هلندڙ چلندڙ هوٽلون
الطاف شيخ
هاتيائي شهر ۾ دڪانن ۽ هوٽلن اڳيان،
فٽ پاٿ تي ننڍا ننڍا اسٽالَ سڄو ڏينهن کليل رهن. شامَ کان پوءِ ته ٻيا به ڪيترا ئي
کاڌي جا اسٽالَ کليو وڃن. وڏا دڪان نائين ڏهين بند ٿين پر هي فٽ پاٿ وارا دڪان ۽
ريڙهي/گاڏن تي هلندڙ چلندڙ گاڏي جون ننڍڙيون هوٽلون ٻارهين هڪ تائين کليل رهن. هي
دڪان ۽ هوٽلون گهڻو ڪري عورتون ۽ ڇوڪريون
هلائين. پاڻ سان ننڍڙا ۽ هلڪا فولڊنگ قسم جا ٽيبل ۽ ڪرسيون کڻي اچن جيڪي پنهنجي گاڏي
جي ٻنهي پاسن کان گراهڪن جي وهڻ لاءِ رکن. جيئن پاڻ وٽ، اهڙن گاڏي ۾ ڪو شربت، ملڪ
روز، ڳنڍا وڪڻن ته ڪي جيرا بڪيون ڪواب تري وڪڻن. خاص ڪري ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ ۽
بزنس روڊ وٽ، حيدرآباد ۾ مارڪيٽ ٽاور ۽ سول اسپتال ڀرسان اهڙا گاڏا (ريڙها) جام
نظر ايندا. هتي انهن گاڏن تي، ڪي ماڻهو فقط کاڌي جون شيون وڪڻن ته ڪي رڳو پيئڻ
جون. هڪ گاڏي تي مسلمان ٿائي عورت فرائي ٿيل ڪڪڙيون، بٽير ۽ پاڻي پسيا چانور وڪڻي
رهي هئي. هن پاسي تتر نه برابر نظر اچن پر ٻٽير (Quail) پکي جام ٿين ٿا. ملائيشيا ۾ پڻ جام ٿين ۽ في بٽيرو اڌ رنگٽ (ٽين
رپئي) جو عام جام مارڪيٽن، رستن ۽ هوٽلن ۾ وڪامي ٿو. مسلمان هوٽل وارو يا گاڏي
وارو هوٽل اندر ۽ ٻاهر Halal Meat Foods لکي يا قرآن جي
ڪا آيت. گهڻو ڪري ”بسم الله“ فريم ڪرائي ٽنگي. جنهن مان مسلمان گراهڪن کي خبر پوي
ته آيا هن هوٽل يا دڪان تي حال کاڌو آهي يا نه.