منهنجي زال کي اهڙو پير مرشد به نه سمجهه...!
الطاف شيخ




آئون عليءَ کان اهو ته نه پڇي سگهيس ته ٻين جي جهيڙي ڪري هن جي ڪيفي ڇو بند ڪرائي وئي. ڪجهه مون کي اهو ئي لڳو ته علي ملائيشيا جو شهري ته نه آهي جو هو هن ملڪ ۾ بزنيس ڪري سگهي. هن اڪيلي يا ٻين سان گڏجي اها ڪيفي ماٺ مٺوڙي ۾ هلائي هوندي ۽ ان وقت دنيا جي ملڪن ۾ اميگريشن جا قاعدا قانون اڄ جهڙا سخت نه ٿيا هئا. ايتري قدر جو هاڻ ڪڏهن ڪڏهن رستي هلندڙ غير ملڪي ماڻهن جي پاسپورٽ جي به چڪاس ٿئي ٿي، نه ته جنهن دور ۾ اسان رهياسين ان ۾ ملائيشيا ته ڇا پر آمريڪا ۽ جپان ۾ به ڪڏهن واٽ هلندي پاسپورٽ چيڪ نه ڪيو ويو. ها البت پاسپورٽ جي چڪاس ان وقت ضرور ٿيندي هئي جڏهن ڪو حادثي ۾ Involve ٿيندو هو يا سرڪاري اسپتال مان دوا وٺڻ وڃبو هو. مون کي ياد آهي ته 1966ع ۾ سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ جا ٻه نوجوان هفتي کن جي لاءِ آمريڪا گهمڻ آيا ۽ پوءِ اتي ئي رهي پيا ۽ هڪ هوٽل ۾ ٿانون ڌوئڻ جو ڪم ڪري چڱو پئسو ڪمائيندا رهيا. ٻن ٽن سالن بعد هڪ ڏينهن هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ مڪاني شيدي پاڻ ۾ وڙهي پيا. پوليس اچي وئي ۽ وٺ پڪڙ ۾ هنن همراهن کي به پوليس ٿاڻي تي وٺي آئي ۽ Valid ويزا نه هجڻ ڪري هنن کي پنهنجي وطن ٿي موڪليو. پر انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جيڪو فارين منسٽر هو نيويارڪ ۾ آيل هو، جنهن وٽ هي ٻئي هلي ويا. ڀٽي صاحب کين واپس موٽڻ کان بچايو ۽ کين قانوني طرح نوڪري ڪرڻ جي اجازت وٺي ڏني. هنن ٻنهي نوجوانن سخت پورهيا ڪري پئسو بچائي نه فقط پنهنجي ملڪ ۾ گهرگهاٽ ۽ زمينون خريد ڪيون پر پنهنجي ٻارن کي خوب پڙهايو. منهنجو جهاز آمريڪا ويندو هو ته منهنجي هنن سان ملاقات ٿيندي هئي. ڪيترائي دفعا هنن منهنجي هٿان پنهنجي ٻارن ڏي پئسا موڪليا ٿي. اڄ هو گذاري ويا آهن پر سندن اولاد مان ڪجهه وطن ۾ وڏين نوڪرين تي آهي ته ڪجهه آمريڪا جي ٻن شهرن ۾ ڪاروبار ڪن ٿا. سو عليءَ جي ڪيفي بند ٿيڻ جو ٻڌي مون کي ائين لڳو ته هن سان به ڪجهه ان قسم جي بدقسمتي ٿي هوندي.

”آئون سيالڪوٽ کان سامان گهرائيندو آهيان“، عليءَ وڌيڪ ٻڌايو هو؛ ”۽ پوءِ اولهه ملائيشيا جي يارهن رياستن مان هر هڪ ۾ مهينو مهينو رهي اهو سامان وڪڻندو آهيان. ٻارهون ۽ آخري مهينو ملائيشيا جي گادي واري شهر ڪوالالمپور ۾ گذاريندو آهيان.“
”پوءِ ڀلا مختلف رياستن جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي رهين؟“ مون عليءَ کان پڇيو هو.
”سائين اسان ماڻهو ڪو هوٽل ۾ رهنداسين. هوٽلن ۾ جي رهون ۽ کائون پيئون ته پوءِ ته مُور به نه نڪري. بس وئن ۾ سمهي رهندا آهيون. سڄي ڏينهن جي هل هلان بعد اهڙو ٿڪل هوندو آهيان جو فٽ پاٿ تي ليٽان ته ان تي به ننڊ کڻي وڃي“.
عليءَ جي ان جاب ڪري جنهن ۾ هن کي ملائيشيا جي هر رياست ۾ مهينو مهينو کن گذارڻو پيو ٿي، مون کي اهو فائدو ضرور ٿيو جو ڪنهن پراڻي دوست جي خبر چار يا نئون پتو ڳولڻو پيو ٿي ته عليءَ کي email يا فون ڪيم ٿي. انهن ڏينهن ۾ (۽ اڃان به پاڪستان کان ملائيشيا) فون ڪرڻ مهانگو هو ۽ آهي. سو email گهڻو استعمال ڪيوسين ٿي. ملاڪا ۾ منهنجو هڪ ’ڪن، نڪ ۽ ڳلي‘ جو ماهر ڊاڪٽر اسحاق دوست هو. منهنجي ملاڪا ڇڏڻ وقت هو ڪوالالمپور هليو ويو هو. پنهنجي پهرين گهر جي ائڊريس ڏنائين پر مون سال ڏيڍ تائين هن سان خط و ڪتابت نه ڪئي ۽ جڏهن بعد ۾ مون هن جي خبر لهڻ چاهي ته معلوم ٿيو ته هو ڪوالالمپور ڇڏي چڪو آهي. ڊاڪٽر اسحاق جا وڏا ڏکڻ هندستان کان ملائيشيا آيا هئا ۽ پاڻ ملاڪا ۾ ئي ڄائو نپنو ۽ سنگاپور ۽ انگلنڊ مان پڙهيو. سندس زال ملائيشيا ۾ رهڻ ۾ خوش نه هئي. هن آسٽريليا يا نيوزيلينڊ ۾ Settle ٿيڻ چاهيو ٿي. سو مون کي لڳو ته هو اوڏانهن ئي هليا ويا هوندا. ملاڪا ۾ سندن ٽي ماڙ پرائيويٽ اسپتال هئي، ان بابت به ٻڌم ته اها هن ڪڏهوڪو وڪڻي ڇڏي. هڪ ڏينهن عليءَ کي ڊاڪٽر اسحاق بابت email ڪيم.
علي کان اڪثر فون تي يا ڪڏهن ڪڏهن اي ميل تي شاديءَ جو پڇندو رهندو هوس ته؛ ”علي شادي ٿي؟“
”بس سائين ڄاڻ ته ٿي“. هن جواب ڏنو ٿي.

هڪ سال ائين ٿيو جو مون کي ملڪ کان يڪا ٻه ٽي هفتا ٻاهر رهڻو پيو. ممبئي يونيورسٽي وارن مون کي سنڌي سفرنامي تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ هفتي کن جي دعوت ڏني ۽ اهڙي هفتي ڏيڍ جي ساڌو واسواڻي مشن وارن پوني ۾ سندن مهمان ٿي رهڻ جي دعوت ڏني، جو هو دادا جشن جو 90 جنم ڏينهن ملهائي رهيا هئا ۽ ”صوفي ازم“ تي سيمينار پڻ ڪري رهيا هئا. اتان پوءِ ايران مان ٿيندو ڪراچي پهتس ته خبر پيئي ته علي هفتي ڏيڍ کان ڪراچي آيل آهي. مون فون ڪيومانس ته چوڻ لڳو ته هو زال سان گڏ مون وٽ اچي رهيو آهي. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مون سندس ڊنر لاءِ پنهنجي زال کي چيو ته ناسي ڪنيت، بيف رڊانگ ۽ مي گورينگ جهڙا ملئي ڊش ئي ٺاهجانءِ. مون اهو پئي سوچيو ته اڃان تائين هوءَ اڙدو يا سنڌي ته نه سکي سگهي هوندي پر اسان وٽ هوءَ انگريزي يا پنهنجي مادري زبان ملئي ۾ ئي گفتگو ڪري سگهي ٿي. هونءَ به اسان هن ملئي ڇوڪري (ڪنوار) کي اهم ٿي سمجهيو، جو هن جي ڪري اسان جي هم وطن عليءَ کي ملائيشيا ۾ رهڻ ۽ روزگار ڪمائڻ جو موقعو مليو. ماڻهو ته يورپ مان خبر ناهي ڪهڙين ڪهڙين عورتن سان وڃيو شاديون ڪن. هيءَ ته وري به اسان جي مشرقي ڪلچر جي ٿي. مون کي ملائيشيا جو پهريون واقفڪار فارينر مسٽر ڪريم ياد آيو جيڪو ملاڪا بندرگاهه جو هاربر ماسٽر هو. پاڻ انگريز آهي ۽ سندس اصلي ڄم جو نالو ته ڪو ٻيو هو پر پوءِ ملاڪا جي ملئي مسلمان ڇوڪريءَ سان شادي ڪري مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو اسلامي نالو عبدالڪريم رکيو. اسان ساڻس چرچو ڪندا هئاسين ته ”ڪريم تون مسلمان ته ٿيو آهين پر شراب ۽ سوئر کائڻ به ڇڏي ڏنئي يا نه؟“
هو ڪنن تي هٿ لاهي توبهه استغفار ڪندو هو ۽ چوندو هو؛ ”يارو منهنجي زال جيڪڏهن ڪنهن ٻئي مسلمان ملڪ جي هجي ها ته شايد مون کي نه سڌاري سگهي ها پر ملئي عورتن لاءِ مشهور آهي ته هو پيار محبت ۽ دليل بازي سان مڙسن کي راهه راست تي آڻيو ڇڏين.“
”۽ ڪئپٽن ڪريم هن جي ڪري تون ملئي زبان به سکي وئين“. اسان چوندا هئاسين.
”سرڪار هاڻ منهنجي زال کي اهڙو پير مرشد سمجهي هر ڳالهه جو ڪريڊٽ هن کي نه ڏيو“، ڪئپٽن ڪريم چوندو هو؛ ”ملئي زبان مون ملاڪا ۾ اچڻ سان پهرين ٽن مهينن ۾ سکي، ان وقت ته منهنجي زال خبر ناهي ڪٿي، شايد ڪوالالمپور جي يونيورسٽي ۾ گرئجوئيشن ڪري ر هي هئي. هتي اچڻ کان ٽي سال رکي پوءِ منهنجي شادي ٿي.“
بهرحال لورپور (انگلنڊ) جي سهڻي ۽ سمارٽ انگريز ڪئپٽن جو ملائيشيا ۾ اچي هڪ ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ۽ ان کان اڳ هن سان هلندڙ عشق جي ڪهاڻي ته ڪنهن ٻئي موقعي تي هن سفرنامي يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي سفرنامي ۾ ضرور ڪبي. هتي پاڻ روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ۾ شير محمد سولنگي جي گهر ۾ 1971ع ۾ جنم وٺندڙ غلام علي سولنگي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جنهن پڻ هڪ ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ اڄ هو پنهنجي ڪنوار سان اسان جي گهر رات جي ماني تي اچي رهيو هو.
طئي ڪيل وقت مطابق علي پنهنجي زال سان گڏ اسان جي گهر آيو. اسان هنن کي ڊرائنگ روم ۾ ويهاري خبر چار ڪئي. علي جي زال نه فقط پاڪستاني وڳي يعني سٿڻ قميص ۾ اڙدو ڳالهائي رهي هئي پر شڪل ۾ اسان جهڙي هئي يعني جيئن اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو آهيون. ملئي ماڻهن جو نڪ نقشو ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ٿائلنڊ، انڊونيشيا، ڪمپوچيا ۽ فلپين جي ماڻهن سان ملي ٿو.
اسان سندس ڪنوار اڳيان اهو پڇي نه سگهياسين ته هن کي ڇا ملائيشيا مان نڪرڻو پيو ۽ اهو به نه پڇي سگهياسين ته هن ملئي ڇوڪريءَ جو ڇا ٿيو جنهن سان هن شادي ڪرڻ جو ارادو رکيو ٿي ۽ هونءَ به اهي ذاتي سوال آهن جن بابت ڪنهن کان ڇا پڇجي. هر هڪ جا پنهنجا مسئلا آهن ۽ پنهنجيون سوچون آهن. هونءَ به علي ڪو قدم کڻڻ کان اڳ صلاح مشورو پڇي ها يا پنهنجي ڳالهه ڪري ها ته پوءِ ضرور اسان به کانئس پڇون ها. هاڻ ته جيڪي ٿي گذريو سو ٿي گذريو. پر اهو آهي ته عليءَ جون ٻيون ڳالهيون ۽ ڪم سڀ سون برابر پر سندس هي ڪم اسان کي عجيب لڳو ته علي اهڙي قسم جو ماڻهو ته نه آهي. بهرحال اسان جي هونءَ به ٻي ٽين مهيني email ذريعي عليڪ سليڪ ٿي جنهن مان اهو معلوم ٿيو ته هو واپس ملائيشيا هليو ويو آهي ۽ ڪجهه مهينن بعد پنهنجي زال کي به گهرايو اٿس.

ڀلو منهنجو ڪتاب سنڌ جو
ReplyDeleteانهي تي تڪليف ڪريان ٿو ته آئون هڪ قرض کان هڪ گهر وٺڻ لاء هڪ قرض حاصل ڪري سگهان ٿو ۽ الڪڪرر قرض جي فرمايو ويو آهي. آئون ٺيڪ آهيان خدا جو شڪر ۽ خدا جو رسس لوان ڪمپني.
،
منهنجو نالو عبدالله آهي، مان روهڙي پاڪستان جي شهر آهيان. آئون گذريل 5 مهينن تائين حقيقي قرض ڪمپني جي ڳولا ڪري رهيا هوم
مون کي انهن جون اسڪيمون ملي وئي جن کي مون تي اعتماد ڪرڻ ۽ آخر ۾
ان ڏينھن اھي اھي پئسا آھن، موٽڻ کان سواء ٻيو ڪجھہ ڪم ڪري ورتو
منهنجي اميد وڃائي وئي، مون کي پريشان ۽ مايوس ٿي وئي، مون کي ڪڏهن به پورٽ ڪمپنيون سان انٽرنيٽ تي ڪا ڪم ڪرڻ نه چاهيندو هو، تنهن ڪري آئون هڪ کان
دوست، مون کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو هو ۽ هوء چيو ته هوء مون سان مدد ڪري سگهي ٿي
هوء هڪ قرض ڪمپنيء کي ڄاڻي ٿو جيڪا مونکي ڪنهن به قرض جي مدد سان مدد ڪري سگهي ٿي
مون کي ضرورت آهي ته 2٪ جي تمام گهٽ دلچسپي جي شرح جي ضرورت آهي، جيڪا هوء صرف هڪ
ان کان قرض، هوء مون کي هدايت ڪئي ته قرض جي لاء ڪيئن درخواست ڪئي وئي، مون ڪيو
بس جيئن مون کي ٻڌايو هو، مون انهن سان اي ميل تي درخواست ڪيو: (albakerloanfirm@gmail.com) مون ڪڏهن به نه مڃيو پر مون ڪوشش ڪئي ۽ منهنجي لاء
تمام وڏي تعجب ۾ مون 24 ڪلاڪن اندر قرض حاصل ڪئي، مان يقين نه ٿي سگهيو،
مان خوش آهيان ۽ مالدار آهيان ۽ آئون هن خدا جو قرض ادا ڪري رهيو آهيان
اهي ڪمپنيون اڃا هن اسڪيمن تي موجود آهن سڀني هنڌن تي،
مهرباني ڪري مون کي هرڪو ٻاهر ڏيان ٿو ته ڪير قرض جي ضرورت آهي
(albakerloanfirm@gmail.com) اهي ڪڏهن به توهان کي ناڪام نه ٿيندا، ۽
توهان جي زندگي منهنجي طور تي تبديل ٿي ويندي. اڄ ڪلڪ ڪري سگهندي رابطي (albakerloanfirm@gmail.com) ۽ توهان جي قرض ان کان حاصل ڪري، خدا جي برقي قرضبر قرض قرض فرمائي پنهنجي اصلي قرض جي آڇ لاء.
پڪ ڪريو ته توهان Albaker قرض فرم کان توهان جي قرض لاء رابطو ڪريو ڇو ته منهنجي طرفان هن ڪاميابيء سان منهنجي قرض ڪاميابي سان قرض حاصل ڪئي.