پئسفڪ جي پاڙي ۾ -۱
ياسر قاضي
منهنجي زندگيءَ جو هي پهريون سفرنامو آهي. مسافري ته ٻالجتيءَ کان وٺي
پُکي ۾ پئي، پر ياد ڪونهيم ته ڪڏهن ڪو سفر ترتيب سان ڪيو هُجيم. زندگيءَ ۾ هر قسم جو
اڙانگهو ۽ سڙانگهو سفر ڪيو اٿم. سائيڪل تي هجان يا جهاز جي بزنس پلس ڪلاس ۾، ان سفر
جو حَظُ ناهيان وڃائيندو ۽ هر سفر جي ڀرپُوريت جو لطف ماڻيندو آهيان. ڇاڪاڻ ته زندگيءَ
جي سفرن مون کي گھڻو ڪجھه سيکاريو آهي ۽ آءٌ ”سفر ــ وسيلهء ظفر“ کان وٺي، ”مرد رُلي
ته کُلي“ جهڙن سمورن سفري چوڻين کي نه فقط مڃيندو آهيان، پر تجربا ڪري اهڙن پهاڪن کي
سچ به پاتو اٿم.
خير! قصو ڪوتاهه... !! مون کي اها ڄاڻ ڪانه هئي ته آءٌ پنهنجي زندگيءَ
جو پهريون سفرنامو آمريڪا جي سفر بيان ڪرڻ لاءِ لکندم. هتي هڪ ڳالهه واِضح ڪندو هلان
ته آمريڪا، زميني سونهن جي لحاظ کان منهنجي پسنديده ملڪن جي ٽاپ ٽين لسٽ ۾ به ڪونه
ٿو اچي، البته ان جي جمهوري ۽ رياستي نظام ۽ حڪومت ڪرڻ جي رنگ ڍنگ بابت تفصيل هن سفرنامي
جي ايندڙ قسطن ۾ پڙهندئو. هن سفرنامي ۾ منهنجي ڪوشش هوندي ته هن سفر جي دؤران، رڳو
پنهنجي ڪار وهنوار جو بيان ۽ ”ڊيلي ڊائري“ نه هجي، پر جتي جتي آءُ ويس، اتان جي ماڻهن،
ماڳن مڪانن، ادارن ۽ وَٿُن کي جيئن مون ڏٺو ۽ دريافت ڪيو، ان جو ذڪر تفصيل سان ڪندي،
واقعن ۽ شخصيتن جي حوالي سان لاڳاپيل تاريخي پس منظر پڻ بيان ڪندو هلان، ته جيئن آمريڪا
کي ائين بيان ڪري سگھان، جيئن مون ڏٺو ۽ پسيو.
هي سفر، سال 2014ع جي مارچ ۽ اپريل مهيني دؤران مون پنهنجي صحافي دوستن
سان ڪيو، جن جو واسطو پاڪستان جي مختلف شهرن ۽ صحافتي ادارن (پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ) سان
هو ۽ اسان هن سفر دؤران آمريڪا جُون 4 مُکيه رياستون گھمياسين، جن ۾ آمريڪا جي راڄڌاني
واشنگٽن سميت نيُويارڪ، مِزُورِي ۽ هوائي شامل آهن.”هوائي“ کي زمين تي جنت چئجي، ته
ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. اها رياست کوڙ سارن آمريڪي شهرين به ڪانهي ڏٺي، جنهن جي بي شمار
سببن منجھان هڪ سبب، هوائيءَ جو جاگرافيائي لحاظ کان ان جي مُکيه رياستن ۽ اوڀر ڪناري
کان تمام گھڻو ڏُورانهون هجڻ به آهي.
آگسٽ 2013ع ڌاري مون پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيندڙ هڪ صحافتي ڏي وٺ
(جرنلسٽ ايڪسچينج) پروگرام لاءِ آن لائن درخواست جمع ڪرائي، جنهن جي حوالي سان مون
کي آڪٽوبر 2014ع ۾ ورندي آئي ۽ هوائي (آمريڪي رياست) جي گاديءَ واري هنڌ، ”هونو لُولُو“
جي ان اداري (جتي مون ان ايڪسچينج پروگرام لاءِ اپلاءِ ڪيو هو) جي اختيارين مون کان
اسڪائپ تي انٽرويو وٺڻ لاءِ ٽائيم ورتو. هنن مختلف وقتن جي هڪ ڊگھي فهرست موڪلي، جنهن
مان پنهنجي سهولت واري ڪنهن به ٽائيم کان کين آگاهي ڏيڻي هئي، جنهن تي هنن کي ڪال ڪري،
اميدوارن جا انٽرويو ڪرڻا هئا. اهي عاشورن جا ڏينهن هئا ۽ آءٌ پنهنجي پيشي وراڻين ذميوارين
هيٺ، هاٽ ايف ايم 105 ريڊئي تان محرم الحرام جي خاص ۽ حساس نشريات ڊزائين ڪرڻ ۽ ان
کي 14 اسٽيشنز تان صحيح ريت نشر ڪرائڻ جي اهم ڪم ۾ جُنبيل هئس ۽ منهنجي ڏينهن ۽ راتين
جو گھڻو حصو پنهنجي آفيس (ڪراچي براڊڪاسٽنگ هائوس) ۾ پئي گذريو. مون پنهنجي سهُولتن
آهر وقت جي ان لسٽ ۾ جيڪو وقت پنهنجي انٽرويُوءَ لاءِ موزُون ترين ڄاتو، اهو 10 محرم
الحرام 1435 هجريءَ جي شام (شامِ غريبان) گذرڻ کان پوءِ رات ٻارهين لڳي (پاڪستاني وقت
مطابق) جو هو، ڇو ته تيسين 10 محرم الحرام جو آخري حساس اسم ”مجلسِ شامِ غريبان“ به
نشر ٿي چڪو هجڻو هو. اها 15 نومبر 2013ع جي تاريخ هئي. آءٌ نشريات جا اهم ترين اسم
اُڪلائڻ (نشر ڪرائڻ) کان پوءِ، رات جو پوڻين ٻارهين وڳي تائين گھر پهتس. ان رات گھر
۾ اتفاق سان ڪوبه نه هو. ٺيڪ ٻارهين وڳي اسڪائپ تي ڪال آئي. (ان وقت ”هوائيءَ“ ۾
15 نومبر جي صبح جا 9 ٿي رهيا هوندا، جڏهن ته هتي تاريخ مٽجي 16 نومبر 2013ع ٿي چڪي
هئي.) پريان ”مسز اين هارٽمين“، جو پرجوش آواز گونجيو، جنهن مون کان ڪو 25 منٽ کن انٽرويُو
ڪيو. ان وقت يقيناً مون کي خبر نه هئي ته اها مائي سڄي آمريڪا جي ٽن هفتن جي رولڙي
۾ اسان جي سُونهي ۽ ساٿياڻي بڻبي. اين هارٽمين، مون کان انٽرويوءَ ۾ منهنجي براڊڪاسٽنگ
۽ پرنٽ ميڊيا جي صحافتي سفر، پاڪستان ۾ ريڊيي (خاص طور پرائيويٽ ريڊيي) جي ڪردار، منهنجي
معمول کان وڌيڪ انجام ڏنل (آئوٽ اسٽينڊنگ) حاصلات بابت پڇيو ۽ اهو پڻ پڇيو ته هن ايڪسچينج
پروگرام مان مون کي ذاتي طور ۽ منهنجي ٻڌندڙن
۽ ڏسندڙن کي ڪهڙو فائدو پهچندو.
هن انٽرويوءَ جي ٻئي ڏينهن تي ڇنڇر جو ڏينهن هو. آءٌ معمول کان ٿورو دير
سان ننڊ مان جاڳيس (ڇوته ان کان اڳ وارا لاڳيتا 3 ڏينهن گھڻو تڻو وقت ريڊيي تي گذاري
آيو هئس)، تنهن ڪري آءٌ لڳ ڀڳ ٻي وڳي آفيس پهتس. ڇنڇر جي ڏينهن، اسان جي ريڊيي تي،
منهنجي سينيئر دوست ۽ پراڻي براڊڪاسٽر ذوالفقار علي شاهه جي ميزبانيءَ ۾ هفتيوار سنڌي
پروگرام ”مهراڻ رنگ“ نشر ٿيندو آهي، جنهن دؤران منهنجو اسٽُوڊيو ۾ هجڻ ضروري هوندو
آهي، ڇوته شاهه صاحب هن پروگرام جي سهيڙ ۽ ترتيب جُون ڪجھه ذميواريون مون تي رکي ڇڏيون
آهن، جيڪي مون کي ئي نڀائڻيون هونديون آهن. تنهن ڪري آءٌ آفيس اچڻ شرط نيراني ئي پروگرام
”مهراڻ رنگ“ جو پينل آپريٽ ڪرڻ ويهي رهيس. پروگرام ۾ اوپننگ کان ٿورو پوءِ مون اتي
اسٽوڊيو ۾ ئي ويٺي جيئن ئي پنهنجو اِي ميل اڪائونٽ کوليو ته ان ۾ ان ئي قربائتي مائيءَ
”اين هارٽمين“ جو ڊگھو خط هو، جنهن جو تت اهو هو ته مون کي هن ايڪسچينج پروگرام لاءِ
چونڊيو ويو آهي ۽ اهو سفر مارچ ۽ اپريل 2014ع دؤران ٿيندو. يعني مون کي ان چونڊ جي
خبر 16 نومبر 2013ع تي پئي، جنهن کانپوءِ مون وٽ تياريءَ لاءِ پُورا ساڍا چار مهينا
هئا، ڇاڪاڻ ته مون کي 30 مارچ تي آمريڪا روانو ٿيڻو هو.
انهن ساڍن چئن مهينن دؤران اسان سان ميزبان اداري جي مسلسل لکپڙهه جاري
رهي ۽ انهن اسان کي ويزا حاصل ڪرڻ کان وٺي، سفر دؤران سئي ڌاڳي کڻڻ تائين (جيترين معمولي
هدايتن کان به) تفصيل سان آگاهه ڪيو. مون 7 ڊسمبر 2013ع تي آمريڪي ويزا لاءِ ڪراچيءَ
۾ قائم قونصل خاني ۾ اپلاءِ ڪيو، جتي 12 ڊسمبر 2013ع تي منهنجو ويزا انٽرويو ٿيو ۽
فيبروريءَ جي آخر تائين مون کي آمريڪي ويزا ملي وئي.
اڳ ۾ ته اهو ذهن ۾ هو ته اڃا چار ساڍا چار مهينا پيا آهن. آهستي آهستي
تياري پيا ڪنداسون، پر وقت گذرندي ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي. خبر تڏهن پئي، جڏهن ٻه ٽي هفتا
اچي بچيا ۽ مون سفري تياري ٺپ ڪانه ڪئي هئي. ان سال آمريڪا جي ٿڌين رياستن ۾ غضب جو
سيءُ پيو هو ۽ اسان کي به واشنگٽن ۽ نيويارڪ لاءِ گرم ڪپڙا ساڻ کڻڻ جي هدايت ٿي ڪئي
وئي، جيڪي مون اڃا ورتا ئي ڪونه هئا. سو مون مارچ ۾ ئي تڙ تڪڙ ڪري ضروري خريداري ڪئي.
جيڪي ڪپڙا سبائڻا هئي، اهي سبرايا ۽ ٻيو ضروري سامان وٺڻ لاءِ زوريءَ وقت ڪڍي مڙئي
سُوٽ ڪيس جو پيٽ ڀريو.
مون سان گڏ هن سفر ۾ ڪل 11 دوست همسفر هئا، يعني پاڪستان مان آمريڪا ويندڙ
هن وفد ۾ اسان ڪل 12 پاڪستاني صحافي شامل هئاسين، جن ۾ سنڌ مان 3، بلوچستان مان 1،
پنجاب مان 2، خيبر پختُونخواهه مان 4 ۽ وفاقي راڄڌانيءَ مان 2 صحافي چُونڊيا ويا. انهن
۾ سنڌ مان، هاٽ ايف ايم 105 ريڊيو نيٽ ورڪ جي نمائندگي ڪندي آءٌ، سنڌي ٻولِيءَ جي پهرين
سيٽلائيٽ چئنل، ”ڪي ٽي اين“ جي نمائندگي ڪندي، منهنجو پيارو دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جو
سهڻو شاعر، اشفاق آذر (جنهن کي آئون هن سفرنامي ۾ اڪثر جاين تي ”اشُو“ لکندس)، اردو
اخبار روزنامه ”نواءِ وقت“ جي سينيئر صحافڻ، غزالا فصيح، بلوچستان مان اسان جو واحد
ساٿي، جيئند ڪاشف ساجدي (جنهن جو تعلق روزنامه ”انتخاب“ ڪوئٽا سان آهي)، پنجاب مان
نمائندگي ڪندي 2 صحافي، ذوالفقار علي مهتُو (جيڪو ”دنيا ٽي وي“ لاهور جو خاص نمائندو
آهي) ۽ ضياءُ الرحمٰن (جيڪو ”سماء“ ٽي ويءَ جو لاهور ۾ رپورٽر آهي)، اسلام آباد مان
2 صحافي، اسماء رزاق (جيڪا ان وقت ”اب تڪ“ نيوز چينل جي رپورٽر هئي) ۽ رياض برڪي (جيڪو
سرڪاري ٽي ويءَ، پاڪستان ٽيليويزن جو نيُوز رپورٽر آهي)، خيبر پختونخواهه جي نمائندگي
ڪندي 4 ڄڻا، اسد علي عرف حمزو (جيڪو انگريزي اخبار ڊيلي ”اسٽيٽس مين“ جو چيف رپورٽر
آهي)، اڪرام الله مهمند، (جيڪو روزاني اخبار ”آج اردُوءَ“ پشاور جي ايڊيٽوريل صفحي
جو انچارج آهي)، خالد خان خيشگي (جيڪو انگريزي اخبار ”دي نيوز انٽرنيشنل“ جو اسٽاف
رپورٽر ۽ پشاور جي هڪ مقامي ايف ايم ريڊيو ”مشعال ريڊيو“ جو اسٽرنگر (رپورٽر) آهي)
۽ ماهوش قيُّوم (جيڪا ايڪسپريس نيُوز ٽي وي چينل جي پشاور جي نمائندي آهي) شامل هئا.
يعني ٿُلهي ليکي پاڪستان منجھان منهنجا ٻيا سڀ صحافي دوست يا ته پرنٽ ميڊيا جي ادارن
سان واڳيل هئا، يا ٽي وي چينلن سان. انهن سمُورن ۾ آءٌ واحد ”ريڊيو جرنلسٽ“ هئس. جيتوڻيڪ
منهنجو پنهنجو تعلق پرنٽ توڙي ٽي وي ميڊيا سان به اوترو ئي آهي، جيترو ريڊئي سان، پر
هن سفر جي دؤران آءٌ جنهن اداري جي نمائندگي ڪري رهيو هئس، اهو ادارو ”ريڊيو“ ئي هو،
تنهن ڪري هن سفر دؤران منهنجو هڪ اهم حوالو ”ريڊيو جرنلزم“ ئي هو.
هتي اهو ذڪر به اڳتي هلي ايندو ته هن سفر ۾ اسان جا ڪهڙا ڪهڙا 10 امريڪي
صحافي ساٿي اسان سان گڏ هئا، جن جو سڄي سفر ۾ ته اسان سان ساٿ ڪونه رهيو، پر ”هونولُولُو“
(هوائيءَ) ۾ ٻه ڏينهن پهريان ۽ ٻه ڏينهن پڇاڙڪا اسان جا انهن سان سيشنز ٿيا هئا ۽ ظاهر
آهي ته اهي به هن ايڪسچينج پروگرام جو اسان جيترو ئي حصو هئڻ جي ڪري اسان جا ”ڪُلِيگس“
هئا. هن ايڪسچينج پروگرام کي اصل ۾ هيئن ڊزائن ڪيو ويو هو (بلڪه گهڻا تڻا ايڪسچينج
پروگرام ايئن ئي ترتيب ڏنا ويندا آهن) ته پاڪستان مان اسان 12 ۽ آمريڪا مان اسان جهڙا
10 صحافي چُونڊيا ويا هئا، جن کي پاڪستان گھمڻو هو. اسان ”هونولُولُو“ (هوائيءَ) ۾
سڀ 22 صحافي (پاڪستاني ۽ امريڪي) پاڻ ۾ ملياسين، لڳ ڀڳ 2 ڏينهن اسان جا گڏيل سيشنز
ٿيا... هڪ ٻئي سان تفصيلي ڏيٺ وائٺ ٿي، پوءِ
آمريڪي صحافي پاڪستان هليا آيا ۽ اسين ساڳئي ڏينهن آمريڪا جي ٻين رياستن (يُو ايس مين
لينڊ) ڏانهن روانا ٿياسين. آمريڪين، اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ڏٺو ۽ سياستدانن، پاليسي
سازن، بزنس ڪميُونٽي ۽ ٻين اهم ماڻهن سان مليا ۽ ساڳئيءَ ريت اسان واشنگٽن ڊي سِي،
نيُويارڪ ۽ ڪولمبيا مِزُورِي ڏسي، آمريڪا جي اهم ماڻهن (اسٽيٽس مين، صحافين، مبصرن،
عسڪري ۽ سياسي نمائندن سان ملِي) واپس هونولُولُو (هوائي) پهتاسين. هوڏانهن امريڪي
دوست به پاڪستان گھمي هوائيءَ پهتا ۽ وري اسان جا گڏيل بحث مباحثي وارا سيشنز ٿيا
۽ اسان هڪ ٻئي سان پنهنجا تجربا ونڊيا ۽ انهن تجربن جي روشنيءَ ۾ صلاحون ڏنيون ته ٻنهي
ملڪن جي رابطن ۾ ڪٿي ڪٿي کوٽ آهي ۽ انهن رابطن، واسطن ۽ رشتن کي ڪيئن بهتر بڻائي سگھجي
ٿو. ان ڏس ۾ لڳ ڀڳ هر بحث روايتي جملن جي ورجاءَ بدران مثبت انداز ۾ تنقيدي ۽ معمول
کان هٽيل هو، جن جو تفصيل سان ذڪر اڳتي ٿيندو. آءٌ سفرنامي جي منڍ ۾ اهو ضرور چوڻ چاهيندس
ته آمريڪا جي حوالي سان جيڪو تصوّر هڪ پاڪستانيءَ جي ذهن ۾ هتي ويٺل آهي، اُتي وڃڻ
۽ شين کي ويجھڙائيءَ سان ڏسڻ سان ان تصوّر ۾ وڏي تبديلي اچي ٿي. ان تجربي کي هڪ جملي
۾ بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، پر اها حقيقت آهي ته ضرُوري ناهي ته شيُون جيئن نظر اچن
ٿيون، ائين ئي هجن يا جيئن آهن، ايئن نظر به اچن.
سو اسان جو سفر 30 مارچ 2014ع تي شرُوع ٿيو. منهنجي خريدارين جو سلسلو
آخري رات تائين پئي هليو. آخري رات به طارق روڊ (ڪراچيءَ) تان روز جي استعمال جُون
ڪجھه ضروري شيون وٺي، رات دير سان گھر آيس. نه چاهيندي به منهجو سامان ٻن وڏن سُوٽ
ڪيسن ۾ ماپيو (جن منجھان هڪڙو سُوٽ ڪيس ته فقط پنهنجن آمريڪي ۽ پاڪستاني صحافي دوستن
لاءِ ورتل تحفن سان والاريل هو). 30 مارچ تي منجھند جو 12 لڳي 10 منٽن تي ايمرٽس ايئر
لائن جي اُڏام هئي، جنهن تي پهچڻ لاءِ ساڍي اٺين ڌاري گھران نڪتس. ايئرپورٽ تائين ڇڏڻ
لاءِ منهنجي گھرواري (ساڀيان) ساڻ هلِي. رستي ۾ امڙ ۽ بابا سان فون تي موڪلائي، دعا
ورتم. سفر ڊگھو هو. پهريون اسٽاپ دبئي هو. جنهن کان پوءِ ٻه ٻيا اسٽاپ بئنڪاڪ (ٿائي
لينڊ) ۽ ٽوڪيو (جپان) هئا، ڇاڪاڻ ته اسان کي ائٽلانٽڪ بدران پئسفڪ جي مٿان اڏامي آمريڪا
پهچڻو هو، ڇوته اسان جو پهريون ٿاڪ ”هوائي“ هو. يعني اسان کي سجّ جي مخالف رخ ۾ سفر
ڪرڻو هو، يا کڻي ايئن چوان ته زمين جي حرڪت واري ساڳئي ئي رُخ ۾ سفر ڪرڻو هو. عام طور
تي جيڪي مسافر پاڪستان مان سڌا واشنگٽن يا نيُويارڪ وڃڻا هُوندا آهن، اهي ائٽلانٽڪ
مٿان اڏامي، سجّ واري ساڳئي رُخ يا زمين جي حرڪت جي مخالف رخ ۾ سفر ڪندا آهن. ڪراچي
ايئرپورٽ پهچڻ کان پوءِ جو سفر ايندڙ قسط ۾ اوهان سان سَلبو.
No comments:
Post a Comment