اسان جي ملڪ جو بيروزگار ڇا ڪري؟
گذريل دفعي آئون ڪوالالمپور آيو هوس ته هوائي جهاز ۾ منهنجي ڀرسان ڪجهه ڪراچي جا مسافر ويٺل هئا، جيڪي ڪنهن ٽريول ايجنسي جي معرفت پنجن ڏينهن لاءِ ملائيشيا گهمڻ آيا هئا. جهاز مان لهي سامان کڻڻ وقت آئون هنن سان ڳالهين ڳالهين ۾K.L ايئرپورٽ جي مين گيٽ کان ٻاهر نڪري آيس. هنن ۽ ڪجهه ٻين ملڪن کان آيل ٽوئرسٽن لاءِ مني بسون بيٺل هيون، جن ۾ چڙهي هو ڪوالالمپور پنهنجي هوٽل ڏي روانا ٿي ويا ۽ ڪن کي اتان سڌو پينانگ يا ملاڪا وڃڻو هو، سو هو پنهنجي ٽوئرسٽ ڪمپني طرفان آيل بسين ۾ روانا ٿي ويا ۽ مون کي شهر وڃڻ لاءِ ٽئڪسي ڪرڻي پئي. مون کي ان وقت به حيرت ٿي ته اسان جي اڏام توڙي ان وقت آيل ٻين ملڪن جي اڏامن مان هيترا سارا مسافر لٿا سي ڪيڏانهن ويا. هڪ ٻه پبلڪ بسون به بيٺيون هيون، پر ان ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مڪاني ماڻهو جن کي وڏي بئگ بدران مختصر سامان هو، اهي انهن ۾ چڙهي روانا ٿي ويا. مون کي پوءِ خبر پيئي ته هڪ مسافر لاءِ ڪوالالمپور ايئرپورٽKLIA کان ڪوالالمپور شهر جي مرڪز ۾ اچڻ لاءِ سڀ ۾ سستي ۽ تيز رفتار سواري ايئرپورٽ جي اندران هلندڙ اليڪٽرڪ ٽرين آهي، جيڪا KILA- Express سڏجي ٿي ۽ شهر جي وچ واري ۽ وڏي ۾ وڏي ريلوي اسٽيشنSentral تي اچيو ڇڏي. سو هن ڀيري تڪڙ ڪري ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ بدران ”ڪُليا ايڪپريس“ جو پڇيم. هڪ آسٽريليا کان آيل پيرسن جوڙو به ان ڏي وڃي رهيو هو، سو انهن سان گڏوگڏ لفٽ ۾ چڙهي ٻه فلور هيٺ آياسين. ڀتين ۽ لفٽ تي بهKLIA Express جا تير لڳل هئا، جن کي فالو ڪري سگهجي ٿو. مون وانگر ٻين به ڪيترن مسافرن کي اها خبر نه هئي ته ٽڪيٽ ڪٿان وٺجي. اسان سمجهيو گاڏيءَ اندر ملندي پر پوءِ لهڻ وقت اتان وٺي گيٽ مان نڪتاسين.
هن ٽرين ۾ منهنجي هڪ پاسي کان هي آسٽريليا جا پيرسن هئا، ٻئي پاسي هڪ ويهه پنجويهه سالن جو پاڪستاني نوجوان اچي ويٺو. پاڻ سان آندل وڏي بئگ، سامهون سامان رکڻ جي رئڪ ۾ هٿيڪي ڪرڻ بدران پنهنجي اڳيان جهلي بيٺو. هن ٻڌايو ته هو لاهور کانPIA ذريعي هتي مهيني جي ٽوئرسٽ ويزا تي آيو آهي. هو بئگ جي ٽٽڻ ڪري سخت پريشان هو، جنهن ۾ هن هٿ جي اڻيل غاليچن جا سئمپل، هتي وڪڻڻ لاءِ آندا هئا. مون پنهنجي بئگ جي چوڌاري ٻڌل رسو کولي کيس ڏنو.
”منهنجي بئگ ته في الحال صحيح آهي،“ مون ٻڌايومانس، ”پر پنهنجي تجربي موجب آئون بئگ کي رسين سان به ٻڌي نڪرندو آهيان ۽ ان کان علاوه هڪ يا ٻه وڏا شاپر به بئگ ۾ وجهي ڇڏيندو آهيان، جيئن رستي تي جي بئگ کلي پوي ته ساڳيو سامان ان ۾ واپس سموئجي نٿو سگهجي.“
هو ملائيشيا پهريون دفعو آيو هو ۽ بيحد هيسيل هيسيل لڳي رهيو هو. ڪافي ميل پوک مان گذرڻ بعد ڪجهه عمارتون نظر آيون ٿي ته هن هر دفعي پڇيو ٿي ته ڇا ڪوالالمپور اچي ويو. چوڌاري پام آئل جي وڻن جي پوک کي ڏسي هن سمجهيو ته اهي ناريلن جا وڻ آهن. پام آئل جو وڻ ناريل سان ڪافي ملي ٿو. منهنجي پڇڻ تي ته هو ڪيڏانهن وڃڻو آهي ته هن ٻڌايو ته ڪنهن پاڪستاني واقفڪار جي ٻڌائڻ مطابق هو پاڪستان مسجد وٽ رهائش لاءِ ڪنهن سستي مسافرخاني ۾ رهي شهر ۾ مختلف دڪانن تي وڃي هي مال کپائيندو. اهو ٻڌي مون کي افسوس ٿيو ته اسان جي ملڪ جا ڪيترائي وسوڙيل ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته ٻاهر وڃي مختلف شيون وڪڻڻ آسان ڪم آهي، پر پوءِ پرديس ۾ اچي دربدر ٿين ٿا. ڇو جو جيڪي غاليچن، ڀرت ۽ پاڪستاني يا انڊين ڊريسن جا هتي رهندڙ بزنيس مين آهن، انهن جو ئي وڪرو نٿو ٿئي. پر ان ۾ هتي رهندڙ پاڪستاني ماڻهن جو به ڏوهه آهي، جيڪي پنهنجي وطن جي غريب ۽ بيروزگار نوجوانن کي ان قسم جون غلط صلاحون ڏين ٿا ۽ پوءِ هو قرض کڻي ٽڪيٽون وٺن ٿا ۽ سامان کڻي هتي رلندا رهن ٿا. ڪجهه نه کپڻ تي اهي صلاحون ڏيندڙ کانئن سندن مال اوڻي پوڻي ۾ وٺي کين ڀڄايو ڪڍن. هونءَ به هڪ گهمڻ جي ويزا تي آيل ٽوئرسٽ قانوني طرح نوڪري يا بزنيس نٿو ڪري سگهي. هو هميشه خوف ۽ خطري جي زندگي گذاري ٿو. پنهنجي وطن ۾ ماڻهو فقط انهن کي ڏسن ٿا، جيڪي بچيو وڃن ۽ چار پئسا ڪمايو اچن. انهن کي نٿا ڏسن جيڪي هتي ملائيشيا يا عرب ملڪ جي جيلن ۾ سزا جي زندگي پيا گذارين.
”ڀلا هتي جي ڪسٽمس نه پڇيو ته هيڏي وڏي بئگ فقط غاليچن سان ڇو ڀري آيو آهين؟“ مون پڇيومانس. ”نه- الله جا شڪر آهن، بچاءُ ٿي ويو،“ هن ٻڌايو، ”هنن کولي به نه ڏٺي ۽ اهو به چڱو جو هيءَ بئگ ان بعد لفٽ مان نڪرندي ٽٽي پئي. پر....“
هو اهو چئي ماٺ ٿي ويو.
”پر ڇا؟“ مون پڇيو.
”مون کي پنهنجن پاڪستاني ڪسٽمس وارن لاهور ايئرپورٽ تي ڏاڍو ڦريو. چون ته تون وڃي نٿو سگهين. مون چيو مانِ ڇو نه؟ مون کي ويزا آهي، رٽرن ٽڪيٽ آهي، پاسپورٽ صحيح اٿم.... هنن کي منهنجا غاليچا اک ۾ هئا سو مون کي مجبورن کين رشوت ڏيڻي پئي نه ته اجايو خواري ٿئي ها.“
هن کي جڏهن خبر پيئي ته منهنجو ملائيشيا سان ڪافي واسطو رهيو آهي ته هن مون کان پڇيو ته هن کي هتي ڪا نوڪري يا پورهيو ملي سگهندو يا نه؟
”هنن وٽ سندن ماڻهو گهٽ آهن، پئسو ۽ پراجيڪٽ گهڻا اٿن، جن لاءِ هنن کي هنرمند ڪاريگرن کان مزور، نوڪرن ۽ ڪلارڪ ڪڙن جي ضرورت آهي، جيڪي هو گهڻي ڀاڱي ڀرواري ملڪ انڊونيشيا مان گهرائين ٿا، جيڪي ورڪ پرمٽ تي ملائيشيا تي اچي نوڪري ڪن ٿا.“ مون هن کي ٻڌايو.
”پر اسان جي ملڪ جا به ڪيترائي ماڻهو ٽوئرسٽ ويزا تي اچي نوڪري ۽ بزنيس ڪن ٿا.“ هن ٻڌايو.
”اها مون کي خبر ناهي ته اهي ان قسم جو غير قانوني ڪم ڪيئن ڪن ٿا ۽ نه ڪنهن کي ان جي صلاح ڏيندس. هونءَ هتي جي اخبارن ۾ اڪثر ايندو رهي ٿو ته فلاڻي يا فلاڻي فئڪٽري يا ڪنسٽرڪشن جي ڪم تي ڇاپو لڳو ۽ هيترا غير قانوني طرح ڪم ڪندڙ ڌارين کي پنهنجي ملڪ ڊيپورٽ ڪيو ويو يا جيل ۾ وڌو ويو. ان مان ظاهر آهي ته هتي غير قانوني طرح ڌارين ملڪن جا ”جابس“ لاءِ ايندا رهن ٿا.“
دراصل سالن کان ملائيشيا حڪومت جي اها پاليسي ڏسندو اچان ته هو پاڻ ئي ڍر ڏين ٿا، جيئن ڌارين ملڪن جا ماڻهو هنن وٽ غير قانوني طرح اچن جو اهڙي ريت هنن کي پنهنجن ڪارخانن، ٻنين ٻارن (پام آئل ۽ رٻڙ جي پوک) وغيره لاءِ سستو لئبر ملي پوي ۽ پوءِ وري رکي رکي اعلان ڪندا ته غير قانوني ڌارين کي چتاءُ ٿو ڏجي ته هو فلاڻي تاريخ اندر پنهنجي پنهنجي ملڪ موٽي وڃن جو ان بعد اسان سختيءَ سان وٺ پڪڙ ڪنداسين ۽ ڏوهارين کي سخت سزا ڏينداسين. پوءِ رکي رکي ڇاپا هڻي ڪافي غير قانوني ڌارين کي پڪڙين به ٿا ۽ هنن کي جيل جي سزا کان علاوه گذريل دفعي ڦٽڪا به هنيائون (Caning به ڪيائون) جنهن تي دنيا جي هيومن رائيٽس ايجنسين گوڙ به ڪيو.
ڳالهه اها آهي ته ملائيشيا جي گرم ۽ مينهوگي واري موسم ۾ پام آئل ۽ رٻڙ جي پوکن ۾ ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اڳ ۾ سالن تائين هن ملڪ ۾ رهندڙ ڏکڻ هندستاني (تامل) اهو ڪم ڪندا هئا. هاڻ انهن جون نوجوان ٽهيون لکي پڙهي آفيسر ٿي ويون آهن يا پئسو اچڻ ڪري هو آرام وارا ڌنڌا ڪري رهيا آهن. سو ظاهر آهي، انهن پوکن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ کين ڀرواري ملڪ انڊونيشيا جي غريب ماڻهن جي ئي ضرورت آهي. انهن پوکن (Plantations جاگيرن) جا امير مالڪ انڊونيشيا يا ڏکڻ هندستان پاسي کان قانوني طرح مزور گهرائڻ بدران حڪومت کي اک ٻوٽ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا ته هو غير قانوني طرح ايندڙ مزورن تي سختي نه ڪري. ڇو جو غير قانوني آيل مزور نه ميڊيڪل گهرندو ۽ نه پگهار ۾ واڌارو. هو هر وقت ڊپ ۾ رهي پورهيو ڪندو. اهو حال شهرن ۾ ڪنسٽرڪشن ورڪ تي آهي. سڄي ملائيشيا ۾ روڊن رستن کان وٺي گهر، عمارتون، ڪاليج، اسپتالون، پليون، پيٽرول پمپ وغيره ٺهندا رهن ٿا، جنهن لاءِ هنن کي ٽيڪنيڪل کان نان ٽيڪنيڪل ماڻهن جي ضرورت پوي ٿي. ان ڪم لاءِ ڪجهه ڪمپنيون قانوني طرح فلپين، بنگلاديش، پاڪستان، انڊيا ۽ سريلنڪا مان ورڪ ويزا تي ماڻهو گهرائين ٿيون. ڪجهه ڪمپنيون قانوني طرح سان گڏ غير قانوني آيل ماڻهن کي گهٽ پگهار يا گهٽ سهولتن جي پورهئي ۾ لڳايو ڇڏين. پوءِ اهڙن ماڻهن بابت سندن هم وطن خبرچار لهيو، هو به نوڪري جي ڳولا ۾ ٽوئرسٽ ويزا تي هليا اچن ٿا. پوءِ ڪن کي ملي ٿي، ڪي جهلجيو پون. پر جن کي نوڪري ملي ٿي اهي به هر وقت خوف جي زندگي گذارين ٿا. هر وقت پوليس کان لڪندا وتن ۽ هيڏانهن هوڏانهن آزاد انسان وانگر گهمڻ ڦرڻ کان لنوائين ٿا.
بهرحال منهنجي پاڪستاني دوست غلام علي سولنگي جو اهو ئي مشورو آهي ته ٺڳ ايجنٽن کان خبردار رهجي. جيڪڏهن ڪا نوڪري ملي به ٿي ته ان ڪمپني جو ليٽر ملائيشيا جي سفارت خاني يا قونصل خاني ۾ ڏيکاري ان جي تصديق ڪجي، ڇو جو ڪيترا ملائيشيا پهچي رلي وڃن ٿا ۽ هتي پهچي کين خبر پوي ٿي ته ان جعلي ليٽر ذريعي هنن کي ايجنٽ ڦري ويو.
ڪي ايل سينٽرل اسٽيشن تي پهچي مون هن لاهور جي نوجوان کان موڪلايو ۽ آئون پنهنجي ميزبان علي کي ڳولڻ لڳس. اسٽيشن کان ٻاهر روڊ ڏي نڪتس ته مون کي احساس ٿيو ته هيءَ ته تمام وڏي اسٽيشن آهي، جنهن جي چوڌاري ڪيترائي گيٽ ۽ مين روڊ آهن. ظاهر آهي، هيءَ اسٽيشن نه رڳو ڪوالالمپور ريلوي اسٽيشن جو مقصد پورو نٿي ڪري، پر سڄي شهر ۽ اوسي پاسي کان ايندڙ اليڪٽرڪ ريلن جي به جنڪشن آهي. مون گهڻو ئي هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هنيا، پر عليءَ جو نه هو اتو نه هو پتو. هيڏي ٽرئفڪ ۽ مسافرن جي پيهه پيهان ڪري مون کي هڪ خوف به محسوس ٿيو، جيڪو هڪ ٻهراڙي جي سڪون ڀري زندگي جي رهواسي کي ڪراچي يا حيدرآباد جهڙي وڏي شهر ۾ پهچڻ سان ٿئي ٿو. آئون اڃا سوچي رهيو هوس ته هاڻ ڇا ڪريان. عليءَ کي فون ڪريان يا ان ريل جو پڇايان جيڪا مون کي هن جي گهر ڀرسان واري اسٽيشن سيگامبوٽ پهچائي، يا ٽئڪسي ڪريان ته اتي پاسي کان ايندڙ هڪ نوجوان سڌو مون وٽ پهچي پڇيو ته آءٌ الطاف آهيان. منهنجي ”ها“ ڪرڻ تي هن بئگ کڻائي ۽ عليءَ کي ان هنڌ اچڻ لاءِ فون ڪيو.
”دراصل علي اسٽيشن جي هن پاسي ڪار پارڪ ڪري توهان جو انتظار پيو ڪري. منهنجو نالو شفيق خان آهي، آئون به روهڙي جو آهيان ۽ عليءَ جي آفيس ۾ عليءَ وٽ ڪم ڪريان ٿو.“
ٽرئفڪ جام هجڻ ڪري علي ڪار کي اسان واري طرف ڏي آڻي نه سگهيو ۽ اسان کي هن ڏي پهچڻ لاءِ فون ڪيائين. اسان بئگ کي سندس ڦيٿن تي گسڪائيندا هن وٽ پهتاسين. هو قميص ملئي نموني جي پجامي ۽ ٽوپي ۾ هو.
”چئبو ته جمعي نماز پڙهي ورتئي“ مون پڇيو.
”بس هاڻ پڙهي پهتو هوس. پاڻ سان گڏ شفيق کي به آندم جيئن توهان کي ڳولڻ ۾ جلدي ٿئي.“
No comments:
Post a Comment