Showing posts with label سئيڊن ۾ مرڻ کان پهريان صفائي جو دلچسپ عمل ۽ ڏانءُ، Notes from Europe، عبدالله عثمان مورائي،. Show all posts
Showing posts with label سئيڊن ۾ مرڻ کان پهريان صفائي جو دلچسپ عمل ۽ ڏانءُ، Notes from Europe، عبدالله عثمان مورائي،. Show all posts

Tuesday, April 09, 2019

سئيڊن ۾ مرڻ کان پهريان صفائي جو دلچسپ عمل ۽ ڏانءُ - عبدالله عثمان مورائي


سئيڊن ۾ مرڻ کان پهريان صفائي جو دلچسپ عمل ۽ ڏانءُ
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
قادر جتوئي سان جڏهن به ملڻ ويندو آهيان ته سندس علائقي واري ٽنل بانا جنهن کي انگريزي ۾ ميٽرو يا انڊرگرائونڊ چئجي، جي ٻاهران هڪ ڪتابن جو شيلف رکيل هوندو آهي، جنهن ۾ هر وقت ڪجهه نه ڪجهه ڪتاب رکيل هوندا آهن، جتان ماڻهو پنهنجي پسند يا ڪم جا ڪتاب کنيو وڃن. ڪنهن اهي ڪتاب شايد پنهنجي سڄي ڄمار گڏ ڪيا هوندا ۽ شايد سڀ پڙهيا به هوندا ۽ هاڻي اهي ڪتاب ورهائڻ جي خيال کان اتي رکيا وڃن ٿا ته جيئن ماڻهو انهن مان فائدو وٺن. اهو سلسلو ڪافي وقت کان هلي پيو. هڪ بهترين خيال ته پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي انهن ڪم وارن ڪتابن کي ٻين قدردانن جي حوالي ڪرڻ ۽ پنهنجن پونئيرن کي انهيءَ پريشانيءَ کان بچائڻ ته بابا يا امان جي ڪتابن يا ٻئي سامان کي ڪاڏي ڪيون؟ جيڪڏهن پنهنجي حياتي ۾ ئي پنهنجين شين کي پاڻ صحيح هٿن يا صحيح طريقي سان ٺڪاڻي نه لڳائبو ته پوءِ نتيجو اهو نڪرندو آهي ته ڪتابن کي رديءَ وارن کي وڪڻي ڏبو آهي يا انهن کي اڇلايو ويندو آهي.