آب رود گنگا
الطاف شيخ
بنارس (ورانسي)، هردوار يا الهه
آباد جهڙن شهرن جو مانُ گنگا ندي جي ڪري آهي جنهن کي هندو ڌرم جا ماڻهو پوڄا جي حد
تائين پيار ڪن ٿا ۽ عزت ڏين ٿا. هن شهر بنارس کي ته هندو ڌرم جي گادي جو شهر
سمجھيو وڃي ٿو. هندن جي لاءِ بنارس هڪ متبرڪ شهر آهي. هِتي هڪ سؤ کان مٿي مندر آهن
۽ هر سال لکين ياتري هِتي گنگا جي پاڻي ۾ اشنان ڪرڻ يا ٽٻي هڻڻ لاءِ اچن ٿا ۽ گهڻي
ڀاڱي هندن جي اها ئي خواهش هوندي آهي ته هنن جو موت هن شهر ۾ ٿئي ۽ هتيئي سندن چتا
کي ساڙي را ک گنگا ماتا حوالي ڪيو وڃي.
