Showing posts with label پئسفڪ جي پاڙي ۾، ياسر، قاضي،. Show all posts
Showing posts with label پئسفڪ جي پاڙي ۾، ياسر، قاضي،. Show all posts

Sunday, January 11, 2015

پئسفڪ جي پاڙي ۾ - ياسر قاضي

پئسفڪ جي پاڙي ۾ -۱
ياسر قاضي
منهنجي زندگيءَ جو هي پهريون سفرنامو آهي. مسافري ته ٻالجتيءَ کان وٺي پُکي ۾ پئي، پر ياد ڪونهيم ته ڪڏهن ڪو سفر ترتيب سان ڪيو هُجيم. زندگيءَ ۾ هر قسم جو اڙانگهو ۽ سڙانگهو سفر ڪيو اٿم. سائيڪل تي هجان يا جهاز جي بزنس پلس ڪلاس ۾، ان سفر جو حَظُ ناهيان وڃائيندو ۽ هر سفر جي ڀرپُوريت جو لطف ماڻيندو آهيان. ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي سفرن مون کي گھڻو ڪجھه سيکاريو آهي ۽ آءٌ ”سفر ــ وسيلهء ظفر“ کان وٺي، ”مرد رُلي ته کُلي“ جهڙن سمورن سفري چوڻين کي نه فقط مڃيندو آهيان، پر تجربا ڪري اهڙن پهاڪن کي سچ به پاتو اٿم.