Showing posts with label بادشاهه سلامت ٽوپيون ڀري گذر سفر ڪندو هو!، الطاف، شيخ،. Show all posts
Showing posts with label بادشاهه سلامت ٽوپيون ڀري گذر سفر ڪندو هو!، الطاف، شيخ،. Show all posts

Sunday, August 07, 2016

بادشاهه سلامت ٽوپيون ڀري گذر سفر ڪندو هو - الطاف شيخ

بادشاهه سلامت ٽوپيون ڀري گذر سفر ڪندو هو!
الطاف شيخ
اڄ بنارس شهر جي ٻن ٽن ڪلاڪن جي چڪر لاءِ مون سان گڏ جيت سنگهه نالي هِتي جي هڪ پرائمري اسڪول جو سک ٽيچر هو. هو شامَ جي وقت ڪجهه ڪلاڪ بنارس ۾ آيل ٽوئرسٽن يا ياترين سان گڏ گائيڊ ٿي چار پئسا وڌيڪَ ڪمائي ٿو. جيت سنگهه پنجاب (يعني انڊيا واري مشرقي پنجاب) جي شهر جالنڌر جو رهاڪو آهي ان تان مونکي ياد آيو ته اسانجو اڳوڻو فوجي صدر جنرل ضيا الحق به جالنڌر جو هو. جنرل ضيا ڪنهن ڳالهه تان بينظير ڀُٽو جي حب الوطني تي شڪ ڪيو هو جنهن جي جواب ۾ بينظير اخباري نمائندن کي چيو هو ته هي منهنجو وطن آهي منهنجو ڄمڻ توڙي مرڻ هن ملڪ سان ئي آهي..... آئون ڪا جالنڌر کان نه آئي آهيان. مون ان وقت هڪ سينيئر صحافي کان پڇيو هو ته بينظير جالنڌر جو ڇو پئي مثال ڏئي؟