Showing posts with label ويزا، جي مون، سان به جٺ ٿي، الطاف، شيخ،. Show all posts
Showing posts with label ويزا، جي مون، سان به جٺ ٿي، الطاف، شيخ،. Show all posts

Saturday, September 21, 2013

ويزا جي مون سان به جٺ ٿي - الطاف شيخ

ويزا جي مون سان به جٺ ٿي

الطاف شيخ

هڪ دفعو Visa جي مون سان به ٿوري گهڻي جٺ ٿي چڪي آهي جيڪا منهنجي بي ڌيانيءَ جو نتيجو هئي. اهو هن ريت: ٻه سال اڳ تائين ٿائلنڊ وڃڻ لاءِ اسان پاڪستانين کي اڳواٽ ويزا وٺڻ جي ضرورت نه هوندي هئي. جڏهن دل چاهيندي هئي ته پاسپورٽ کڻي هليو وڃبو هو. بارڊر تي ٿائي اميگريشن جو آفيسر، پاسپورٽ تي داخلا (Entry) جي ٺپي سان گڏ مهينو رهڻ لاءِ ويزا جو ٺپو پڻ هڻي ڏيندو هو.