Monday, January 02, 2012

بامبي ڊَڪ ۽ گڏهه تي ٿي سوار - الطاف شيخ


بامبي ڊَڪ ۽ گڏهه تي ٿي سوار
الطاف شيخ
پوني وانگر ممبئي ۾ به ڪيترا ئي ڪراچي نالي دڪان ۽ ريسٽورنٽون آهن. هڪ ته ڌوٻي تلاءَ وٽ جمعا مسجد جي ڀرسان ۽ منگلداس مارڪيٽ جي سامهون ”ڪراچي بيڪري“ نالي دڪان نظر آيو ۽ هڪ باندرا ويسٽ ۾ راماداس نائڪ مارگ ۽ هل روڊ وٽ ”ڪراچي سوئيٽ شاپ“ آهي. ڪراچي ريسٽورنٽ نالي هڪ هوٽل دادر ۽ وادالا بس اسٽاپن جي وچ ۾ به نظر آئي.
*


ممبئي جي رفيع احمد قدوائي روڊ جي هڪ ريسٽورنٽ تي بئري کان مينو پڇڻ تي هن چيو ته ”اسان فقط بامبي ڊَڪ Serve ڪندا آهيون.“ ان مان اندازو لڳايم، ته هن ريسٽورنٽ ۾ پڪ مڪاني ۽ ڌارين ملڪن جا چيني ٽوئرسٽ ايندا هوندا جيڪي بدڪون کائڻ جا شوقين آهن. آئون مڇي پلي جو ٻڌي هن ريسٽورنٽ ۾ آيو هوس. پر پوءِ اٿڻ تي ريسٽورنٽ جي مالڪ ٻڌايو، ته Bombay Duck دراصل بدڪ جو نه پر مڇي جو قسم آهي، جنهن کي انگريزي ۾  Marine Lizard Fish سڏجي ٿو ۽ سندس سائنسي نالو Harpodon Nehereus آهي. هن مڇيءَ کي هتي جا ماڻهو بُومالو به سڏين ٿا، جيڪا گنگا ندي جي ڊيلٽا ۽ انڊيا جي اولهه ڪناري پاسي عربي سمنڊ ۾ ٿئي ٿي. هيءَ مڇي اڏامندڙ مڇي (Flying Fish) جي شڪل جهڙي سنهي ۽ قد ۾ 6 کان 9 انچ ٿئي ٿي.
ريسٽورنٽ جي بورچيءَ ٻڌايو ته؛ هيءَ مڇي نومبر ڊسمبر کان مارچ تائين نظر اچي ٿي. تازي مڇيءَ جو پڇ ۽ منڍي ڪپي ڊيپ فراءِ ڪيو وڃي ٿو ۽ ممبئي جي ڀرسان چمپبائي نالي هڪ مهاڻن جو ڳوٺ آهي، جتي بامبي ڊڪ يعني بُومالو اس ۾ سڪائي پوءِ وڪرو ڪئي وڃي ٿي. هن مڇي (بامبي ڊَڪ) جي گهڻي کپت بنگلاديش ۽ برطانيا ۾ آهي جتي ڏکڻ ۽ اوڀر ايشيا جا ماڻهو وڏي شوق سان خريد ڪن ٿا ۽ ممبئي جي مهاڻن جي سٺي ڪمائي ٿيو وڃي.
*
چانهه دوران ممبئي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر چندرا ڪرشنا مورتي جي آفيس ۾ تاريخ جي پروفيسر صاحبه مريم ڊوسل سان ملاقات ٿي. پاڻ انڊيا جي ڪنهن انگريزي اخبار ۾ ڪالم به لکي ٿي ۽ سندس چار ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. انهن مان هڪ ڪتاب ‘City of Hope-Mumbai 1660 to present’ لاءِ هن مون کي ضرور پڙهڻ جو چيو.
”انڊيا جي تاريخ ۾ توهان کي ڪهڙو دور بهتر لڳي ٿو؟“ مون هن کان پڇيو.
”گپتا دور،“ پروفيسر مريم ڊوسل جواب ڏنو؛ ”منهنجي خيال ۾ هي اهو دور آهي، جنهن ۾ تقريباً سڄو اتر انڊيا هڪ ٿي ويو هو. اهو ان ڪري جو گپتا سلطنت 550-320ع ۾ دنيا جي ٻين حصن جي مقابلي ۾ امن امان جي زندگي هئي. ماڻهو سکيا هئا ۽ سڪون جي ننڊ ڪيائون ٿي. اهو هڪ سنهري دور هو.“
گپتا سلطنت جا ٽي حاڪم ٿيا. ”چندر گپت“ پهريون جنهن عيسوي سن 319ع کان 335ع تائين حڪومت ڪئي. ان بعد سمودرا گپت 335 کان 376ع تائين بادشاهه ٿيو ۽ آخر ۾ چندر گپت 376 کان 415 تائين حاڪم رهيو.
*
ممبئي جو سينٽ زئوير (St. Xavier) ڪاليج به ڏسڻ وٽان آهي، جيڪو 130 سال پراڻو آهي. سندس پٿرائين عمارت توڙي تعليمي نظام بيحد مٿانهين درجي جو آهي. مختلف سائنس جي سبجيڪٽن کان علاوه سنسڪرت، پالي، فرينچ، گجراتي، مراٺي ۽ اردو پڻ پڙهائي وڃي ٿي. هن ڪاليج ۾ اردو 1922ع کان اسڪول ليول تي رکي وئي، ان کانپوءِ 1938ع کان 1942ع تائين اردو کي B.A ليول جو سبجيڪٽ ڪيو ويو. اردو جي پروفيسر ٻڌايو ته اڄ ڪلهه ريسرچ ورڪ ۽ پوسٽ گرئجوئيشن لاءِ پڻ اردو کي رکيو ويو آهي. 1944ع ۾ اردو لائبريري به قائم ڪئي وئي. اردو لاءِ ٽي اسڪالرون به قائم ڪيون ويون آهن، جيڪي هن ريت آهن: ڊاڪٽر سر محمد اقبال اسڪالرشپ 1947ع کان، پروفيسر ايس ايم سيد رضا اسڪالر 1953ع کان ۽ پروفيسر خليل ديها داشتي اسڪالر، 1947ع کان.
ڪاليج ۾ اردو جون تقريرون، ڊراما ۽ بحث مباحثا قائم رکڻ لاءِ مرزا غالب ٽرافي، تيج بهادر ساپرو شيلڊ ڊرامن لاءِ ۽ سر ابراهيم رحمت الله ڪپ مضمون نويسيءَ لاءِ رکيو ويو آهي. 1947ع کان هر سال ’ڪاروانِ ادب‘ جي نالي سان ادبي مئگزين نڪري ٿي. اردو جي پروفيسر ٻڌايو، ته ان کان علاوه ڪاليج ۾ اردو مشاعره به ڪيا وڃن ٿا ۽ اردو شاعرن جا ڏينهن به ملهايا وڃن ٿا، جيئن ته مرزا غالب، پنڊت چاڪباست، مولانا حالي، شبلي نعماني، اڪبر الله آبادي، حسرت موهاني، پنڊت ڪيفي، مولوي عبدالحق، وغيره وغيره.
*
انڊيا ۽ پاڪستان جي گهڻي آدمشماري وڏو مسئلو چيو وڃي ٿو. ان ڪري ٻنهي ملڪن ۾ بيروزگاري، غربت ۽ بيماري جهڙا مسئلا آهن. انڊيا ميٽل ڪمپني جو عمران خان نالي نوجوان مالڪ مليو. سندس 180 ڪروڙ روپين جو ڪاروبار هلي ٿو. هن ٻڌايو ته گذريل ڏهه سالن ۾ انڊيا ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. هر فيلڊ ۾ ترقي ٿي آهي. بيروزگاري تيزي سان گهٽجي رهي آهي. سڪي جي قيمت وڌي رهي آهي.“
صحيح ٿو چوي. فقط ٽي چار سال اڳ دهلي آيو هوس ته ان وقت اسان جو پاڪستاني رپيو انڊيا جي رپئي برابر هو. اڄ انڊيا جو رپيو اسان جي ٻن رپين برابر ٿي ويو آهي. عمران خان اهو به ٻڌايو ته؛ هتي (انڊيا ۾) هاڻ ذات پات يا مذهب جي بنياد تي فرق گهٽجي ويو آهي. هن ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ڪندي چيو، ته ”اسڪول جي ڏينهن ۾ مون تي ۽ منهنجي ٻن ڪلاس ميٽن زيد خان ۽ عارف خان (جيڪي هاڻ ائڪٽر آهن) ڪلاس ميٽ ٺٺوليون ڪندا هئا ته:
تم تين خان،
گدھي پہ ہو سوار
جائو پاکستان۔
پر اڄ شايد ئي ڪو مسلمان ٻار اسڪول ۾ ان قسم جي نفرت حاصل ڪري ٿو.“
سالل بوبري نالي هڪ مسلمان آفيسر ٻڌايو ته ”ماءُ پيءُ منهنجو نالو سالل ان ڪري رکيو جو اهو نالو هندن ۽ مسلمانن ۾ ڪامن آهي. جيئن گلشن، روشن، وغيره. مونکي ڊپ هو، ته مسلمان ناتي مون سان Discrimination نه ڪئي وڃي. پر سندن اها پريشاني اجائي ثابت ٿي. اسان جي سوسائٽي بدلجي چڪي آهي.
The job market evaluates you on the basis of your qualification, not your religion
*
ڀاڀا اٽامڪ ريسرچ سينٽر (BARC) جي هڪ سائنٽسٽ مسلمان عورت مهر تبسم ٻڌايو ته؛ اڄ کان ڏهه سال اڳ ڪا مسلمان ڇوڪري اهڙي وڏي اداري ۾ هندو ڇوڪرين سان گڏ ڪم ڪرڻ جو سوچي به نٿي سگهي. 36 ورهين جي ڄمار جي مهر تبسم کي 85 هزار رپيه ماهوار پگهار ملي ٿو، جيڪو پاڪستان جي رپين ۾ هڪ لک ستر هزار ٿيا. تبسم ٻڌايو ته؛ اڳ ۾ انڊيا ۾ رهندڙ مسلمان ڇوڪرين تاريخ، جاگرافي يا هوم ايڪنامڪس جهڙن سبجيڪٽن ۾ M.A ڪئي ٿي جن ۾ ڪهڙي نوڪري ملندي؟ اڄ جون مسلمان ڇوڪريون Pure سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڊگري حاصل ڪن ٿيون. انجنيئرنگ جي نين نين برانچن ۾ B.E ۽ M.E ڪن ٿيون.
Globalization has opened limitless opportunities and Muslims too are grabbing them
*
ممبئي جي ڀر واري شهر ڪارجت ۾ (جتي ڌارين ملڪن جا ڪافي ٽوئرسٽ اچن ٿا) ڪنهن مڪاني ماڻهوءَ ڀت تي خوب لکي ڇڏيو آهي ته:
Shoot nothing, but pictures
Leave nothing, but foot prints
*
ورهاڱي دوران سنڌ مان جيڪي سنڌي انڊيا لڏي ويا، انهن جو وڏو تعداد ممبئي جي ڀر واري شهر الهاس نگر ۾ رهي ٿو، جيڪو شهر الهاس نديءَ جي ڪناري تي آهي. ممبئي ۾ الهاس نگر جي رهاڪو سنڌيءَ جي دڪان ۾ الهاس نگر بابت هي شعر نوٽ ڪيو اٿم:
الهاس ۾ ڪير ته ساري ٿو،
آ کاٻي منهنجي اک ڦڙڪي،
ڪو سرحد پار سنڀاري ٿو،
الهاس ڪپر تي ساري ٿو،
ڪو ڪانگل سنڌ مان اڏاري ٿو،
ڪنهن ڀاءُ ڪيو آ ياد وري،
الهاس ۾ ڪير ته ساري ٿو،
آ کاٻي منهنجي اک ڦڙڪي.
*
ممبئي يونيورسٽي جي مين گيٽ ڀرسان هوٽلن ۽ دڪانن جي قطار ۾، ساءِ بابا ريسٽورنٽ ڀرسان هڪ کوکا (ڌاٻا) نموني جي هَٽَ اڳيان، ڪارن برقعن ۾ ٽي ڇوڪريون چانهه جو آرڊر ڏئي بيٺيون هيون. چانهه وارو گئس جي سلينڊر تي ڌوڌ پتي چانهه ٺاهي رهيو هو.
”سر چاءِ پيئين“ هنن مون کي مدعو ڪيو.
آئون دل ۾ سندن همت کي داد ڏيڻ لڳس. هنن پردي کي به قائم رکيو آهي، ته ساڳئي وقت هنن کي پاڻ ۾ ايترو اعتماد آهي، جو هڪ ڌارئين مرد سان ڳالهائي سگهن ٿيون.
”ڪهڙي ڊپارٽمينٽ جون آهيو؟“ چانهه لاءِ هائوڪار ڪندي، پڇيومان.
”اردو جرنلزم ۾ آهيون.“ هنن ٻڌايو.
”هتي ممبئي يونيورسٽي ۾ جتي ڇوڪرين جي ميجارٽي هندو توڙي مسلمان، جينز، اسڪرٽ ۽ شلوار قميض ۾ اچن ٿيون، اتي توهان کي برقعي ۾ ڏسي ٻيا اسٽوڊنٽس رمارڪ ته ڏيندا هوندا؟“ مون پڇيومان.
”هرگز نه.“ هنن وراڻيو، ”اها ئي ته هن ملڪ جي بيوٽي آهي جو ڪو به ٻئي جي عقيدن ۾ پنهنجي راءِ نٿو ٽنبي.“
”توهان فوٽو ڪڍرائڻ پسند ڪنديون.“ مون پڇيو.
”نو پرابلم“ هنن وراڻيو ۽ پوءِ فوٽو ڪڍڻ وقت، هنن مون کي به پاڻ سان گڏ بيهاري، چانهه واري کي فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيو. دل ۾ مون سوچيو ته؛ هي فوٽو واهه جو آهي ۽ اخبار ۾ ضرور ڏيندس، ته ممبئي يونيورسٽي جون هي مسلمان ڇوڪريون ڪيڏيون همت واريون آهن. اسٽولن تي ويهي چانهه پي رهيون آهن ۽ پردي جي باوجود فوٽو به ڪڍرائي رهيون آهن.
اٿڻ مهل هنن جلدي جلدي حساب ڪري هر هڪ بل جو ٽيون حصو ڏنو، مون کان نه ورتائون. مون کي سندن اها ڳالهه به وڻي يعني اها نه ته هنن مون کان پئسا نه ورتا پر اها ته هڪ ٻئي تي بار نه بنجڻ لاءِ هر هڪ پنهنجو حساب ڏئي اُٿي. ممبئي يونيورسٽي جي ڪئنٽين ۾ پڻ گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان ڏسي رهيو آهيان ته اسٽوڊنٽس توڙي پروفيسر پنهنجو پنهنجو بل ڏين ٿا. بهرحال بل جي ادائگي بعد کانئن اي ميل ائڊريس وٺـي موڪلايم ۽ هو بس ڏي روانيون ٿيون. بس اسٽاپ ٽن چئن دڪانن بعد سامهون هو، جتي ٻيا به ڪجهه شاگرد بس جو انتظار ڪري رهيا هئا. مون ڪئميرا بند ڪري پائوچ ۾ وڌي ۽ سندن نالن ۽ ائڊريسن وارو پنو پاسي واري کيسي ۾ وجهي، بس اسٽاپ ڏي نهاريو. ڏسان ته آهن ئي ڪو نه. بس به ته نه آئي. فقط پهرين جا بيٺل چار پنج شاگرد ۽ شاگردياڻيون هيون ۽ پوءِ ٻي گهڙيءَ ڏسان ته بس اسٽاپ کان پنج ڇهه قدم پري موٽر سائيڪلن جي پارڪنگ لاٽ ۾ هو ٽيئي ڄڻيون پنهنجي پنهنجي موٽرسائيڪل اسٽارٽ ڪري رهيون هيون. ڏاڍي حيرت ٿي. فوٽو ڪڍڻ جي بهتر سين ته هيءَ هئي، ته برقعي ۾ ملبوس شاگردياڻيون رعب سان موٽر سائيڪل تي ائين ويٺيون آهن ڄڻ هنن کي اها ممبئي جي روڊن تي نه پر ”موت جي کوهه“ ۾ هلائڻي هجي. سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ڪجي. ايتري ۾ هو ٽيئي ڄڻيون ڦٽ ڦٽ ڪنديون، منهنجي اڳيان مون کي Wave ڪنديون هليون ويون. پوءِ مون کي ڌيان ۾ آيو ته ان وقت به کين رڙ ڪري کڻي ترسايان ها ۽ سندن فوٽو ڪڍان ها. پر منهنجي ترت فيصلي نه ڪرڻ ڪري، هو گهڻو اڳيان نڪري ويون. بهرحال اهي ٿيون ڳالهيون سوچجن، ته صاف لڳي ٿو، ته انڊيا جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جون شاگردياڻيون وڌيڪ Safe محسوس ڪن ٿيون ۽ هنن جا والدين سڪون جي زندگي گذارين ٿا. اسان وٽ تعليمي ادارن ۾ يا روڊن تي ايڏي بدامني وڌندي وڃي جو شاگردن جي والدين جو به ساهه مٺ ۾ رهي ٿو.
*
ممبئي جي فورٽ واري علائقي ۾ ڊاڪٽر دادا ڀائي نوروجي روڊ ۽ سنت ڀڳت سنگهه روڊ جي وچ ۾ ٽي چار گهٽيون آهن، جن جا نالا آهن: مودي اسٽريٽ، منٽ روڊ، بورا بازار اسٽريٽ. انهن ۾ هڪ گهٽيءَ جو نالو پيري ناريمن روڊ آهي، جنهن تي مٿرا مٺائي واري دڪان تي نيرن ڪيم ۽ رستي تي چڳڻ لاءِ پاءُ کن مٺائي ورتم. صبح جو وقت هو. مون ممبئي جي رستن تي ٻه ٽي ميل پنڌ ڪرڻ چاهيو ٿي. شوگر ليول گهٽجڻ جي خيال کان مون سان گڏ مٺائي هجڻ ضروري هئي. مٿرا مٺائي واري دڪان جي مالڪ چيو ته؛ هيءَ گهٽي يعني پيري ناريمن اسٽريٽ ممبئي جي سڀ کان پراڻي گهٽي آهي، جنهن جو اصل نالو ”بازار گيٽ اسٽريٽ“ هو.
*
هڪ ڏينهن ممبئي جي CST ريلوي اسٽيشن  تان سانتا ڪروز اسٽيشن لاءِ چڙهيس. ڪري روڊ تان منهنجي عمر جو هڪ همراهه چڙهيو. شڪل ۽ نموني مان رٽائرڊ سرڪاري ڪامورو ٿي لڳو. منهنجي ٿوري ئي ڳالهائڻ سان هو خبر چار ڪرڻ ۾ شروع ٿي ويو. پاڻ ٻڌايائين ته؛ هو هن رياست جو مرهٺو آهي ۽ ٽي سال اڳ پوليس انسپيڪٽر جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو. هن پنهنجو نالو مڌوڪر اين سردال ٻڌايو. کانئس پڇيم ته هاڻ ڇا ڪرين ته وڏو ٽهڪ ڏئي چيائين: ”جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ٽن ٽن غنڊن جو به مقابلو ڪيم. هاڻ ضعيف ۽ بيمار ماڻهن جي شيوا ڪريان ٿو.“
موڪلائڻ وقت پنهنجو ڪارڊ ڏيئي، وري ملڻ لاءِ زور ڀريائين. آخر تائين سخت بزي رهيس، نه ته انڊيا ڇڏڻ کان اڳ هن ڊگهين مڇن واري پوليس آفيسر سان ضرور ملان ها. هن جي پيٽ ۾ ممبئي شهر جون لاتعداد ڳالهيون پوريل لڳيون ٿي.

No comments:

Post a Comment