Tuesday, March 20, 2012

ڇا گهمڻ کپي؟ - الطاف شيخ


ڇا گهمڻ کپي؟
الطاف شيخ
اسان جا ماڻهو جيڪي اڄڪلهه ملائيشيا گهمڻ اچن ٿا، انهن کان پڇڻ تي هو ڪوالالمپور کانپوءِ يڪدم لنگڪوي ٻيٽ ۽ گنتنگ هاءِ لئنڊس جو نالو کڻن ٿا. ملائيشيا جي حڪومت به انهن جاين جي وڏي اشتهار بازي ڪري ٿي. اهي جايون ڏسڻ وٽان آهن ۽ انهن جو مختصر احوال اڳتي هلي لکان ٿو پر سچ ته اهو آهي ته اسان جي ماڻهوءَ لاءِ جيڪو پاڪستان، انڊيا، ايران يا عرب ملڪن کان اچي ٿو، ان لاءِ انهن کان بهتر ته ملاڪا جهڙو تاريخي شهر ڏسڻ وٽان آهي. يورپي ۽ آمريڪي سرد ملڪن جي گهما گهمي وارن شهرن کان اچن ٿا، انهن لاءِ لنڪوي جهڙا خاموش ٻيٽ ۽ ماٺ مٺوڙي جي زندگي پُرلطف ثابت ٿئي ٿي. اسان جا ماڻهو خبر ناهي ڇو ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تي لهي ڪوالالمپور جي شهر جون انيڪ دلچسپ شيون ۽ اوسي پاسي جا اپوح، ملاڪا، سريمبان جهڙا سهڻا شهر ۽ ٻهراڙي جي زندگي جا ملئي اسٽائيل ڳوٺ ڏسڻ بدران، هڪ ڏورانهين ٻيٽ لنگڪويءَ ڏي هليا وڃن ٿا، جيڪو بلڪل ٿائلينڊ جي بارڊر وٽ ايترو پري آهي، جيترو ڪراچيءَ کان جيڪب آباد ضلعي جو ٺُلهه شهر.


ملائيشيا جو تاريخي شهر ملاڪا، جنهن ۾ مون وڏو عرصو نوڪري ڪئي، ان جي ڪجهه ڏسڻ وٽان شين جو مختصر احوال، خاص ڪري مسجدن ۽ مندرن جو ته اڳهين لکي چڪو آهيان. هتي ايندڙ هر ٽوئرسٽ شهر جي پراڻي ۽ مرڪزي حصي ۾ پهرين اچي ٿو، جتي ڊچ حڪومت جي دور جون آڳاٽيون ڳاڙهي رنگ جون، اسٽابيري جي رنگ جهڙيون عمارتون آهن. هي عمارتون جيڪي Stadthuys پڻ سڏجن ٿيون. ملاڪا توڙي سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾، ڊچن جون سڀ کان جهونيون عمارتون آهن. هي عمارتون 1650ع ۾ ٺهيون ۽ انهن کي اڄ تائين انهيءَ ئي حالت ۾ رکيو ويو آهي ۽ اهي ڊچ گورنرن جي سرڪاري گهر طور استعمال ٿيون ٿي. اڄ انهن عمارتن کي ميوزيم ۾ بدلايو ويو آهي. عمارتن جي اڳيان انگريز دور جي نشاني وڪٽوريا فائونٽين پڻ آهي. هي ٽڪرو جتي سڄو ڏينهن سياحن جي پيهه پيهان لڳي رهي ٿي ”ڊچ اسڪائر“ پڻ سڏجي ٿو. توهان جي ڪنهن ويجهي هوٽل ۾ ترسيل آهيو ته واڪ ڪري اچي سگهو ٿا ۽ جي پري رهيل آهيو ته بس ذريعي بس اسٽاپ نمبر 5 تي لهي هتي پهچي سگهو ٿا. ملاڪا ۾ رهڻ دوران مون وٽ ڪو به مهمان ايندو هو ته هن کي آئون هنن ڳاڙهين بلڊنگن وٽ ضرور وٺي ايندو هوس. ملاڪا ۾ بسين ۽ ٽئڪسين کان علاوه رڪشائون به هلنديون هيون پر هاڻ ڌارين سياحن جي دلچسپي لاءِ انهن رڪشائن کي گلن، ڳانن، جهنڊين ۽ گهونگهرن سان سجايو ويو آهي، جن ۾ ويهي ڪو سفر ڪري يا نه پر فوٽو ضرور ڪڍرائي ٿو. هن وقت به فيس بڪ تي آئون سنڌ يونيورسٽي جي ٻن پروفيسرن شاعرن ۽ ٽي وي ائنڪرن جون ان رڪشائن ۾ تصويرون ڏسي رهيو آهيان، جيڪي لڳي ٿو ته ماضي قريب ۾ هتان ٿي ويون آهن. هڪ فلاسافي ڊپارٽمينٽ جي سربراهه پروفيسر امبر سنڌو آهي ۽ ٻي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي هيڊ پروفيسر عرفانا ملاح آهي. اهڙي ئي اهميت واريون سنڌ جون عورتون پروين راڄپر، سلطانا صديقي ۽ ماهتاب محبوب آهن، جن جو پڻ تعليم، ٽي وي ۽ ادب سان واسطو آهي. تن جون تصويرون، هنن جهونين ڊچ عمارتن اڳيان نڪتل مون وٽ آهن، جڏهن هو اسي واري ڏهي ۾ ملاڪا گهمڻ آيون هيون.
ملاڪا جي هنن ڳاڙهين بلڊنگن (Dutch Square) ۾ پهچڻ تي توهان ٻه چار ٻيون شيون به ڏسي سگهو ٿا، جيڪي اتي ئي سڏ پنڌ تي آهن، جهڙوڪ: ڪرائسٽ چرچ ملاڪا، ميريٽائيم ميوزيم، سينٽ پال جي ٽڪري (Hill) جيڪا A- Famosa به ڏسجي ٿي، بادشاهي محل جيڪو ملئي زبان ۾ Istana Museum سڏجي ٿو، چائنا ٽائون جي مشهور گهٽي جيڪا Jonker Walk سڏجي ٿي، منارا ٽيمنگ ساري(Menara Taming Sari) اسي ميٽرن جي بلنديءَ تي مناري جي هڪ ماڙ جتان توهان سڄي شهر جو نظارو ڪري سگهو ٿا. ملاڪا جا ٻه وڏا شاپنگ سينٽر ”داتاران پهلوان ميگا مال“ ۽ ”ماهڪوٽا پريڊ شاپنگ سينٽر“ به هتي ئي آهن. توهان کي جيڪڏهن ٿائلينڊ جي پتايا جهڙيون Beaches (سامونڊي ڪنارا) ڏسڻا آهن ته ملاڪا شهر کان ويهارو کن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي تنجنگ بدارا ۽ پينگڪلان بالا (Pengkalan Balak) جهڙيون خوبصورت ۽ صاف سٿريون بئنچون ۽ سامونڊي کاڌن جون ريسٽورنٽون ملنديون، جتي جپاني ۽ يورپي گورا هتي جي موسم ۽ سامونڊي لهرن جو لطف وٺندي نظر ايندا. پر مون کي خبر آهي ته اسان جو ماڻهو سامونڊي تانگهن ڪنارن(Beaches)  ۾ دلچسپي نٿو رکي. اهڙي ڳالهه هجي ته هن لاءِ ڪراچي ۾ منهوڙي، ڪلفٽن، سي ويو، هاڪس بي ۽ سئنڊس پٽ تي ميلن جا ميل سمنڊ موجود آهن. اسان جي ماڻهن لاءِ پٽاني ۽ ٿائلينڊ جا ٻيا سامونڊي ڪنارن وارا شهر بازاري عورتن ڪري ڪشش رکن ٿا. هاڻ مڙيئيAids  ۽ ٻين موذي مرضن جي خوف کان ۽ اسان وٽ عورتن ۾ تعليم ۽ ڄاڻ اچڻ تي ٿائلينڊ ياترا ڪندڙ مڙسن تي ڏنڊو کڻڻ ڪري هاڻ هنن هن پاسي اچڻ بند ڪيو آهي. نه ته جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ جڏهن به اهڙن شهرن ۾ پهچبو هو ته سمنڊ جي ڪناري تي ته يورپي نظر ايندا هئا پر اسان جا ماڻهو سوڙهين گهٽين جي ڳاڙهين بازارن ۽ مساج گهرن اڳيان ملندا هئا. بهرحال ڪنهن کي جي سمنڊ يا بيچ ڏسڻي آهي ته ان لاءِ نه فقط ملاڪا ۾ ڪيترائي هنڌ آهن پر ملائيشيا جي ٻين رياستن ۾ به سامونڊي ڪنارا ۽ سامونڊي ڳوٺ آهن جو ملائيشيا جي چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ آهي. پيرلس، ڪيداح، پينانگ، پيراڪ، سلينگور، نينگري سيمبيلان ۽ ملاڪا رياستون ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ جي ڪناري تي آهن ته ڪيلنتان ترينگانو ۽ پهانگ ڏکڻ چيني سمنڊ جي ڪناري تي آهن. آخر ۾ پوڇڙ وٽ جوهور رياست آهي، جنهن کي ٻئي سمنڊ ڇُهن ٿا. هوڏانهن فلپين جي پاسي جيڪو مشرقي ملائيشيا آهي، ان جي ٻنهي رياستن (سباح ۽ سراواڪ) کي ڏکڻ چيني سمنڊ ڇهي ٿو.
اسان جي پاسي جا ماڻهو جيڪي ملائيشيا گهمڻ لاءِ هتي جي بين الاقوامي هوائي اڏي ڪوالالمپور تي لهن ٿا، انهن مان ورلي ڪو ملائيشيا جي هن تاريخي شهر ملاڪا ۾ اچي ٿو. جيتوڻيڪ منهنجي خيال موجب جيڪڏهن ڪو ملائيشيا ۾ ڏهن ڏينهن کن لاءِ اچي ٿو ته هو 2 ڏينهن کن ملاڪا ضرور گذاري. هن کي ملائيشيا جي ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگيءَ کان علاوه مختلف ملئي، چيني ۽ انڊين ڪلچر ۽ تاريخي شين ڏسڻ جي ڄاڻ ٿيندي.
آخر يورپ ۽ آمريڪا کان ڪَهي ايندڙ گورا بيوقوف ته نه آهن جيڪي ملاڪا جهڙن شهرن ۾ اچن ٿا. بهرحال توهان جيڪڏهن رات ملاڪا ۾ ٽڪو ٿا ته ٻين شين سان گڏ ملاڪا جو ”تمن مِني ملائيشيا“ ضرور ڏسو. جيئن اسان وٽ مختلف صوبن ۾ مختلف ويس وڳا، کاڌا پيتا ۽ شادين مرادين جون مختلف رسم و رواج آهن، اهو ئي حال هتي جي رياستن جو آهي ۽ ڪنهن کي ايڏو ٽائيم آهي جو هڪ هڪ رياست ۾ وڃي. ان خيال کان ملائيشيا جي حڪومت ملاڪا شهر کان ٿورو ٻاهر ڀرو آئر ڪيروح واري علائقي ۾ (جتي ملاڪا تمن حيوان يعني ملاڪا جو چڙيا گهر، پوپٽن جو پارڪ وغيره آهي) هڪ ننڍڙو ڳوٺ ٺاهي ڇڏيو آهي، جنهن جا 13 حصا ڪيا ويا آهن ۽ هر حصو ملائيشيا جي هڪ رياست جي نمائندگي ڪري ٿو. ان ۾ ان رياست جي نموني جو گهر، اتي جي ويس وڳن ۾ اصل سائيز جا ماڻهو جيڪي مختلف ڪم ڪري رهيا آهن يا شادي جون رسمون ادا ڪري رهيا آهن ڏيکاريل آهن. ايتريقدر جو هر رياست ۾ ٿيندڙ ٻوٽا ۽ گل هتي پوکيا ويا آهن. نه فقط مغربي ملائيشيا جون يارهن رياستون ڏيکاريل آهن، پر مشرقي ملائيشيا جون ٻه رياستون صباح ۽ سراواڪ پڻ ڏيکاريل آهن ۽ اتي جا اصلي ماڻهو ۽ انهن جا ڊگها گهر (Long Houses) ڏيکاريل آهن ۽ هي ڳوٺڙو ايڏو ته صاف سٿرو ۽ گل گلڪارين وارو آهي جو لڳي ٿو ته ڪو سهڻو ويو ڪارڊ ڏسي رهيا هجون. ”تمن مِني ملائيشيا“ بابت هڪ جپاني ٽوئرسٽ جا ويچار پڙهيا هئم ته:
"IF you want to see the traditional style of housing of all 13 states of Malaysia, their peoples & their ways of life, their this Taman Mini Malaysia is a ‘Never- Miss’ for you!"
ملاڪا ۾ رهندڙ ميرپورخاص جي مير صاحب ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته ملاڪا حڪومت ”تمن مني ملائيشيا“ جي ويجهو Mini ASEAN Park به ٺاهيو آهي، جنهن ۾ سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا جو ڪلچر ڏيکاريو ويو آهي. ملائيشيا آسين (ASEAN) ملڪن جو ميمبر آهي. آسين (ايسوسيئيشن آف سائوٿ ايسٽ ايشين نئشن) جا ٻيا ميمبر: انڊونيشيا، ٿائلينڊ، سنگاپور، برونائي وغيره آهن. ملائيشيا، برونائي ۽ سنگاپور ۾ ڪيتريون ئي نوڪريون نڪرن ٿيون پر هو آسين ملڪن جي پئڪٽ مطابق پهرين پنهنجن ملڪن جي اخبارن ۾ اشتهار ڏين ٿا ۽ پنهنجا ماڻهو کڻن ٿا.
ملاڪا جو هي تمن ملائيشيا روزانو صبح جو نائين کان شام جو ڇهين تائين کليل رهي ٿو ۽ هن کي گهمڻ جي ٽڪيٽ وڏن لاءِ 4 رنگٽ (ملائيشين ڊالر) آهي ۽ ٻارن لاءِ ٻه رنگٽ آهي، جيڪا شروع کان ساڳي هلندي اچي، جڏهن ته ملائيشيا جو هڪ رنگٽ اسان جي 5 يا 6 رپين برابر هو. ساڳيو اگهه سنگاپور جي ڊالر جو هو، پر هاڻي اسان جي سڪي جو قدر گهٽجڻ ڪري ملائيشيا جو رنگٽ 30 روپين جي ۽ سنگاپور جو 60 روپين جي ويجهو وڃي ٿيو آهي، ان ڪري اسان لاءِ جتي ڪٿي مهانگائي ٿي پئي آهي پر ٻين ملڪن جي ماڻهن لاءِ جتي ڪٿي سستائي آهي، جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته منهنجي ملاڪا ۾ هجڻ وارن ڏينهن ۾ يعني اسي واري ڏهي ۾ ملاڪا کان ڪوالالمپور 12 رنگٽ ٽڪيٽ هئي. اڄ 30 سالن بعد به اها آهي، جيتوڻيڪ اڄ پهرين کان روڊ سٺا آهن، بسيون وڌيڪ آرامده آهن. اسان وٽ به ڪراچي کان حيدرآباد جو ڀاڙو اڄ اهو ئي 1980ع وارو ساڍا اٺ روپيه هجي ها ته عوام لاءِ ڪيڏو سک هجي ها.
ملاڪا گهمڻ لاءِ ايندڙن کي ٻه ٻيون شيون به ڏسڻ لاءِ صلاح ڏيندس، جيڪي پڻ اتي ئي آهن. هڪ پورچوگالين جو ڪوارٽر ۽ ٻي جونڪر (Jonker) اسٽريٽ.
ملاڪا ۾ هڪ علائقو آهي، جتي پورچوگيز ڪميونٽي جا ماڻهو رهن ٿا. اهو علائقو ”پورچوگيز اسڪائر“ سڏجي ٿو. انگريز ۽ يورپ جي مختلف قومن پورچوگالين، ڊچن، فرينچن، جرمنن، هسپانين وغيره جا ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا جي ملڪن تي قبضا ٿيا. پورچوگالي ۽ ڊچ جهاز راني ۾ وڌيڪ تيز هئا، ان ڪري انڊيا توڙي آفريڪا ۽ هيڏانهن ايسٽ انڊيز (ملايا، سريلنڪا، انڊونيشيا وغيره) ۾ پهرين اهي پهتا. پر انگريز حڪومت هلائڻ ۽ ڊپلوميسي ۾ ماهر هو، ان ڪري هن اٽڪل ڪري ڌارين ملڪن تي پنهنجا چنبا مضبوطي سان هنيا ٿي ۽ انهن ملڪن کي وڏي عرصي لاءِ پنهنجي قبضي ۾ رکيو ٿي. ايتريقدر جو ملڪن کي خود مختياري ڏيڻ بعد به ڪامن ويلٿ جهڙيون مسخريون ٺاهي پنهنجو پاڻ کي چڱو مڙس ۽ سرخرو مڃرائيندو اچي. انگريزن جي هڪ ٻي ڳالهه ته مڪاني رسم و رواج ۽ مذهب سان ظاهر ظهور هٿ چراند نه ڪئي. پنهنجا گرجا گهر ۽ مشنري اسڪول ضرور کوليا، پر پورچوگالين وانگر نه، جن مڪاني ماڻهن کي سندن مذهبن کان منع ڪري عيسائيت قبول ڪرڻ تي زور ڏنو. اهو ڪم هنن موپوتو، ملاڪا ۽ ڪيپوردي ٻيٽن کان وٺي پنهنجي ڏکڻ آمريڪا جي ڪالونين ۾ ڪيو. پوءِ جتي کين مزاحمت ٿَي ٿي، اتي هنن باهيون ڏنيون ٿي، پوءِ ڀلي سنڌ جو شهر ٺٽو هجي يا ممباسا ۽ ملاڪا.
هڪ ٻي ڳالهه ته يورپ جي ورلي ڪنهن قوم جي ماڻهوءَ مڪاني عورت سان شادي ڪئي هجي. هو پنهنجو پاڻ کي حاڪم ۽ اتم اتاهون سمجهندا هئا. هو مڪاني ماڻهن کي هيٺين درجي جو ۽ Native سڏيندا هئا. ايتريقدر جو يورپين (انگريزن سميت) جي راڄ ۾ هنن جي پنهنجي ڪلبن ۽ هوٽلن ۾ سندن مئڊمن جي ڪتن کي ته اجازت هوندي هئي، پر مڪاني ماڻهوءَ کي نه. ان معاملي ۾ پورچوگالي به سخت هئا، پر مڪاني عورتن سان قانوني توڙي غير قانوني جنسي تعلقات رکڻ کي خراب نه سمجهندا هئا. ان ڪري اهي آفريڪا جا ملڪ جتي پورچوگالين جي حڪومت رهي، اڄ به سندن اولاد ڪاري ۽ چاڪليٽي رنگن جي وچ وارن مختلف شيڊن ۽ شڪلين وارو نظر اچي ٿو. انهن مان ڪجهه لسبن ۽ پورچوگال جي شهرن ۾ پڙهڻ ۽ نوڪرين ڪرڻ لاءِ ويو ته اتي ئي رهي پيو.
ملاڪا سلطنت تي پورچوگالين جي 1511 کان 1641 تائين 130 کن سال حڪومت رهي. ان وقت هن پوري ريجن جي گادي ملاڪا شهر هو. پورچوگالين بعد ڊچن جي حڪومت رهي، جيڪا 200 کن سال رهي. پورچوگالي حاڪم کڻي هليا ويا، پر سندن عام ماڻهو توڙي مڪاني عورتن مان پيدا ٿيل ٻار ملاڪا ۾ ئي رهيا. ان بعد انگريزن جي حڪومت ۾ ۽ هاڻ وري واپس مڪاني ملئي ماڻهن جي راڄ ۾ هنن کي پنهنجو مذهب، پنهنجي زبان ۽ رسم رواج قائم رکڻ جي آزادي رهي آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جي پورچوگال جي زبان ۽ پنج سؤ سال پراڻي ملاڪا جي پورچوگالي زبان ۾ وڏو فرق اچي ويو آهي پر بهرحال هو پنهنجي طور طريقن سان عبادت ۽ رسم رواج، کاڌا پيتا ۽ ناچ ٽپڪا قائم رکڻ ۾ خوش آهن ۽ هتي ايندڙ ٽوئرسٽ ملاڪا جي هن ضلعي اجانگ پاسر (Ujong Pasir) ۾ وڃي هنن کي مڪاني ماڻهن کان مختلف ڊريسن، شڪلين ۽ آداب اطوار ۾ ڏسي حيرت کائين ٿا. ملاڪا ۾ رهائش دوران توڙي هينئر به منهنجو ملاڪا جي هن پورچوگيز ڪوارٽر ۾ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو ۽ هر دفعي هتي پهچي مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ منهنجو جهاز پورچوگال جي بندرگاهه لسبن ۾ پهچي ويو آهي. ملاڪا جي هن علائقي ۾ هوٽلن ۽ مئخانن (Pubs) جي عمارتن جي ڊيزائين ۽ نالا پورچوگالي آهن. هڪ ڌارئين کي ملاڪا جو هي ٽڪرو ايشيا جي ڪنهن ملڪ جو نه پر پورچوگال جو لڳندو.
پورچوگالين جو هي علائقو (اجانگ پاسر) ڪو پري ناهي. ملاڪا شهر جو ئي حصو آهي. ملاڪا جي مرڪزي شهر کان ايترو پري آهي، جيترو صدر کان گرومندر. بهرحال بهتر اهو آهي ته توهان شهر ۾ هلندڙ بسين مان نمبر 17 ۾ چڙهي پئو ۽ بس اسٽاپ نمبر ڏهين تي لهو، جيڪو بس اسٽاپ Portuguese Settlement اندر آهي. هتي توهان ڪنهن وقت به اچي سگهو ٿا، پر ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن وڌيڪ رونق رهي ٿي.

No comments:

Post a Comment