سيڪس ڪو چاڪليٽ ناهي
الطاف شيخ
اڄ رات هاشم وري ان پاڪستاني هوٽل
يا ان جهڙي ڪنهن ٻي مسلم ريسٽورينٽ ۾ ماني کائڻ لاءِ تيار ٿيو هو. مون ساٿ نه
ڏنومانس. قاسم ۽ پاڻ ”ٽڪ ٽڪ“ واري کي چار چار باٿ ڏيئي روانا ٿيا. آئون ڀر واري
روڊ تي هڪ پراڻن ڪتابن ۽ اخبارن جي دڪان تان اڌ قيمت تي ڪجهه پراڻا ڪتابَ ۽
اخبارون وٺي پنهنجي هوٽل جي ڪمري ڏي موٽيس. لفٽ ۾ اڪيلو ڏسي. ”لفٽ بئاءِ“ هڪ دفعو
وري پنهنجي مال جي اگهه جي خوبيءَ جو بيان جاري رکيو.
جيئن ئي اسين پهرين سستي واري هاشم
نما هوٽل ڇڏي هن ٻي ايئر ڪنڊيشن Sakol ۾ آياسين، اسان
واري پنجين ماڙ جي بئري، ڪمرو صاف ڪندڙ داداگير قسم جي عورت، ۽ هن ”نفٽ بئاءِ“،
ايندي ويندي، اسان مان هر هڪ کي پنهنجي منهن، سندن هٿ هيٺ ڪم ڪندڙ ۽ ڄاڻ سڃاڻ
وارين ڇوڪرين جون خوبيون ٻڌايون ٿي. يعني هن قسم جي ماڻهن، هوٽل ۾ پنهنجو پنهنجو
مختصر پرائيويٽ چڪلو پڻ هلايو ٿي. منهنجي ڀر واري ڪمري ۾ هڪ پوڙهو انگريز رهيل هو
جيڪو پڻ اسان سان گڏ پهرين واري هوٽل مان شفٽ ٿي هتي آيو هو ۽ هتي جي ـــ يعني ڏکڻ
اوڀر ايشيا جي ملڪن جي جيتن جڙن تي کوجنا يا ٿيسز لکي رهيو هو. ان سلسلي ۾ هن کي
ذري ذري ٻاهران مختلف قسم جا جيت وڇون، ٽنڊڻ، سؤپيريون آڻڻيون پيون ٿي. هوٽل ۾
ايندي ويندي هن جو پڻ، هنن سوداگرن سان واسطو پيو ٿي. هو هن فاني دنيا جا عيش ماڻڻ
جي حق ۾ ضرور هو پر هن وقت هن کي هنن ٿلهين سٿرن وارين ٿائي ڇوڪرين کان اهي ٽنڊڻ ۽
سؤپيريون وڌيڪ پياريون هيون.
پنجين ماڙ تي پهچي لفٽ مان ٻاهر
نڪتس ته ان ماڙ جي بئري سلوٽ ڪري پنهنجي مال جي ڪنواسنگ شروع ڪئي. سامهون، پوڙهو
انگريز، ٻاهر ئي بيٺل نظر آيو. هو ڪمرو بند ڪري وڌيڪ جيت جڙن جي ڳولا ۾ وڃڻ وارو
هو. تنهن کلي چيو:
”Sex ڪو چاڪليٽ ته نه آهي جو
ايندي ويندي پيو کائجي. وڌ ۾ وڌ ماڻهو هڪ دفعو خواهش پوري ڪري سگهي ٿو. هتي هر
ڪلاڪ بعد ڪا ڇوڪري وٺيو اچن.“
ساڻس گڏ اهي ٻئي ڇوڪريون بيٺيون
هيون جيڪي صبح کان اسان واري ماڙ جو بئرو وٺي آيو هو ۽ هيڏانهن هوڏانهن پئي
ڦيرائين. بقول بئري جي اهي سندس سنگتياڻيون آهن ۽ هو هنن جي هيلپ ڪري رهيو آهي.
مونکي ايندو ڏسي، انهن ٻنهي ٿائي
ڇوڪرين مان هڪ مون وٽ اچي بيٺي. ويهن سالن جي ڪا مس ٿيندي. اڌ اگهاڙي ڊريس ۾
اشتعال انگيز حد تائين ولوله خيز لڳي رهي هئي. بئرو چوڻ لڳو:
”سائين ٿڪل هوندائون. ڪلاڪ زور ڏيڻ
جا فقط هڪ سؤ ڀاٿ (اسي روپيه) لڳندا. سيڪس لاءِ وڌيڪ هڪ سؤ ڀاٿ. پر جي رڳو سيڪس
چاهيو ٿا ته فقط ڏيڍ سؤ ڀاٿ.“
بئري جي اهڙي دليريءَ مان ملڪ جي
قانون ۽ اخلاقي بئروميٽر جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. مونکي گهيري ۾ ڦاٿل ڏسي پوڙهو
انگريز پاڻ کان گهٽ پوڙهي ـــ يعني مون تي کلڻ لڳو. مونکي ستر واري ڏهي جا اهي
ڏينهن ياد آيا جڏهن هن پاسي فقط اسان جو جهاز ٻڌبو هو. باقي جهاز جو عملو رسا
ڇنائي ڀر واري بندرگاهه سونگڪلا کان هتي هاتيائيءَ اچي نڪرندو هو. ڪناري تي هڪ
واري اچڻ بعد وري واپس جهاز تي ڊيوٽي جو ڪو به نه سوچيندو هو. هي اهو وقت هو جڏهن
دماغ جو دل تي بنهه ڪنٽرول نه هو. ان وقت اسان جهازين کي دڪانن توڙي بس اسٽاپن تي
ڇوڪريون ئي ڇوڪريون نظر اينديون هيون. پارڪن توڙي ريسٽورينٽن ۾ ــــ ويندي مندرن ۾
به رڳو ڇوڪريون ئي ڇوڪريون ڏسڻ ۾ اينديون هيون...... ٻيو ڪجهه به نه. ۽ پوءِ
بندرگاهه ڇڏڻ بعد، سمنڊ تي به ڪيترا ڏينهن اهي اڌ سچا اڌ ڪوڙا، حقيقي ۽ خيالي قصا
۽ معاشقا، فقطڇوڪريون جا ئي هوندا هئا. هن شهر هاتيائي ۾ هلندي هلندي وقت جي به
ڄاڻ نه پوندي هئي ته ڏينهن يا رات ڪيئن گذري ويو!
ڪنهن ڪاري چڳ تي رات کُٽي
ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باکَ ڦُٽي
ائين وقتُ ڪٽيو ائين عمر لُٽي
سڀ سانگ سجايو آ پيارا.
امداد حُسيني ۽ شيخ اياز جهڙن جڏهن
ڏهه سال کن اڳ سٺ جي ڏهي ۾ ان قسم جي شاعري ڪئي ته ڇا هنن کي اهو Vision هو ته ويٽنام ۾ آمريڪن سپاهين جي اچڻ بعد ٿائلنڊ جو هي خال وڃي
ٿيندو!
”ڇا پيا سوچيو ـــ ؟“ ڇوڪريءَ تمام
سٺي انگريزيءَ ۾ پڇيو، ”پليز مونکي ٿورن پئسن جي ضرورت آهي.“ هن پنهنجو پرس ٺيڪ
ڪري پينٽ جي پوئين کيسي ۾ رکيو.
مون کانئس پرس وٺي کولي ڏٺو.
شناختي ڪارڊ تي سندس ڄم جي تاريخ هئي جنهن حسابَ سان هوءَ اوڻيهن سالن جي...... ٿي
ائڊريس ٿائلنڊ جي ڪنهن اتراهين شهر Lamphun جي هُئي.
”چانگ مائيءَ پزهان ٿي. هتي ائين
گهمڻ آئي هيس. سڀاڻي واپس وڃڻي آهيان.“ هن ٻڌايو.
شناختي ڪارڊ کان علاوه، سندس پرس ۾
ٻه پنج پنج سؤ ڀاتن جا نوٽ هئا. ۽ ٻيا ڪيترا ئي هڪ هڪ سؤ ڀاتن جا نوٽ جيڪي مون
ڳڻيا ته مڙئيي ٽي هزار ڀاٿ (اڍائي هزار رپيا) ٿيا ٿي.
”توکي ته يار اسان کان به وڌيڪَ
پئسو آهي.“ مون نوٽن ڏي اشارو ڪري چيومانس. جواب ۾ بئري ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ ٻڌايو
ته هن شهر هاتيائيءَ ۾ سون سستو آهي سو هوءَ هتان ايئرنگ وٺي وڃڻ چاهي ٿي. ان ۾
کيس ڪجهه پئسا کٽن ٿي.“
”سو ـــ؟“ مون چيو.
”ان ڪري هيءَ ڪجهه ڌنڌو ڪرڻ چاهي
ٿي.“ بئري جواب ڏنو. پر جيئن ته بئري جي انگريزي سٺي نه هئي. ان ڪري وري ڇوڪريءَ
دهرايو:
”هي پئسا سڀ منهنجا نه آهن. مون
سان گڏ آيل منهنجين ڪلاس ميٽ ڇوڪرين جا پڻ آهن. جن کي ڪاليج پهچي واپس ڪنديس.“
انگريز سان گڏ بيٺل ڇوڪري پڻ اسان
جي اڳيان اچي بيٺي. انگريز ڪهاڻي ٻڌڻ جي موڊ ۾ هو. انگريز کي ٿوري دلچسپي وٺندو
ڏسي بئري کيس مشرقي مساج (مالش) جا گڻ ٻڌائڻ شروع ڪيا ته ان سان، نه فقط جسم جو
درد ۽ اندروني بيماريون ختم ٿيو وڃن پر وڃايل شڪتي پڻ موٽيو اچي. وغير وغيره.
”پر هيءَ سنهڙي ۽ نازڪڙي ڇا مساج
ڪري سگهندي ـــ؟“ فائدا ٻڌڻ بعد انگريز عقلمنديءَ جو سوال ڪيو.
”پر سيڪس ذريعي ته توهان کي مطمئن ڪري سگهي ٿي.“ بئري ٺهه پهه وراڻيو ۽ ان
سان گڏ منهن ٺاهي بيزاريءَ جو اظهار ڪيو. اسان ٺلهيون ڳالهيون ڪري هن جو وقت وڃائي
رهيا هئاسين، ۽ هن کي اسان جي اها ونڊو شاپنگ هرگز پسند نٿي آئي. ان ئي وقت ٻه ٻيا
همراهه هوٽل جي ان ماڙ تي داخل ٿيا. جن تي نظر پوڻ سان هو ٻنهي ڇوڪرين کي رڍين ٻڪرين وانگر، ورانڊي
مان هڪليندو انهن وٽ وڃي پهتو.
”نڀاڳا هن وقت اچي نڪتا، ”ناگريز
کلندي مونکي چيو، ”خبر ناهي توکي لکڻ لاءِ ڪهاڻيءَ جو مڪمل مواد ملي سگهيو يا نه؟“
”يار ڳالهه ٻڌ!“ مون هن پوڙهي
سائنسدان جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، ”ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڻيڪارن کي به ڪهاڻي لکڻ کان وڌيڪَ
چاڪليٽ کائڻ تي دل چوندي آهي.“
اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل
No comments:
Post a Comment