ڪا سستي هوٽل سجهنئي......
الطاف شيخ
”الطاف! هل ته مسلم هوٽل ۾ ماني
کائي اچون.“
”مون هينئر فٽ پاٿ واري اسٽالَ تان
ماني وٺي کاڌي آهي. هتي ڪيترا ئي حلال کاڌي جا گاڏا آهن. ڪنهن ڏورانهين هوٽل تي ڇو
وڃجي.“ مون کين صلاح ڏني.
”يار اسين ته ڪالهه واري پاڪستاني
هوٽل ۾ ئي وڃي ماني کائي اچون ٿا.“ ۽ هو مونکي اتي ئي ڇڏي وري هوٽل ڏي روانا ٿيا.
