ڇا شادي بعد نوڪري ضروري آهي؟
الطاف شيخ
علي (سڄو نالو غلام علي سولنگي) سان منهنجي پاڪستان ۾ پهرين کان نه ملاقات هئي نه ڄاڻ سڃاڻ. اڄ کان ست اٺ سال اڳ جڏهن ملائيشيا ويو هوس ته سنڌ جي مشهور ليکڪ سائين جمال ابڙو صاحب جي پٽ اطهر ابڙو جي گهر ڊنر تي عليءَ سان ملاقات ٿي هئي. اطهر انهن ڏينهن ۾ ڪوالالمپور جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪمرشل سيڪريٽري هو. هن ٻڌايو ته سنڌ جي ڪجهه ڳوٺن جا شاگرد، پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ بزنيس مين مون سان ملڻ ٿا چاهين. هنن منهنجا ملائيشيا بابت ڪجهه ڪتاب پڙهيا آهن، جيڪي مون 1980ع کان 1990ع واري ڏهي ۾ ملائيشيا ۾ رهڻ دوران لکيا هئا. ڊنر تي جيڪي آيا انهن ۾ علي به هڪ هو. هالا جي پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ تاراچند ٻڌايو ته؛ ”عليءَ جي هتي ڪوالالمپور جي جالان ڪلانگ لاما (روڊ) تي هڪ سائبر ڪيفي آهي.“
”پوءِ ڇا ٿيو؟“ مون پڇيو ته ٻيا ٽهڪ ڏيڻ لڳا. ان تي مرحوم ڏهر صاحب جيڪو علي سان گڏ آيو هو ۽ ڪوالالمپور جي ڪجهه گهرن ۾ ٻارن کي قرآن مجيد پڙهائي گذر سفر ڪندو هو، تنهن چيو ته؛ ”جنهن علائقي ڪلانگ لاما ۾ عليءَ Cyber- Café کولي، ان ۾ تامل (ڏکڻ هندستان جا انڊين) تمام گهڻا رهن ٿا.“
”بلڪل صحيح ٿا چئو.“ مون ڏهر صاحب کي چيو؛ ”هاڻ اڃان به اهي سڌريا آهن نه ته ٺرو پي جهيڙو ڪرڻ يا جوا ۾ هارائي پوءِ وڙهڻ هنن جو روز جو وهنوار هوندو هو. اخبار کولبي هئي ته جالان ڪلانگ لاما جي ڪنهن ڏوهه جي ضرور خبر هوندي هئي.“
”بس سائين سمجهو ته علي جي به قسمت ٿي ڦٽي جو انهن نڀاڳن جو هڪ رات عليءَ جي ڪيفي ۾ جهيڙو ٿي پيو. پوليس پڪڙ ڌڪڙ ڪئي، ان چڪر ۾ ماڳهين ڪيفي ئي بند ٿي وئي.“ ڏهر صاحب ٻڌايو.
مانيءَ تي ڳالهين ڪندي ملائيشيا ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن مان هڪ ٻن ڄڻن پڇيو ته؛ ”PhD ڪرڻ بعد هنن کي هتي ملائيشيا ۾ نوڪري ملڻ جو آسرو ٿي سگهي ٿو يا نه؟“
مون کين اهو ئي ٻڌايو ته؛ ”توهان جيڪڏهن ڪنهن اهڙي اهم سبجيڪٽ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيا آهيو، جنهن ۾ هنن جا ماڻهو نه آهن ته پوءِ توهان کي هي پاڻ به منٿون ڪندا ته هتي رهي پئو. ٻي صورت ۾ توهان جي هتي رهڻ جو شوق شايد پورو ٿي نه سگهي.“ اسان جي ڳوٺ هالا جو هڪ نوجوان ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ (مهراڻ يونيورسٽي جي پراڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالرحمان جو ڀائٽيو) دل جي ڪنهن خاص آپريشن ۾ مهارت حاصل ڪري رهيو هو، تنهن کي چيم ته؛ ”تون ته هينئر پنهنجي جاءِ وٺي هتي رهي پئه.“ مزي جي ڳالهه ته ڊاڪٽر شڪيل اڄ ڪلهه واقعي ڪوالالمپور جي دل جي اسپتال جو ٽاپ جو سرجن آهي ۽ هيءَ اسپتال، دنيا جي پنجن وڏين اسپتالن مان هڪ آهي.
بهرحال ٻيون به خبرون چارون ٿينديون رهيون. ماني بعد هڪ هڪ ٿي موڪلايو. آخر ۾ ڏهر صاحب ۽ علي وڃي بچيا. علي منهنجي ڀرسان اچي مون کي چيو؛ ”سائين ڪا صلاح ڏيو ته آئون ڇا ڪريان.؟“
”علي تنهنجي تعليم ڇا آهي؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
”سائينB.A ڪئي اٿم، سا به لٽريچر ۾.“ هن ٻڌايو، پر هن کي ان جو خود به احساس هو ته جتي پي ايڇ ڊي وارن کي آساني سان نوڪري نٿي ملي، اتيB.A واري جو ڇا ڀاڳ ٿي سگهي ٿو. پر مون کي ائين لڳو ڄڻ علي چرچو ڪري رهيو هجي.
”ائين ته ملئي به سٺي ٿو ڳالهايان،“ عليءَ چيو، ”هتي ڇهه ست سال رهي انگريزي ۽ ملئي سٺي ٿي وئي اٿم.“
آئون عليءَ کي ڏسڻ لڳس. سنهي ڏاڙهي سان سوٽ بشرٽ ۾ هو بيحد سمارٽ لڳي رهيو هو. آئون کيس ڪهڙي صلاح ڏئي ٿي سگهيس. چُپ ئي رهيس. ڪجهه دير علي به چپ رهيو. ان بعد هن وري پڇيو ته؛ ”سائين آئون ڇا ڪريان.“
”علي ڳالهه ٻڌ! شادي شده آهين؟“ آئون اهو سوال ڪري ٿورو پريشان ضرور ٿي ويس. علي 30 سالن جي لڳ ڀڳ لڳي رهيو هو ۽ اسين سنڌي ماڻهو خاص ڪري ڳوٺن جا، ننڍي عمر ۾ ئي شادي ڪري ڇڏيندا آهيون. روزگار ۽ پنهنجو گهر گهاٽ ٺاهڻ جو به پوءِ سوچيندا آهيون. سو منهنجو عليءَ کان اهو سوال ڪرڻ مناسب نه هو، پر مون کي حيرت ٿي جڏهن عليءَ ٻڌايو ته هو بيچلر آهي.
مون کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ چيومانس؛ ”ان صورت ۾ تون بيچلر نه پر ماسٽرس کان به مٿاهين ڊگري رکين ٿو.“
منهنجي ان چوڻ تي هو پاڻ به سمجهي ويو. مرحوم ڏهر صاحب به وڏو ٽهڪ ڏنو. ”علي ٺاهوڪو جوان آهين، ستن سالن کان هتي رهيو پيو آهين. شادي کڻي هتي ئي ڪر.“
عليءَ شرمائيندي چيو؛ ”سائين مون به اهو ئي سوچيو آهي.“ ۽ پوءِ ٿوري ساهي پٽي چيو: ”هڪ ملئي ڇوڪري مون سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي.“
”رڳو هوءَ شادي ڪرڻ چاهي ٿي يا تنهنجي به دل آهي. ائين نه ته هن کي روهه ۾ رلائي ڇڏين.“ مون چيو. منهنجي دماغ ۾ سيڪنڊ ورلڊ وار کان پوءِ هتي رهجي ويل ننڍي کنڊ جا مسلمان خاص ڪري پنجاب ۽ سرحد جا انگريز فوج جا سپاهي ڌيان ۾ آيا، جن هتي جي ملئي عورتن سان شادي ڪئي، جن مان ڪجهه پنهنجي وطن هليا ويا ته وري نه موٽيا. ڪجهه اتان پنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن عورت سان شادي ڪري ان کي هتي وٺي آيا. سندن پهريون زالون يا انهن جو اولاد دربدر ٿي ويو. هاڻ ملائيشيا امير ملڪ ٿي ويو آهي. هر هڪ سکيو ستابو آهي، پر سٺ جي ڏهي جي آخري سالن توڙي ستر جي سڄي ڏهي ۾ اهڙين ڪيترين ئي ملئي زالن ۽ سندن اولاد کي اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي پِٽيندو ۽ دربدر ٿيندو ڏٺم.
”سائين منهنجو به هن سان پيار آهي ۽ ٻن سالن کان شادي جو پروگرام ٺاهي رهيا آهيون.“ عليءَ ٻڌايو.
”ته بس پوءِ تون ڇو فڪر ڪري رهيو آهين.“ مون عليءَ کي اهڙي نموني سان چيو جو هن سمجهيو يا نه پر اطهر ابڙو چرچو سمجهي کلڻ لڳو، جنهن سان اها چرچي واري ڳالهه هڪ ڏينهن اڳ سندس آفيس ۾ ڪئي هيم.
آئون انهن ڏينهن ۾ جپان کان آيو هوس سو اطهر ۽ سندس سفير (هاءِ ڪمشنر) جنرل نسيم رانا کي ٻڌايم پئي ته جپان جون عورتون سخت پورهيت آهن. جپان ۾ نوڪر يا ماسي رکڻ جي اجازت ناهي. زالون سڄي گهر جو ڪم ڪار هڪ طرف ڪن ته نوڪري ٻئي طرف. ٻار ڄڻين ۽ پاڻ نپائين. يورپ ۾ خاص ڪري سئيڊن جهڙي ملڪ ۾ مون ڏٺو ته عورت ٻار سا ڄڻي ٿي، پر ان جا پوتڙا (نئپيون) مڙس بدلائيندو وتندو. گهر جو به اڌ ڪم مڙس حوالي هوندو. هيڏانهن جپان ۾ هر ڪم غريب عورت ڪري ٿي، ان بعد به هوءَ پنهنجي آلي موالي مڙسن جا دڙڪا کائيندي رهي ٿي. شايد اهو ئي سبب آهي جو هوءَ ڪنهن ڌارئين سان شادي ڪرڻ ۾ نجات محسوس ڪري ٿي. گهٽ ۾ گهٽ ڌاريون مڙس چاهي هن جو سچو پيار نه هجي، پر جپان جو سٽيزن نه هجڻ ڪري زال جي عزت ڪري ٿو جو هو زال جي ڪري ئي جپان ۾ رهيو پيو آهي. جپاني عورتن سان شادي ڪرڻ جا شوقين نه فقط ايشيائي ملڪن جا ڪنگلا ۽ بيروزگار آهن، پر يورپ ۽ آمريڪا جا به اهي ڪاهل ۽ سست آهن، جن کي پنهنجي ملڪ ۾ نوڪري ملي ٿي ته به هنن کان محنت ۽ پورهيو نه ٿو پڄي. سو هنن لاءِ ڪنهن جپاني عورت سان شادي ڪرڻ ئي هر مرض جو علاج آهي، جيڪا نوڪري به ڪري ته گهر به هلائي.
اطهر مون کان هڪ سڃاڻي همراهه جو پڇيو، جيڪو روزگار پورهئي خاطر جپان روانو ٿيو هو. اطهر کي ٻڌايم ته هڪ ڏينهن اهو همراهه پنهنجي جپاني زال سان هڪ ڊپارٽمنٽل اسٽور ۾ ملي ويو. پڇيومانس ته؛ ”ڇا ٿو ڪرين؟“
زال ڏي اشارو ڪري وراڻيائين ته؛ ”مون هن سان شادي ڪئي آهي.“
”آئون توکان روزگار جو پڇي رهيو آهيان ته ڪهڙي نوڪري يا مزوري ڪرين ٿو.“ مون کانئس ور ڏئي پڇيو ته بيزاري مان چوڻ لڳو ته؛ ”ٻڌايم ته سهي ته مون هن سان شادي ڪئي آهي.“
دل ۾ مون چيو ته ٺهيو. هاڻ هي ڪاهل نه ڪو ڪم ڪندو نه پورهيو. سڀ ڪم زال ڪندي. نه وري جپان جي حڪومت هن کي لوڌي ڪڍندي. آخر هنن کي پنهنجي ڇوڪري بيواهه ته ناهي ڪرڻي.
بهرحال هتي پاڻ روهڙي جي علي سولنگي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ سڀني ٻڌايو ٿي ته هو سخت محنتي ۽ پورهيت آهي.
عليءَ مون کي ان وقت به پاڻ وٽ رهڻ يا گهٽ ۾ گهٽ ماني کائڻ لاءِ ڏاڍو چيو، پر هڪ ته مون کي ملائيشيا مان موٽڻ ۾ باقي ڪو ڏينهن ٻه وڃي بچيو هو سو معذرت ڪندو رهيس. هونءَ به منهنجي هن سان نئين نئين ملاقات ٿي هئي. بهرحال ان پهرين ملاقات ۾ ايترو ضرور محسوس ڪيم ته هن غربت ۾ گذاريو آهي ۽ هن ڪافي ڏکيا ڏينهن ڏٺا آهن ۽ دنيا جو وڏو تجربو اٿس. ساڳي وقت هو خلوص دل وارو ۽ شڪر ۽ صبر ۾ وقت گذارڻ وارو آهي. سندس هيڏو وڏو روزگار جو ذريعو بند ٿيڻ تي به هو رب جي رضا تي راضي هو. ملئي عورتون ڪي جپانين وانگر ايڏيون پورهيت نه آهن، پر هنن وانگر وفادار ۽ باادب ضرور آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٽي وِيون ۽ فلمون ڏسي ڏسي ڪيتريون ئي جپاني توڙي ملئي ڇوڪريون اهي ستر ۽ اسي واري ڏهي واريون بقول اڙدو محاوري جي ”الله ميان ڪي گائي“ نه رهيون آهن. ڪن کي ته زور زور سان ٽهڪ ڏيندي ۽ سگريٽن جا سوٽا هڻندي حيرت ٿيندي اٿم ته هنن جون مائرون جيڪي اسان سٺ ۽ ستر واري ڏهي ۾ ڏٺيون اهي ته ڳالهائيندي به شرمائينديون هيون ۽ پنهنجي وات اڳيان هٿ ڏئي پنهنجا هئڊا يا ڏنگي قطار ۾ قدرتيConstructional نقص وارا ڏند لڪائڻ ۾ پوريون هونديون هيون. ان هوندي اڄ به گهڻن ملڪن کان جپان ۽ ملائيشيا جون ملئي زالون بهتر آهن. اسان واري علي جي نصيب ۾ ڪا سست ملئي ڇوڪري لڳي وئي ته به مڙئي خير آهي. علي پاڻ محنتي ماڻهو آهي. هو ڪو ان خيال کان شادي نٿو ڪري ته پاڻ رڳو کٽون ڇني، زال پورهيا ڪري کيس کارائي. سو سست ملئي عورت به عليءَ وٽ خوش گذاريندي.
No comments:
Post a Comment