Tuesday, April 09, 2019

سئيڊن ۾ مرڻ کان پهريان صفائي جو دلچسپ عمل ۽ ڏانءُ - عبدالله عثمان مورائي


سئيڊن ۾ مرڻ کان پهريان صفائي جو دلچسپ عمل ۽ ڏانءُ
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
قادر جتوئي سان جڏهن به ملڻ ويندو آهيان ته سندس علائقي واري ٽنل بانا جنهن کي انگريزي ۾ ميٽرو يا انڊرگرائونڊ چئجي، جي ٻاهران هڪ ڪتابن جو شيلف رکيل هوندو آهي، جنهن ۾ هر وقت ڪجهه نه ڪجهه ڪتاب رکيل هوندا آهن، جتان ماڻهو پنهنجي پسند يا ڪم جا ڪتاب کنيو وڃن. ڪنهن اهي ڪتاب شايد پنهنجي سڄي ڄمار گڏ ڪيا هوندا ۽ شايد سڀ پڙهيا به هوندا ۽ هاڻي اهي ڪتاب ورهائڻ جي خيال کان اتي رکيا وڃن ٿا ته جيئن ماڻهو انهن مان فائدو وٺن. اهو سلسلو ڪافي وقت کان هلي پيو. هڪ بهترين خيال ته پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي انهن ڪم وارن ڪتابن کي ٻين قدردانن جي حوالي ڪرڻ ۽ پنهنجن پونئيرن کي انهيءَ پريشانيءَ کان بچائڻ ته بابا يا امان جي ڪتابن يا ٻئي سامان کي ڪاڏي ڪيون؟ جيڪڏهن پنهنجي حياتي ۾ ئي پنهنجين شين کي پاڻ صحيح هٿن يا صحيح طريقي سان ٺڪاڻي نه لڳائبو ته پوءِ نتيجو اهو نڪرندو آهي ته ڪتابن کي رديءَ وارن کي وڪڻي ڏبو آهي يا انهن کي اڇلايو ويندو آهي.


ماهرن جو چوڻ آهي ته اوهان جيڪڏهن پنهنجي اوسي پاسي جي ماحول کي صاف سٿرو رکو ٿا ته ان جو مطلب آهي ته اوهان جو ذهن صاف آهي. صاف ماحول برابر آهي صاف ذهن جي. صبح جو ننڊ مان اٿڻ کان پهريان جيڪڏهن پاڻ پنهنجو هنڌ، بيڊ يا کٽ کي صحيح طريقي سان سيٽ ڪيون يا ويڙهي رکون ته اها ان ڏينهن جي بهترين شروعات هوندي ۽ ذهن سڪون ۽ امن ۾ هوندو. جيڪي ماڻهو هروڀرو فضول سامان وٺڻ ۽ اسٽورن ۾ گڏ ڪرڻ جا شوقين آهن، انهن لاءِ چيو ويو آهي ته بهتر آهي ته فضول سامان گڏ ئي نه ڪجي، پر جيڪڏهن اوهان کان ٿي ويو آهي ته ان کي پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي ٺڪاڻي لڳايو ته بهتر آهي. ائين ڪرڻ سان اوهان جي اولاد کي پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو نه پوندو. هتي سئيڊن ۾ هڪ ڪم ڪيو ويندو آهي، جنهن جو ٽرم آهي ”دوءُ اسٽينڊننگ“ جنهن جو مطلب آهي ڊيٿ ڪلينگ يعني مرڻ کان پهريان پنهنجين شين کي ڪنهن کي ڏيو يا اڇلايو وغيره وغيره.
ان سلسلي ۾ مارگريٽا ميگنوسن هڪ ڪتاب ”دي جينٽل آرٽ آف سئيڊش ڊيٿ ڪليننگ“ پڻ لکيو آهي. ڪتاب هونءَ ته اولهه جي معاشري جي پس منظر ۾ لکيل آهي، پر ڪتاب ڪافي دلچسپ ۽ حقيقتن تي مشتمل آهي. مارگريٽا جو خيال آهي ته اوهان وٽ ڪافي سبب ٿي سگهن ٿا، جن جي ڪري اوهان پنهنجي شين جي صفائي ڪري سگهو ٿا، جنهن ۾ طلاق ٿيڻ، زندگي جو ساٿي وڇڙي وڃڻ، ڪنهن مجبوريءَ تحت وڏي گهر مان ننڍي گهر لڏڻ يا بيماريءَ جي ڪري نرسنگ هوم وڃڻ. ليکڪ پاڻ وڏي عمر جي ڪري پنهنجي تجربي جي بنياد تي ٻڌائي ٿي ته پاڻ سترهن دفعا لڏپلاڻ ڪرڻ کان پوءِ اها ڳالهه چڱي نموني سکي ورتي ته ڪهڙي شيءِ ضروري آهي، جنهن کي رکجي ۽ ڪهڙي شيءِ مان جان ڇڏائجي. مارگريٽا جو خيال آهي ته ان لاءِ هاڻي اوهان کي وڏي عمر جو ٿيڻ يا بيمار ٿيڻ جي ضرورت ناهي پر اوهان کي ان شيءِ جو هاڻي کان ئي خيال رکڻ گهرجي ته جيئن اوهان جي پونئيرن کي اوهان جي ڇڏيل سامان مان تڪليف نه اچي. مطلب ته شروع کان ئي سامان تمام گهٽ ۽ صفا ضرورت وارو هئڻ گهرجي. معنيٰ هتي زندگي شروع کان ئي منصوبه بنديءَ سان گذارڻ جي صلاح ڏنل آهي.
مارگريٽا هتي اهو به سمجهي ٿي ته ڪن شين مان هٿ ڪڍڻ مهل ماڻهو انهن شين سان جذباتي لڳاءُ هئڻ ڪري جذباتي پڻ ٿي سگهي ٿو، پر هتي اها صلاح پڻ ڏئي ٿي ته ان جذبات کي منهن ڏيڻ لاءِ اوهان کي تيار رهڻو پوندو. پاڻ هڪ مثال ڏيندي لکي ٿي ته کيس پنهنجي ماءُ طرفان هڪ بريسليٽ مليو هيو، جيڪو ظاهر آ سندس مرڻ کان پوءِ سندس پنجن ٻارن کي ملڻو هيو. پر سوال اهو هيو ته اهو بريسليٽ ڪهڙي ٻار کي ملي؟ مارگريٽا مرڻ کان پهرين اهو فيصلو ڪيو ته هوءَ اهو بريسليٽ وڪڻي ڇڏيندي. رڳو انڪري ته جيئن سندس ٻار سندن ماءُ جي بريسليٽ هئڻ جي جذبات ۾ پاڻ ۾ هڪٻئي جا مخالف نه ٿي وڃن. يا پاڻ ۾ هڪٻئي سان ساڙ ڪن. ڪتاب ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته جيئن جيئن ۽ جيترو اوهان رڳو سامان ۽ مال گڏ ڪندئو، تيئن تيئن اوهان کي يا اوهان جي پونئيرن کي آخر ۾ اها صفائي ڪرڻ ۾ تڪليف ٿيندي.
مارگريٽا اهڙي قسم جي گند کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪجهه صلاحون پڻ ڏنيون آهن، جيئن سندس چوڻ آهي ته سڀ کان پهريان پنهنجي ايٽڪ، بيسمينٽ يا الماريءَ کان شروعات ڪيو، جتي گهڻي قدر اهو سامان گڏ ٿيل هوندو آهي، جنهن جي گهڻي قدر ضرورت ناهي هوندي. مثال طور راندين جو سامان، ڪتاب، رانديڪا يا اوزار جيڪي سالن کان ڪنهن جي به استعمال ۾ ناهن رهيا ۽ ڪير انهن کي هاڻي يا مستقبل ۾ استعمال پڻ نه ڪندو. هتي هڪ صلاح پڻ ڏنل آهي ته جيڪڏهن اوهان کي پڪ نه هجي ته ڪهڙي سامان مان هٿ ڪڍجن ته پوءِ اوهان اهو سامان اڇلڻ کان پهريان پنهنجن ٻارن يا مائٽن کي پڻ ڏيکاري سگهو ٿا ته جيڪڏهن اهي اوهان جي ان سامان ۾ دلچسپي ڏيکارين يا استعمال ڪرڻ چاهين.
مارگريٽا وڌيڪ لکيو آهي ته اهو عمل اوهان کي اوهان جي پوٽاڻي يا ڏوهٽاڻي اولاد سان پڻ وڌيڪ ويجهو ڪندو. ڇاڪاڻ ته جڏهن اوهان ان سامان مان جان ڇڏائڻ شروع ڪندا ته لازمي آهي ان سامان سان اوهان جون ڪافي يادون هونديون ۽ اهي يادون جڏهن اوهان پنهنجي ڏوهٽاڻي يا پوٽاڻي اولاد سان ونڊيندا ته انهن کي اوهان جي زندگيءَ بابت وڌيڪ معلومات ملندي ۽ اوهان جون يادون پڻ تازيون ٿينديون. ليکڪ پنهنجي سَسُ جي ڏنل شين کي ياد ڪندي لکي ٿي ته جڏهن هوءِ وڏي عمر جي ٿي ته ان کيس ۽ خاندان جي ٻين ڀاتين کي جپان ۽ چين مان ورتل شيون ڏنيون هيون. مارگريٽا وڌيڪ لکي ٿي ته هن سڄي عمل ۾ سڀ کان وڌيڪ جذباتي وقت اهو هوندو جڏهن اوهان پيارن جي خطن ۽ فوٽن جي صفائي ڪندئو. هتي ليکڪ صلاح ڏئي ٿي ته انهن شين جي بلڪل آخر ۾ صفائي ڪرڻ گهرجي ۽ پهريان وڏين شين مان جان ڇڏائڻ گهرجي، جيڪي وڌيڪ جاءِ والارين ٿيون. فوٽن کي ڪنهن يو ايس بي ڊوائيس ۾ سنڀالي رکڻ جي صلاح پڻ ڏنل آهي.
ڪتاب ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته اڄڪلهه ايمانداري ۽ سچائيءَ تي مشتمل سوالن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو سو بهتر آهي ته وڏڙن کي پنهنجن پيارن جي طرفان ڪيل اهڙن سوالن کي دل ۾ نه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اهي پڇن ته اوهان جو ڇا خيال آهي ته اوهان پنهنجي هن سامان جو ڇا ڪندئو؟ اولاد کي پڻ پنهنجن وڏڙن کي سامان جي صفائي ڪرڻ ۾ مدد جي آڇ ڪرڻ گهرجي. ڪتاب ۾ وائڪنگز واري دور جي پڻ هڪ دلچسپ ڳالهه لکيل آهي ته ان دور ۾ جيڪڏهن ڪو مري ويندو هو ته ان جو سامان هن سان گڏ دفن ڪيو ويندو هو ته جيئن کيس اهو ان ٻي زندگيءَ ۾ ڪم اچي ۽ ان عمل سان پونئيرن کي پڻ سندن وڏڙن جي سامان جي فڪر کان آجو ڪجي.
مارگريٽا وڌيڪ پنهنجيون ساروڻيون ساريندي لکي ٿي ته جڏهن هوءِ سندس والدين جي سامان جي صفائي ڪري رهي هئي ته کيس سندس ماءُ جي ڪپڙن مان ڪجهه اهڙيون شيون مليون، جن کيس وائڙو ڪري ڇڏيو ۽ سندس پيءُ جي الماريءَ مان وري آرسينڪ زهر نڪتو، جيڪو ان اتي ڪي ڏهاڪو سال کن سانڍي رکيو هيو. رڳو ان ڊپ کان ته جڏهن جرمن سئيڊن تي قبضو ڪندا ته اهو ڏسڻ کان پهريان هو پاڻ کي زهر ڏيندو. مارگريٽا جو چوڻ آهي ته بهتر آهي ته اوهان پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي اهڙي قسم جي سامان مان جان ڇڏايو، جيڪو اڳتي هلي اوهان جي پيارن ۾ هروڀرو جا عجيب غريب سوال ۽ شق پيدا ڪري.
ڪتاب جي آخر ۾ مارگريٽا صلاح ڏئي ٿي ته اوهان کي پنهنجين شين کي ڪنهن هڪ پاسي ڪرڻ جو اهو عمل پنجهٺ سالن جي عمر ۾ آهستي آهستي شروع ڪرڻ گهرجي. جڏهن اوهان وٽ اڃا ڪافي طاقت، وقت، هوش، حواص ۽ حوصلو هوندو آهي. مارگريٽا جو يوٽيوب تي چئن منٽن جو انٽرويو پڻ موجود آهي، جنهن ۾ هوءَ ڊيٿ ڪليننگ بابت پنهنجا ويچار ونڊي ٿي.
آءٌ مارگريٽا جو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ انهيءَ سوچ ۾ پئجي ويس ته پاڻ وٽ جنهن ۽ جهڙي انداز ۾ سياسي ماڻهن، وڏن واپارين يا سرڪاري ملازمن جا ڪرپشن جا ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن ۽ ڪرپٽ ماڻهن جيڏو مال ٺاهيو آهي. ان سڄي گند کي جيڪڏهن اهي پاڻ جن اهو گند ڪيو آهي، صاف ڪرڻ شروع ڪن ته گهڻو وقت لڳندو؟ شايد ايڏي وڏي گند کي صاف ڪرڻ لاءِ ڊزن کن ٻيون زندگيون گهرجن. جيڪي اهڙي قسم جي ڪرپشن ڪن ٿا، انهن لاءِ رڳو ايترو چوندس ته توڙي جو اوهان ايڏو وڏو مال ٺاهيو آهي پر اوهان آهيو اصل ۾ انگريزيءَ جي لفظ مطابق ”لوزر“، جيڪي پنهنجو ڪيل گند هن حياتيءَ ۾ صاف ڪرڻ جي اهل به ناهن.
هڪ هنڌ ڪٿي ٻوڏ آئي، پاڻي جڏهن گهرن ۾ گھڙڻ لڳو ته هڪ غريب بي فڪرو ٿي وڻ تي چڙهي وڃي ويٺو ۽ ڪرپٽ ۽ نون دولتمند ماڻهن گهرن مان قيمتي سامان هٿيڪو ڪرڻ لاءِ پئي ڪڍيو. غريب جڏهن ڏٺو ته ڪرپٽ ۽ نوان دولتمند ڪيئن نه پريشانيءَ جي عالم ۾ گهرن مان سامان پئي ڪڍيو ته ان کان کل نڪري وئي. تنهن تي انهن ڪرپٽ ۽ نون دولتمندن کيس گهٽ وڌ ڳالهائيندي چيو ته اسان هتي پريشان پيا ٿيون ۽ توکان کل ڪانه ٿي بيهي. غريب وراڻيو ته اڄ پهريون دفعو ئي ته غريب هئڻ جو مزو آيو آهي جو مون وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. اڄڪلهه نيب جي ڪاررواين کي اها ٻوڏ چئي سگهجي ٿو. سو سائين هن هڪ دفعو مليل انمول حياتيءَ ۾ اهڙا ڪم ئي نه ڪجن جو ٻوڏ اچي ۽ وهائي کڻي وڃي ۽ زندگيءَ جي خبر ئي نه پوي ته ڪيئن گذري وئي.

No comments:

Post a Comment