سمبارا جي ديس ۾
نصير مرزا
ڄاڻان ٿو
ته نه منهنجي هٿ ۾ سفر جي لڪير، نه پير کڙي ۾ گهمن گهيري جي ڪا سِير، پوءِ به موهن
جي دڙي بابت انڊس سولائيزيشن ڪانفرنس ۾ شرڪت جو سڏ جو مليو ته ٽپ ڏيئي چڙهي ويهي
رهيس لاريءَ ۾. جنهن ڪوچ تي آئون سوار، ان جو سالار عزيزم اظهار سومرو ۽ ساڻ همسفر
تاج جويو، پيارو نفيس احمد شيخ ناشاد، شوڪت حسين شورو، ادي نذير ناز، نسرين الطاف،
حافظ احمد دين انڍڙ، احساس ميرل ۽ ڪي نظاماڻي نوجوان عمران، منتظر ۽
شهزاد....هونئن حيدرآباد عجائب گهر کان لاڙڪاڻي تائين وايا شاهراهه انڊس ۽ باءِ
پاس هي سفر ڇا ته خوشگار...اڙي بابا! تاج جويي جي پَٽ پَٽ ۽ فونن تي هي ڏسو ته ميهڙ
۾ آزاد انور ڪانڌڙو اتان جو گرم گرم لذيذ ۽ خوشبودار مائو کنيو بيٺو بس اسٽاپ تي- ڪوچ
خيرپور ناٿن شاهه پهتي ته اڙي واهه....اتي وري بيهن جي ڀرڪڻن پڪوڙن جا پڙا کنيو ٻيو
ادب دوست منتظر بيٺو هو. کاڌ پيت جي اهڙي ڪرت دوران ڀرسان ويٺل ناشاد صاحب اطلاع
فراهم ٿو ڪري....”هن ڪانفرنس کان اڳي ڀُٽي صاحب 1973ع ڌاري موهن جو دڙي تي جيڪو انٽرنيشنل
سمپوزيم سڏايو هو، ان وقت جا سارا مندوب دنيا مان هاڻي موڪلائي چڪا آهن، سواءِ مون
ناچيز ناشاد ۽ سائين حاڪم علي شاهه بخاريءَ جي.“ اڙي واهه...ميهڙ مان روانو ٿئي ڪو
ڪلاڪڙو سوا مس گذريو هوندو، جو لاڙڪاڻي شهر ۾ اسين داخل ٿي وياسين. يا الله!! هي
ايڏو برباد شهر...بينظير صاحبه ۽ ڀٽي صاحب جو شهر پر جهڙو کنڊر!!
