موکيءَ مٽ، متارن موت
مھر فقير
ڪافي ڏينهن
کان وٺي سنڌ جي ڏاهي ۽ ادبي ڪتاب ”لهرون گيت ڳائن ٿيون“ جي مصنف ڇور جي شاعر لجپت راءِ
مظلوم جي اصرار تي تاريخ ۰۷.۰۴.۲۰۲۲ع خميس جي ڏينهن موڪل هئڻ سبب، ڪراچيءَ جي
علائقي موکيءَ جي ڳوٺ ۽ ڪونڪر ڳوٺ ۽ بنديجا اسٽاپ جي ويجهو ناراٿر جبل جو پروگرام
جوڙي، رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ سوير ڀرو موٽر بائيڪ تي چڪرا ڳوٺ (لجپت راءِ به
ڪافي عرصي کان وٺي چڪرا ڳوٺ منجھ رهائش پذير آهي) کان ڪورنگي، شاه فيصل ڪالوني کان
ايئر پورٽ وارو رستو ڏئي سپر هاءِ وي کان ناردرن باءِ پاس وارو رستو اختيار ڪري،
افغان بستي ڪراس ڪري وڃي موکيءَ جي مزار تي پهتاسون.
موکي
چوکي نه ٿئي، اصل اوڇي ذات،
ڏيئي
وه وٽيون وات، موکي متارا ماريا. (شاهه)
موکي ۽
متارن بابت تاريخ ۾ مختلف رايا ملن ٿا ڪراچيءَ ۾ ديھ موکي ۽ ديھ ناراٿر ۾ موکي ۽
متارن جون ڌار ڌار قبرون آهن، گڏاپ ڀرسان ڪونڪر کان اڳتي بنديجا کان اولھ طرف ڪجھ ڪلوميٽرن
جي فاصلي تي ناراٿر جبل تي متارن جون قبرون آهن، جڏهن ته موکيءَ جي قبر موکيءَ جي
مڪان ۾ آهي. تاريخ لکي ٿي ته مومل جي ٻانهي ناتر مومل جي امرڪوٽ ۾ ڏاگھ چڙهڻ بعد ڪاڪ
ڪنڌيءَ جا وڻ ڇڏي اچي ڪونڪر کان اولھ طرف ناراٿر کان ڪافي فاصلي تي اچي رهي جتي هن
ڪلالڪو هٽ يا شراب جو گتو کوليو، موکي ناتر جي ڌيءَ هئي ۽ حسن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ
هئي، موکيءَ جي ڪلالڪي هٽ جي هاڪ هنڌين ماڳين هلي وئي، موکي مهمانن کي پيالا ڀري
شراب پيئاريندي هئي.
چون ٿا
ته ڪونڪر سفوران (صفوران) سونگل تئيسر (تائيسر) ۽ موکي پاڻ ۾ ڀيڻيون هيون جن جي نالن
سان ڪراچيءَ ۾ ڌار ڌار علائقا اڄ به موجود آهن.
موکيءَ
جي مئخاني تي اٺ يار ٺرو پيئڻ ايندا هئا،
ٻه سما،
ٻه سومرا، ٻه چنا، ٻه چهواڻ،
موکي
گهر مهمان ايندا هئا اٺ ڄڻا.
متارا
لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ صحتمند/ پهلوان لاءِ استعمال ٿيندو آهي، سومرن ۽ سمن جي دور ۾
سنڌ جي حفاظت ڪندڙن کي به متارا چيو ويندو هو، جيڪي باقاعده سرڪاري عهدن تي مقرر ٿيندا
هئا. هن لوڪ داستان ۾ متارن لاءِ سگهڙن پنهنجي شاعريءَ ۾ سردار، ڏاتار، سري جا
سردار وغيره جهڙا لفظ ڪتب آندا آهن. جنهن مان معلوم ٿيندو ته اُهي حڪومت جي خاص
منصب جا مالڪ هئا يا سردار هئا.
متارا
مطلب پهلوان يا مت + وارا معني عقل وارا يعني اهي اٺئي عقل ۽ مت وارا هئا ته پوءِ
هو موکيءَ جي هٽ تي اچي مڌ پيئڻ جي خواهش ڇو ڪندا هئا، جڏهن ته مڌ هڪ نشو آهي ۽
نشو ساڃاه کي ختم ڪندو آهي يا هنن جو عقل موکيءَ جي مڪان تي اچي ڪري ختم ٿي ويندو
هيو وري جڏهن موکيءَ کين نانگ وارو قصو بيان ڪيو ته هو اتي ئي ڊهي پيا مطلب مري
ويا، ان جو مطلب ته اهي متارا نه هئا يا ايئن به ٿي سگهي ٿو ته اهي قد ڪاٺ ۽ پيسي ڏوڪڙ
جي حساب سان سگهارا هئا تنهن ڪري کين متارا سڏيو وڃي ٿو. اهي اٺ ڄڻا متارا هئا جيڪي
چون ٿا ته ڪوهستان جي علائقي سري جا هئا ۽ ڪراچي ۾ هر ڇهين مهيني انهيءَ رستي سان
ايندا ويندا هئا ۽ موکيءَ جي هٿ جو شراب پي مست ٿي ويندا هئا، هڪ ڀيري متارا گهڻي
وقت کانپوءِ آيا ته موکيءَ انهن کي خوب شراب پيئاريو ۽ کين سمورا مٽ اپٽي ڏنائين
پر انهن کي سرور نه ٿيو ۽ بار بار پروڪي مڌ جي گهر ڪندا رهيا تڏهن موکي متارن کي
پروڪي مٽ ۾ نانگ جي زهر مليل هجڻ واري سربستي ڳالھ ٻڌائي،
جوڌا
هئا جوان، مئا نه مڌ ساڻ،
هنن
پيتو هميشه ڏهاڙڪو ڏاڻ،
پر
نانگيلو زهراڻ، مري متارا مهر ويا. (مهر فقير)
جيڪا ڳالهه
موکيءَ متارن کان لڪائي هئي، متارن موکيءَ جي پروڪي مٽ ۾ نانگ جي زهر هجڻ واري ڳالھ
ٻڌي اتي ئي دم ڏنو، متارن جي مرڻ کانپوءِ موکي جو مئخانو اجڙي ويو ۽ انهيءَ ڏک ۾
موکي به مري وئي، جتي موکيءَ جو مئخانو هو اتي ئي موکي جي قبر آهي، موکيءَ جي قبر
مٿان هن وقت هڪ ڪمرو به ٺهيل آهي، اسان اتي اوسي پاسي جو بخوبي جائزو ورتو ته اهو
معلوم ٿيو ته موکيءَ جي مزار هڪ ننڍڙي پهاڙي نما ٽڪري تي واقع آهي ۽ اتي ان ننڍڙي ٽڪري
کان سواءِ ڪٿي به ٻي ڪا ٽڪري نظر نه آئي، موکيءَ جي مزار جي چوڌاري جيڪي پٿر هيا
سي ڪارا ٿيل هيا ۽ مٽن جون ڪجھ ٺڪريون پڻ نظر اچي رهيون هيون، جنهن منجهان اهو
يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اتي موکي مڌ يا شراب جو ڪاروبار ڪندي هئي، جيڪو سندس جو
ذريعا معاش هيو ڇو ته اتي جڏهن متارا ايترو پري کان ايندا هئا ته لازمي آهي ته
اتان جي آس پاس جا ٻيا به ڪيترائي پيئاڪ مئخاني جو رخ ڪندا هوندا، هونئن به پيٽ کي
پالڻ خاطر ازل کان هرڪو پنهنجي سمجھ ۽ شعور آهر ڪو نه ڪو ڪاروبار ڪندو رهيو آهي،
ايئن ئي موکيءَ به ڪلالڪو هٽ يا ايئن کڻي چئجي ته شراب خانو کوليو، جتان ئي هوءَ
گهر جو گذر سفر ڪندي هئي. جڏهن ته متارن جون قبرون وري ناراٿر جبل تي آهن، منهنجو
پياري دوست ۽ تاريخ جي ڄاڻو لجپت راءِ مظلوم سان گڏجي موکي ۽ متارن جي قبرن تي وڃڻ
ٿيو، موکيءَ جي قبر تي مونکي لطيف سرڪار جو هيءَ بيت ذهن تي تري آيو ته،
جي اٿئي
سڌ سري جي ته ونءُ ڪلاڙڪي هٽ،
لاهي
رک لطيف چئي، مٿو ماٽيءَ وٽ،
سر ڏيئي
۾ سٽ، پيج ڪي پياليون. (شاهه)
ناراٿر
جبل تي هڪ ننڍڙي چوديواري ۾ ڇھ قبرون اندر ۽ هڪ قبر ٻاهر آهي، انهن مان ڪجھ قبرن
تي متارن جا نالا به لکيل آهن. دلچسپ ڳالھ اها آهي ته اهي حاجي آهن، هڪ قبر تي
حاجي حالار لکيل آهي، ٻي قبر تي محمد اسماعيل حاجي لکيل آهي، ٽين قبر تي اسحاق
خان، چوٿين تي روستم ۽ پنجين تي يادگار اسماعيل حاجي لکيل آهي، ٻين قبرن تي نالا
ناهن پر سڀ هڪجهڙيون آهن، چوديواري ۾ هڪ پٿر کي اهڙي طرح تراشي رکيو ويو آهي جو
اهو پيالي جهڙو لڳي ٿو اهو پٿر اڄڪلھ ٻه ٽڪر ٿيل آهي.
متارن
جي قبرن تي لکيل نالن مان خبر پئي ٿي ته اهي يا ته هڪ ئي خاندان جون قبرون آهن ۽
انهن مان ٽي ڀائر آهن جيڪي حاجيءَ جا پٽ آهن يا اهي ذات جا حاجي آهن. انهن مان هڪ
قبر تي حالار حاجي اڀريل لکڻيءَ سان لکيل آهي ۽ باقي نالا پٿر کي کوٽي تراشي لکيا
ويا آهن.
معلومات
خاطر اوهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ناراٿر جبل جي اها چوٽي جتي متارن جون
قبرون آهن تنهن جي مٿئين سطح تي چڙهڻ لاءِ اڃان به مٿي وڃبو ته اُتي هڪ 12 فوت ڊگهي
قبر آهي، اها قبر ڪنهن جي آهي ان جي ڪا خبر ڪونهي، هيءَ قبر به عام قبرن وانگر
آهي، البت ان تي عقيدتمندن پاران پڙ به چڙهيل آهن.
پر جي
متارن جي قبرن جي پٿرن کي صاف ڪري نالا پڙهجن ته انهن جا نالا به نمايان ٿي پوندا
جڏهن ته هڪ قبر چوديواري کان ٻاهر پيرانديءَ ۾ ساڳي ڊزائين سان آهي، باقي انهن جي
اٺين سنگتيءَ جو ڪو به ڏس پتو ڪونهي، مون ۽ لجپت، ناراٿر ٽڪري مڪمل ۽ هر طرف جو
جائزو وٺي گهمي ڏٺي ۽ مٿي چوٽيءَ تي چڙهي سڄي علائقي جو نظارو ڪيوسين اسان کي ناراٿر
ٽڪري هڪ قبرستان وانگر لڳي، جيڪو تمام آڳاٽو آهي، مٿي اتانهين چوٽيءَ تي به قبرون
نظر آيون ۽ حيراني ٿي ته ان دور ۾ ماڻهن مڙهن کي مٿي ڪيئن پڄايو هوندو، جبل جي
دامن ۾ به قبرستان آهي، جتي نيون ۽ آڳاٽيون قبرون موجود آهن، ناراٿر ٽڪري جي
قبرستان بابت اهو به ذڪر آهي ته هتي جنگ لڳي هئي ۽ اهي قبرون جنگ ۾ مارجي ويل ماڻهن
جون آهن، بهرحال ناراٿر جبل تي موجود جيڪي متارن جي نالن سان قبرون آهن انهن تي وڌيڪ
کوجنا جي ضرورت آهي ڇو ته متارا جڏهن موکيءَ جي مئخاني تي ئي مري ويا هئا ته پوءِ
انهن کي موجوده موکيءَ جي قبر واري هنڌ کان ايترو پري اچي ٽڪريءَ تي ڪيئن ۽ ڇو دفن
ڪيو ويو؟
موکيءَ
مٽ متارن موت، ڪنهين نه ڪا ڪل،
وقت
سندي اٿل، نه موکي رهي نه متارا رهيا. (مهر فقير)
ناتر
جو هن علائقي ۾ اچڻ توڙي موکيءَ جي ٻين سڀني ڀينرن جو تاريخ ۾ ڪو ذڪر نه هجڻ ڪيترن
ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو، ان ڪري تاريخ کي اهو واضح ڪري مونجهارا ختم ڪرڻ سان گڏ موکي
۽ متارن جي تاريخي ۽ امر ڪردارن جي آخري آرام گاهن جي سار سنڀال پڻ ڪرڻ گهرجي ته
جيئن شاه جي رسالي جي سرن جو تحفظ يقيني بڻجي پوي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۱ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment