Saturday, March 24, 2012

اداڪارائون يا ٽرئڪٽر جا ٽائر - الطاف شيخ


اداڪارائون يا ٽرئڪٽر جا ٽائر
الطاف شيخ
ملاڪا جي شاهراهه ”جالان چان ڪُون چينگ“ تان لنگهڻ وقت، ملاڪا هاءِ اسڪول جي عمارت تي نظر پوڻ سان، مون کي هن اسڪول جي استادن سان کيڏيل اها فٽ بال مئچ ياد آئي جيڪا، اسان جي نيول اڪيڊمي جي اسٽاف، اڄ کان 28 سال اڳ، 1983ع ۾ کيڏي هئي ۽ اسان بُريءَ طرح هارائي هئي. اسان جي ٽيم ۾، اسين ڌارين ملڪن جا جهاز هلائيندڙ ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر هئاسين، جيڪي سامونڊي نوڪري ڇڏي، ملاڪا جي ”مئريٽائيم اڪيڊمي ملائيشيا“ ۾ پڙهائڻ لاءِ آيا هئاسين. اسان جي عمر ۾ وڏا هئاسين ته ملاڪا جي هن هاءِ اسڪول جا ٽيچر به ڪي ننڍا نه هئا. پر ملئي ماڻهو فٽ بال کيڏڻ جا شوقين آهن ۽ ننڍو وڏو کيڏندو رهي ٿو. اسان جي فٽ بال راند کيڏي هئي ته اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن ۾. ان کانپوءِ، وڌ ۾ وڌ ٻين کي کيڏندي ڏٺوسين، سو به ٽي ويءَ تي. ملاڪا پهچڻ تي، اسان کي پهرئين ڏيهن ئي چيو ويو ته؛ هڪ ته هفتي جا ڇهه ڏينهن پڙهائڻو اٿانوَ ۽ ٻيو ته هفتي ۾ ٻه ڏينهن شام جو راند کيڏڻ ضروري آهي. انڊيا جي هڪ ڪئپٽن ته پهرئين هفتي ئي راندين کان انڪار ڪيو ۽ اسان کي به سمجهايو ته متان کيڏيا آهيو.


“ملئي ماڻهو به عجيب آهن. کين شوق آهي ته معنيٰ؛ سڀ ئي کيڏن. ڪو هنن کي سمجهائي ته؛ 40 سالن کان وڏي عمر واري کي، جاگنگ به آهستي ڪرڻ کپي.“ پر هن ڪئپٽن جو احتجاج، فقط ساڍي ڏهين بجي واري چانهه تي اسان ٻن ٽن جهازين جي اڳيان رهيو ٿي، جن جو واسطو ننڍي کنڊ جي ملڪن سان هو. اسان وڏي پئماني تي انڪار به ڪيئن ٿي ڪري سگهياسين جڏهن اسان جي هن اداري ۾ اسان مردن کان ٽيڻو نمبر عورتن ۽ ڇوڪرين جو هو. جڏهن هنن والي بال، نيٽ بال ۽ بولا سيپڪ جهڙيون رانديون خوش ٿي کيڏيون ٿي ته اسان ڪيئن ٿي انڪار ڪري سگهياسين. سيپڪ ٽڪرا spak Takaw)) راند نه فقط هتي ملائيشيا ۾ پر هن تر جي اوسي پاسي جي ملڪن انڊونيشيا، ٿائلنڊ، سنگاپور، ميانمار (برما)، ويٽنام، ڪمبوڊيا، لائوس ۽ فلپين ۾ به وڏي شوق سان کيڏي وڃي ٿي. هيءَ راند، والي بال وانگر کيڏي وڃي ٿي. پر ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته، سيپڪ ٽڪرا ۾ جيڪو بال استعمال ٿئي ٿو، اهو والي بال کان ننڍي سائيز جو ۽ بانس جي تيلن  (Rattan)مان ٺاهيو وڃي ٿو. ٻي ڳالهه اها ته والي بال ۾ فقط هٿ ۽ ڪڏهن ڪڏهن مٿو استعمال ڪيو وڃي ٿو پر ”سيپڪ ٽڪرا“ راند ۾ هٿ، مٿو، پير، گوڏا ۽ ڇاتي پڻ استعمال ڪئي وڃي ٿي.
هتي جي تاريخ ”سيجارا ملايو“ مان اها ثابتي ملي ٿي ته؛ هيءَ راند پندرهين صدي کان ملاڪا سلطنت ۾ عام آهي. بئنڪاڪ شهر ۾ جيڪو Wat Phra Kaeo مندر آهي، ان جي ڀتين تي 1785 جا چتر چٽيل آهن، جن مان هڪ ۾ هندو ديوتا هنومان هڪ گول دائري ۾ ڀولڙن جي هڪ ٽولي سان سيپڪ ٽڪرا راند کيڏي رهيو آهي. ائين ته تاريخ ۾ سيامي بادشاهه ناريسئان جو به ذڪر اچي ٿو، جنهن ٿائلينڊ جي آڳاٽي گاديءَ واري شهر آيوٿايا تي 1590ع کان 1605ع تائين حڪومت ڪئي، جنهن جي ڏينهن ۾ هن راند جا مقابلا ڪيا ويا ٿي. ٿائلنڊ ۾ هن راند کي فقط ”ٽڪرا“ سڏين ٿا. هونءَ هتي جي هڪ پروفيسر ٻڌايو ته؛ سيپڪ ضرور ملئي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ٿڏو هڻڻ يعني kick هڻڻ آهي. پر Takraw جنهن جي معنيٰ اُڻيل بال (wo ven Ball) آهي، سو دراصل ٿائي زبان جو لفظ آهي. هن راند جا وڏا وڏا چئمپين، ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ ۾ آهن. ٿائلنڊ ۾ ته هر سال ”ڪِنگس ڪپ ورلڊ چئمپين شپ“ ٿئي ٿي، جنهن ۾ حصو وٺڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن جا رانديگر، سيپڪ ٽڪرا کيڏڻ لاءِ اچن ٿا.
سيپڪ ٽڪرا راند جي نيٽ، والي بال راند جهڙي ئي ٿئي ٿي. منجھس والي بال وانگر، ٻن ٽيمن جي وچ ۾ مقابلو ٿئي ٿو. هر هڪ ٽيم ۾ ٽي رانديگر ٿين. هڪ رانديگر پٺيان ٿي بيهي ۽ تيڪونگ (Tekong) سڏبو آهي. باقي ٻه رانديگر، اڳيان نيٽ ڀرسان بيهن. جن مان هڪ ساڄي پاسي بيهي جيڪو Right Inside سڏجي ۽ ٻيو کاٻي پاسي بيهي، جيڪو Left Inside سڏجي. پير جي ٿڏي سان سروس ڪري، بال نيٽ مٿان ٻي ڌر جي حصي ۾ پهچايو وڃي ٿو. جيڪي پوءِ پيرن، هٿن يا مٿي سان، بال کي واپس ڪن ٿا ۽ پٽ تي ڪرڻ کان بچائين ٿا. پٽ تي ڪرڻ تي مخالف ڌر کي هڪ پئانٽ ملي ٿي. رانديگرن کي نيٽ کان به پري رهڻو پوي ٿو. هٿ، مٿو يا قميص جو حصو نيٽ کي لڳڻ تي به مخالف ڌر کي هڪ پئانٽ ملي ٿي. 21 پئانٽون حاصل ڪرڻ واري ٽيم، فاتح قرار ڏني وڃي ٿي.
بهرحال ملاڪا ۾ رهندڙ اسان ڌارين کي اڃا ٻه هفتا به نه گذريا هئا ته اسان جي باس داتڪ ڪئپٽن حمزي اعلان ڪيو ته؛ ”ملاڪا هاءِ اسڪول جي فٽ بال ٽيم سان مقابلي لاءِ هلڻو آهي. مون کين چئلينج ڪيو آهي.“
اسان وٽان ماڻهن جي بس ڀرجي ملاڪا هاءِ اسڪول پهتي. ڪئپٽن حمزي کي وڏو جوش هو ته هي مقابلو کٽڻو آهي. مقابلو شروع ٿيڻ کان اڳ، اسان کي شاباس ڪرڻ سان گڏ ٻه ٻه آئيس ڪريم ڪون کارائيندو رهيو. انڊيا جي سک ڪئپٽن مون کي آهستي چيو ته؛ جيڪي کائڻو پيئڻو اٿئي کائي وٺ. مئچ ختم ٿيڻ کانپوءِ دڙڪا ئي ملندا. واقعي ٿيو به ائين. اسان جا جيڪي اڳيان رانديگر هئا، انهن کان بال مخالف ڌر جي گول تائين پهچايو نه پئي ٿيو ۽ اسان مان پٺيان بيٺلن کان بال جهليو نه پيو ٿئي. مخالف ڌر وارا جيئن ئي زوردار ڪِڪون هڻي، اسان ڏي وڌن ته اسان جي ٽيم جا پٺيان بيٺل ڀڄي پاسي تي ٿيو بيهن ۽ هو گول ڪريو وڃن. پوءِ ڏوهه گول ڪيپر جو. قد ڊگهو هجڻ ڪري گول ڪيپر مون کي بڻايو هئائون. پر رڳو قد سان ته رانديون نه کيڏبيون آهن. افعال به ته هجڻ کپن. مخالف ڌر وارا آرام سان بال کي گول جي D جي ويجهو آڻي، پوءِ اهڙي ته زور سان ڪِڪِ هڻن جو بال گوليءَ وانگر زوڪاٽ ڪندو وڃي. سينٽر بئڪ تي بيٺل برما جو ڪئپٽن پيٽر چوي ته؛ ”گول ڪيپر ٽيم جي جان هوندي آهي، الطاف ڪجهه ته خيال ڪر.“
”اچي پاڻ ٿي گول ڪيپر! جان هر هڪ کي پياري آهي.“ مون چيومانس.
هڪ دفعي ڀڄي پاسي تي ٿيڻ جو موقعو نه مليو. بال زوڪاٽ ڪندو، منهنجي ٽنگن جي وچ مان نڪري گول ۾ هليو ويو. ”الطاف گهٽ ۾ گهٽ ٽنگون ئي کڻي بند ڪرين ها ته هن گول کان بچي وڃون ها.“ ڪئپٽن پيٽر چيو.
”چڱو جو بال ٽنگن وچان لنگهي ويو، Abdomen گارڊ آڻي ڏي ته پوءِ ٽنگون بند رکان.“ مون وراڻيو.
ڊزن کن گول ٿيڻ بعد هاف ٽائيم ٿيو. مون کي پڪ هئي ته سڀ منهنجو مٿو کائي ويندا، سو ڪوڪا ڪولا کڻڻ کان اڳ مون اعلان ڪيو ته؛ گول ڪيپر هاڻ ڪو ٻيو ٿئي. منهنجي ان جملي ڄڻ ته جادوءَ جو ڪم ڪيو. هر هڪ منهنجي همٿ افزائي پيو ڪري ته؛ مڙيئي خير آهي هار جيت راندين ۾ ٿيندي رهي ٿي.... وغيره وغيره! ٺهيو! آئون به سمجهي ويس ته گول ڪيپر ٿيڻ جو جوکم ڪير به نٿو کڻي ۽ هاڻ ماڳهين مون کي پرچائڻ ۾ پورا آهن ته؛ باقي اڌ راند به توب جي منهن ۾ آئون ئي هجان.
واپسيءَ ته آفيس جون ڇوريون به اسان ڌارين تي چٿرون ڪنديون هليون؛ هيڏا وڏا ۽ پراڻا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿي اسان کي فٽ بال راند نه کٽائي سگهيا آهن. بنگلاديش جي چيف انجنيئر چين ته ”نڀاڳيون! اسان سمنڊ تي جهاز هلائيندا هئاسين يا فٽ بال کيڏندا هئاسين.“
انگلنڊ جي ڪئپٽن ڪَئرو چيو ته؛ هاڻ رف سي ۾ جهاز هلائڻ جو مقابلو ڪريو ته خبر پوانوَ ته گهڻي ويهين سئو آهي.
بهرحال ڏهاڪو کن سال ملاڪا ۾ رهڻ دوران، هر ٻئي ٽئي مهيني ملاڪا هاءِ اسڪول ۽ ٻين ادارن جي ماڻهن سان اسان جي فٽ بال مئچ لڳي رهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن به ڪنهن کان کٽيسين نه. پر هفتي ۾ ٻه دفعا کيڏي کيڏي، هاڻ اسان به ايترا قابل ضرور ٿي ويا هئاسين جو اسان جي پاسي ايندڙ بال کي واپس ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿياسين ٿي ۽ گول ٿيڻ جي خطري وقت، بال کي روڪڻ لاءِ هڪ ٻن ٻين به منهنجو ساٿ ڏنو ٿي.
ملائيشيا ۾ سيپڪ ٽڪرا ۽ والي بال جهڙي هڪ ٻي راند به مشهور آهي، جيڪا نيٽ بال سڏجي ٿي. ملائيشيا ۾ اسان جو هيءُ تعليمي ادارو ”اڪيڊمي لائوت ملائيشيا“، جتي مون ملائيشيا جي نوجوان ٽهيءَ کي جهاز راني ۽ جهاز سازي جي تعليم ۽ سکيا ڏني ٿي، سمنڊ جي ڪناري تي آهي. اسان جي رهائش به اندر ڪئمپس ۾ هئي. ڌارين ملڪن کان نوڪري لاءِ آيل اسان expatriates لاءِ چوڏهن کن ٻٽا (Duplex) گهر، نيم دائري (Semi Circle) ۾ هئا، جن جا اڳيان در، ملاڪا ڳچي سمنڊ ڏي ٿي کليا. گهر کان نڪربو هو ته سمنڊ جي هن سوڙهي راهداريءَ مان جهازن کي لنگهندو ڏسي، پراڻا ڏينهن ياد ايندا هئا، جڏهن جپان يا ڪوريا ويندي هتان لنگهبو هو. هن سوڙهي سمنڊ جي پاسن کان ڌرتي، ملائيشيا ۽ انڊونيشِا هجڻ ڪري، لنگهندڙ جهاز سک جو ساهه کڻن ٿا. نه ته هيءَ سوڙهي سامونڊي گهٽي (Malacca Strait) جن ٻن سمنڊن، هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ کي ڳنڍي ٿي، اهي جهاز هلائيندڙن کي رت ڪن ٿا. بهرحال اسان جي گهرن جي پٺ وارن دروازن سان گڏ، ڪجهه حصو باغيچي جو هو. جنهن کانپوءِ فٽ بال، والي بال، نيٽ بال ۽ ٻين راندين جا ميدان هئا. آفيس مان اچڻ بعد، رانديون کيڏڻ لاءِ نڪر پائي، اسان پوئين دروازي کان نڪري ويندا هئاسين. نيٽ بال تي هميشه نوريشا، رسمالا، سيتي حوا، خاويا، فريده، حاجا (حاجاڻي) بصران ۽ نورشيما آفيس جون ڪلرڪ ۽ ٽائپسٽ ڇوڪريون هونديون هيون. جن مان ڪجهه جون شاديون ٿي ويون هيون ۽ چئن پنجن سالن جا ٻار کڻي اينديون هيون. ٻين جون شاديون، اسان جي هوندي ٿيون. مون وٽ ان وقت جا رانديون کيڏندي يا شاديءَ جي موقعي تي ڪنوار جي ويس وڳن ۾ فوٽو آهن. ملئي ماڻهو مٺاڻ گهڻو پسند ڪن ٿا. ان ڪري ٿولهه جو شڪار رهن ٿا. پر اسان جي اداري ۾ ڪم ڪندڙ هنن سڀني ڇوڪرين، سواءِ خاويا جي، پاڻ کي سنهو رکيو هو. اٽڪل ٽيهارو سالن بعد، هاڻ ان ڳوٺ ”ڪئالا سنگائي بارو“ ۾ وڃي ڏسان ته؛ سڀئي نه فقط ڏاڏيون نانيون ٿيو ويٺيون آهن پر ناسي ليما (ناريل جي کير ۾ رڌل ڀت) ۽ ايام گورينگ (فراءِ چڪن) جهڙيون شيون کائي کائي، اهڙي شيپ ۾ اچي ويون آهن، جهڙيون 1970ع ۾ سنگاپور جي جيٽي تي ملئي هارياڻيون ’جوهور بارو‘ (ملائيشيا) وڃڻ لاءِ، ٻيڙيءَ جو انتظار ڪندي نظر اينديون هيون. پاڻ به شڪي پيون ٿين. سندن ٻارن کي چيم ته؛ ”توهان جيون ڏاڏيون نانيون جيڪي هينئر ٽرئڪٽر جا ٽائر ٿيون لڳن، انهن جي جوانيءَ جي ڏينهن جا فوٽو مون Picasa.com تي لوڊ ڪري ڇڏيا آهن. انهن ڏينهن ۾ هو اڄ جون سيڪسي فلمي اداڪارائون ۽ ڳائڻيون نور فازورا، ليزا سور بهاني، نورا دانش ۽ سيتي نور هاليزا لڳيون ٿي.“

No comments:

Post a Comment