گهمو ڦرو ۽ صحتمند زندگي
گذاريو
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
زندگي
جي هن سفر ۾ هن دنيا جو سفر ڪرڻ تمام ضروري آهي. مون پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي ۽
ان ڳالهه تي عمل به ڪيو آهي ته گهڻي کاڌي کان گهڻو ڏٺو چڱو آهي. اهي پهاڪا صدين جي
شعور جو نچوڙ هوندا آهن. هونءَ به چوڻ وارن سچ چيو آهي ته ماڻهوءَ کي ڦٻي رڳو اهو ٿو
جيڪو ان هن دنيا ۾ کاڌو پيتو، پاتو ۽ چوڙيو، خير خيرات ڪئي يا گهميو ڦريو، باقي
رکيو مال پرائو ۽ الائي ڪنهن جو آهي.
