Wednesday, July 03, 2013

لنڊن جا عجائب گهر ۽ گئلريون -عبدالحي پليجو

لنڊن جا عجائب گهر ۽ گئلريون
عبدالحي پليجو
لنڊن شهر ۾ عجائب گهر ۽ گئلريون به تمام گهڻيون ۽ مختلف قسمن جي نوادرات سان ڀريل ۽ سجايل آهن. نوادرات جي گهڻائي پنهنجي بادشاهت واري دور ۾ پنهنجي غلام ڪالونين ۾ ڦرلٽ جي دولت سان گڏ ڪئي وئي. اُتي هنن ڪا به شيءِ ڪا نه ڇڏي. ويندي ويندي لاش به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. يعني احرام مصر مان مصرين جون مميون ڪي قدر هنن کي سوکڙي طور يا عطيي جي صورت ۾ مليل آهن. بلاشبه شهر پنهنجي شاندار ماضي جنهن ۾ قديم رومي آثارن کان وٺي برطانوي سلطنت جي مرڪز واري حيثيت وارن گهڻن يادگارن جو مرڪز پڻ آهي. قديم رومي حاڪمن لنڊنيئم شهر ٿيمس ندي جي اترئين ڪناري تي سن ۴۳ع ۾ اڏيو. پر حقيقت ڪري انهيءَ ۾ ڪو واڌارو يا سڌارو يارهين صدي عيسويءَ تائين ڪو نه ٿيو. يارهين صدي عيسوي ۾ نارمنڊي واري ڊيوڪ وليئم ثاني آخري ڪامياب حمله آور جي حيثيت سان لنڊن شهر کي پنهنجي راڄڌاني بنايو. وليئم ثاني انگلينڊ جو پهريون پهريون بادشاهه هو، جنهن جي تاجپوشي ويسٽ منسٽر ايبي ۾ ٿي. ۽ هن بادشاهه ٽاور آف لنڊن واري مکيه ۽ مرڪزي حيثيت جي حامل عمارت وائيٽ هال جي چوڌاري پنهنجي عظمت جا نشان ڇڏيا هئا، پر سن ۱۶۶۶ع ۾ لنڊن شهر کي لڳل زبردست باهه سبب شهر جون گهڻيون بهترين عمارتون اٽڪل تيرهن هزار گهر ۽ تقريباً نوي گرجا گهر سڙي رک ٿي ويا. اهڙي طرح تباهيءَ جي چڪر جو انت انهيءَ باهه تي پورو ٿيو. هن باهه مان اتفاقاً فائدو حاصل ڪندڙ سر ڪرسٽوفر رين هو. جنهن کي تباهه ٿيل عمارتن جي جڳهه تي نيون عمارتون تعمير ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو. جنهن ۾ گرين وچ ۾ تعمير ٿيندر بحري فوج واري اسپتال ۽ سينٽ پال واري ڪيٿيڊرل (شاهي گرجا) جي تعمير شامل هئي.

بدقمستيءَ سان انهيءَ باهه کان پوءِ وارين عظيم عمارتن جو پڻ ٿورو تعداد وڃي بچيو آهي. سن ۱۹۴۰-۴۱ع ۾ جرمنيءَ جي بمباريءَ سان گهڻيون عمارتون تباهه ٿي ويون. ٻيون جديد تعميرات سبب ڦٽيون. جنهن لنڊن کي جديد ڪاٻاڙي بنائي ڇڏيو آهي. لنڊن جي اصلي خصوصيت جاين جڳهين ۾ نه پر اها لنڊن جي شهرين ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ سترهين صدي عيسوي کان وٺي شهر ڪئين مختلف ثقافتن جي آماجگاهه ٿي پيو آهي. جڏهن کان دنيا جي هر طرف ۽ ملڪ کان ماڻهو هتي اچي رهڻ لڳا، جن ۾ هندستاني، پاڪستاني، بنگالي، ڪيربيئن، رومي سمنڊ جي ڪنارن تي رهندڙ ۽ ڏور اوڀر وارن ملڪن جا هزارين ماڻهو شامل هئا. آباديءَ جي انهيءَ يلغار شهر ۾ وسعت آڻي منجهس ميٽروپولس يعني شاهي شهر جا آثار پيدا ڪيا. ٽرافلگر اسڪوائر واري علائقي ۾ تمام گهڻي ٽرئفڪ هوندي آهي. هن اسڪوائر وٽ ۱۸۵ فوٽ اوچو پلر ٺهيل آهي، جنهن تي عظيم بحري سالار ايڊمرل هوريٽيونيلسن جو مجسمو آويزان آهي، جيڪو ۱۸۰۵ع ۾ ٽرافلگر واري فرينچ نيوي هٿان مليل شڪست واري جنگ ۾ مري ويو. راڻي وڪٽوريا جي دور جي پينٽر ايڊون سيئر انهيءَ پلر جي بنياد وٽ چار شينهن محافظن وانگر ڊزائين ڪيا آهن. پاسن کان ٻه ڦوهارا لڳل آهن، جيڪي اونهاري ۾ گرميءَ کان عاجز سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا.
سنڌ جي فاتح چارلس نيپئر جو مجسمو به هت رکيل آهي، جيڪو حڪومت نه پر سندس ذاتي دوستن ٺهرايو آهي. هت بي شمار سياح سڄو ڏينهن ايندا ويندا رهندا آهن، جيڪي شينهن تي ويهي ۽ ڪبوترن کي چارو کارائي فوٽو ڪڍڻ ۾ ڏاڍو لطف اندوز ٿيندا آهن. اسان به ڪافي فوٽو ڪڍيا ۽ اڳي ڪڍيل فوٽن کي ياد ڪري نئين انداز سان هڪ ٻئي جا فوٽو ڪڍياسين. ٽرافلگر اسڪوائر جي ڏکڻ طرف هڪڙو ٽڪنڊو يا  ٽه-واٽو آهي، اتي چارلس اول جو مجسمو لڳل آهي. اهو هنڌ چارنگ ڪراس (نشان) وارو اصل ماڳ آهي، جتان لنڊن کان مختلف طرفن ۽ شهرن ڏانهن ويندڙ رستن جي ماپ ڪئي ويندي آهي. هن هنڌ تي اهو نالو يعني چارنگ ڪراس ايڊورڊ اول پنهنجي زال ايليئز جي جنازي جي جلوس واري رستي تي لڳل يادگار نشانن مان آخري نشان طور مقرر ڪيو هو. اهو يادگار نشان اڃا تائين چارنگ ڪراس ٽرين اسٽيشن جي اڳيان اوڀر طرف موجود آهي. اسان هتان کانپوءِ ٽرافلگر اسڪوائر جي اترئين پاسي نئشنل گئلريءَ طرف وياسين، جتي دنيا جي عظيم فن پارن جو زبردست ذخيرو موجود آهي. برطانيه ڪي پنهنجا وڏا فنڪار پيدا ڪيا. ۽ ڪن روشن خيال فنڪارن جي پذيرائي به ڪئي، پر هن ملڪ دنيا جي فني شاهڪارن کي گڏ ڪرڻ وارن شوقينن جو چڱو تعداد پيدا ڪيو، جن خاص طور تي ارڙهين صديءَ دوران اعلى ثقافتي فني شاهڪار ۽ نوادرات حاصل ڪرڻ لاءِ پوري يورپ جو سير سفر ڪيو. جنهنڪري لندن ۾ پوري يورپ جي سمورن مکيه فني اسڪولن ۽ فنڪارن جا ايترا ته گهڻا شاهڪار موجود آهن، جيترا سندن اصل ملڪن ۾ به مس موجود هوندا. مثلاً فقط اٽليءَ جي تقريباً سڀني وڏن فنڪارن جهڙوڪ پِيرو ڊيلا فرانسيسڪا، رافائيل، بوٽيسيلي، يُوسَلو، مائيڪل اينجلو، ڪارا واگيو، ٽائيٽيئن، پائولو، ويرو نيز ۽ مانٽيگنا وغيره جا هزارين فني نوادرات گئلري جو سينگار آهن. اسپين جي عظيم فنڪارن جا سدا جڳمگائيندڙ زرين فني شهپارا هتي سونهن جي سامان ۾ شامل آهن. مثلاً ويلاسڪئيز وارو ”راڪيبي وينسِ“ شاهڪار ايل گريڪوگويا ۽ ٻين ڪمال جي صاحبن جا فني جواهرات ڪثرت سان موجود آهن. انگلينڊ کان هيٺ وارن ملڪن جي پڻ ڪمال جي ڪاريگرن جهڙوڪ ميملنڪ وان آئيڪ جو فني ڪارنامو ”اَرنالفني ميريئيج“ وانِ ڊَرِويڊن رُبَنسِ ۽ ٻين جي مُصَوريءَ جو پڻ وڏو ذخيرو موجود آهي. هتي ريمبرانٽ جي پُر تجسس تصويرن جي ترتيب جو پڻ عجيب نماءُ آهي.

ٽرافلگر اسڪوائر جي اولهه طرف جيمس گِبسِ طرفان ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ اڏايل ”سينٽ مارٽن ان دِي فيلڊس“ وارو چرچ قائم آهي، جنهن ۾ ڪيترا ئي قديم طرز جا ڪالم ۽ هڪ غير رواجي طرز جي مناري سان مهاڙي ٺهيل آهي. نئشنل گئلري جي ڀرسان سينٽ مارٽن واري جڳهه ۾ عظيم انسانن جي تصويرن جي پڻ هڪ الڳ قومي نمائش قائم ڪئي وئي آهي، جنهن کي ”نئشنل پورٽريٽ گئلري“ سڏين ٿا. هيءُ نمائش سومر کان ڇنڇر تائين صُبح ۱۰ وڳي کان شام ۶ وڳي تائين ۽ آچر تي منجهند ۱۲ وڳي کان شام ۶ وڳي تائين مفت ڏيکاري وڃي ٿي. هيءَ گئلري سن ۱۸۵۶ع ۾ قائم ڪئي وئي. هتي موجود نوادرات ۾ هڪ هينري اٺين جي ماڻهو جي قد کان به وڏي تصوير آهي، جيڪا هينس هولبين جي ٺهيل آهي. بيشڪ هي ميوزم تصويرن جي مختلف فني قسمن جو تاريخي مجموعو به پيش ڪري ٿو. ته ٻئي طرف برطانيه جي مشهور هستين جو تعارف پڻ پيش ڪري ٿو. ٿيو ڊور گهراڻي ۽ دور سان واسطو رکندڙ شخصيتن جون تصويرون مٿئين ماڙ تي سجايل آهن. وچئين ماڙ تي وڪٽورين دور وارن ماڻهن جون تصويرون رکيل آهن. بلڪل هيٺئين طبقي گرائونڊ فلور تي ويهين صديءَ جي مشهور ماڻهن جهڙوڪ پوپس، ايڪٽرن، رانديگرن، سياستدانن ۽ شاهي گهراڻي جي شخصيتن جون تصويرون سجايل آهن، هن عمارت جي هڪڙي حصي ۾ وقت بوقت خصوصي نمائشون پڻ لڳايون وينديون آهن. جن ۾ فوٽو گرافيءَ جون بهترين نمائشون به شامل آهن.

No comments:

Post a Comment