هتي جو ريلوي نـظام
الطاف شيخ
ٿائلنڊ ڪڏهن به برطانيا يا ڪنهن ٻئي
يورپي ملڪ جي ڪالوني ٿي نه رهيو. هنن ڪنهن به ڌارئين کي لفٽ ڪرائي پنهنجو پاڻ کي
انهن جو غلام نه بڻايو. پر جپانين وانگر ٿائي ماڻهن به ڌارين جي سٺن ڪمن ۽ ڳالهين
جو ضرور آڌر ڀاءُ ڪيو. ريلَ جو نظام پڻ انهن مان هڪ آهي. اڄ جي بادشاهه جي ڏاڏي
چولا لانگڪارن راما پنجين کي انگريزن جو تعليمي
نظام، تار ۽ ٽپال کاتو، روينيو ۽ ريلَ جو نظام پسند آيو ۽ يڪدم ٿائلنڊ ۾ اهي سڀ ڪم
جاري ڪرايائين. اڄ سڄو ٿائلنڊ ريل رستي مليل آهي. بئنڪاڪ کان ڏکڻ ڏي ويندڙ ريل گاڏي
ملائيشيا تائين هليو وڃي ٿي. ۽ سندس ساکَ ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ريلَ کان به بهتر
آهي.