Friday, March 09, 2012

جپاني ٽيڪنالاجي، ملائيشيائي اسٽائيل - الطاف شيخ


جپاني ٽيڪنالاجي، ملائيشيائي اسٽائيل
الطاف شيخ
ملاڪا شهر جي اسپتال ۾ نوڪري ڪندڙ ۽ پنهنجو بزنيس هلائيندڙ ميرپورخاص جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر جي پروٽان GEN-2 ڪار ۾، ملاڪا شهر جي روڊن تي چڪر هڻندي مون کي پنهنجو اڄ کان 25 سال کن اڳ وارو زمانو ياد اچي ويو، جڏهن ملائيشيا ملڪ پنهنجي شروع ڪيل ڪار جو پهريون ماڊل پروٽان ساگا (Proton-saga) مارڪيٽ ۾ آندو هو ۽ ملاڪا شهر  ۾ آيل پهرين ويهه ڪارن مان هڪ مون کي به ملي هئي ۽ جنهن ڪار کي مون هنن ئي روڊن تي هلايو هو.


اسان جيئن ئي ملاڪا ۾ نوڪريءَ تي چڙهياسين ته آفيس طرفان اسان کي قرض جي آفر ٿي ته اسان ڪنهن به ملڪ جي ڪار وٺي سگهون ٿا. مون نه قرض کنيو ۽ نه نئين ڪار ورتي. سائي رنگ جي سيڪنڊ هئنڊ ڊاٽسن ڪار پنهنجن پئسن سان وٺي هلائڻ لڳس. مون اهو ئي سوچيو ته انجنيئر ماڻهو آهيان ڪا خرابي ٿي ته ٺيڪ ڪري پيو هلندس. هڪ مڪينڪ کان فون نمبر وٺي پنهنجي ڪار جي ٻي چاٻي ان کي ڏئي ڇڏي هيم ته خدانخواسته ڪٿي بنهه اهڙي حالت ٿي پوي جو آئون ان کي ٺيڪ نه ڪري سگهان ته هن کي فون ڪري اهو هنڌ ٻڌائي آئون بس يا ٽئڪسي ۾ گهر موٽي اچان. اهڙيءَ طرح مون ان پراڻي ڪار کي ٻه سال کن هلائي، هاڻ نئين ٿي ورتي ته خبر پيئي ته ملائيشيا حڪومت کي پنهنجي ڪار ٺاهڻ جو شوق ٿيو آهي ۽ هنن جي هڪ جپاني ڪار ڪمپني سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ ڇهن مهينن اندر Made in Malaysia ڪارون روڊن تي اچي وينديون. اڄ ملائيشيا کي يورپ جهڙو ماڊرن ملڪ ڏسي اسان کي اها ڳالهه عجيب نٿي لڳي پر 1985ع ۾ اها خبر پڙهي خود اسان جا مڪاني ملئي ۽ چيني دوست کليا هئا. ظاهر آهي انهن ڏينهن ۾ اڃا ملائيشيا ريڊيو ۽ ٽي وي ئي نٿي ٺاهي سگهيو ۽ جي ڪا اهڙي اليڪٽرانڪ جي شيءِ ٺاهي به ٿي ته ڪنهن خريد نٿي ڪئي. سو ملائيشيا ۾ ٺهيل ڪار ڪهڙي هوندي ۽ ڪير خريد ڪندو. مهاتير جي ان خواب کي هر ڪو بيوقوفي ۽ ملڪ جا ناڻو ضايع ڪرڻ جو ڪم سمجهڻ لڳو. ڪار ٺهي راس ٿيڻ تائين ڪيتريون ئي چميگويون هلنديون رهيون ته ملڪ ۾ جڏهن هڪ کان هڪ ولائتي ڪار وڪامي ٿي ۽ مزدا، ٽويوٽا ويندي مرسڊيز ملائيشيا ۾ ٺهن ٿيون، اتي ملائيشيا جي پنهنجي ايجاد ڪيل ڪار وٺڻ جو risk ڪير کڻندو؟ ڪيترن اها ڳالهه ٿي ڪئي ته حڪومت پڪ ڌارين ڪارين جي وڪري تي بندش وجهندي پر ان بابت مهاتير هڪ ڏينهن بيان ڏنو ته ”ائين هرگز نه ٿيندو. هر هڪ جي مرضيءَ تي آهي ته جيڪا وڻيس اها ڪار وٺي. ڌارين ڪارين تي بندش وجهبي ته اسان جي ڪار جو معيار ڪري پوندو. ’پروٽان ڪار ڪمپني‘ ڪار کي سٺو بنائڻ بدران اهو ئي سوچيندي ته مونوپلي هجڻ ڪري هر هڪ هيءَ ڪار وٺندو، چاهي اسان ڪهڙي به ٺاهيون.“
ڪار جي ڊيزائين لاءِ به هر ڪو پنهنجي راءِ ڏيندو رهيو ته اها دنيا جي ڪهڙي ڪار سان ملندڙ جلندڙ نڪرندي. هڪ دفعي اخبار ۾ هڪ نئين ڪار جي شڪل جو ڪارٽون آيو جنهن ۾ ان جي ڇت ائين ڪنڊائتي ڏيکاري وئي هئي جيئن ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ ملئي ماڻهن جي گهرن جون ڇتيون آهن. بهرحال ڪار جڏهن مارڪيٽ ۾ آئي ته هر هڪ کي نه فقط هن جي شڪل پسند آئي پر وقت سان گڏ اها مضبوط ۽ جٽادار به ثابت ٿيڻ لڳي. ٺاهڻ وارن اهو ئي چيو ته انهيءَ ڪري اسان ان جو نالو SAGA رکيو آهي. ملئي لفظ ساگا ڳاڙهي رنگ جي ٻجن جو نالو آهي جيڪي بيحد خوبصورت ۽ سخت ٿين، جن سان ٻار هر وقت کيڏندي نظر اچن ٿا. آئون ته اهو چوندس ته ساگا ٻج نه فقط ٻارن جي پسند جي شيءِ آهي پر وڏن جي پڻ. منهنجي ٻارن وٽ نيڊو کير جو دٻو هنن ٻجن سان ڀريل هو. ملائيشيا ڇڏڻ وقت ڪيترو ئي سامان اتي ڇڏي ڏنوسين پر ٻار اهي ٻج کڻي آيا. انهن سان کيڏندي هو وڏا ٿي ويا اڄ هنن جو اولاد انهن ٻجن سان کيڏي ٿو. نه فقط انهن کي پر مون کي به اڄ ڏينهن تائين هي موتين جهڙا چڪلندڙ ڳاڙها ٻج وڻن ٿا.
هنن ٻجن جي وڻ کي انگريزيءَ ۾ Coral tree ۽ ريڊ صندل وڊ به سڏين ٿا ۽ سائنسي نالوAdenanthera Pavonina آهي جيڪو چون ٿا ته يوناني زبان جو نالو آهي؛ Aden جنھن جي معنيٰ Gland آهي ۽ Anthera جو انگريزي لفظ Anther آهي. باقي پاوونينا يوناني زبان ۾ مور کي سڏين ٿا. ننڍي کنڊ ۾ Saga Seeds کي رنجانا، بادي گمچي، ڪُو چندنا، رڪٽ چندن ۽ رتن گنجا سڏين ٿا. ملائيشيا جا تامل ان کي تِلم ۽ منجاتي سڏين ٿا ۽ اُهي ته اهو به چون ٿا ته Saga جي اصل ڌرتي ملائيشيا نه پر انڊيا (خاص ڪري ڏکڻ هندستان) آهي. هونءَ به انڊيا جي صوبي تامل ناڊو ۽ ملائيشيا جي موسم ۽ زمين (Soil) ۾ ڪو خاص فرق ناهي.
ملائيشيا ۾ سندن پنهنجي نالي واري پهرين ڪار پروٽون يا پروٽان ”ساگا“ (Proton Saga) سيپٽمبر 1985ع ۾ شاهه عالم فئڪٽري مان نڪتي. ملائيشيا جي ڪار، جنهن لاءِ گهڻن جو اهو خيال هو ته نه ڌاريا وٺندا نه پنهنجا، اهڙي ته سٺي ثابت ٿي جو ڇهن مهينن کانپوءِ ان جي ڊمانڊ ايڏي ته وڌي وئي جو پروٽان ساگا ڪار خريد ڪرڻ لاءِ اڳواٽ پئسا جمع ڪرائڻا پيا ٿي، 1500 CC جي ڪار 25 هزار رنگٽ ۾ ملي ٿي. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا جو رنگٽ (ڊالر) اسان جي ڏهين رپئي برابر هو. اسان وٽ پاڪستان ۾ اُن وقت ڪا انڌي منڊي ڪار به اڍائي لک روپين ۾ نٿي ملي. ملائيشيا ۾ ٺهيل هن ڪار جي نه فقط انجڻ اعتبار جوڳي مڃي وئي ٿي پر سندس شڪل شبيهه ۽ اندر جي ڪئبن به سڀني کي وڻي ٿي. سندس آرامده بيلٽن سان سيٽون، بهترين اسٽيريو ٽيپ رڪارڊر، سڀ کان وڏي ڳالهه ته ايترن پئسن ۾ اها ئي ڪار هئي جنهن جي درين جا شيشا بٽڻ کي دٻائڻ سان کليا ۽ بند ٿيا ٿي ۽ پوءِ اهڙيون پروٽان ساگا ڪارون به اچي ويون جن ۾ اندر وهڻ کان اڳ گهر يا آفيس جي ڪمري مان رموٽ ڪنٽرول ذريعي اسٽارٽ ڪيون ويون ٿي، جيئن يورپ ۾ رات جي ٿڌ ۾ بيٺل ڪار ۾ ويهڻ کان اڳ ڪمري مان ئي اسٽارٽ ڪري گرم ڪيون وڃن ٿيون. 1985ع تائين ته پاڪستان ۾ به اهڙيون ڪارون عام نه ٿيون هيون. سو ملائيشيا جي سندن ٺهيل ڪارون نه فقط ملائيشِا ۾ پر ڌارين ملڪن ۾ به وڪامڻ لڳيون. ملائيشيا جي آدمشماري ڪا گهڻي ناهي. اسان جي ملڪ جي 18 ڪروڙ آهي پر ملائيشيا جيڪو پکيڙ ۾ اسان جي ملڪ کان وڏو آهي، آدمشماري فقط 3 ڪروڙ آهي، جتي دنيا جي هر ڪار وڪامڻ جي اجازت آهي. ان هوندي به پروٽان ساگا جو ڏينهون ڏينهن کپ وڌندو ويو ۽ منهنجي هوندي ئي جنوري 1989ع ۾ هڪ لکئون نمبر ڪار تيار ٿي نڪتي. هتي اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا  وارن جي اها پهرين ڪار پروٽان ساگا جي ماڊل جو بنياد جپان جي 1983ع واري متسوبشي لانسر واري ڪار تي رکيل هو. ان ۾ 0013 سي سي ۽ 1500 سي سي جون ڪارون ٺاهيون ويون. گيئر مطابق به ٻن قسمن جون ٺاهيون ويون. 5 رفتار واريون مئنيويل ۽ 3 رفتار واريون آٽوميٽڪ.
ملائيشيا جي پهرين ڪار ٺهڻ کان اڳ، ان جي نالي لاءِ عوام کي چيو ويو ته قومي ڪار جو نالو ڇا هئڻ کپي، جنهن خوش نصيب جو ٻڌايل Saga نالو چونڊيو ويو اهو اسماعيل بن جعفر نالي رٽائرڊ فوجي آفيسر آهي. هن کان جڏهن پڇيو ويو ته تو اهو نالو ڇو پسند ڪيو آهي ته هن وراڻيو:
“Saga (Abrus precatorius) is a type of soft, fragile but productive seed commonly found in Malaysia, and Proton Saga 1.3 liter engine is as strong as the saga seed.”
ڪارخاني مان نڪتل پهرين ڪار ملڪ جي وزيراعظم مهاتير بن محمد 14 سيپٽمبر تي پينانگ ٻيٽ کي خشڪي سان ڳنڍيندڙ ڊگهي پل جو افتتاح ڪرڻ دوران، هن پل تان هلائي ايئرپورٽ تائين وٺي آيو هو. اها ڪار هاڻ ميوزيم نگارا (قومي عجائب گهر) ۾ رکيل آهي. پروٽان ساگا جون شروع واريون ڪارون 4 دروازن واريون سئلون ٽائيپ هيون، ان بعد 5 دروازن واريون هئچ بئڪ به اچڻ لڳيون. 1989ع ڌاري پروٽان وارن انگلنڊ ۾ ساگا ڪارون وڪڻڻ ۾ واڌارو ڪيو. هنن انگلنڊ ۾ هنن ڪارن لاءِ Japanese Technology+ Malaysian Style= Proton سلوگن استعمال ڪيو.
هتي اهو به لکندو هلان ته پروٽان ساگا ۾ پروٽان (Proton) ڪمپنيءَ جو نالو آهي جيئن ”سوزوڪي“ ڪار ڪمپنيءَ جو نالو آهي. جيئن جپان جي هڪ ڳوٺ همامتسو جي رهاڪو مسٽر مچيئو سوزوڪيءَ جڏهن پهرين ڪپڙي اُڻڻ جي کڏين جو ڪارخانو کوليو ته ان جو نالو ”سوزوڪي ڪمپني“ رکيو ۽ پوءِ اڳتي هلي هن ڪارون ٺاهڻ به شروع ڪيون، جيڪي مِيچيئو سوزوڪيءَ جون ڪارون سڏجن ٿيون، پر ان ڪمپنيءَ جي نظر هيٺ مختلف دورن ۽ مختلف ملڪن ۾ ٺهندڙ ڪارن جا نالا مختلف آهن، جيئن ته رينو، اسٽيم (Esteem)، اڪئٽر، وتارا، يا انڊيا ۾ سوزوڪي وارن جي ٺهيل ڪار موروتي آهي ۽ اسان وٽ سوزوڪي وارن جي ٺهيل ڪارن جا نالا swift، خيبر، پوٽوهار، مهراڻ، بلينو ۽ ليانا وغيره آهن. تيئن ”پروٽان“ هتي جي هڪ ملائيشين آٽوموبائيل ٺاهڻ واري ڪمپني آهي، جنهن جون آفيسون ڪئالالمپور ڀرسان سبانگ جايا ۽ شاهه عالم شهرن ۾ آهن. هن ڪمپنيءَ جو ملئي زبان ۾ نالو Perusahaan Otomobile آهي، جنهن جو شارٽ فارم (مخفف) Proton ٺاهيو ويو آهي. سو ملائيشيا ۾ ٺهندڙ ڪارون، پروٽان وارن جون آهن پر وقت سان گڏ مختلف دورن ۾ ٺهندڙ ڪارن جا مختلف نالا رکيا ويا آهن، جيئن ته ساگا، ويرا (Wira)، Satria، پُترا، پرڌانا،Juara, Tiara، واجا، Savvy, Persona ۽ اسان واري ميزبان ڊاڪٽر مير عطا جي پروٽان ڪار جنهن جو نالو GEN-2 (جنريشن 2) آهي. هيءَ ڪار هڪ سؤ سيڪڙو ملائيشين چئي سگهجي ٿي. ڇو جو هن ۾ چيسز ۽ انجن به هتي جي مڪاني ٺهيل آهي. يعني هن ڪار ۾ اسٽائيل ته ملائيشين آهي پر ٽيڪنالاجي به ملائيشين آهي.
هونءَ ملائيشين، نالا رکڻ جا وڏا شوقين آهن. هر شيءِ تي نالو چونڊي چونڊي رکندا. اهڙيءَ طرح هنن پنهنجين ڪارن تي به نالا رکيا آهن. پروٽان ساگا بعد هنن جپاني متسوبشي ڪار جي 1992ع ماڊل جهڙي ڪار ٺاهي جنهن جو نالو پروٽان Wira رکيو. ملئي لفظ ويرا جي معنيٰ آهي ”هيرو.“ هنن ان ماڊل جون ڪارون جيڪي انگلنڊ ۽ يورپ ايڪسپورٽ ڪيون ان جو نالو Persona رکيائون. پروٽان ستريا ٽن دروازن واري ڪار ٺاهيائون. اهڙيءَ طرح پروٽان پترا نالي ڪارون جيڪي آسٽريليا ۽ انگلنڊ ايڪسپورٽ ڪيائون ان جو انگريزي نالو Coupe ۽ M21 رکيائون. هونءَ پترا معنيٰ پٽڙا جيئن هڪ عام ملئي لفظ آهي بوميپترا (Bumiputra) معنيٰ ڌرتيءَ جا پٽڙا. ملائيشيا ۾ رهندڙ ملئي مسلمان بوميپترا سڏجن ٿا.
اهڙيءَ طرح سال 2000ع ۾ پروٽان وارن جيڪا ڪار ٺاهي ان جو نالو رکيائون پروٽان واجا Waja ملئي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ رُڪ (Steel) آهي. ساڳئي ماڊل جون ڪارون جيڪي يورپ موڪليون ويون انهن جو نالو امپيان (Impian) رکيو ويو. امپيان به ملئي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي خواب، ambition، چاهه وغيره. ملئي زبان جو هڪ مشهور گانو Mimpi Sedih (غمگين خواب) جي عنوان سان آهي، جنهن ۾ ڳائڻي ماران تيڪا چئي ٿي:
Impian Kini Terjadi
Oh...kan Pergi Setelah
Aku Serahkan Kasi suci
Itulah Nasib dirikn
 ان خواب (ان ambition، چاهه) جو اهو ئي ٿيڻو هو،
اڄ تون مون کي ڇڏيو پيو وڃين.
آئون ته پنهنجو سچو پيار تو کي ڏئي ويٺس،
پر منهنجي نصيب ۾ شايد اهو ئي هو.
اسان وٽ پاڪستان ۾ ملائيشيا جون هي پروٽان ڪارون عام نظر نٿيون اچن. سيپٽمبر 2006ع ۾ پروٽان ڪارن جي چئن ماڊل ڪارن جو افتتاح ڪراچيءَ ۾ ٿيو هو. اهي آهن:
پروٽان ساگا
پروٽان جنريشن 2
پروٽان ويرا، ۽
پروٽان امپيان.
مون ٻڌو آهي ته اهي ڪارون ڪراچي جي PECHS سوسائٽي جي بلاڪ 2 ۾، خالد بن وليد روڊ تي رايل آٽوموبائيلس نالي هڪ شو روم تي رکيل آهن. ’پروٽان ساگا‘ ڪار جي قيمت ساڍا ڇهه لک چئي وڃي ٿي، ويرا جي ساڍا ست لک، GEN2 (1.3 واري کان) Gen2 (1.6 سي اين جي واري) ساڍن اٺن لکن کان ڏهن لکن تائين ۽ امپيان ڪار ساڍن ڏهن کانسواءِ يارهن لکن تائين ملي ٿي.

No comments:

Post a Comment