي مٺاڻ ۽ ريزن جهڙين شيون ملايون وڃن ٿيون، جن جي ڪري اها چانهه وڌيڪ مٺي، گهاٽي ۽ مائيدار ٿئي ٿي. جيڪا چسيرن يا مٺاڻ کائڻ جي شوقينن کي وڌيڪ پسند اچي ٿي. هونءَ به ملئي ماڻهو مٺاڻ کائڻ جا شوقين آهن.

2 comments:

  1. great Altaf:

    he says his as we are there and watching him doing so.

    ReplyDelete
    Replies
    1. Dear Nadir! You are quiet right. Mr. Altaf elaborates the visited sites thoroughly so as the reader reaches there in his dreams.

      Delete