Sunday, June 23, 2019

ڪراچي کان لاڙڪاڻي ڏانهن سفر- لياقت راڄپر


ڪراچي کان لاڙڪاڻي ڏانهن سفر
تاريخ جو سفر
لياقت راڄپر
لاڙڪاڻي ڏانهن ته هميشه وڃڻ ٿيندو رهي ٿو پر هن دفعي هن سفر ۾ مون کي ڪجهه تبديليون نظر آيون، جنهن سان مون اهو محسوس ڪيو ته ٽرانسپورٽ خاص ڪري ايئر ڪنڊيشنر ڪوچ تمام گهڻيون وڌي ويون آهن ۽ مختلف ڪمپنين جون ڪوچون هر ڪلاڪ کانپوءِ صدر ڪراچيءَ کان ٿينديون، سچل، ال آصف گلستان جوهر کان ٿينديون لاڙڪاڻي وڃن ٿيون، جنهن سان سهولت ۽ پريشانيون وڌي ويون آهن ۽ ڪوچن جي مالڪن پنهنجي اسٽاف کي ايترو ته فارمل ٺاهي ڇڏيو آهي جو هو جيئن وڻين تيئن ڪن، جنهن جي ڪري لڳندو آهي ته سنڌ جي ٽرانسپورٽ ۾ گورنمينٽ جي اداري جو ڪوبه ڪردار نه آهي.


بهرحال مان گلستان جوهر مان هڪ ڪوچ ۾ 11 لڳي صبح جو سوار ٿيس، جنهن جو ڪرايو ٻين ڪوچن کان هڪ سئو مٿي هيو. جڏهن هي ڪوچ سپر هاءِ وي تي ٺهيل پنهنجي آفيس تي پهتي ته هڪدم شين کپائڻ وارن جو حملو پکين وانگر ٿي ويو ۽ ڪجهه مسافر لهي ۽ چڙهي رهيا هئا، جنهن جي ڪري سيٽن تي ويٺل عورتن جي بي حرمتي ٿي رهي هئي. ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر وڃي آفيس ۾ ويٺا ۽ آفيس جو ملازم هر اچي پيو ۽ هر وڃي پيو. ان سان گڏ هر دفعي هڪ مسافر ساڻ هيو، ڪوچ جو مين در کليل هيو جنهن جي ڪري علائقي جي مکين اندر اچي ديرو لڳائڻ شروع ڪيو.
مسافر 11 لڳي جا ويٺل ساڍي 12 تائين هڪ هنڌ ويٺا رهيا ۽ ڪوبه پڇڻ وارو ۽ ٻڌائڻ وارو نه هيو ۽ سڀ مسافر بت بڻيا ويٺا هيا. مان لهي هيٺ ويس ۽ پڇا ڪيم ته هڪ ڪلاڪ گذري ويو آهي، اڃا ڪوچ چري به نه پئي ته آفيس وارن ٻڌايو ته ڪوچ جو وقت ساڍي 12 بجي جو آهي، هيءَ خاموش سزا ڪاٽڻ کانپوءِ ڪوچ آهستي آهستي روانو ٿيندي به 15 ٻيا منٽ ورتا. ٿورو اڳتي مس هلي ته وري رستي تان ڪجهه مسافر ويهاريا ويا. اهڙي صورتحال ۾ منهنجو پارو چڙهي ويو ۽ مان ڊرائيور کي چيو ته ڇا اسان قيدي آهيون جو وڌيڪ پئسا ڏئي توهان جي رحم ۽ ڪرم تي بت بڻيا ويٺا آهيون. جنهن تي ڊرائيور چيو ته هو پاڻ تنگ آهن، پر مالڪن جو چوڻ آهي ته مسافرن جي ڳالهه هڪ ڪن کان ٻڌو ۽ ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيو.
جڏهن ڄامشوري ڦاٽڪ وٽ ڪوچ پهتي ته وڃڻ وارو مين روڊ ڪوچن، ويگنن، رڪشن، ريڙهن سان ائين ڀريل هيو، جيئن مکيون ڪنهن شيءِ تي ويٺل هونديون آهن. هنن ڪوچ جا ٻه ڀائيوار آهن، جنهن ۾ هڪ پٺاڻ ۽ ٻيو لاڙڪاڻي جو سنڌي. ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر گهڻي قدر پٺاڻ آهن ۽ باقي مختلف شهرن ۾ ٺهيل آفيسن ۾ سنڌي جن کي اهو حڪم ڏنل آهي ته هو جيترو چاهين ڪوچ کي پاڻ وٽ بيهاري سگهن ٿا ۽ ائين ئي ٿيو جو ڄامشوري ۾ پورو اڌ ڪلاڪ گاڏي بيٺي رهي. منهنجي شڪايت تي هنن ڪن لاٽار ڪئي. چيومانِ ته ڀلا مسافر گهران وٺي ايندئو ڇا؟ مون کي ته افسوس آهي جو اتي ڪو به ٽريفڪ وارو يا ٻيو ڪو پوليس جو ماڻهو نه هو جيڪو ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪري ۽ ٽرانسپورٽ محڪمي جو ڪو نمائندو هجي جيڪو شڪايت ٻڌي.
بهرحال هي سلسلو هڪ لوڪل ڪوچ وانگر هلندو اچي شهر سيوهڻ تي پهتو. ان کانپوءِ، دادو، خيرپورناٿن شاهه، ميهڙ، نصيرآباد ۽ آخرڪار لاڙڪاڻي شهر ۾ رات جو 7 وڳي پهتي. جڏهن روڊ ٺهيل نه هوندا هئا ته بسون 8 کان 9 ڪلاڪ وٺنديون هيون. ڇاڪاڻ جو رستي ۾ ايندڙ شهرن کي باءِ پاس به نه هئا، پر هاڻي ته ڪوچون نيون آهن، روڊ سٺا به ٻه طرفا ٺهي ويا آهن، باءِ پاس تقريبًا هر شهر کي آهن، مختلف ڪوچ ڪمپنين ۾ مقابلي هوندي به اهو حال آهي، ڊرائيور موبائل تي ڳالهائيندا رهن ٿا. جنهن سان مسافرن جي زندگي خطري ۾ رهي ٿي. ان کان علاوه سيڪيورٽي ۽ چيڪنگ لاءِ ٽن هنڌن تي بيهاريو وڃي ٿو، جنهن ۾ وڏو وقت پڻ ضايع ٿئي ٿو ۽ جتي به گاڏي ماني کائڻ لاءِ بيهي ٿي، اتي واش روم جي صحيح صفائي نه هجڻ ڪري ڪيترين ئي بيمارين ٿيڻ جو خدشو آهي ۽ ماني چانهه به مهانگي ملي ٿي.
لاڙڪاڻي شهر ۾ داخل ٿيندي ئي چنگچين جو جلوس ڀليڪار چوي ٿو، جيڪي ساڄي کاٻي، اڳيان پويان هلنديون رهيون، جڏهن ته روڊن جا کڏا، بيٺل گٽرن جو پاڻي ۽ هر هنڌ گندگيءَ جا ڍير هر پاسي کان سلام ڪندي نظر آيا. گاڏين، رڪشن، چنگچين ۽ موٽرسائيڪلن جي ڪري اڏامندڙ دز ۽ مٽي اکين ۽ منهن ۾ پئي وئي، جنهن جي ڪري اکين مان نظر گهٽ ٿي پئي. جيئن ئي گهر پهتس ته اوندهه استقبال ڪيو، ڇو جو هڪ رات اڳ بارش پوڻ ڪري 12 ڪلاڪ کان بجلي گم هئي، يو پي ايس هلي بند ٿي ويو هو، ٽانڪيءَ جو پاڻي به ختم ٿي چڪو هو. خير منهن ڪپڙي سان صاف ڪري فون تي گهرايل دوست سان موٽر سائيڪل تي هوٽل مهراڻ وڃي اڌ ڪوپ چانهه جو پيتم، ڪجهه دير کان پوءِ گهران فون آئي ته بجلي صاحبه اچي وئي آهي.
صبح جو سوير اٿي تيار ٿي پنهنجي دوست پروفيسر مختيار سمون سان موئن جو دڙو ڏانهن روانو ٿي ويس. رستي ۾ ڪجهه نم جا وڻ جيڪي اڃا پورا وڏا نه ٿيا هئا، ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. هي نم جا وڻ سابق صدر آصف علي زرداريءَ لڳرايا آهن، پر افسوس جو انهن جي بعد ۾ ڪابه سار سنڀال نه ٿي آهي. موئن جي دڙي تي پهتاسين ته ان جو مُک دروازو ڀڳل هو، جنهن کي تارون ٻڌل هيون، اندر پهتس ته ٽوئرزم جي آفيس جو ڏيک اجڙيل نظر آيو، ان جي پويان پراڻيون ٺهيل جايون ويران ڀوت بنگله هيا. ميوزم جي ٻاهران هڪ هنڌ موئن جو دڙو ۽ ٻئي هنڌ موهن جو دڙو جون افتتاحي تختيون لڳل هيون. ٻاهران کان ايندڙ ماڻهن لاءِ حڪومت جي طرفان نه ويهڻ لاءِ ۽ نه ئي کائڻ پيئڻ جي سهولت نظر آئي. موئن جي دڙي تي مٿي وڃي ڏٺم ته افسوس ٿيو ته بين الاقوامي ليول جو هي ماڳ لاوارث نظر آيو. ڪنهن زماني ۾ آر سي ڊي جو ٺهيل ميموريل جڙيل ته هيو پر ان تي ڪابه تصوير اڪريل نه هئي.
هي آر سي ڊي (Regional Cooperation Department) هڪ معاهدي جي نتيجي ۾ پاڪستان، ايران ۽ ترڪي ملڪن طرفان موئن جي دڙي ۾ جوڙايو ويو هو، پر افسوس جو ان کي صحيح حالت ۾ نه آڻي سگهيا آهن. جان مارشل جي تاريخي گاڏي به ڪونه هئي، جنهن کي مرمت ڪرائي ڪراچي ۾ ڪنهن هنڌ رکيو ويو آهي. هن وزٽ کانپوءِ اسان کي گورنمينٽ ايگريڪلچر ڪاليج ڏوڪري ڏسڻ ٿيو، جتي مون کي خاص ڳالهه اها وڻي ته اتي پروفيسر گهڻي قدر Ph-D هيا جن کي تمام گهڻي ڄاڻ هئي پر حڪومت جي صحيح توجه نه ملڻ ڪري ڪاليج جو اهو معيار ڪونه رکيو ويو. پوءِ به اها ڪاليج هڪ غنيمت آهي، ڪاليج کان ڪجهه پنڌ تي راشدين جو هڪ ڳوٺ هيو، جتي هڪ پراڻي مسجد هئي، جنهن کي ڏٺوسين ۽ وڏو لطف آيو.
ان کان اڳ زيڊ اي ڀٽو ايگريڪلچر ڪاليج ڏوڪري آيا هئاسين جتي مختيار سمون پڻ پروفيسر هيو، ڪاليج جي اهميت ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي پر هميشه وانگر ادارا ته جوڙيا وڃن ٿا پر انهن تي خرچ نٿو ڪيو وڃي. ڪاليج جي عمارت جي مرمت گهڻي وقت کان نه ٿي آهي ۽ هيڏي وڏي ايراضي تي ٺهيل هن ڪاليج جي سنڀال لاءِ شايد عملو گهٽ آهي جڏهن ته تدريسي عمل واري شعبي ۾ گهڻي قدر جيڪي استاد ملن پيا سي پي ايڇ ڊي هيا ۽ هو باقاعده هوشيار ۽ پڙهائڻ سان دلچسپي رکن پيا. هر شعبي لاءِ گهربل سامان موجود هيو پر شايد شاگردن جو گهربل تعداد ايترو نه هيو. شاگردن ۽ استادن کي آڻڻ ڇڏڻ لاءِ بسن جو انتظام نظر آيو، جڏهن ته ڪاليج جي سامهون وارو حصو سر سبز ۽ گلن سان رنگين هيو، جنهن سان اکين کي تراوت ملي رهي هئي. رهائش وارو حصو صرف هيٺين ڪلاس جي ملازمن سان ٿورو ڀريل هيو، هتان جي لائبريري ڏسڻ جو موقعو نه مليو پر چيو وڃي ٿو ته اتي ڪافي سٺا، اهم ۽ پروفيشن سان واسطو رکندڙ ڪتاب موجود آهن.
هڪ ڏينهن ڇڏي وري منهنجو رتيديري ۽ ان جي ڀرسان ٽي ڪلوميٽر پري ڳوٺ طيب وڃڻ ٿيو، جنهن جو بندوبست ايڊيشنل ڪمشنر ٽو احمد سلطان کوسي جي مهربانيءَ سان ٿيو هو، اتي وڃڻ جو مقصد پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ جيڪي ڪاٺ جون ٺهيل ماڙيون ڏسڻ هيو پر افسوس جو ڳوٺ طيب مان اهي ختم ٿي ويون آهن، جڏهن ته رتيديري شهر ۾ ڪجهه موجود آهن جن جو حال زبون آهي، انهن مان ڪجهه ڊاٿيون ويون آهن ۽ ڪجهه تي نئين سر اڏاوت ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڪري هڪ سئو سال کان مٿي جي تاريخ مٽجي وئي آهي ۽ نه صرف اتان جي رهندڙن ۽ نه ڪي ڪلچر ڊپارٽمينٽ اوڏانهن ڌيان ڏنو، بهرحال ڏاڍي مايوسي ٿي ۽ پوءِ مان سيد ديدار حسين شاهه جي قبر تي فاتحه پڙهڻ لاءِ ويس، شاهه صاحب هڪ وڏو مدبر ۽ سٺو انسان هيو، جيڪو وڏا مرتبا رکندي به پاڻ ۾ ڪو غرور يا وڏائي نه رکي.
لاڙڪاڻي تي ڪتاب لکڻ جو شوق مون کي پنهنجي پرائمري اسڪول دڙي پاڙي ڏانهن ڇڪي ويو، جتي پهتس ته اتي هڪ نئين عمارت جڙيل هئي، ان ڏينهن ٻارن جي امتحان وٺڻ لاءِ صاحب آيل هيو، مون کي به چيو ويو ته مان گهمي حال احوال ڏسان، ڪلاسن ۾ ڪنهن به ٻار کي هڪ جهڙي ڊريس يا يونيفارم نه هيو، ٻار پرائمري اسڪول جا هئا پر انهن کان انگ سنڌي بدران انگريزيءَ ۾ پڇا ويا، جنهن سان خبر پئي ته سرڪاري اسڪولن منجهان به هاڻي سنڌي ٻوليءَ جا بسترا ويڙهجڻ شروع ٿين پيا.
ڪنهن زماني ۾ ٽائون ٿاڻي لڳ هڪ انسٽيٽيوٽ کليو هو، جتي ٽائپ ۽ شارٽ هينڊ سيکاري ويندي هئي، جيڪو ٽيڪنيڪل بورڊ تحت هلي پيو، هاڻي اتي ان جو معيار وڌايو ويو آهي ۽ ٽائيپ رائيٽر سان گڏ ڪمپيوٽر به رکيا ويا آهن، جنهن جي سکيا ڏني پئي وڃي، هن انسٽيٽيوٽ جي ڀرسان ٽائون ٿاڻي وارن انسٽيٽيوٽ جي هڪ حصي تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي ڪوبه ڇڏائڻ جي همٿ نٿو رکي، ان کان علاوه لاڙڪاڻي شهر جي ٻاهران رائيس ڪئنال جي ساڄي ڪپ تي ٽيڪنيڪل ڪاليج به آهي ۽ مون چاهيو ته ان جي باري ۾ ڪا ڄاڻ وٺي ڪتاب ۾ شامل ڪريان پر مون کي ڏسي هر زميدار استاد ۽ آفيسر ڀڄي پئي ويو ۽ نيٺ ڪاليج جي پرنسپال جي اچڻ تي ان سان مليس، جيڪو حيدرآباد مان ترقي وٺي هتي آيو آهي، هن صاحب به گوهيون ڪندي ڪجهه به نه ٻڌايو، ٻاهر نڪرڻ تي ڪاليج جي چوڌاري ائين لڳو ڄڻ ڪنهن کنڊرات ۾ آيو آهيان.
منهنجي شوق مون کي پئي ادارا گهمايا پر موڪلون هجڻ ڪري ڪا خاص ڪاميابي نه ٿي، پوءِ به پي وي پرائمري اسڪول سرهين جي پڌر ويس ۽ اتي به عمارت نئين ملي، ڪجهه استاد ويٺا هئا جن ڪافي عزت سان ويڪلم ڪيو پر اسڪول جي تاريخ انهن کي به خبر نه هئي، اتان ئي گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو جيڪو هن وقت ان عمارت ۾ هلي رهيو آهي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ ميونسپل ڪميٽي جي اسپتال هئي جيڪا ڊاڪٽر سرلا ديوي جي نالي سان مشهور هئي. هن اسڪول جي تاريخ جي ڄاڻ ڏيڻ ۾ مون سان اتان جي هڪ استاد محمد ايوب گاد ڪافي مدد ڪئي ۽ اسڪول گهمائي ڏيکاريو.
بهرحال هن اسڪول ۾ جيڪا اسپتال هئي ان سان ڊاڪٽر سرلا ديوي ۽ ان جي مڙس سام جون يادون وابسته هيون سرلا ديوي ۽ سام جيڪي شاعره ۽ شاعر هئڻ کان علاوه ليکڪ ۽ ڳائڻ سان دلچسپي رکندا هئا، هن اسڪول جي ڇت تي هنن جي رهائش گاهه هئي جنهن کي ڊاهي تاريخ کي ختم ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه اسڪول جي عمارت جي ڪجهه حصي تي قبضو ٿيل آهي، جنهن تي دڪان ۽ گهر ٺهيل آهن، جن کي خالي ڪرايو وڃي، لاڙڪاڻي جي مشهور بازار جيلس بازار آهي. جتي پنڌ گهمڻ جي به جاءِ نه آهي ۽ وري گندي پاڻي سان ڀريل گهٽيون قابل مذمت ۽ افسوسناڪ عمل آهي، سرهين جي پڌر ۽ جيلس بازار جي وچ وارو حصو مڪمل طور قبضي هيٺ Encroachment ٿيل آهي ۽ اتان لنگهندي عورت ذات جو تقدس مجروح ٿئي ٿو.
وڏي ۾ وڏو ڏک اهو ٿئي ٿو جڏهن توهان ڪنهن سان ملڻ لاءِ وڃو ٿا ۽ اهي ماڻهو ٿيل واعدي باوجود به ننڊ ۾ ستل رهن ٿا، مان هر شام جو 7 وڳي کان پوءِ پنهنجي دوست نعيم قريشيءَ سان موٽرسائيڪل تي شهر جو چڪر هڻڻ وقت شهر جي صورتحال کان پاڻ کي واقف ڪندو رهيس ۽ هر روز ائين به لڳو ڄڻ هن وقت شهر جو ڪو وارث والي نه آهي، چڪر هڻڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي جي شهر جي پراڻي هوٽل مهراڻ ۾ اچي پنهنجي دوست منظور لاڙڪ سان اڌ ڪوپ چانهه جو پيئندو هيس، اتي سواءِ هڪ اڌ جي باقي ماڻهو اجنبي هوندا هئا، جن ۾ وڏو تعلق ٻهراڙي کان آيلن جو هيو.
رمضان جا روزا هيا ۽ هڪ ڀيري دوست محمد پنجل سانگي فون ڪئي ته بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومري پارٽي وارن ۽ شهرن جي مان ۾ هڪ افطار ڊنر جو بندوبست ڪيو آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ مون کي به دعوت ڏني وئي. هن موقعي تي ڪافي پراڻن دوستن سان ملاقات ٿي، جن ۾ پرويز احمد پيچوهو، ڊاڪٽر محبوب شاهه، ذوالقرنين ابڙو، علي گوهر سانگي وغيره شامل هيا. جڏهن ته ضلعي لاڙڪاڻي جي پي پي پي جي صدر عبدالفتاح ڀٽو ۽ فريال ٽالپر جي ڪو آرڊينيٽر غلام مصطفيٰ لغاري سان به ڳالهه ٻولهه ٿي. هن پروگرام مان معلوم ٿيو ته جميل سومرو شايد ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺي.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ لاڙڪاڻي شهر ۾ غريب ماڻهن کي علاج ۽ معالج جي سهولت لاءِ هڪ شيوا منڊلي ڊسپينسري هوندي هئي، جيڪا مخير ماڻهن جي چندي ۽ ميونسپل ڪميٽي جي فنڊ مان هلندي هئي، هيءَ ڊسپينسري پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به هلندي رهي، مان ان کي ڏسڻ لاءِ جڏهن اتي هڪ وڏي عرصي کانپوءِ ويس ته ان جا نشان به نه مليا. معلوم ڪرڻ تي ان جاءِ تي هڪ نئين بهترين عمارت ٺهيل هئي. اتي جڏهن پهتس ته خبر پئي ته هاڻي هن عمارت ۾ صحت جو ئي ڪم هلي پيو ۽ اتي سنڌ سوشل سيڪيورٽي طرفان طبي سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ انهن سان گڏ صحت کاتي وارن جا ڪجهه ماڻهو به ڪم ڪري رهيا هيا، جڏهن مان اتي پهتس ته صبح جا 11 ٿي رهيا هئا پر ان وقت تائين اتي پوسٽ ٿيل ڊاڪٽر انچارج نه پهتو هيو ۽ مون کي ڪابه معلومات حاصل نه ٿي سگهي.
لاڙڪاڻي شهر جي صفائي جو انتظام ڪٿي به نظر نه آيو، روڊ ۽ رستا هميشه وانگر ڀڳل هئا، بجلي 12 کان 18 ڪلاڪ ڪونه هوندي هئي، ٽريفڪ ڪڏهن به کليل نه ملي، شهر جا پارڪ به مزي ۾ نظر نه آيا ۽ شهر ۾ رڳو چنگچون، رڪشا، موٽر سائيڪلون ۽ ويگنن جي اسٽاپن ماڻهن جي زندگي کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي، باقي چانهه جا ۽ کاڌي جي هوٽلن تي ماڻهو مکين وانگر ۽ اسپتالن ۾ ميلن وانگر ميڙ نظر آيا.

No comments:

Post a Comment