Sunday, August 09, 2026

سنڌي سفرنامن جي ڪتابن ۾ هڪ منفرد واڌارو - ذلفي چاچڙ

سنڌي سفرنامن جي ڪتابن ۾ هڪ منفرد واڌارو

ذلفي چاچڙ



انسان جو سفر تڏهن ئي شروع ٿئي ٿو، جڏهن هو هن فاني دنيا ۾ جنم وٺي ٿو ۽ پهرين ساهه سان گڏ سندس حياتيءَ جي پنڌ جو آغاز ٿئي ٿو. اهو هڪ اهڙو سفر آهي، جيڪو مختلف مرحلن، موڙن، لاهين ۽ چاڙهين تان ٿيندو، ماڻهو کي ڪيئي ماجرائون، عجيب واقعا، ڏک ۽ سک جا انيڪ لمحا ڏيکاريندو رهي ٿو. زندگي پاڻ هڪ مسلسل هجرت، هڪ اڻکٽ مسافت ۽ مسلسل کوجنا جو نالو آهي. جڏهن ڪو حساس انسان ان پنڌ کي رڳو پيرن سان نه پر دل جي اکين سان ڪندو آهي، تڏهن ادب جنم وٺندو آهي.

Thursday, March 05, 2026

ڳالھيون سنڌ ۽ ڪوريا جي مچ ڪچھرين ۽ ٻين ثقافتي ورثي جھڙين رسمن جون - نصير اعجاز

ڳالھيون سنڌ ۽ ڪوريا جي مچ ڪچھرين ۽ ٻين ثقافتي ورثي جھڙين رسمن جون

نصير اعجاز


جديد ٽيڪنالاجيءَ ۾ وڏي ترقي ڪندڙ مُلڪ ڏکڻ ڪوريا ۾ گھمڻ ڦرڻ دوران ڪِن ھنڌن تي مان حيران ٿيندو ھيس جڏھن ماڻھن کي پنھنجون آسون اُميدُون پوريون ڪرڻ لاءِ بلڪل اھڙا ئي عمل ڪندي ڏٺم جھڙا ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ ۽ پنھنجي سنڌ ۾ ڏسون ٿا. مان ھتي ھڪڙو مثال ڏيندس. ھڪ قديم ڳوٺ ۾، جنھن کي يونيسڪو عالمي ورثي جي حيثيت ڏئي چُڪو آھي ۽ جنھن کي ڪوريائي حڪومت نه رُڳو محفوظ رکيو پر اُن کي سياحت جو مرڪز بنائي ڇڏيو آھي، اُتي ھڪ چوديواريءَ اندر ھڪ قديم وڻ ھو جنھن جي ٽارين ۾ سوين پنا ٻڌل نظر آيا جن تي ھر ايندڙ ماڻھو پنھنجي خواھش لکي ٻڌي ڇڏيندو آھي. اُتي ايندڙ ماڻھن لاءِ خاص طور ننڍا پنن جا ٽُڪرا رکيل ھئا ته جيئن ھر ايندڙ ماڻھو پنھنجي ڪا خواھش لکي سگھي.

Sunday, June 04, 2023

ساڻيہ ڏانھن سفر - خير محمد ڪولاچي

ساڻيہ ڏانھن سفر

خير محمد ڪولاچي



مون پنهنجي هڪ ڪتاب جنهنجو نالو ساروڻيون ساڻيه جون هو تنهن ۾ سنڌ ۾ ڏھ مهينا ترسڻ جون يادگيريون قلم بند ڪيون هيون. ان ڪتاب جي مواد کي گهڻن سارهيو هو پر اتي هڪ همراه اهو به سوال اٿاريو هو ته توهان جو هاڻي ديس ته ڪئناڊا آهي توهان سنڌ جي سلهاڙيل يادگيرين کي ڪيئن ٿا ساڻيه جون ساروڻيون چئو. مون کيس لکيو هو ته اسان گهڻو وقت جنهن ڌرتي تي گهاريو آهي، اسان جينهن ڌرتي تي جنم ورتو آهي، جتي رانديون رونديون ڪيون آهن، جتي جي ماروئڙن جي ڏک سک جو حصو رهيا آهيون سو ئي اسان جو حقيقي ديس آهي.

Tuesday, January 31, 2023

موکيءَ مٽ، متارن موت - مھر فقير

موکيءَ مٽ، متارن موت

مھر فقير



ڪافي ڏينهن کان وٺي سنڌ جي ڏاهي ۽ ادبي ڪتاب ”لهرون گيت ڳائن ٿيون جي مصنف ڇور جي شاعر لجپت راءِ مظلوم جي اصرار تي تاريخ ۰۷.۰۴.۲۰۲۲ع خميس جي ڏينهن موڪل هئڻ سبب، ڪراچيءَ جي علائقي موکيءَ جي ڳوٺ ۽ ڪونڪر ڳوٺ ۽ بنديجا اسٽاپ جي ويجهو ناراٿر جبل جو پروگرام جوڙي، رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ سوير ڀرو موٽر بائيڪ تي چڪرا ڳوٺ (لجپت راءِ به ڪافي عرصي کان وٺي چڪرا ڳوٺ منجھ رهائش پذير آهي) کان ڪورنگي، شاه فيصل ڪالوني کان ايئر پورٽ وارو رستو ڏئي سپر هاءِ وي کان ناردرن باءِ پاس وارو رستو اختيار ڪري، افغان بستي ڪراس ڪري وڃي موکيءَ جي مزار تي پهتاسون.

موکي چوکي نه ٿئي، اصل اوڇي ذات،

ڏيئي وه وٽيون وات، موکي متارا ماريا. (شاهه)

Friday, January 27, 2023

سرائيڪين جي ديس ۾ - شريف ٿھيم

سرائيڪين جي ديس ۾

شريف ٿھيم



گذريل هفتي سرائيڪين جي ديس وڃڻ ٿيو. خيال اهي ئي هئا ته هي به اسان وانگيان پيپلز پارٽي طرفان مضبوط ڪيل وڏيرڪي نظام ۾ جڪڙيل هوندا. شھر ۽ ڳوٺ به ڏتڙيل هوندا. پر ائين نظر ڪو نه آيو. جڏهن مان سکر کان موٽر وي تي رحيم يار خان کان راجن پور روانو ٿيس ته مٺڻ ڪوٽ وٽ سنڌو درياءَ کي پار ڪيم. جتي چناب، راوي ۽ ستلج سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. راجن پور کان ڊيري غازي خان تائين جن ڳوٺن ۽ شھرن کي ڪراس ڪرڻو پيو، ان ۾ ڄام پور، ڪوٽ ڇٽا ۽ ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا شھر هئا. هنن شھرن ۾ مون هڪڙي خاصيت ڏٺي ته فوٽ پاٿن يا روڊن تي قبضا ڪو نه هئا. شھر ڪافي ويڪرا نظر آيا.

Saturday, November 19, 2022

ٿڌي جھان جون ڪي ڳالھيون - خير محمد ڪولاچي

ٿڌي جھان جون ڪي ڳالھيون

خير محمد ڪولاچي



گذريل جمع جي ڏينھن، ڪئناڊا لڳ آمريڪا جي نيويارڪ رياست جي شھر بفلو ۽ ان جي پسگرادائي ۾ سخت برفباري ٿي، جيڪا اٽڪل ٽي (۳) فٽ اونچي ھئي. ھن برفباريءَ شھر ۽ علائقي جي زندگيءَ کي مفلوج ڪري ڇڏيو. ھيءُ علائقو ٿڌو آھي، جنھن ڪري ھتي برفباري ٿيڻ عام آھي. پر ھن سال، وقت کان اڳ، اھا به اوچتي ڳري برفباري، تنھن ماڻھن کي پريشان ڪري ڇڏيو. نيويارڪ رياست جي ميئر ڪيتي ھوچل، ھن شھر ۽ علائقي ۾ ھنگامي حالتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.

Friday, November 18, 2022

آمريڪا جي شھر ھوسٽن جو سفرنامو - خير محمد ڪولاچي

آمريڪا جي شھر ھوسٽن جو سفرنامو

خير محمد ڪولاچي



موجودھ دور ۾ مالي خوشحالي، ڪجھ فارغ وقت ملڻ سان گڏ سفري سھوليتن جي بھتر ٿيڻ سبب، سياحت ۾ وڏو واڌارو آيو آھي. اھا ڪن ملڪن جي معيشت لاءِ وڏي ھٿي به ثابت ٿي آھي. جنھن کي سياحت جو شوق ٿيو سو به ڄڻ ان نشي جو موالي بڻجي ويندو آھي. ماضيءَ ۾ جڏھن سفر ڏکيو ۽ خطرن سان ڀريل ھوندو ھو ته به سياح ڄاڻ جي تلاش ۾ ڏکيائيون سھندا، وڌندا رھندا ھئا. سندن سفر جون ڪٿائون عام ماڻھوءَ لاءِ ڄاڻ جو وسيلو رھيون آھن. تيرھين صديءَ ۾ اٽليءَ جو سياح مارڪو پولو ڊگھو سفر ڪندي چين جي وسيع گوبي صحرا کي پار ڪي چين جي گادي جي ھنڌ تائين پھتو. ھن کي ان وقت جي حڪمران قبلائي خان، وڏو مان ڏئي پاڻ وٽ ترسائي عھدو ڏنو. ائين مراڪش جو ابن بطوطه پڻ چوڏھين صدي ۾ مراڪش کان ھلي، ڪيئي ملڪن کان ٿيندو چين تائين ويو. ان دور ۾ سفر ڏکيو ھجڻ ڪري، گھڻا ماڻھو ڊگھي سفر جي ھمٿ گھٽ ئي ڪندا ھئا، پرھاڻي اھي ڏکيايون نه رھيون آھن. ان ڪري گھربل منزل تي سولائيءَ سان پھچي وڃجي ٿو. اڄڪلھ جا سياح، ماضيءَ جي سياحت جي بنسبت، آڱر وڍائي شھيدن جي لسٽ ۾ نالو لکرائين ٿا.