Wednesday, May 04, 2011

ملائيشيا جي اسلامڪ يونيورسٽي - الطاف شيخ


ملائيشيا جي اسلامڪ يونيورسٽي
الطاف شيخ
منهنجي خيال ۾ جتي ملائيشيا جي ٻين تعليمي ادارن جي ڳالهه ڪئي اٿئون، اتي ملائيشيا جي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي (الجامعته الاسلاميته العالميته ماليزيا) بابت پڻ ڪجهه سٽون لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪا IIUM  يا UIAM  پڻ سڏجي ٿي. هن قسم جي تعليمي اداري قائم ڪرڻ جو ان وقت جي وزيراعظم مهاتير محمد کي تمام گهڻو شوق هو. هن چاهيو ٿي ته هن اداري ۾اسلامي اصولن مطابق تعليم ڏني وڃي جنهن کي هنIslamization of Knowledge   سڏيو ٿي ۽ هن يونيورسٽي جي شروع ٿيڻ جي خبر اسان سندس واتان تڏهن ٻڌي جڏهن 1983ع ۾ هو اسان وٽ، مئريٽائيم اڪيڊمي ملاڪا جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تي آيو هو.


اسلامڪ يونيورسٽي جو سرڪاري طرح افتتاح پهرين جولاءِ 1983ع ۾ ڪيو ويو. هينئر هن يونيورسٽي جو وڏو ڪئمپس گومباڪ ضلعي يعني ڪئالالمپور جي اتر واري علائقي ۾ آهي، پر ان وقت هن جي شروعات، پيتالنگ جايا يعني ڪئالالمپور جي اولهه واري علائي ۾ ڪئي وئي. ياد رهي ته گومباڪ، پيتالنگ جايا، ڪلانگ، سيپانگ وغيره، جيڪي ڪئالالمپور شهر جي چوڌاري آهن، سلينگور رياست جا ضلعا آهن. خود ڪئالالمپور به سلينگور رياست جو شهر هو جيڪو هاڻ فيڊرل ڪئپيٽل سڏجي ٿو. هن يونيورسٽي جو پهريون صدر سابق وزيراعظم ”تُن حُسين آن“ چونڊيو ويو. هن يونيورسٽي کي بورڊ آف گورنرس هلائي ٿو جنهن ۾ OIC ملڪن جي نمائندن کان علاوه اٺ ٻين ملڪن جا به نمائندا آهن جن ۾ پاڪستان پڻ شامل آهي پر يونيورسٽي جو سربراهه، صدر ۽ ريڪٽر ملائيشين ئي ٿين ٿا. پهرين بئچ ۾ ملائيشيا ۽ ڌارين ملڪن جي 153 شاگردن داخلا ورتي ۽ آڪٽوبر 87 ۾ پهرين ڪنووڪيشن ٿي جنهن ۾ 68 شاگردن کي ايڪنامڪس ۾ ۽ 56 کي لا ۾ بيچلر ڊگري ملي. ان کان علاوهه  29 قاضين کي لا ۽ Administration of Islamic Judiciary ۾ ڊپلوما ملي.
مون کي ياد آهي ته هن يونيورسٽي جي ڀرسان اسان جي دوست يوسف شاهه جو گهر هوندو هو. يوسف شاهه MAS (ملائيشيا جي هوائي ڪمپني) ۾ اڄ به انجنيئر آهي. انهن ڏينهن ۾ آئون جڏهن به ملاڪا کان ڪئالالمپور يوسف شاهه جي گهر ويندو هوس ته هن يونيورسٽي جو چڪر پڻ هڻندو هوس. آئون پاڻ به هتي جي نيول اڪيڊمي ۾ پڙهائي رهيو هوس جيڪو هڪ بهترين تعليمي ادارو آهي پر مون کي هن اسلامڪ يونيورسٽي جي عمارت ۽ ماحول ڏاڍو وڻيو ٿي جتي تعليم ۽ شاگردن جي رهائش جو سٺو بندوبست ڏسي هن يونيورسٽي تي مون ڪيترائي مضمون پاڪستان جي اردو، سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ لکيا. هن يونيورسٽي ۾ منهنجي خيال ۾ پڙهائڻ وارو پهريون پاڪستاني روهڙي جو عبدالقدوس قاضي صاحب هو. پروفيسر قاضي صاحب هڪ اسلامي ڄاڻ رکندڙ پروفيسر آهي. منهنجي ساڻس پهريون دفعو ملاقات 1959ع ۾ ميرپورخاص ۾ ٿي جڏهن اسين ڪئڊٽ ڪاليج ۾ نائين ڪلاس ۾ هئاسين ۽ پيٽارو واري عمارت ٺهڻ کان اڳ اهو ڪاليج عارضي طور ميرپورخاص ۾ ”شاهه لطيف ڪاليج“ جي هڪ سيڪشن ۾ هو. قاضي صاحب اسان جي ڪلاس ميٽ اقبال قاضي جو مامو آهي ۽ هو تن ڏينهن کان آسٽريليا جو رهاڪو آهي. هو پنهنجي ڀاڻيجي اقبال کي ڪاليج مان ڪڍرائي پاڻ سان آسٽريليا وٺي وڃڻ لاءِ آيو هو. جيسين اقبال هلڻ لاءِ بئگ ٺاهي سندس ماموعبدالقدوس صاحب اسان سان خبر چار ڪندو رهيو. ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي سٺي طبيعت ڪري ٻين جي دلين تي هميشه لاءِ نقش ڇڏي ويندا آهن. اقبال جو مامو انهن مان آهي. مون کي سندس چهرو ۽ اسلامي ڳالهيون هر وقت دماغ ۾رهيون ٿي. هو مون کان ڪڏهن به نه وسريو ۽ پوءِ اسي جي ڏهي ۾ کيس هن يونيورسٽي ۾ ڏسي منهنجي حيرت ۽ خوشي جي انتها نه رهي هئي.
پروفيسر قاضي صاحب ڪجهه سال هن يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ بعد اسلام آباد واري يونيورسٽي ۾ پڻ پڙهايو. ان بعد واپس آسٽريليا هليو ويو ۽ اتي ئي رهي ٿو. هن وقت جڏهن اسان ئي ستر جي ويجهو اچي پهتا آهيون ته هو هن وقت پڪ اسي سالن جي لڳ ڀڳ هوندو.
سٺي ناموس، سٺي پڙهائيءَ ۽ شاگردن لاءِ  پيدا ڪيل بهترين ماحول جي ڪري، ڏسندي ئي ڏسندي ملائيشيا جي هن يونيورسٽي ۾ شاگردن جو تعداد ايترو ته وڌي ويو جو انتظاميه کي اڄ وارو گومباڪ ۾ وڏو ڪئمپس ٺاهڻو پيو جيڪو 700  ايڪڙن تي آهي. هاڻ پيتالنگ جايا وارو پراڻو ڪئمپس مئٽرڪيوليشن سينٽر سڏجي ٿو جيڪو سائنس ۽ لا جي شاگردن لاءِ CFS (سينٽر فار فائونڊيشن اسٽڊيز) آهي، جتان تعليم حاصل ڪرڻ بعد هي شاگرد گومباڪ واري ڪئمپس ۾ داخلا وٺن ٿا. اهڙو ئي بنيادي تعليم جو هڪ ٻيو سينٽر اسلامڪ يونيورسٽي طرفان ”بندر بارو نيلائي“ شهر ۾ کوليو ويو آهي. هي شهر ”نيگري سيمبيلان“ رياست ۾ آهي. ملائيشيا جي هيءَ رياست ملاڪا رياست ۽ سلينگور رياست جي وچ ۾ آهي. اسلامڪ يونيورسٽي جي گومباڪ واري ڪئمپس وانگر هڪ ٻيو ڪئمپس پهانگ رياست جي گادي واري شهر ”ڪئانتان“ ۾ به کوليو ويو آهي. ان کان علاوه هن يونيورسٽي ۾ هر سال نون ڪورسن جو واڌارو پڻ ڪيو وڃي ٿو. اڄ کان ڏهه ٻارهن سال اڳ، جڏهن هن يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ جي فئڪلٽي کولي وئي ته پاڪستان کان اسان جي دوست ڊاڪٽر لطيف سومرو جي ننڍي ڀاءُ علي رضا سومرو کي آرڪيٽيڪٽ پڙهائڻ لاءِ چونڊيو ويو هو. علي رضا مهراڻ يونيورسٽي مان B.E آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ ۾ ڪئي آهي ۽ هو اتي جي آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ جي گرئجوئيٽن جي پهرين بئنچ مان آهي. پاڻ اڄڪلهه هتي سينئر پروفيسر آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته ڪئانتان واري ڪئمپس ۾ ته ميڊيسن، هيلٿ سائنسز، فارمئسي، نرسنگ ۽ ڊينٽسٽري جون به  Faculties  آهن، جن کي ملئي زبان ۾ Kulliyah سڏجي ٿو جيڪو لفظ دراصل عربي زبان تان ورتل آهي.
هن يونيورسٽي جي اها خاص ڳالهه آهي ته هر شاگرد کي يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ رهڻ لاءِ ڪمرو مليل آهي. ڊاڪٽر علي رضا سومرو ٻڌايو ته هاڻ شاگردن جو تعداد ايترو ته وڌي ويو آهي جو 2008ع کان هاسٽل ۾ فقط ڇوڪرين کي ڪمرو ملڻ جي پڪ ڏني وڃي ٿي. ڇوڪرن کي ڪئمپس کان ٻاهر پنهنجي رهائش جو بندوبست پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. هن يونيورسٽيءَ ۾ تعليم انگريزي ۽ عربيءَ ۾ ڏني وڃي ٿي. مٿي لکي آيو آهيان ته هن يونيورسٽي جي کلڻ واري سال 1983ع ۾ فقط  153 شاگردن داخلا ورتي هئي پر هاڻ هر سال 3000  شاگردن کي داخلا ملي ٿي، جن ۾ اسلامي ملڪن کان علاوه جرمني، جپان، آمريڪا، روس، ويٽنام، فلپين، سريلنڪا، انڊيا، چين ۽ ٿائلنڊ جا شاگرد پڻ شامل آهن.
 ڊاڪٽر علي رضا سومرو اهو به ٻڌايو ته هتي جي سٺي تعليمي نظام ۽ امن امان جي بهتر حالت هجڻ ڪري ڇوڪرن کان وڌيڪ ڇوڪريون داخلا وٺن ٿيون. هن سال به ٽن هزار اسٽوڊنٽس ۾ 2200 کن ڇوڪريون آهن ۽ فقط 800 ڇوڪرا آهن. پاڻ اهو به ٻڌائين ته پاڪستان کان ايترا شاگرد نٿا اچن باقي اهي پاڪستاني ضرور آهن جيڪي هتي رهن ٿا. منهنجي خيال ۾ ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هن قسم جي يونيورسٽي اسان وٽ اسلام آباد ۾ به آهي جتي جي تعليم ۽ سهوليتن جو معيار پڻ بهتر آهي.
اسان جي ڳوٺ جي هڪ ڇوڪري ڊاڪٽر رفيعه ناز جيڪا هتي جي ملايا يونيورسٽي مان سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۾ Ph.D  ڪري رهي آهي تنهن ٻڌايو ته ملائيشيا ماحول توڙي موسم جي خيال کان مسلمانن لاءِ هڪ بهترين ملڪ آهي پر اسان جي ملڪ جي حساب کان هتي مهانگائي گهڻي هجڻ ڪري هتي گهڻا شاگرد اهي اچن ٿا، جن کي اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي ٿي. پنهنجي خرچ تي اچڻ وارا گهٽ آهن. جيڪڏهن ڪو شاگرد هوشيار آهي ته هن کي پنهنجي ملڪ جي انجينئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا مليو وڃي.
ڊاڪٽر رفيعه ناز اسان جي ڳوٺائي دوست ڊاڪٽر خير محمد ميمڻ جي ننڍي ڌيءَ آهي. ڊاڪٽر خير محمد لياقت يونيورسٽي ڄامشوري مان 1869ع ۾ MBBS ڪرڻ بعد 1975ع تائين اتي ئي جاب ڪيو ان کانپوءِ هالا ۾ ئي پرئڪٽس ڪندو اچي. کيس ٽي ٻار آهن. وڏيون ٻه ڌيئون شازيه ناز ۽ فريا ناز ڊاڪٽر آهن. شروع ۾ هڪ هنڌ برگيڊيئر نور محمد ميمڻ جي ڌيءَ ڊاڪٽر ڪئپٽن مهرالنساءَ بابت اهو لکندي ته هوءَ اسان جي ننڍڙي ڳوٺ جي پهرين ڊاڪٽرياڻي آهي جيڪا پاڪستان آرمي ۾ وئي، اهو وسري ويو ته ڊاڪٽر خير محمد جي هيءَ ٻيو نمبر ڌيءَ ”ڊاڪٽر فريا ناز“ جيڪا ڊاڪٽر مهرالنساءِ جي ڪلاس ميٽ هئي، پڻ هن سان گڏ آرمي ۾ وئي ۽ ٻئي ڄڻيون ڪئپٽن رئنڪ تي آهن.
پاڻ ملائيشيا جي اسلامڪ يونيورسٽي جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جتان هيستائين ٽيهه هزار شاگرد بيچلر، ماسٽرس ۽ ڊاڪٽوريٽ ڪري چڪا آهن. انهن شاگردن ۾ 5000 کن ڌارين ملڪن جا آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته جيتوڻيڪ هن يونيورسٽي ۾ تعليم انگلش ۾ ڏني وڃي ٿي پر ڪجهه اسلامي سبجيڪٽ جهڙوڪ: دينيات، شريعت ۽ ethics وغيره عربي ۾ پڙهايو وڃي ٿو. ان کان علاوه هڪ سبجيڪٽ ايليمينٽري عربي جو آهي جيڪو غير مسلمانن لاءِ به ضروري آهي. ملائيشيا جي قومي زبان ملئي (بهاسا ملائيشيا) آهي جنهن جي پڻ ٿوري گهڻي ڄاڻ ڌارين ملڪن کان ايندڙ شاگردن لاءِ ضروري آهي.
هن يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪندڙ اهم ماڻهن جي Alumni ڏسي رهيو هوس ته خبر پيئي ته ملائيشيا جي پارليامينٽ جا ٻه چيني ميمبر فونگ پُو ۽ وونگ ڪاح به هن يونيورسٽي جا گرئجوئيٽ آهن. پيراڪ رياست جو وزيراعلى داتڪ ڊاڪٽر زمبري عبدالقادر ۽ ملائيشيا جو هڪ ٻيو اهم سياستدان اعظم محمد نوربه هن يونيورسٽي مان پڙهيا آهن. پينانگ جي چيف منسٽر محمد فيروز بن خير دين کان علاوه جوهور رياست جي شهزادي تنڪو امينا ڪلثوم ۽ ڪيلنتان رياست جي شهزادي تنڪو عائشه پتري پڻ هن يونيورسٽيءَ جون گريجوئيٽس آهن.

No comments:

Post a Comment