Wednesday, September 04, 2013

ڪشو ـــ سگريٽ ۽ شراب نه پيئڻ وارو سيٺ - الطاف شيخ

ڪشو ـــ سگريٽ ۽ شراب نه پيئڻ وارو سيٺ
الطاف شيخ
ڪوالالمپور جي مشهور ترين رستي-جالان تنڪو عبدالرحمان تي ”گلوب سلڪ اسٽور“ نالي هڪ ڇهه ماڙ دڪان آهي. ڪوالالمپور ۾ جيتوڻيڪ ان کان ڪيترا ئي وڏا دڪان آهن پر گلوب سلڪ اسٽور سڀني ۾ مشهور آهي. نه فقط ڪوالالمپور شهر يا ان جي سڄي رياستن سيلينگور ۾ پر اوسي پاسي جي ٻين به ڪيترين ئي رياست کان ماڻهو هتي شاپنگ لاءِ اچن ٿا.  ملاڪا رياست ۾ رهندڙ اسين ڪجهه پاڪستاني، انڊين، برمي، سلوني ۽ ٻيا غير ملڪي پڻ مهيني ٻئي ڪوالالمپور وڃي، گلوب سلڪ اسٽور تان خريداري ڪري ايندا آهيون. خاص ڪري قميص، ٽاءِ، پينٽ، ڪڇا، گنجيون، چڍيون، ڪچو ڪپڙو، ٻارن جا اسڪول يونيفارم، چادرون، پڙدا، ريڊيو، ڪئسيٽ وغيره جهڙين شين لاءِ ڪوالالمپور ۾ گلوب جهڙو سستو ۽ بهتر دڪان ٻيو ناهي جتي ٻارهوئي ڄڻ Sale لڳي پيئي آهي. عيد، ڏياري، ڪرسمس، نئين سالَ جو ڏينهن، گوتم ٻڌ جو جنم ڏينهن يا ويندي چينين جي نئين سال ۽ هر ڇنڇر تي هن دڪان ۾ پيهه پيهان هوندي آهي. گراهڪن جي  مدد لاءِ، ٻن شفٽن مان هر هڪ ۾ سؤ کن ڇوڪريون Sales-Girls ڪم ڪن ٿيون، اهڙيون ويهارو کن ڪئشير ڇوڪريون پئسا وصول ڪرڻ تي آهن ۽ انهن مٿان سنڌي سپروائيزر ـــ ڪشوءَ جا مائٽ ۽ وفادار دوست نظرداريءَ لاءِ هر ماڙ تي پسار ڪن ٿا. هڪ ڪئشير ڇوڪريءَ کان پڇيم: ”تو کي هن دڪان ۾ ڪم ڪندي ڪيترا سال ٿيا آهن؟“

”ويهه سال.“ وراڻيائين. پاڻ مدراسڻ هئي. شڪل مان به لڳي رهي هئي. ساڳيو سوال هڪ ٻي پنجابي سک عورت کان ڪيم. کيس گلوب سلڪ اسٽور ۾ نوڪري ڪندي پنجويهه سالَ ٿي چڪا هئا. تنهن جي معنٰي مالڪ نوڪرن مان خوش آهن ۽ نوڪر  مالڪن مان. جپانين وانگر نوڪر پڻ دڪان، ڪمپني يا آفيس سان هميشه جو ساٿ رکن ٿا،. نڪاح ۽ نوڪري عمر ڀر جي نڀائڻ لاءِ ڪن ٿا. گلوب ۾ هڪ ٻي ڳالهه به ڌيان تي چڙهي ٿي. ملائيشيا جي هوٽلن، وڏن دڪانن يا سپر مارڪيٽن ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريون گهڻو ڪري چينياڻيون آهن. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ ملئي يا انڊين (تامل، گجراتڻ يا سکڻي) هوندي. اهو ان ڪري آهي جو چيني مردن وانگر چيني عورتون توڙي ڇوڪريون تمام گهڻو پورهيت ۽ جفاڪش آهن. ٻيو ته هتي پئسي وارا چيني آهن. دڪان يا مارڪيٽون به انهن جون آهن. ظاهر آهي هو ڌارئين قوم جي ماڻهن کي رکڻ بدران پنهنجي جيون چينياڻيون ئي رکن ٿا. پر گلوب سلڪ اسٽور ۾ ڪم ڪندڙ سيلز گرلس ۽ ڪئشير ڇوڪريون ڀانت ڀانت جون نظر اچن ٿيون. جيتريون چيني آهن اوتريون ئي ملئي تامل، سک وغيره پڻ.
ملاڪا جي هڪ همراهه  مونکي ٻڌايو هو ته اهو دڪان ـــ گلوب سلڪ اسٽور ڪشو ڄيٺانند نالي هڪ هندو سنڌيءَ جو آهي. ان بعد هڪ ڏينهن اخبار ۾ ملائيشيا جي ڏهن اهم واپارين جا نالا آيا هئا، جن ۾ ڪشو ڄيٺانند پڻ هڪ هو، جنهن هن ملڪ جي ايڪانامي کي مٿڀرو ڪرڻ ۾ نمايان خدمت سرانجام ڏني آهي. پاڻ تان سري ڪشو سڏجي ٿو. خانبهادر، راءِ بهادر ۽ سر جي خطابن وانگر تان سري (Tan-Seri) هتي جي سلطانن ۽ بادشاهه طرفان ملندڙ خطابن مان هڪ آهي. سنڌ کان اچي ڪنهن همراهه جو هتي جي چيني واپارين سان مقابلو ڪرڻ ۽ ملئي حاڪمن کان خطاب حاصل ڪرڻ اهڙي تهڙي ڳالهه ناهي. ساڻس ملڻ ۽ انٽرويوءَ وٺڻ لاءِ دل چيو پر اسان جهڙن نوڪر پيشه ماڻهن کي نوڪريءَ تان  موڪل ڪٿي ۽ جي موڪل کڻي وٺ ته ڪوالالمپور پهچي ٻين ڪم ڪارين کان فرصت ڪٿي ۽ ساڳي وقت ڪنهن وڏي واپاريءَ کي ـــ جنهن جا ڏهه ڌنڌا ٽڙيل پکڙيل هجن، ان کي ڳولڻ ڏکيو ۽ ملڻ تي ان کان واندڪائيءَ جو وقت وٺڻ ان کان به وڌيڪَ ڏکيو سو جيتوڻيڪ گلوب ۾ هر مهيني ڏيڍ خريداريءَ لاءِ وڃڻ ٿيندو هو پر ان جي مالڪن سان ملڻ جو ڪڏهن به سوچي نه سگهيس.
گذريل دفعي گلوب سلڪ اسٽور جي ٽين يا چوٿين ماڙ تي ٻن همراهن کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو ڏسي پڇيومان ته هو ڪٿي جا آهن؟
”اسين ته هتي جا ئي آهيون. توهان پاڻ؟“
”آئون به هتي جو ئي آهيان. ملاڪا کان آيو آهيان.“
”اڇا.“ چئي هو به پنهنجي ۾ لڳي ويا.
موٽڻ مهل انهن مان هڪ جنهن جو نالو پمو هو وري ملي ويو، بلڪه مونکي ويندو ڏسي سڏ ڪيائين.
”توهان هتي جا ئي آهيو يا ڪنهن ٻئي ملڪَ کان آيل آهيو؟“ هن قربائتي نموني سان پڇيو.
”سائين، پاڪستان کان آيو آهيان. ڪجهه سالن کان هتي نوڪري ڪري رهيو آهيان.“
”اها ڳالهه ڪريو.“ پموءَ چيو، ”هتي جيڪي به سنڌي رهن ٿا، انهن کي اسان چڱيءَ طرح سڃاڻون ٿا. توهان کيڪار ڪري لنگهي ته ويائو پر آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته من تي جو نه پيا اچو سو پڪ ٻاهران آيل آهيو.“ پموءَ پنهنجي واقفيت ڪرائي ته هو هن دڪان ۾ ريٽلر مئنيجر آهي.
”مون هن دڪان جي مالڪ ــ تان سري ڪشوءَ جي ڪاميابيءَ جو اخبار ۾ پڙهيو هو.“ مون ٻڌايومانس. ايتري ۾ هڪ عورت پموءَ کان ڪجهه اچي پڇيو. ۽ پوءِ اهو محسوس ڪندي ته اسان اڳهين ڳالهايو پئي، ملئي زبان ۾ Maafkan Saya (مون کي معاف ڪجو) چيو ۽ پموءَ ان جي ڄاڻ ڪرائڻ لاءِ ٻڌايو: ”هيءَ مسز ڪشو ڄيٺانند آهي.“
”توهان جي مڙس بابت ملاڪا ۾ ”مونا انڊسٽريز“ جي مئنيجر مسٽر ويرمانيءَ ٻڌايو هو.“ مون کيس چيو.
”هن جو ئي نالو  مونا آهي.“ پموءَ ٻڌايو، جنهن جي نالي سان اسان جي اها فئڪٽري آهي ۽ هاڻ پيوٽر (Pewter) جو سامان پڻ مارڪيٽ ۾ آڻي رهيا آهيون.“
پيوٽر ٻن ڌاتن جو مڪسچر ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٽين (Tin) اهم ڌاتو هوندو آهي. هن مان ٺهيل چانديءَ جهڙيون اڇي رنگَ جون شيون ۽ سووينئر هتي ايترو ئي مشهور آهن، جيترو اونيڪس (سائي رنگ جو پٿر) جون شيون پاڪستان ۾ يا ٽامي ۽ پتل جون هندستان ۾. پموءَ ۽ مونا سانتيڪو ويهي خبرون چارون ڪرڻ چاهيون ٿي. هنن مونکان منهنجو پروگرام پڇيو.
”بس هتان پوءِ واپس ملاڪا موٽڻ چاهيان ٿو.“ مون کيس ٻڌايو.
”لنچ ڪٿي ڪندين؟“ پموءَ مون کان پڇيو.
”لنچ هتي ئي تنڪو عبدالرحمان روڊ تي پاڪستاني هوٽل شيراز ۾ يا ائين هلندي چلندي ڪجهه کائي ملاڪا هليو ويندس.“
”پوءِ اسان جي ئي هوٽل تي ڇو نٿا کائو.“ مونا چيو، ”مون ٻن ٽن ٻين کي به لنچ تي گهاريو آهي.“
آئون سوچڻ لڳس.
”هيءَ هوٽل مٿي ڇهين فلور تي آهي. توهان ڪڏهن اتي نه آيا آهيو ڇا؟“ پموءَ پڇيو.
” آيو آهيان ۽ هينئر به ڪافي پيئڻ لاءِ اوڏانهن ئي ويس پئي.“
”دير نه لڳندي. بس توهان هلو ته آئون به پيئي اچان.“ مونا چيو.
”خير ايترو جلديءَ ۾ آئون به نه آهيان. مونکي پاڻ توهان سان ملي خوشي ٿي آهي. پر جيڪر توهان جي مڙس سان به ملاقات ٿي وڃي ته ڏاڍو سُٺو.“
”ڪشو به اتي اچي ويندو يا آفيس ۾ ئي ملونس ٿا.“
ان ماڙ تان نڪري، جھنڊين جي جھالر هيٺان لنگهي هڪ ماڙ ٻي مٿي آيس. ڪاغذن جو ڦڙڪندڙ جھنڊيون، ڪرسمس ڊي ويجھو اچڻ جي خوشيءَ ۾ لڳايون ويون هيون. ملائيشيا ۾ ڪيترا ئي چيني ۽ انڊين تامل عيسائي آهن. ڪن جهنڊين تي ”سلامت هري ڪرسمس“ (يوم ڪرسمس مبارڪ) لکيل هو ته ڪن تي ملائيشيا جو جھنڊو ٺهيل هو ۽ ان هيٺان اڄڪلهه عام هلندڙ نعرو ملائيشيا جون ٺهيل شيون خريد ڪريو ـــ “Belilah Barang Buatan Malaysia”
رهيل سامان ان ماڙ تان خريد ڪري، لفٽ ذريعي ڇهين فلور تي پهتس جتي گلوب سلڪ اسٽور وارن جي سيلف سروس ريسٽورنٽ آهي ــ جتي پڻ گلوب دڪان وانگر هر وقت ماڻهن جا ميڙ رهن ٿا. جهڙي نموني سان ڪشوءَ ”ٿورو فائدو گهڻو وڪرو“ جو اصول دڪان سان لاڳو رکيو آهي. اهڙيءَ طرح سندس زال مونا ساڳيو اصول هن هوٽل سان پڻ وابسته رکيو آهي، جنهن جو سڄو بندوبست سندس هٿ ۾ آهي. هتي هر هڪ پنهنجي پسند جي شيءِ چونڊي آخر ۾ ڪائونٽر تي ويٺل همراهه کي ان جو بل پياري پوءِ بيهي يا ٽيبل تي ويهي کائي ٿو. کاڌي جون شيون ڪجهه اهڙي چونڊ جون رکيل آهن جو کائڻ وارو چاهي هتي جو ملئي، چيني، انڊين هجي يا ڪو فارينر ڌارئين ملڪ جو ـــ هن کي ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي پسند جو ملي ويندو. مثال طور ڌارين جي پسند سيون اپ، ڪوڪا ڪولا سان گڏ ملئي ماڻهن جي پسند گلاب جو شربت پڻ رکيل آهي. يورپين ۽ ٿڌن ملڪن کان آيل همراهن جي پسند چانهه، ۽ ڪافي پڻ آهي. ساڳي طرح جتي سئنڊوچ ۽ هئمبرگر نموني جون شيون آهن اتي مي هون ۽ نوڊل پڻ آهن، جيڪي چيني پسند ڪن ٿا ۽ ساڳي وقت ناريل ۽ ڀت جون مٺايون ۽ ناسي لما پڻ رکيل آهن جيڪي  ملئي ماڻهو پسند ڪن ٿا. ٻوڙن سان گڏ فراءِ ٿيل شيون پڻ آهن.
آءٌ ڪافيءَ جو ڪوپ، هڪ ڪيڪ جو چوٿو ۽ پلاءُ نموني جو ڀت کڻي جيسين پئسن واري ڪائونٽر وٽ پهتس تيسين مونا پهچي ويئي ۽ بل پيارڻ بنا قطار مان نڪري اچي ٽيبل تي ويٺاسين. پاڻ به ڪجهه کائڻ لاءِ کڻي آئي هئي ــ شايد سوپ ۽ ڀاڄي هئي، جنهن مان لڳو ته شايد هوءَ ويجيٽرينن هجي. کيس چيم: ”لڳي ٿو ته توهان انهن واپاري ماڻهن مان آهيو، جيڪي هر وقت پئسو ڳڻڻ ۽ ليکي چوکي ۾ غرق ٿيڻ بدران ڪجهه وقت ماڻهن سان به ڳالهائين ٻولهائين ٿا.“
دراصل مونا جهڙو ساڳيو حال سندس مڙس ڪشو ڄيٺانند جو آهي ـــ جنهن سان ٿوري دير بعد اتي ئي ملاقات ٿي. هونءَ ڪشوءَ جهڙي هيڏي وڏي واپاري ۽ فرمن جي مالڪ کي خلائن ۾ گم هجڻ کپي پر لڳي ٿو ته هنن جي نس نس ۾ سادگي سمايل آهي ۽ اهو جيڪو چوندا اهن ته پئسي کي ماڻهوءَ پٺيان ڊوڙڻ کپي ۽ نه ماڻهوءَ کي پئسي پٺيان، ان جو جيئرو جاڳندو مثال چوئيتاليهه ورهين جو ڪشو ڄيٺانند آهي، جنهن جو واسطو فقط هيڏي وڏي گلوب سلڪ اسٽور سان نه پر ٻين به ڪيترين ئي شين سان آهي.
اڄڪلهه جي واپاري لاهين چاڙهين کي ڌيان ۾ رکي ڪشوءَ هڪ ئي واپار ــ فقط دڪانداريءَ ۾ رهڻ بدران ٻين به ڪيترين ڳالهين ۾ هٿ پير پکيڙيا آهن ـــ جهڙوڪ جهازراني، بئنڪنگ، زمينداري، ڪارخانيداري ۽ ويندي ٿوري ٿوري سياست ۽ سماجي خدمتن ڏي پڻ ڌيان ڏنو آهي. پاڻ يونائيٽيڊ ايشين بئنڪ جو وائيس چيئرمين آهي ته M.I.C يونٽ ٽرسٽ جو ڊائريڪٽر پڻ. سئمپورنا هولڊنگس جو چيئرمين آهي ته يونائيٽيڊ اورينٽل انشورنس جو وائيس چيئرمين ۽ ملائيشين انڊسٽريل ڊيوولپمينٽ فائننس جو ڊائريڪٽر پڻ. مائيڪا هولڊنگس جو ڊائريڪٽر آهي ته سلينگور انڊين چيمبرس آف ڪامرس ۽ انڊسٽريءَ جو صدر پڻ آهي.
ڪوالالمپور جي هن گلوب سلڪ اسٽور جي نالي سان سندس هڪ دڪان سنگاپور جي هاءِ اسٽريٽ سينٽر ۾ پڻ آهي. ملاڪا ۾ مونا انڊسٽري نالي ڪپڙي جي فئڪٽري آهي ـــ جيڪا هن جڏهن ورتي ته سخت نقصان ۾ هئي.
”مون ان کي ان ڪري وٺي هلائڻ چاهيو ٿي.“ ڪشوءَ ٻڌايو، ”ته جيئن آئون پنهنجو اندازو لڳائي سگهان ته آيا مون ۾ ايتري همت ۽ واپاري قابليت به آهي جو هڪ ڀڙڀانگ ۽ ڏيوالي ۾ ٻڏل فئڪٽريءَ کي تاري فائدو ماڻي سگهان ٿو يا رڳو هلندڙ شيون هلائي سگهان ٿو.“
مونا انڊسٽري ۾ اڄڪلهه ايڪسپورٽ لاءِ روزانو اٺن کان ڏهه هزار قميصون ٺهن ٿيون، جيڪي آمريڪا يورپ ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ وڪرو ٿين ٿيون. اهي قميصون دنيا جي مشهور برانڊن لاءِ ٺهن ٿيون. جهڙوڪ: ليوي، Yves، سينٽ لورينس، پائي، بالا مائين، Guy Laroche، ۽ آمريڪا جي ائرو Arrow ڪمپنيءَ لاءِ.
مثال طور آمريڪا وارا آمريڪا ۾ ”ائرو“ قميصون ٺاهي هن پاسي جي ملڪن: سنگاپور، ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ انڊونيشيا ڏي موڪلڻ بدران ڪشوءَ جي هن فئڪٽري مونا انڊسٽريءَ مان ساڳي معيار ۽ مقابلي جون ٺهرائي، پنهنجي ٺپي ۽ نالن سان ڀر وارن ملڪن ۾ سپلاءِ ڪن ٿا. ائين ڪرڻ سان آمريڪا وارن کي به ڪيترا ئي فائدا رسن ٿا. جهڙوڪ: آمريڪا ۾ مزور گهڻو پگهار وٺن ٿا، ان بعد آمريڪا کان قميصون کڻائي هيڏانهن آڻڻ ۾ جهازن جو ڳرو ڀاڙو پوي ٿو ۽ ان کان علاوه وقت به لڳي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڪيتريون آمريڪا ۽ يورپ جون شيون اتي مهانگيون آهن پر هن پاسي سنگاپور، هانگ ڪانگ، ملائيشيا ۾ سستيون آهن.
”واپار لاءِ انسان ۾ گٽس جو هجڻ ضروري آهن.“ ڪشوءَ ڳالهه ڪئي، ”ٻي صورت ۾ هن لاءِ واپار مسئلو بڻجيو پوي. مونا انڊسٽريءَ کي مون کان اڳ چئن ماڻهن واريءَ واريءَ هلايو پر هو نا ڪامياب رهيا. مون اها فئڪٽريءَ خريد ڪري پهرين يڪدم مارڪيٽ جو جائزو ورتو ته ڪهڙي شيءِ جي گهڻي گهرج (Demand) آهي ۽ پوءِ ان موجب مال پيدا ڪري سڄي فئڪٽري جو نه فقط نقصان پر سيڙيل پئسو پڻ، ٻن سالن ۾ ڪڍي ورتو.“
منهنجو پيءُ چوندو هو ته:
“Don’t Take People for a Ride.” ڪشو ٻڌايو، ”بابي جو ان ڳالهه ۾ وشواس هو ۽ هميشه ان جي ئي پرچار ڪندو هو، ته جيڪڏهن توهان واپار ڪرڻ چاهيو ٿسا ۽ هميشه ان ۾ ئي رهڻ گهرو ٿا ته ايمانداريءَ کان ڪم وٺو. ايمانداريءَ جهڙي ڪا ٻي ڳالهه ئي ناهي Be Honest Nothing Else Pays in the Long Run ڇو جو هڪ دفعو ساک ٽٽي ته ماڻهوءَ جو هميشه لاءِ منهن ويو.“
تان سري ڪشوءَ پڙهائي ختم ڪري ۱۹۷۲ع ۾ پيءُ کان مليل دڪان ۽ مٿين فلاسافيءَ کي هلائڻ شروع ڪيو. اڄ ان جو وڪرو ۽ نفعو ڇهوڻو ٿي ويو آهي ۽ شيئر پنجاهوڻا ٿي ويا آهن.
لنچ بعد ڪشو پنهنجي آفيس ۾ وٺي هليو. جتي سندس ڪرسيءَ پٺيان سندس سرڳواسي پتا جي وڏي تصوير ٽنگيل آهي. جنهن جي نقش قدم تي ڪشو اڄ به پنهنجو واپار هلائي ٿو:
“I Made him my case study of how to do Business”
ڪشوءَ فخر سان ٻڌايو، ”منهنجو پيءُ ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ کان هتي آيو هو. اهو ۱۹۲۸ع جو سن هو. ان وقت سنڌ بمبئي صوبي سان مليل هئي ۽ گڏيل هندستان جو حصو هئي. تنهن زماني ۾ بابي وٽ فقط پنج سؤ رپيا هئا پر ٻن سالن اندر هن (Segamat) شهر ۾ گلوب سلڪ اسٽور نالي هڪ ننڍڙو دڪان کوليو. سيگامت شهر ۾ تن ڏينهن ۾ رٻڙ جي پوک جا ڪيترا ئي جاگيردار رهيا ٿي. منهنجي پيءُ دڪان ۾ اعليٰ قسم جو ڪپڙو رکيو ۽ ڪجهه سلڪ جو سامان ـــ جهڙوڪ رومال، ڪمونو وغيره. انهيءَ سلڪ جي سامان تان هن دڪان جي نالي ۾ ”سلڪ“ جو لفظ آيو.“
تان سري ڪشوڄيٺانند هتي سيگامت (ملائيشيا) ۾ ڄائو ۽ پنهنجي ننڍپڻ جا شروعاتي سالَ دڪان مٿان اڏيل مسواڙي گهر ۾ ئي گذاريا، جنهن جي سندس پيءُ ماهوار مسواڙ چاليهه ڊالر ڏيندو هو. ويجھڙائيءَ ۾ ئي اسڪول هوندو هو، جنهن ۾ ننڍپڻ جا گذريل سٺا ڏينهن کيس اڃا تائين ياد آهن.
سندن واپار ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو. پاڻ پنجن سالن جو هو ته سندس پيءُ ساڳي شهر سيگامت ۾ هن دڪان جي هڪ ٻي به شاخَ کولي. ۽ پوءِ هي جڏهن ٻارهن ورهين جو ٿيو ته سندس والد سيگامت مان لڏي ڪوالالمپور هليو آيو پر ڪشو ۽ سندس ٽن ڀيڻن کي تعليم پوري ڪرڻ لاءِ پٺيان سيگامت ۾ ڇڏيائون.
”منهنجي پيءُ کي تعليم جو تمام گهڻو اونو هوندو هو.“ ڪشوءَ ٻڌايو، ”هو چوندو هو ته واپار وڙو سڀ ضروري آهي پر ان کان اڳ علم پرائڻ تمام اهم آهي. ڪير کڻي ڪيڏو به وڏو امير، واپاري، جاگيردار هجي پر اولاد کي تعليم نه ڏيڻ وڏي غلطي آهي. منهنجي پيءُ عيب ٿي سمجھيو ته اسين اڻ پڙهيل رهون، ايتريقدر جون هن پنهنجن نوڪرن ۽ پورهيتن کي شامَ جي وقت انگريزي پڙهائڻ لاءِ هڪ رٽائرڊ ماستر رکي ڏنو هو.“
تان سري ڪشوءَ کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سندس پيءُ انگلينڊ موڪلڻ جو ارادو ڪيو. ڪاليج ختم ڪري يونيورسٽي وڃڻ لاءِ وچ ۾ جيڪي مهينا واندڪائيءَ جا مليا، تنهن ۾ هو کيس هانگ ڪانگ، جپان، آمريڪا ۽ انگلينڊ وٺي هليو.
”اهو پهريون دفعو هو، جڏهن مون پنهنجي پيءُ کي واپار ڪندي ڏٺو.“ هن ٻڌايو، ”آئون تڏهن اوڻهين سالن جو هوس، ۽ ان کان اڳ دڪانداري يا واپار کي مون ڇهيو به ڪو نه هو.“
انهن ڏينهن ۾ لنڊن ۾ ڪشوءَ جي پيءُ کي دل جو دؤرو پيو. ”ڊاڪٽرن مون کي چيو.“ ڪشوءَ ٻڌايو، ”تنهنجي پيءُ جي نازڪ حالت آهي. بهتر ٿيندو واپس ملائيشيا هليا وڃو.“
”ان ريت اڪيلو پٽ هجڻ ڪري مونکي ٻيا سڀ ڪم ڇڏي پيءُ جي خدمت چاڪريءَ لاءِ گڏ گڏ رهڻو پيو ۽ سندن نصيحتن ۽ صلاح سوليءَ موجب واپاري وڙي جو هر ڪم سکڻو پيو. نصيحتن ۽ صلاح سوليءَ موجب واپار وڙي جو هر ڪم سکڻو پيو. ۱۹۶۹ع ۾ بابي جي لاڏاڻي وقت منهنجي عمر اٺاويهه سالَ هئي.“
ان بعد ڪشوءَ نه فقط پيءُ جي طرفان ڇڏيل سموري واپار کي اڪيلي سر هلايو، پر ان ۾ ڪيترو ئي واڌارو آڻي هن منزل تي پهچايو.
”سڄي ڏينهن جي پورهئي بعد شامَ جو ساڍي ستين وڳي ڌاري گهر پهچندو آهيان.“ ڪشوءَ پنهنجي ذاتي زندگيءَ بابت ٻڌايو، ”روزانو گهر ۾ کائڻ پيئڻ جي دعوت يا دوستن سان گڏجاڻي رهندي آهي پر آئون سگريٽ نه پيئندو آهيان ۽ نه شراب. نه گهوڙن جي ڊوڙ کيڏان نه ڪا ڪا ٻي جوا جي راند. رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ ۽ ٽي ويءَ تان ڪجهه پروگرامَ ڏسڻ منهنجي خاص وندر آهي.

جت جر وهي ٿو جال ڪتاب تان کنيل



No comments:

Post a Comment