Showing posts with label گورک، سنڌ ، ماڳ، يونس رومي،. Show all posts
Showing posts with label گورک، سنڌ ، ماڳ، يونس رومي،. Show all posts

Monday, December 23, 2019

گورک - يونس رومي

گورک
سنڌ جو خوبصورت ماڳ
يونس رومي
دنيا جا کوڙ ملڪ آهن جن جي معيشت جو انحصار ئي سياحت تي آهي. انهن ۾ فرانس، اسپين، آمريڪا، چين، اٽلي، ترڪي ۽ فرانس وغيره شامل آهن. فرانس ۾ ساليانو ۸۲ ملين ماڻهو گهمڻ ويندا آهن ۽ دنيا جو سپر پاورآمريڪا ساليانو ۴۸۸ بلين آمدني رڳو سياحت مان ئي حاصل ڪري ٿو. ايستائين جو ڀارت به سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۾ اسان کان اڳتي آهي. پاڪستان جي اتر وارن علائقن کي ٽوئرزم جي لحاظ کان به خاصي اهميت حاصل آهي، جتي هزارين سياح ڏيهه ۽ پرڏيهه مان گهمڻ ايندا آهن. خاص طور تي مري، ناران، ڪاغان، نيلم ويلي، سوات، قابل ذڪر آهن. عام طور تي سنڌ جا ماڻهو انهن علائقن ڏانهن سير سياحت لاءِ ڏورانهن علائقن کان سفر ڪري سنڌ جي سخت گرمي کان آجا ڪي پل گهارڻ لاءِ ويندا آهن، پر اها ڳالهه انهن کان اوجهل آهي ته سنڌ به ڪنهن علائقي جي تهذيب، ثقافت، خوبصورتي، قدرتي نظارن، درياهه، سمنڊ ،جبلن جي لحاظ کان گهٽ نه آهي.