Sunday, March 18, 2012

مسجدن ۽ مندرن جو شهر ملاڪا - الطاف شيخ



مسجدن ۽ مندرن جو شهر ملاڪا
الطاف شيخ
ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا ۾ آءٌ هڪ وڏو عرصو لڳاتار رهيو آهيان. اٽڪل ڏهه سال کن ۽ اهڙا سال کن رهڻ کان اڳ جهاز جي هيڏانهن اچڻ ڪري ملائيشيا جا مخلتف شهر ۽ بندرگاهه گهمندو رهيس ۽ هاڻ ملائيشيا ڇڏڻ بعد به وري وري اچڻ ٿيندو رهي ٿو ۽ هر دفعي ملائيشيا اچڻ تي ملاڪا ضرور اچان ٿو. ملاڪا شهر ۾ مون کي وڌيڪ ڪشش ٿئي ٿي. هي شهر مون کي وڌيڪ رنگين لڳي ٿو. ڪلچر جي لحاظ کان، ماڻهن جي لحاظ کان، کاڌن پيتن، ويس وڳن، سازن سروندن، عبادت گهرن ۽ باغ باغيچن کان. اڄ کان چاليهه سال اڳ جڏهن منهنجو ملاڪا ۾ پهريون دفعو اچڻ ٿيو هو تڏهن به ۽ اڄ به ڊچن جي ڳاڙهين عمارتن اڳيان لڳل انگريز راڻي وڪٽوريا جي ڦوهاري جي ڪپر تي ويهي ڀانت ڀانت جي ماڻهن کي ڏسي ۽ انهن جون ڳالهيون ۽ انهن جي چهرن تي مسڪراهٽون ڏسي اهو ئي مزو اچي ٿو جيڪو ننڍي هوندي هالا ۾ پپر جي وڻ هيٺ هندن جي نار وٽ ويهي ايندڙ ويندڙ ٻار ٻچي يا عورت مرد کي ڏسڻ ۾ آيو ٿي. انهن هنڌن تي ڪيڏو سڪون ۽ فرحت محسوس ٿئي ٿي. ملاڪا ۾ نه فقط راڻي وڪٽوريا جي ڦوهاري وٽ پر ٻين به ڪيترن ئي هنڌن تي وڃڻ ۾ مون کي ڄڻ ته ڪشش محسوس ٿئي ٿي. شهر جون هي مسجدون، مندر، مارڪيٽون، باغيچا ۽ پاسار مالمون (رات واريون بازاريون) مون لاءِ ڪنهن پير جي درگاهه ۽ ميلن ملاکڙن کان گهٽ ناهن. هن وقت آئون اهو ئي سوچي رهيو آهيان ته ملاڪا پهچي هڪ ڌارئين يا هن ملڪ جي شهريءَ کي ڇا ڇا ڏسڻ کپي، جيئن ڏينهن ٻن جي ٽوئر ۾ هو ملاڪا جو اصل سواءُ وٺي سگهي.


منهنجي خيال ۾ ملاڪا پهچي هن شهر جون ڪجهه اهم مسجدون (آڳاٽيون توڙي نيون) ضرور ڏسڻ کپن. ملاڪا مسجدن جو شهر پڻ آهي ۽ اسان جهڙو ماڻهو جنهن جو واسطو هن ملڪ ملائيشيا انڊونيشيا، ٿائلينڊ، اوڀر چين، ڪمبوڊيا ۽ برونائي جهڙن ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن سان نه آهي پر ننڍي کنڊ، ايران يا عربستان جهڙن ملڪن سان آهي، ان کي هتي جون مسجدون ڏسي ضرور مزو ۽ ڪجهه ڪجهه حيرت ٿيندي جو هتي جي جهونين توڙي نئين مسجدن جي عمارتسازي ۽ ڊيزائين جو نمونو سماترا، جاوا، ڪمبوڊيا جي چيني ۽ ٻوڌي عبادت گهرن جهڙو آهي ۽ جيستائين سونهن، سوڀيا ۽ اعليٰ قسم جي سجاوٽ ۽ بناوٽ جو مثال آهي، ان ۾ ته ملائيشيا جي هر شهر توڙي ڳوٺ جي مسجد يا سورائو Surau (ننڍي مسجد) پنهنجو شان پاڻ رکي ٿي جو هتي جو سرڪاري مذهبي ڊپارٽمينٽ (جَباتان اُگاما) ٻين مذهبي ڳالهين سان گڏ ان ڳالهه جو به خيال رکي ٿو ته هر مسجد اوڙي پاڙي جي عمارتن کان سهڻي ۽ سٺي ٺهيل هجي. يعني هن ۾ استعمال ٿيل سرن ۽ پٿرن کان گاري ۽ گچ تائين ۽ دروازن جي ڪڙن ڪنڍن کان بجلي جي سُئچن ۽ وضوءَ جي نلڪن تائين هر شيءِ اعليٰ معيار جي استعمال ٿيل هجي ۽ جيڪي مسجدون سرڪار جي سرپرستي ۾ ٺهيل آهن، انهن کي ڏسڻ لاءِ ته ماڻهو پري پري کان هليو اچن ٿا. جيئن تازو ٺهيل ”مسجد سيلات ملاڪا Malacca Straits mosque ڏسڻ جو جڏهن ڊاڪٽر مير عطا ٽالپر پروگرام ٺاهيو ته چيومانس ته مون هتي جون ڪيتريون ئي مسجدون ڏٺيون آهن.
”سائين توهان هيءَ به ته هلي ڏسو. فقط پري کان مسجد وارو نظارو ڏسي وات مان واهه واهه نڪري ويندانوَ.“ ڊاڪٽر عطا چيو ۽ هن واقعي سچ چيو، نه فقط ان کي ڏسڻ سان پر ان جي فقط تصوير ڏسڻ سان منهنجي فيس بڪ جي دوستن مان ڪيترن کي ان بابت Comments۾ ”واهه واهه“ لکڻو پيو.
هاڻ ڳالهه نڪتي آهي ته Masjid Selat جي، ته پهرين ان تي ٻه ٽي سٽون لکندو هلان. ان بعد هن شهر ملاڪا، جنهن کي پڻ آئون پنهنجو ڳوٺ سمجهان ٿو، ان جي ٻين به ٻن ٽن مسجدن بابت پڻ مختصر احوال لکان.
هيءَ مسجد ملاڪا وٽان لنگهندڙ ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ جي ڪناري تي آهي. ڳچي سمنڊ(Straits)  لاءِ لکي چڪو آهيان ته سمنڊ جو اهو سوڙهو لنگهه جيڪو ٻن سمنڊن کي ڳنڍي ان کي ”ڳچي سمنڊ“ (انگريزي ۾ Straits) سڏجي ٿو. هن ڳچي سمنڊ جو بين الاقوامي نالو "Malacca Straits"آهي. جيتوڻيڪ هي سامونڊي سوڙهو لنگهه، ايڏو ڊگهو آهي جو ان کي اڪرڻ لاءِ اسان جي جهاز کي ٻه ڏينهن ٻه راتيون لڳيو وڃن ۽ ان سامونڊي درياهه تي نه فقط ملاڪا پر پينانگ، لنگڪوي، پورٽ، ڪلانگ، جوهور بارو ۽ آخر ۾ (جتي هي چيني وڏي سمنڊ سان ملي ٿو، اتي) سنگاپور به آهي، پر جيئن ته پراڻي زماني ۾ فقط ملاڪا شهر جو وجود هو، ان ڪري هن ڳچي سمنڊ جو نالو هن شهر ملاڪا تان پيو آهي ۽ اسان جي آڳاٽن سامونڊي نقشن ۾ به هن جو انگريزي ۾ نالوMalacca Strait ۽ ملئي زبان ۾ Selat Melaka لکيل آهي. ملئي زبان ۾ سيلات معنيٰ ڳچي سمنڊ آهي ۽ هن مسجد جو نالو ”مسجد سيلات ملائيشيا“ پڻ آهي. هونءَ هي ڳچي سمنڊ ايترو سوڙهو به نه آهي. ڇو جو سندس ٻيو ڪپر جيڪو انڊونيشيا جو وڏو ٻيٽ سماترا آهي، ان جا ڪناري وارا جبل فقط صاف موسم ۾ نظر اچن ٿا. بهرحال ملاڪا شهر وٽ هن ڳچي سمنڊ ۾ هڪ هٿرادو ٻيٽ ٺاهيو ويو آهي، جنهن جو نالو ئي آهي ”پلائو ملاڪا“ ملئي زبان ۾ پلائو معنيٰ ٻيٽ ۽ هن ٻيٽ جي ڪناري تي مسجد اهڙي طرح پيل پاين تي ٺاهي وئي آهي جو سندس اڳ جو فقط ٿورو حصو زمين تي آهي، باقي سمنڊ ۾ آهي. وڏي وير (High Tide) وقت ائين لڳندو آهي ڄڻ هيءَ مسجد پاڻيءَ مٿان تري رهي آهي. ان ڪري هن مسجد کي Masjid Terapung يا Floating Mosque به سڏين ٿا. ملئي زبان ۾ اپنگ معنيٰ ترڻ تنهن جي اڳيان Ter (تر) لکڻ سان ٿيندو ترندڙ. ملئي زبان ۾ ڪيترن لفظن اڳيان ’تر‘ لکڻ سان اهي فعل مان اسم، صفت يا ضرف ٿين ٿا. جيئن Balik معنيٰ موٽڻ. ان جي اڳيان ’تر‘ لکڻ سان لفظ ٺهي ٿو Terbalik معنيٰ اونڌو ٿيل. هڪ ٻيو لفظ آهي بارو معنيٰ نئون ۽ تربارو معنيٰ نڪور، تهدر. ملئي زبان ۾ لفظن اڳيان نه فقط ’تر‘ پر ber، men ۽ pen ڳنڍڻ سان ان لفظ جون مختلف معنائون ٿيو وڃن.
هن مسجد جو افتتاح 24 نومبر 2006ع تي ان وقت جي بادشاهه تئانڪو سيد سراج الدين ڪيو هو. هن مسجد جي اڳيان جيڪو روڊ لنگهي ٿو ان جو نالو ”جالان ملاڪا رايا“ آهي. منهنجي خيال ۾ هيءَ مسجد اهڙي آهي جيڪا ملاڪا ايندڙ هر مذهب جي ماڻهوءَ کي ڏسڻ کپي. ايران ۽ عربستان ۾ ڪيتريون ئي هن کان وڏيون ۽ ماڊرن مسجدون آهن پر هن مسجد جي ڊيزائين ۽ سمنڊ ۾ هجڻ ڪري ڪيترائي عرب ۽ ايراني به فوٽو ڪڍندا رهيا. ان کان علاوه ملاڪا جون ٻه ٽي هي مسجدون به ڏسڻ وٽان آهن.
ملاڪا جي هي ٻي نئين ۽ ماڊرن مسجد جيڪا منهنجي هوندي ٺهي اها مسجد العظيم آهي. هيءَ مسجد شهر جي وچ ۾ ملاڪا اسپتال جي ويجهو جالان (شاهراهه) بُڪت بارو تي آهي ۽ توهان جي اتان پنڌ لنگهي رهيا آهيو يا ٽئڪسي ۾ ته ڪجهه گهڙيون ترسي هن کي اندران به ڏسي سگهو ٿا. هن مسجد جي ٺهڻ جو ڪم 1984ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1990ع ۾ ان وقت جي بادشاهه سلطان اذلان شاهه افتتاح ڪيو. هي بادشاهه هاڪيءَ جي حوالي سان اسان وٽ به مشهور آهي. ملائيشيا جي مڙني بادشاهن ۾ هي وڌيڪ پڙهيو ڳڙهيو ليکيو وڃي ٿو. بادشاهه ٿيڻ کان اڳ پاڻ هن ملڪ جي هاءِ ڪورٽ جو جج پڻ ٿي رهيو هو.
هن مسجد جي اڏاوت تي چيني هنرمندي ۽ مڪاني ملئي عمارت سازيءَ جو وڏو اثر آهي.
ملاڪا جي پراڻين مسجدن ۾ منهنجو مسجد تنغڪرا (Tranguerah Mosque) ۾ تمام گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيو جو ملاڪا شهر ڏي ويندي ۽ موٽندي منهنجو هن مسجد وٽان لنگهه ٿيو ٿي ۽ ڪيترا دفعا جمعي نماز يا سانجهي نماز هن مسجد ۾ پڙهڻي پيئي ٿي. يا وري اوسي پاسي ۾ رهندڙ ڪنهن ملئي دوست سان ملڻ لاءِ يا ڪوالالمپور يا سنگاپور کان ملاڪا ايندڙ دوست سان گڏجڻ لاءِ کين هن مسجد جا پار پتا ڏيندو هوس، جيڪا ملاڪا جي مشهور مسجد آهي ۽ ملاڪا جي اهم شاهراهه جالان ترنغڪرا تي هجڻ ڪري هر هڪ ان کان واقف آهي. سندس ڀرسان هتي جو مشهور ملئي اسڪول ”گاجا بيرانگ سيڪنڊري اسڪول“ اڳهين هو ۽ هاڻ ”انٽرنيشنل اسڪول“ کلڻ ڪري ملاڪا ۾ رهندڙ ڌاريا به هن روڊ ۽ هن مسجد کان واقف آهن. ان کان علاوه هن مسجد جي ڀرسان ڪجهه ٻيون اهم شيون پڻ آهن، جن ۾ هر هڪ ٽوئرسٽ جي دلچسپي رهي ٿي، جيئن ته ڪمپونگ چِٽي (چٽي ڳوٺ) لِيگئسي هوٽل، سورائو مسجد ۽ خريداريءَ لاءِ جايا مُودا پلازه.
مسجد ترنغڪرا جيڪا Tengkera به ڏسجي ٿي ته Tranquerah به، سال 1728ع ۾ ٺهي جڏهن ملاڪا تي حڪومت ڪندڙ ڊچن عيسائيت کان علاوه ٻين مذهبن کي به آزادي ڏني. ان ئي سال هتي جي هڪ ٻي پراڻي مسجد ”ڪمپونگ هُولو“ پڻ ٺهي. مسجد تنغڪرا پهرين جڏهن ٺهي ته سڄي ڪاٺ جي ٺهي هئي. هتي جنگل ۽ ٻيلن ڪري ڪاٺ تمام گهڻو ۽ سستو آهي. اڄ به ڳوٺن جي گهرن جون ڇتيون ته ڇا ڀتيون ۽ فرش به ڪاٺ مان ٺاهيو وڃي ٿو. اڌ صديءَ بعد 1780ع ۾ هن مسجد ۾ تبديليون آنديون ويون ۽ ان کي اڄ واري صورت ۾ آندو ويو. باقي جيڪو منارو آهي، اهو ان ئي اصلي صورت ۾ آهي. هنن مسجدن ۾ توهان کي پاڻ وارين مسجدن وانگر گنبذ نظر نه ايندو پر هي مسجدون اهرام (Pyramid) وانگر نظر اچن ٿيون ۽ گهڻو ڪري هڪڙو ئي منارو ٿئي ٿو. اهو به اسان جي مسجدن جي مناري کان مختلف ٿئي ٿو.
هن مسجد جي اڱڻ تي ”جوهور“ رياست جي هڪ سلطان حسين محمد شاهه جو مقبرو آهي. هي اهو سلطان آهي، جنهن پنهنجي رياست جوهور ڀرسان ڪجهه ويران ٻيٽن مان هڪ سنگاپور نالي 6 فيبروري 1819ع تي اسٽئمفورڊ رئفلز کي وڪڻي ڏنو هو.
جنهن سال (1728 ۾) مسجد تنغڪرا ٺهي هئي، ان ئي سال ملاڪا ۾ هڪ ٻي مسجد ڪمپونگ هُولو مسجد ٺهي هئي. هيءَ مسجد ’جالان تڪانگ اِماس‘ تي ٺهيل آهي، جيڪو روڊ ”هارموني اسٽريٽ“ به سڏجي ٿو. هي روڊ Harmony يعني سڪون ڀريو روڊ شايد ان ڪري سڏيو ويندو هجي جو هتي هندن جو مندر ”سري پايا ٿا ويانگر مورتي“ چينين جو مندر ”چينگ هون تينگ“ ۽ هڪ ٻي پراڻي مسجد ”ڪمپونگ ڪِلنگ مسجد“ پڻ آهي. 285 سال اڳ ملاڪا جي ملئي ڪميونٽي جو ليڊر ”ڪپتان داتو شمس الدين الونگ“ هو. مسجد ڪمپونگ هُولو هن شخص ٺهرائي هئي. ڪيترن جو چوڻ اهي ته ڪپتان چين کان هتي اچي رهيو هو ۽ هن کي ”سُن شيهلن“ نالي سان پڻ سڏيو ويو ٿي. هو چين کان ملاڪا اَچي رهيو هو ته هن جو جهاز سامونڊي لهرن سان ٽڪرائجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. ڪاٺ جي ٽڪرن ذريعي پنهنجي جان بچائي ملاڪا جي ڪناري اچي ڦهڪو ڪيائين. جهاز جي حادثي مهل هن سُکا ڪئي هئي ته هن کي جي حياتي ملي ته اسلام قبول ڪندو. مسلمان ٿيڻ بعد هن پنهنجو اسلامي نالو شمس الدين رکرايو پر ساڳي وقت هن کي سندس اصلي چيني نالي سان به سڏيو ويو ٿي.
هن مسجد جو نمونو پڻ سماترائي آهي. ان سان گڏ هن مسجد جي ٺاهه جوڙ ۾ چيني ۽ ڊچ نمونو پڻ رکيو ويو آهي. بهرحال مٿيون ٻه پراڻيون مسجدون ۽ ٽي مسجد ڪمپونگ ڪلنگ جيڪي هڪ ٻئي ويجهو آهن. ملاڪا ۾ آئي سارو ضرور ڏسجن نه ته ٻي صورت ۾ انهن مسجدن جون تصويرون ڏسڻ سان به Idea ٿي سگهي ٿي ته هنن پَٽن تي آڳاٽيون مسجدون ڪهڙي اسٽائيل جون هيون.
مسجد ڪمپونگ ڪِلنگ ملاڪا ۾ رهندڙ ننڍي کنڊ جي مسلمان سوداگرن 1748ع ۾ ٺهرائي. ياد رهي ته هندستان جا ڪيترائي واپاري خاص ڪري گجراتي وڏي عرصي کان ملاڪا ۾ ايندا ويندا رهيا ٿي. هن مسجد سان اڪثر ”مسجدون ڪمپونگ هولو“ جي ڀل ٿيندي آهي جو اهي ٻئي مسجدون هڪ ٻئي جي ويجهو آهن ۽ سندن پگوڊا(Pagoda) جهڙا منارا به هڪ ٻئي سان ملن ٿا. بهرحال هيءَ مسجد ڪمپونگ ڪلنگ 20 سال کن پوءِ ٺهي. ان سان ملندڙ جلندڙ نالي واري ڪپيتان ڪِلنگ مسجد پينانگ ٻيٽ تي بڪنگهام اسٽيٽ ۽ پِٽِ اسٽريٽ جي ڪنڊ تي آهي، جيڪا پڻ آڳاٽين انڊين مسلمانن ٺهرائي. ائين ته ڪيترائي ڳوٺ، وستيون ۽ علائقا اهڙا آهن، جن جي نالن ۾ ڪِلنگ (Keling) اچي ٿو، جيئن ته ڪمپونگ ڪِلنگ، بُڪت ڪلنگ، تنجنگ ڪلنگ وغيره. ملئي زبان ۾ ڪمپونگ معنيٰ ڳوٺ يا چؤديواري اندر وڏو گهر جيئن اسان وٽ ڳوٺن ۾ چوڌاري ڏنل لوڙهي اندر ڪيتريون ڀائرن، سوٽن، چاچن جون فئمليون رهن ٿيون. انگريزي جو لفظ ڪمپائونڊ به ملئي لفظ ڪمپونگ مان نڪتل آهي. ملئي لفظBukit جي معنيٰ ٽڪري، پهاڙي، دڙو آهي ۽ تنجنگ معنيٰ سامونڊي ڪنڊ آهي. پر هتي جنهن لفظ جي معنيٰ ۽ وضاحت ڪرڻ چاهيا ٿو، اهو لفظ Keling آهي.
ملائيشيا ۾ Keling جيڪو اسين اڙدو يا سنڌيءَ ۾ ته ڪلنگ لکون ٿا، پر ملئي جوي ۾ ڪلنغ لکيو وڃي ٿو. ملائيشيا جي انڊين لاءِ استعمال ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ ان لفظ ۾ ڪا خرابي نه هئي، پر هاڻ جيئن جيئن ملائيشيا ترقي ڪري ويو آهي ته ملائيشيا ۾ رهندڙ انڊين کي ڪجهه نفرت ڀري لهجي ۾ ڪلنگ سڏيو وڃي ٿو، جيئن چانهه پاڻي جون هوٽلون هلائيندڙ انڊين کي ڪجهه بي عزتي واري انداز ۾ ”ماما“ (Mamak) سڏيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ هونءَ ماما (ماءُ جو ڀاءُ) لفظ ڪو برو ناهي. ڪو زمانو هو، ويندي هندستان جي ورهاڱي يا ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ تائين به اسان جي ملڪن جي وڏي لئه هئي. ايتري قدر جو 1957ع ۾ جڏهن ملائيشيا مان انگريز ويو پئي ته اتي رهندڙ انڊين کان جڏهن پڇيو ويو ته ”توهان کي ملايا جو پاسپورٽ کپي يا توهان پنهنجي پراڻي انڊيا واري پاسپورٽ تي خوش آهيو“ ته ڪيترن اهو سوچي انڪار ڪيو ته ملايا (جيڪو پوءِ 1963ع کان ملائيشيا ٿيو) ۾ ڪير رهندو، جيڪو سڄو جنگل آهي. هوڏانهن دهلي، لکنو، آگرو، لاهور، بمبئي، ڪلڪتو، ڊاڪا وغيره دنيا جا ماڊرن ۽ ترقي يافته شهر هئا. ملايا ۾ رهندڙ انڊين مان ڪيترن ته ملايا جو پاسپورٽ ان ڪري به قبول ڪيو جو هو غريب هئا ۽ انهن وٽ مدراس، بمبئي، دهلي، لاهور موٽڻ جو نه ڀاڙو هو ۽ نه ڪي اتي مائٽ مٽ هئا.
ايتريقدر جو ستر واري ڏهي ۾ به اسان پاڻي جي جهاز توڙي هوائي جهاز هلائڻ، انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل سائنس ۾ ملائيشيا وارن کان اڳڀرا هئاسين، پر پوءِ هي ملئي ماڻهو جن کي ملائيشيا ۾ رهندڙ انڊين ۽ چيني ”جنگل جا ماڻهو“ سڏيندا هئا سي ٻهراڙي توڙي ڳوٺن جا ماڻهو ۽ سندن اولاد ويا ترقي ڪندا ۽ اسان، خاص ڪري اسان پاڪستانين کي، خبر ناهي ڪنهن جي نظر لڳي وئي جو اسان جي لاءِ پنهنجن توڙي پراون جو Image خراب ٿي ويو آهي. بهرحال ڪو دور هو جو ملائيشيا ۾ رهندڙ انڊين خاص ڪري آڳاٽا آيل گجراتي ۽ ٻيا سوداگر وڏي ڳالهه سمجهيا ويا ٿي ۽ ملئي ماڻهن کي ڄٽ سمجهيو ويو ٿي پر هاڻ سائين ملئي ماڻهو هر فيلڊ ۾ اڳتي وڌي ويا آهن ۽ هاڻ هو ملائيشيا ۾ رهندڙ باقي ٻن قومن ”انڊين ۽ چينين“ تان چٿرون ڪن ٿا ۽ جيئن پهرين به لکي چڪو آهيان ته ٽئگور جي ڪري يا اڄ ڪلهه به بنگال جي آرٽ، ادب، فلمن، فلمي ائڪٽريسن ۽ ڳائڻين ڪري انڊيا ۾ بنگالي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، پر اسان وٽ سياسي جهڳڙن ڪري بنگالي لفظ Derogatory انداز ۾ استعمال ٿيڻ لڳو هو، ايتريقدر جو ”بوکي بنگالي“ ۽ ان قسم جا محاورا ٺهي پيا هئا. اهڙي طرح ملائيشيا ۾ ڪيلنگ جو لفظ آهي. ڪنهن جي واعدي ڪرڻ ۾ شڪ هوندن ته ملئي زبان ۾ چوندا ”جانجي ڪيلنگ“ معنيٰ انڊين وارو واعدو پيو ڪرين ڇا؟ ملئي زبان ۾ Janji معنيٰ واعدو آهي. ملئي توڙي چيني ڪميونٽي ۾ ڪو فيصلي ڪرڻ ۾ ٿاٻڙبو يا متضاد بيان ڏيندو ته ان کي چوندا: ”چَڪ اپ مچام ڪيلنگ“ يعني تون انڊين وانگر پيو ڳالهائين. ملئي زبان ۾ Cakap معنيٰ ڳالهائڻ ۽ Macam معنيٰ وانگر.
رومن، يعني اي بي سي ملئي لکڻ مهل ’چ‘ جي اچار لاءِ فقط 'C' لکيو وڃي ٿو. سو ملائيشيا ۾ رستي تي ڪنهن اشتهاري بورڊ تي اهي اکر انهن چار سان پڙهجن.
ڪيلنگ کان علاوه انڊين، خاص ڪري تامل چُوليا به سڏجن ٿا ۽ ملاڪا ۾ ڪي اهڙا به آڳاٽا تامل آهن جن جي زبان ۾ ملئي لفظ گهڻا آهن، جيڪي ملئي ماڻهن وارا کاڌا ۽ ويس وڳا پهرين ٿا ۽ انهن جي عبادت ۽ ڪلچر ۾ ڪيتريون ئي چينين ۽ مسلمانن جون ريتون رسمون آهن. اهي چٽي (Chitty) سڏجن ٿا. هي ائين آهن، جيئن ملاڪا ۾ آڳاٽا آيل چيني جيڪي ملئي ڳالهائين ٿا ۽ ملئي ڊريس پائين ٿا ۽ ”پَرانڪان“ Peranakan سڏجن ٿا. ملاڪا ۾ هنن آڳاٽن هندو تامل ”چِٽين“ جو ”جالان گاجا برانگ“ روڊ تي سِري پَوياٿا مورتي مندر به آهي، جيڪو 1781 ۾ ٺهيو ۽ ملائيشيا جو سڀ کان پراڻو هندن جو مندر آهي، جنهن ۾ اڄ ڏينهن تائين پوڄاري ايندا رهن ٿا. هي مندر چٽي يعني تامل هندن جي ليڊر ٿاوينا ياگر ٺهرايو، جنهن لاءِ هن کي ان وقت جي ڊچ حڪومت هي پلاٽ ڏنو هو. هي مندر گنيش ديوتا کي منسوب ٿيل آهي، جنهن کي هتي جا تامل وينا ياگر به سڏين ٿا. هي مندر مسجد ڪمپونگ ڪيلنگ جي بلڪل ويجهو آهي. سو هارموني اسٽريٽ يعني ”جالان تڪانگ ايماس“ روڊ تي مٿين مسجد ڏسڻ مهل هندن جو هي مندر ۽ اتي ئي ٺهيل چينين جو هڪ مندر ”چينگ هُون تينگ“ ڏسي سگهجي ٿو.
”چينگ هُون تينگ“ چينين جي مندر جي لفظي معنيٰ ”سائي ڪڪر جو مندر“ آهي، جيڪو 1645 ۾ شهر جي چيني اڳواڻ لِي وِي ڪنگ ٺهرايو، جنهن لاءِ هُن، سونهن ۽ سينگار جو سامان، چين مان گهرايو. انهن ڏينهن ۾ ملاڪا سلطنت ڊچن جي قبضي ۾ هئي. ٻڌ چينين جو هي مندر سڄي ملائيشيا ۾ پراڻو مندر آهي، جنهن ۾ اڄ تائين پوڄا پاٺ جو ڪم هلندو رهي ٿو. هن مندر ۾ چينين جي مشهور ديوي ”ڪئان ين“ جي مورتي رکيل آهي، جيڪا ”رحم جي ديوي“ سڏي وڃي ٿي. هن مندر ۾ ڪاٺ ۽ رنگ پالش جو ڪم ڏسڻ وٽان آهي. ايتريقدر جو هن مندر کي يونيسڪو طرفان ايوارڊ آف ميرٽ ڏنو ويو آهي. ٽوئرسٽن لاءِ هي مندر صبح جو ستين کان شام جو ستين تائين کليل رهي ٿو:
ملاڪا شهر ۾ آڳاٽين ۽ ماڊرن مسجدن، هندن ۽ چينين جي مندرن کان علاوه عيسائين جا پڻ ڪيترا ئي گرجا گهر (Churches) آهن، جيڪي ملاڪا تي راڄ ڪندڙ مختلف يورپي قومن: پورچوگالين، ڊچن ۽ انگريزن ٺهرايا. سڀ کان پراڻو ڪليسا گهر ”سينٽ پيٽر چرچ“ آهي، جيڪو پورچو گالين جي دور حڪومت ۾ ٺهيو. هي چرچ شهر جي مرڪز ۾ ’بندر هلير‘ ۾ آهي. پورچو گالي پهريان يورپي آهن، جن 1511 تائين تقريباً 200 سال هنن پَٽن تي راڄ ڪيو ۽ ان بعد انگريز رهيا.
سينٽ پال چرچ هڪ پورچو گالي ڪئپٽن دئارتي ڪوئلهو (Duarte Coelho) ٺهرايو، جنهن جو اصل نالو "Our Lady of hill" رکيو ويو هو، پر پوءِ ڊچن هن جو نالو سينٽ پال چرچ رکيو. هن گرجا گهر کي قبرستان ۽ قلعو پڻ بنايو ويو هو. سينٽ فرانسز زئويئر جنهن جو ذڪر آئون پنهنجي انڊيا واري سفرنامي ۾ ڪري چڪو آهيان ته ان جو مقبرو انڊيا جي شهر گوا ۾ آهي، اهو پهرين هتي ملاڪا جي هن گرجا گهر ۾ دفن ٿيو هو، جتان پوءِ 1553 جو لاش پاڻي جي جهاز ۾ کڻي گوا ۾ دفن ڪيو ويو.
هي گرجا گهر ڏسڻ وارا اتي ئي ويجهڙائي ۾ ملاڪا سلطنت جو محل (ميوزيم استانا) ۽ ڪلاڪ ٽاور ڏسي سگهن ٿا. ملاڪا جي وڏن شاپنگ سينٽرن (مالن) مان ٻه وڏا مال: داتاران پهلوان ميگا مال ۽ ماهڪوٽا پريڍ شاپنگ مال پڻ اتي ئي آهن.
سينٽ فرانسز زئويئر، جنهن جو ملاڪا ۾ دفن ٿيل لاش، بعد ۾ گوا انڊيا ۾ دفن ڪيو ويو، ان نالي پڻ هڪ گرجا گهر اتي ئي ”جالان بندر ڪابا“ روڊ تي آهي. هي چرچ 1849 ۾ فرينچ ٻائي فاور (Favre) سينٽ فرانسز جي مانَ ۾ ٺهرايو هو. سينٽ فرانسز (St: Francis Xavier) ڪئٿولڪ مشنري (مبلغ) هو، جنهن 16 صدي ۾ ڏکڻ اوڀر جي ملڪن ۾ ڪئٿولسزم جي پرچار ڪئي ۽ کيس اوڀر جو ٻائو (Apostle of the east) سڏيو وڃي ٿو.
ان کان علاوه هڪ ٻيو آڳاٽو چرچ ”سينٽ پيٽرس چرچ“ پڻ اتي ئي ويجهو ”جالان بنگارايا“ تي پترا اسپيشلسٽ اسپتال وٽ آهي، جيڪو ڊچن جي قبضي وقت 1710 ۾ ٺهيو. ”جالان بنگارايا“ روڊ تان هڪدم پراڻا ڏينهن ياد اچي ويا آهن. ملاڪا شهر جي گهٽين ۾ ته واقعي ڏهاڪو سال گذريا پر سڀ کان گهڻو هن روڊ ”جالان بنگا رايا“ تي اچڻ ٿيندو هو. ملئي زبان ۾ روڊ، رستي، شاهراهه کي ته جالان (Jalan) سڏجي ٿو، بنگارايا هنن جو قومي گل آهي، جيڪو ڳاڙهي رنگ جو وڏي سائيز جو ٿئي ٿو. هونءَ Bungo جي لفظي معنيٰ گل آهي ۽ Raya جو مطلب وڏو آهي، جيئن هتي جا ملئي ماڻهو عيد واري ڏينهن کي هري رايا سڏين ٿا، يعني وڏو ڏينهن. ڇو جو Hari معنيٰ ڏينهن آهي.
سو پاڻ ملاڪا شهر جي هڪ اهم روڊ ”جالان بنگا رايا“ جي ڳالهه پئي ڪئي. اڄڪلهه ته ملاڪا جي جنهن تنهن علائقي ۾ وڏا وڏا شاپنگ اسٽور ۽ مال کلي ويا آهن، پر اسان جي ملاڪا ۾ رهائش وارن ڏينهن ۾ هي روڊ Jalan Bunga Raya خوبصورت دڪانن خاص ڪري اليڪٽرانڪ جي شين کان مشهور هو. اسان کي ملاڪا پهچڻ سان يڪدم ڊيوٽي تي لڳائڻ بدران ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رهائي پوءِ اداري طرفان مليل فلئٽ ۾ اچي رهڻ لاءِ چيو ويو هو. اها هڪ سٺي ڳالهه ثابت ٿي جو اسان کي نئين نوڪري ۽ نئين ملڪ ۾ گهڙڻ ۾ Tension نه ٿيو ۽ ڏينهن ٻه گهمڻ ڦرڻ ڪري مزو اچي ويو نه ته انهن ڏينهن ۾ ڪنهن ٿي ملائيشيا ۾ نوڪري ڪرڻ پسند ڪئي. هر هڪ انگلينڊ ۽ آمريڪا جا خواب ٿي ڏٺا يا عرب ملڪن جا، جتي پگهار وڏا هئا. سمنڊ جي نوڪري ڇڏي هن شهر ملاڪا ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ مون سان گڏ منهنجو ڪلاس ميٽ ۽ هم پيشو چيف انجنيئر آصف غيور به هو. اسان ٻنهي هن نوڪري لاءِ گڏ Apply ڪيو هو ۽ ٻنهي کي نوڪريءَ جي آفر به ملي وئي، جيڪا اسان يڪدم قبول ته ڪري ورتي هئي، پر پوءِ سخت مونجهاري ۾ هئاسين ته وڃون يا نه وڃون. صحيح ڪيو اٿئون يا غلط. اها ڪيفيت ڪراچي ڇڏڻ وقت به رهي ته ملاڪا پهچڻ تي به. رکي رکي هڪ ٻئي کي چيوسين ٿي ته سنئون سڌو جهاز پئي هلايوسين، جتي پگهار به سٺو هو ۽ جهاز رکي رکي پنهنجي ملڪ ۾ پئي آيو. هاڻ هتي پرديس ۾ هڪ نئين ڪم (ٽيچنگ) جي شروعات ڪرڻ ۾ خبر ناهي ڪاميابي نصيب ٿئي يا نه. اسان پهرين ڏينهن ئي جالان بنگارايا تي چڪر لاءِ نڪتاسين ته واشنگ مشينن جي دڪاندار ۽ ٽي وي جي دڪان واري اسان کان پڇيو ته اسان ٽوئرسٽ آهيون. اسان جي ٻڌائڻ تي ته اسان هتي رهڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جو توهان جي حڪومت سان ٽن سالن جو Contract ڪيو آهي ته هنن يڪدم کانئن ٽي وي، فرج ۽ واشنگ مشين جهڙين شين خريد ڪرڻ لاءِ چيو.
”توهان پڪ هوٽل ۾ رهيل هوندائو، ”هنن چيو،“ توهان سامان پسند ڪيو توهان جي پهچڻ کان اڳ توهان جي فليٽ تي پهچائي ڇڏينداسين.“
منهنجي ساٿي آصف چيو ته ڳالهه ته صحيح ٿا ڪن. پاڻ کي فرنشڊ فليٽ مليو آهي، ان ۾ چلهو، بتيون، پکا ته هوندا پر هي سامان ته نه هوندو ۽ انهن شين بنا هڪ هفتو به گذاري نه سگهنداسين.“
”اهو ته صحيح آهي“، مون آصف کي چيو، ”پر جيئن پاڻ سوچيو آهي ته جي نوڪري پسند نه آئي ته ڏنڊ طور کين مهيني جو پگهار ڏئي بئگ کڻي هليا هلنداسين. ان صورت ۾ هي شيون اجايون مٿي ۾ لڳي وينديون.“
آصف کي به ڳالهه دل سان لڳي ۽ اسان ان ئي ڪري في الحال اڪيلا آيا هئاسين، جيتوڻيڪ ملائيشيا حڪومت ٻارن جي به ويزا موڪلي هئي، پر اسان اهو ئي سوچيو هو ته ملڪ ۽ نوڪري صحيح لڳي ته پوءِ مهيني ٻن بعد ٻارن کي گهرائبو.
دڪاندار اسان کي ڳڻتيون کائيندو ڏسي چيو:
”نه فقط ملاڪا شهر ۾ پر سڄي ملاڪا رياست جو سپلائر آئون آهيان ۽ مون کان وڌيڪ ڪو به سستو نه ڏيندانوَ. جيڪي به هتي نوڪري لاءِ اچن ٿا انهن کي ٻن ٽن ڏينهن اندر پگهار کان علاوه ڪجهه پئسا ڏنا وڃن ٿا، جيئن هو گهر لاءِ سامان وٺي سگهن. توهان ڀلي پئسا هفتي کن کانپوءِ ڏجو. سامان اڄ ئي موڪلي سگهون ٿا.“ ۽ اڃان به اسان کي وڌيڪ سهوليت ڏيڻ لاءِ هن چيو، ”توهان چاهيو ته اهي پئسا ڇهه مهينن جي قسطن مان ڏئي سگهو ٿا.“
جيتوڻيڪ مسواڙ وارو طريقو مون ڪنهن ملڪ ۾ نه ڏٺو هو پر مون دل ٻڌي هن چيني دڪاندار کي چيو ته هو پنهنجيون اهي شيون اسان کي وڪڻڻ بدران مسواڙ تي ڏئي ته بهتر آهي ۽ مون ڏٺو ته هو راضي ٿي ويو. اسان کي اهو طريقو اهڙو وڻيو جو 10 سال کن جيڪي ملاڪا ۾ رهياسين، جاري رکيوسين. ٽي وي يا فرج خراب ٿِي ٿي پئي ته يڪدم مرمت ڪري ويو ٿي يا ٻي ڏئي ويو ٿي. پوءِ خبر پئي ته اهو ڪو اسان ڪمال نه ڪيو آهي پر مسواڙ تي شيون حاصل ڪرڻ هتي هڪ عام ڳالهه آهي، ايتريقدر جو شاديءَ جا جوڙا ۽ ڳهه ڳٺا به هتي جا گهوٽ ڪنوار مسواڙ تي وٺن. بهرحال اسان جو ان پهرين ڏينهن کان وٺي هن روڊ (جالان بنگارايا) تي اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ۽ ان پهرين ڏينهن جو ٿو سوچجي ته لڳي ٿو اجهو اهو ڪو ڪالهه جو ڏينهن هو ۽ اسان کي سٿڻ قميص ۾ واڪ ڪندو هر دڪاندار ڏسي رهيو هو. اڄ ان پهرين ڏينهن کي ٽيهن کان مٿي سال گذري چڪا آهن. اڄ ملائيشيا جي ٽوئرسٽ انڊسٽري ايتري وڌي وئي آهي جو ملاڪا جهڙي تاريخي شهر جي جالان بنگارايا جهڙي اهم رستي تي سڄو ڏينهن دنيا جي مختلف ملڪن جا ماڻهو مختلف ويس وڳن ۾ پيا اچن وڃن نه ته اهو به ڪو زمانو هو جو گهٽ آدمشماري واري هن شهر ۾ هنن رستن تي فقط هن شهر جي اوڙي پاڙي جا ڄاتل سڃاتل ماڻهو هليا چليا ٿي. منهنجي ۽ مرحوم آصف غيور جي لنگهڻ تي سڀني غور سان ڏٺو ٿي ته هي ڌاريان ڪير آهن.

No comments:

Post a Comment