Thursday, September 05, 2013

هوٽل اورينٽل - الطاف شيخ

هوٽل اورينٽل
الطاف شيخ
گذريل دفعي پينانگ ۾ پينانگ روڊ تي اورينٽل هوٽل ۾ رهيس. ڀر ۾ هوٽل ملائيشيا، انٽر ڪانٽيننٽل، فيڊرل ۽ ائمبسڊر پڻ آهن. سڀئي هوٽلون، انهن ڏينهن ۾ ٽوئرسٽن جي همٿ افزائيءَ لاءِ پنجاهه کن سيڪڙو ڇوٽ ڇڏي رهيون هيون. ان حساب سان هوٽل جي ڪمري جي مسواڙ چاليهن کان سٺ ڊالر تائين ٿي ٿي. مون مٿئين ماڙ تي رهڻ چاهيو ٿي. اورينٽل هوٽل ۾ نائين ماڙ تي ڪمرو ملي ويو ــــ پنجيتتاليهه ڊالرن ۾ ــــ يعني اڍائي سؤ رپين ۾. مون ماستر ۽ ليکڪ ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي خرچَ تي رهڻ لاءِ اهو به مهانگو هو. جيتوڻيڪ ڪوشش ۾ هوندو آهيان ته اڃا به ڪا سستي رهائش ملي. پر پوءِ اهو سوچي خوش ٿي ويس ته اڄ کان ڇهه سالَ کن اڳ حيدرآباد جي هڪ هوٽل ۾ رات ٽڪيو هوس ته ان جي ئي مسواڙ، تڏهن، ٽي سؤ رپيا هئي. واڌو سروس ٽئڪس، گورنمينٽ ٽئڪس ۽ الائي ڪهڙا ڪهڙا ٽئڪس جيڪي پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ عام هجڻ ڪري ملڪي توڙي ڌاريون ٽوئرسٽ هوٽل ۾ رهڻ کان ٽهي  ٿو۔ ان کان علاوه بئري کي ٽپ، ڀنگياڻيءَ کي ٽپ ۽ هوٽل جي گيٽ تي بيٺل نوڪر کي ٽِپ ــــ ڇو جو اسانجي ملڪ ۾ ڪيترين ئي هوٽلن جا مالڪ پنهنجن ملازمن کي بنا پگهار جي رکن ٿا. انهن جو گذارو هوٽل ۾ رهندڙ مهمانن جي خرچيءَ تي ئي رهي ٿو.

اورينٽل هوٽل جو ڪمرو اميد کان وڌيڪ سٺو هو. لڳي ٿو ته  هوٽل هن سال نئين ٺهي هجي جو سندس ايئرڪنڊيشنر توڙي باٿ روم جا نلڪا ۽ فرش بهترين حالت ۾ هئا. پٽ تي ڀت کان ڀت تائين وڇايل غاليچو پڻ صاف سٿرو هو، جنهن تي ڪٿي به هاريل ڪوڪا ڪولا يا شرابَ جا داغَ نه هئا ۽ نه دکيل سگريٽ ڪِرڻ جا ٽنگ ٽنگ ــــ جيڪي هن پاسي جي هوٽلن ۾ھ عام هوندا آهن، ڪنڊ ۾ رکيل ٽي وي ۽ ٽيليفون ــــ ٻيو ڇا کپي.
دريءَ جو پڙدو ريڙهي ڏٺم. مون وارو ڪمرو هوٽل جي پٺ وارو هو. هيٺ هڪ وڏي مسجد هئي، جنهن جي هڪ حصي جي مرمت هلي رهي هئي يا عيد ويجهي هجڻ ڪري رنگ روغن ٿي رهيو هو. مسجد جي در مٿان مسجد جو نالو ملئي زبان (رومي ۽ جوي لکڻي) ۾ ”مسجد بنگالي“ پينٽ ٿيل هو. ڀر ۾ پارڪنگ جي جاءِ هئي، جتي هوٽل ۾ اچڻ وقت ڪار پارڪ ڪري آيو هوس. پارڪنگ جو Jaga (ملئي لفظ. . معنيٰ: اوجاگو ڪندڙ يعني چوڪيدار) عثمان نالي هڪ ملباري هو ــــ جنهن جا ابا ڏاڏا ضرور  ڪنهن دور ۾ انڊيا جي ملبار ڪناري کان هتي آيا هوندا. امام واري ڪمري ۾ جيڪو اڇي وڏي چاپئين ڏاڙهيءَ سان همراهه اچي وڃي رهيو هو سو ملئي نٿي لڳو. ”پڪ بنگالي يا ننڍي کنڊ جي ڪنهن ٻئي صوبي جو هوندو.“ مون سوچيو ۽ پني تي نوٽ ڪيو ته ٻئي ڏينهن ڪار ڪڍڻ کان اڳ پهرين ان مسجد ۽ امام بابت ڪجهه احوال معلوم ڪندس.
دريءَ کي پردو ڏيئي هڪ دفعو وري ڪمري جو جائزو ورتم. لکڻ جي ٽيبل مٿان، هوٽل جي انتظاميه طرفان ايندڙ مهمان لاءِ انگريزي، ملئي ۽ چيني زبانن ۾ سرڪيولر (اطلاع) لڳل هو: ”ڪمري مان ٽوال، چادر، فريم ٿيل تصوير يا ٽيبل ليمپ کڻڻ جي  منع آهي.“ سو مون فقط ائش ٽري ماچيس، هوٽل جي نالي واري پين ۽ لفافا کڻي بئگ ۾ وڌا. ۽ پوءِ ٽي وي آن ڪري سامهون ڪوچ تي ويٺس. RTM 2 تي ڪا هندي (انڊين) فلم هلي رهي هئي، وڌاتا، چڱي دلچسپ لڳي ٿي. پر ڪافي هلي چڪي هئي. فلم جو هيرو نرگس جو پٽ سنجي دت هو ۽ هيروئن پدمني ڪولها پوري هئي ــــ جيڪا انگلينـڊ جي راڻي ايلزبيٿ جي پٽ چارلس کي، پبلڪ ۾ چمي ڏيڻ کان مشهور آهي، جڏهن هو سرڪاري دوري تي هندستان گهمڻ آيو هو. فلم ۾ هيرو جو ڏاڏو دليپ ڪمار ٿيو هو، جيڪو نه فقط گذريل دور ۾ ننڍي کنـڊ جي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو رهيو پر اڄ به سندس بهترين ائڪٽنگ جي تعريف ڪئي وڃي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته وڏي عمر ڪري هاڻ هو هيرو بدران پيءُ يا پوڙهي جو پارٽ ادا ڪري ٿو، جيئن هن فلم وڌاتا ۾ ڏاڏي جو رول ڪيو آهي. هن فلم (وڌاتا) ۾ هڪ ٻي اهم شخصيت شمي ڪپور به نظر اچي رهيو هو.
ڪنهن زماني ۾ ۱۹۶۸ع، ۱۹۶۹ع ۽ ۱۹۷۰ع ڌاري، هي بم گولي جهڙو شمي ڪپور اسان جهازين جو من پسند هيرو هوندو هو ۽ دلين تي رراڄ ڪندو هو. ۽ هيروئنن مان آشا پاريک، وحيده رحمان ۽ نواب پٽوديءَ جي زال شرميلا ٽئگور ۽ سنڌي ائڪٽريسن: ساڌنا ۽ ڪمود ڇڳاڻيءَ جا ڪئلينڊر ۽ فريم ٿيل فوٽو براڊ فورڊ، بمبئي، ڪراچي، ممباسا، دبئي ۽ ڪيپ ٽائون جهڙن شهرن جي فٽ پاٿن تي وڪامندي نظر ايندا هئا ۽ اهي انڊين پڙدي جون پريون جويون يا قابل قبول هيروئنون سمجهيون وينديون هيون. شمي ڪپور جي فلم ”ايوننگ ان پئرس“ لبنان جي شهر طرابلس (هڪ طرابلس لبيا ۾ به آهي) ۾ لڳي ته ان کي ڏسڻ لاءِ اسان بيروت کان بس ۾ چڙهي، هلي ملي فلم ڏسڻ لاءِ طرابلس ويا هئاسين. (تن ڏينهن ۾ وي سي آر اڃا نه نڪتو هو جو فلم جهاز تي گهرائي ڏسجي) اڄ ڪنهن کي ٻڌائجي ته پندرهن سورهن سال اڳ ششي ڪپور جو هي ٿلهو ڀاءُ شمي ڪپور اسان  جهازين جو دلپسند هيرو هو ته  ڪو يقين ئي نه ڪندو. بهرحال اها ٻي ڳالهه آهي ته شمي ڪمپور فلمي دنيا ۾ ڪو گهڻو نه چمڪيو. سال ڏاڍي بعد راجيش کنا سڀني کان اڳڀرو نڪري ويو. ۽ پوءِ جڏهن جو جهاز ڪولمبو، سنگاپور ۽ ڪوالالمپور جهڙن بندرگاهن ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته ان جي فلمن لاءِ سئنيما هالن ۾ چڱا چڪر هڻندا هئاسين. ٽڪيٽ گهرن اڳيان چڱين ڊگهين قطارن ۾ چڱو وقت وڃايوسين. انهن ڏينهن جي هڪ فلم: ”هاٿي ميري ساٿي“ اڄ به ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ مشهور آهي ۽ ماڻهن جي ”پر زور اسرار“ تي ملائيشيا جي ٽي ويءَ تان گذريل مهيني ڏيکاري ويئي هئي.
راجيش کنا سان گڏ اميتاڀ بچن تمام گهڻي پئماني ۽ تمام گهڻي عرصي لاءِ مشهور ٿيو ۽ اڃا تائين ڪو ٻيو ان کان اڳڀرو نه نڪتو آهي.
ٽي وي تي شمي ڪمپور هن وقت ڪجهه ڊائلاگ ڳالهائي رهيو آهي. ٽي ويءَ جي اڌ اسڪرين سندس پيٽ ولاري ڇڏيو آهي ۽ اڌ سندس ڳري منهن ۽ ملئي زبان جي ترجمي. اسان جي ڪنهن زماني جي دلپسند هيرو کي خبر ناهي ڪهڙين مٺاين، پٽاٽن ۽ گهريچي گيهه مکڻن يڪدم ههڙو بڻائي ڇڏيو. اٿي ٽي وي بند ڪريان ٿو ۽ ڪرسيءَ تان وڏو ٽوال کڻي وهنجڻ لاءِ باٿ روم ۾ گهڙان ٿو.
ڪجهه ڏينهن اڳ عنايت بلوچ جو سفرنامو ”پرين جي پرديس“ پڙهيو هوم. هو به هن شهر پينانگ ۾ رهي ويو آهي. بلڪه هن ئي هوٽل اورينٽل ۾. ڪمرو خبر ناهي هي هجي يا ڪو ٻيو. ڪجهه مهينا اڳ ڪراچيءَ کان منير چانڊيو پڻ هتي پينانگ ۾ آيو هو. هو به هن ئي هوٽل ۾ رهي ويو. ٿي سگهي ٿي هن ئي ڪمري ۾ رهيو هجي پر زمان ٻيو هو. پنهنجي وطن کان دور اهو سوچي ڪيڏو عجيب لڳي رهيو آهي.
پينانگ اچڻ کان اڳ، پينانگ جي هڪ اديب وڪيل دوست سشيل راجيندرا (Cecil Rajendra) کان رهائش جو پڇيو هوم ته هن پڻ هن هوٽل جو نالو ورتو. ”منهنجا اديب دوست اڪثر اورينٽل هوٽل ۾ ئي اچي رهندا اهن.“
آئون جيتوڻيڪ بي خياليءَ ۾ هن هوٽل ۾ اچي نڪتس پر هاڻ سوچڻ لڳس ته هن هوٽل ۾ عنايت بلوچ، منير چانڊئي کان علاوه خبر ناهي ٻيا ڪيترا ۽ ڪهڙا اديب، شاعر، پاڪستان، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن کان هتي رهي ويا هوندا.
وهنجڻ بعد، سيشل راجيندرا کي فون ڪري پنهنجي اچڻ جو ٻڌائي کانئس خبرچار ورتم. ملائيشيا جو هي شاعر راجيندرا پينانگ ۾ ئي ڄائو. شروعاتي تعليم سينٽ زئويئر (St-Xavier) انسٽيٽيوٽ مان وٺڻ بعد يونيورسٽي آف سنگاپور مان تعليم حاصل ڪيائين ۽ ان بعد لنڊن جي مشهور ڪاليج ”لنڪن ــــ ان“ مان بئسريٽر آف لا ۱۹۶۸ع ۾ پاس ڪيائين. لنڊن ۾ تعليم دوران پاڻ مختلف پورهيا ڪيائين. هو بورچي ٿي رهيو، نوڪر، مزور، مارڪيٽ ريسرچر، ۽ پوءِ قانوني صلاحڪار پڻ. اڄڪلهه هو پينانگ شهر ۾ ئي وڪالت ڪري ٿو. ان سان گڏ فٽ بال کيڏي ٿو ۽ انگريزيءَ ۾ شاعري پڻ ڪري ٿو. سندس شاعريءَ جا ڪجهه مجموعا پڻ ڇپجي چڪا آهن جن مانBones & Feathers  ۽
Hour of Assassins  بيحد مشهور آهي. بلڪه منهنجي ساڻس واقفيت به سندس ڪتابن معرفت ٿي هئي. سندس ٻه مشهور آزاد نظم جيڪي هن وقت مون وٽ لکيل آهن:
HUSTLERS

Baggers
Cockroach our city
Politicians
In their Mercedes
Whizz by in luxury
As long
As one man
Has no shirt
And his M.P.
Has Two....
Count me out
Of any party!

COST OF LIVING

Ever since I was born
Everyone’s been complaining
How the cost of living
Just keeps soaring:
Tea from Ceylon
Rice from Burma
Coffee from Brazil
Sugar from Jamaica
Butter from New Zealand
Meat from Argentine
Yes, there’s no denying
The cost of living
Has been rising
Ever since I was born
Yet, U haven’t heard
A single complaint
Since the day I arrived
How the price of human lives
Has been taking a nose – dive.
In Hiroshima
Nips never went cheaper
So did the Jews in Auschwitz
Black – as you know
Are pretty cut – price everywhere
Harlem or South Africa
Makes no difference where you pick your nigger.
The cost of a Cong keeps dropping in Saigon.
Babies from Biafra were offered as free gifts.
Not to mention the latest nominal sum
We paid for 3 million Bengalis.
Ever since I was born
The cost of living
Has been getting rather steep
The cost of a life
Has never been so cheap!
جت جر وهي ٿو جال ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment