Saturday, September 21, 2013

آرامَ لاءِ هزار ڪلوميٽر هلڻ - الطاف شيخ

آرامَ لاءِ هزار ڪلوميٽر هلڻ
الطاف شيخ

هاتيائي ريلوي اسٽيشن جي هوٽل ”راڄ ڌانيءَ“ ۾ چانهه پيئڻ ۽ اتي جي ڪلارڪ ڇوڪري سي راڻيءَ سان خبر چار ڪرڻ بعد پنهنجي هوٽل Sakol جي ڪمري ۾ آيس. اڃا ڏهه منٽ ڪي مس گذريا ته هاشم اچي سهڙيو.
”ڪر خبر اچي ويائو. Sudah Makan ـــ ماني کاڌانو؟“ مون ملئي زبان ۾ پڇيو مانس.
Belum Lagi Lah. اڃا نه. جنهن هوٽل ۾ وياسين سا بند هئي. هتان هُتان رلي پني اچي نڪتا آهيون. هيٺ هڪ اسٽال ڏسي آيا آهيون هاڻ اتي ئي ٿا کائون. تون به هل. ڪجهه ٿڌو يا ڪوسو هلي پيءُ.“ هاشم هلڻ لاءِ زور ڀريو.

”چڱو هل ڀلا ۽ هو ٻيو همراهه قاسم ڪٿي آهي؟“ مون پڇيو.
”اهو ڀر واري ٽريول آفيس ۾ صبح واري شاگردياڻي مس ناتا پورن سان عشق بيٺو پچائي. هوءَ اڄ رات واري بس ۾ پنهنجي ڳوٺَ ”چئانگ مائي، ڏي پئي وڃي.“ هاشم ان ڇوڪريءَ ڏي اشارو ڪيو جنهن کي صبح کان اسان واري فلور جو بئرو ساڻ وٺيو پئي هليو. جنهن کي هتان ڪو سونو زيور خريد ڪرڻو هو.
هوٽل مان نڪري ڀر واري آفيس مان قاسم کي سڏيوسين ڪجهه ڪنهن دير بعد ايندڙ بس لاءِ چار پنج مسافر انتظار ڪري رهيا هُئا. هڪ ڪنڊ ۾ قاسم ويٺو هو.
Boleh Augkat Gambar Saya يار منهنجو هن سان فوٽو ته ڪڍو. وري خبر ناهي ڪڏهن ملاقات ٿئي.“ قاسم مس ناتا پورن کي ڀاڪر ۾ جھلي قربَ جو اظهار ڪيو.
”فوٽو جام. هڪ بدران ٻه.“ مون قاسم کي چيو ۽ پوءِ مس ناتا پورن کي اک ڀڃي چيو: ”بلڪل  صحيح جوان جھليو اٿئي. تنهنجا کٽل پئسا اهو ضرور پورا ڪري ڏينديءِ.“
هوءَ ٿڪل ٿڪل لڳي رهي هئي. بيزاريءَ مان ڀر ۾ ويٺل قاسم جي ٻانهن کي پري ڪندي ملئي زبان ۾ چيو:
”دوئيت تيادا. چڪپ چڪپ سهاجا.“ ـــ يعني پئسي ڏيڻ کان آڱوٺو رڳو ڪچهريءَ تي زور اٿس. کيس مانيءَ لاءِ قاسم صلاحَ ڪئي. پر هن هٿ ملائي موڪلايو. ان سان گڏ سندس ڀر ۾ ويٺل ٻي ساهيڙيءَ به هٿ لوڏي کيس باءِ باءِ ڪيو.
رستي تي ڪيترن ئي اسٽالن ۽ گاڏن تي رکيل شين جو جائزو وٺي نيٺ هڪ اسٽال تان هاشم چار پنج وڏا گانگٽ، هڪ کيکڙو (Crab) ۽ ويهارو کن سپون ورتيون. جيڪي وڪڻڻ واري ٿائي عورت ڇلي، صاف ڪري، ڪاتر ڪئي. ان بعد ڪڻڇيءَ ۾ تيل وجھي انهن کي فراءِ ڪيو ـــ جيئن پاڻ وٽ  ڪٽ ڪٽ وارا بڪيون، جيرا، مغز وغيره گڏ تري (مڪس گرل Grill ڪري) ڏيندا آهن.
سامونڊي کاڌي ڪري هاشم لاءِ اهو معلوم ڪرڻ ضروري نه هو ته آيا دڪاندار مسلمان آهي يا غير مسلم. ڇو جو سمنڊ جي هر شيءِ ۽ مڪڙ بنا ذبح ڪرڻ جي حلال چيو وڃي ٿو. بس اها سا پَڪَ ڪيائين ته هو ساڳي تئيءَ ۾ سوئر ته نٿو پچائي ـــ جيڪو گهر ۾ پچائيندو به هوندو ته ان جي ڪهڙي گئرنٽي.
گانگٽن، کيکڙي ۽ سپن جي تريل ڪٽ ڪٽ وٺي اڳتي هڪ ٻئي گاڏي وٽ آياسين جتي هڪ ويهه پنجويهه سالن جي ڇوڪريءَ ڊبل روٽي ۽ ”نج ڳائو“ کير وڪيو ٿي. کير جي نج ۽ ڳائي هجڻ جي ساکَ هڪ هاشم ڏني ۽ ٻي ان بورڊ، جيڪو گاڏي مٿان لڙڪيل هو. جنهن تي ٿائي ۽ انگريزي زبانَ ۾ (Fresh Cow Milk) ـــ ”ڳئون جو تازو کير“ لکيل هو.
گاڏي جي هر هڪ پاسي ٻه ٻه ننڍا ٽيبل رکيل هُئا جن جي چوڌاري چار پنج پلاسٽڪ جون ڪرسيون هيون. ڪل چئن ٽيبلن مان ٻه اڳهين ڀريل هُئا. هڪ صفا خالي هو ۽ هڪ تي چيني مهانڊي جو همراهه ويٺل هو ـــ جيڪو ٿوري دير اڳ هاشم جن کي باٽا جي دڪان ۾ مليو هو. هاشم منهنجي ان سان واقفيت ڪرائي ته هي مسٽر ڊئوڊ چيانگ آهي. سنگاپور کان چئن پنجن مهنن جي موڪل تي هتي آيو آهي. اتي جي جهاز تي ڪم ڪري ٿو.
مسٽر ڊئوڊ سٺي انگريزي ڳالهائي ٿي ۽ يڪدم بي تڪلف ٿي هر عنوان تي بنا رک رکاءَ جي پنهنجا رايا ڏيندو رهيو. ٿائلنڊ ـــ خاص ڪري هن شهر جي چپي چپي کان واقف لڳو ٿي. پاڻ ٻڌايائين ته هو سنگاپور جي ڪنهن ڪوسٽل (ڪنارو ڏيئي هلندڙ) جهاز تي مستري (انجڻ ڊرائيور) آهي. سندس جهاز جي سالن کان سنگاپور ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ روٽ رهي آهي ان ڪري هو ملئي ۽ خاص ڪري ٿائي ته تمام سٺي ڄاڻي ٿو. ان کان علاوه چيني سندس مادري زبان آهي.
”جهاز ڪڏهن ٿو هتان Sail  ڪري ـــ؟“ مون پڇيومانس.
”آئون پنهنجي خرچَ تي باءِ روڊ هتي آيو آهيان. اڄڪلهه اسانجي جهاز جي روٽ، ڪجهه مهينن کان سنگاپور انڊونيشيا ٿي آهي. ان ڪري مهيني ٻن بعد چئن پنجن ڏينهن جي موڪل وٺي آءُ هتي هاتيائيءَ ۾ آرام ڪرڻ لاءِ ايندو آهيان.“
”ڇو ڀلا هاتيائيءَ جي اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي جو سنگاپور کان هزار ڪلوميٽر کن جهاڳي هتي اچين ٿو؟“ مون پڇيومانس. مونکي سندس اها فلاسافي سمجھ ۾ نه پئي آئي. سمنڊ جا ڪنارا ۽ هوٽلون ته سنگاپور ۾ به آهن.
”آئون اسپيشل لگزري بس ۾ ايندو آهيان جنهن ۾ ٿڪ بنهه نٿو ٿئي. ويههَ ئي ڪلاڪَ سمهندو ايندو آهيان.“ هن ٻڌايو.
”پوءِ هتي ڪيئن وقت گذاريو؟ گهمو ڦرو، سمنڊ جي ڪناري تي وقت گذاريو، شاپنگ ڪريو ـــ جيڪا ته سنگاپور ۾ به ڪري سگهو ٿا، يا ٿائي ڇوڪرين جي چڪر ۾ اچو“ مون کانئس پڇيو.
”منهنجي هتي هڪ پراڻي گرل فرينڊ آهي. آئون مساج پارلر يا چڪلن جي عام ڇوڪرين وٽ هرگز نه ويندو آهيان. هو بزنيس مائينڊيڊ ٿين ٿيون. پيار محبت بدران هنن جي دماغ ۾ هر وقت پئسو ڦرندو رهي ٿو. ملڻ وقت وڏي اڪير سان ملنديون پر پوءِ توهان کي جھٽ پٽ آجو ڪرڻ لاءِ وٺ پڪڙ لڳائي ڏينديون. آئون جنهن وٽ ويندو آهيان اها منهنجي خاص فرينڊ آهي. هوءَ مونکي ڏاڍو چاهي ٿي. ان ڪري سنگاپور کان هلي ملي هن سان ملڻ اچان ٿو.“
مون  هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. يعني ان جو اظهار ڪيو ته مونکي سندس ڳالهه سمجھ ۾ اچي ويئي. منهنجي ان ڪنڌ ڌوڻڻ تي ڊئوڊ خوش ٿيو ته هو پنهنجو Point of View مونکي سمجھائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هاشم ۽ قاسم اڃا ڪٽ ڪٽ کائي رهيا هئا. رکي رکي مون کي پڻ کائڻ لاءِ صلاح ڪيائون ٿي. پر آئون سندس انتظار ۾ هوس ته کائي بس ڪن ته پوءِ ڪجهه پيئجي. ان ڪري وقت پاس ڪرڻ لاءِ وري ڊئوڊ سان خبرون ڪرڻ لڳس.
”ڀلا ڊئوڊ تون اڪيلو اڪيلو پيو نظر اچين ـــ يعني جنهن سان ملڻ آيو آهين اها توسان گڏ آئي ڪانه!“
”دراصل هتي پهچڻ سان مون کيس بُڪ نه ڪيو. سو هوءَ ٻئي گراهڪ سان هلي ويئي آهي. هينئر مونکي رستي تي ملي هئي. مونکي ڏسي يڪدم ڏوراپو ڏنائين ”ڇو ڀلا ڊئوڊ! هتي ڪڏهن آئين ۽ مون وٽ ڇو نه آئين؟“ مون کيس ٻڌايو ته جاني مان ٿڪل هوس. پهچڻ سان سمهي رهيس. ان بعد فون ڪيم ته تنهنجي ماما سان (ڇوڪريءَ جي روايتي رکوالي ۽ ڪاروبار هلائيندڙ عورت) ٻڌايو ته اڄ لاءِ تون بزي آهين. هاڻ سڀان کان گڏ آهيون.“ ۽ پوءِ ڊگهو ساهه کڻي چيو، ”او! شي ريئلي لوز مي!“
هو ڇا آهي پدما شريءَ جو شعر:
هِنَ جي چاهت تي مونکي غرور آهي
سندس   پيار   جو  دل کي قرار آهي
هوءَ چئي نه چئي مونکي اعتبار آهي
هن  کي   مون   سان بيحد پيار آهي.

ڊئوڊ سان ان ساڳي  موضوع تي وڌيڪ سوالَ جواب ڪري مون کيس وڌيڪَ کولڻ نٿي چاهيو. عنوان بدلائڻ لاءِ مون کانئس پڇيو:
”ڀلا مسٽر ڊئوڊ توهان جي بحري جهاز جي انجڻ ڪهڙي آهي؟“
B & W آهي. پر پراڻي هجڻ ڪري ڏاڍو ستائي ٿي. ٿورو به جهاز کي تکو هلاءِ ته Exhaust – Temp ايڏو وڌيو وڃي جو سلينڊر جا ”پاپيٽ ـــ وال“ سڙيو وڃن، پوءِ اهي گرم گرم ڪڍي اسانکي ئي Grind ڪرڻا پون ٿا.......“
جملي جملي بعد هن وات جو چشڪو ڏنو ٿي. ماني کائڻ بعد، هن پاسي جي ماڻهن ۾ چشڪا ڏيڻ جي عادت عام آهي. خاص ڪري ملئي  ماڻهن ۾ ته هيڪاندي آهي. ان سان گڏ ڊئوڊ ڪاڙيءَ سان ڏند پڻ کوٽيا ٿي. گاڏي واري ڇوڪريءَ ٺلهو کير ۽ ڊبل روٽي وڪي ٿي ـــ ۽ سائي رنگ جي هٿ جي ٺهيل جيلي پڻ. پر انهن ۾ ته ڪا به اهڙي شيءِ نه هئي جيڪا ڏندن ۾ ڦاسي پوي ۽ ڊئوڊ کي ايڏي کوٽ کوٽان ڪرڻي پوي. يا ٿي سگهي ٿو هي به هاشم جن وانگر ڪنهن ٻئي دڪان تان گوشت وٺي آيو هجي يا اتي ئي کائي آيو هجي.


اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment