Saturday, March 05, 2011

سنگاپور ھڪ سکيو ستابو ٻيٽ - الطاف شيخ


سنگاپور ھڪ سکيو ستابو ٻيٽ
الطاف شيخ
منهوڙو اسانجي ملڪ جو ٻيٽ آھي ۽ ڪراچي کان سڏ پنڌ تي آھي. لکديپ ٻيٽ ھندستان جي ملڪيت آھن پر ان سمنڊ (عربي سمنڊ) ۾ آھن جنهن جو پاڻي اسانجي ملڪ جي ڪنارن کي ڇھي ٿو. سري لنڪا (سلون) تمام وڏو ٻيٽ آھي ۽ ڪنهن زماني ۾ ڏرو ڏرو تائين ھي ھڪ اھم ٻيٽ ھو- امن امان ۽ خوشحاليءَ کان به ته جھازين جي گڏ ٿيڻ کان به. ھر پاسي کان ايندڙ جھازن جو ھتان لنگھ ٿيو ٿي جن ھتي ترسي ساھي پٽي ٿي ۽ اڳتي جي سفر لاءِ ڪوئلو، پاڻي ۽ کاڌو راشن کنيو ٿي. سمجھو ته ڪوٽڙي يا روھڙي ريلوي جنڪشن ھئي. اڄ ڪلھ اھا اھميت ۽ اھا رونق سنگاپور کي مليل آھي.


سنگاپور جيتوڻيڪ ھڪ ننڍڙو ٻيٽ آھي پر اھم لنگھ وٽ ھجڻ ڪري ۽ ٻيٽ تي امن امان ۽ جھازين جي ھر ضرورت پوري ٿيڻ جو بندوبست ھجڻ ڪري ھن سڄي علائقي ۾ ھڪ اھم، تمام گھڻو ماڊرن، سھڻو ۽ خوبصورت ٻيٽ ٿي پيو آھي. ھي ٻيٽ دنيا جو Mr. Clean سڏجي ٿو. لاائنڊ آرڊر جي پوزيشن مضبوط ۽ ڏوھن جي سخت سزا ھجڻ ڪري ھتي نه برابر Crime rate آھي. سياسي طرح Stable حڪومت ھجڻ ڪري ھر مڪاني ۽ ڌاريون ماڻھو ھتي سيڙپ ڪرڻ چاھي ٿو، حد کان وڌيڪ سھولتون ۽ سک ھجڻ ڪري ھر ڪا اڏام ۽ پاڻيءَ جو جھاز ھتي اچي ٿو.  1819ع تائين ھي ٻيٽ گمنام، ويران ۽ جنگل ھو جتي ڪنهن به رھڻ پسند نٿي ڪيو سواءِ سامونڊي چورن (قزاقن) ۽ ڏوھاري قسم جي مھاڻن جي- جيڪي پڻ سنگاپور نديءَ جي منهن وٽ رھيا ٿي. اڳتي ڪير وڃي. سڄو ٻيٽ جھنگ ۽ دلدل ھو. جانورن ۽ جيت جڻين سان ڀريل ھو. رت چوسيندڙ ڄؤرون ۽ مڇر ھئا. وڇون ۽ سؤپيريون ھيون. نانگ ۽ بکايل واڳون ھئا. ٻيٽ جي جاگرافيائي پوزيشن بهتر ڄاڻي 1819ع ۾ انگريز حڪومت پاران سر اسٽئمفورڊ رئفلس ٻيٽ جي ملئي مالڪ کان ھي ٻيٽ حاصل ڪيو جيڪو پاڻ به ڪنهن ٻئي ٻيٽ (ريائو) تي رھيو ٿي ۽ ھن لاءِ ھن ٻيٽ (سنگاپور) جي ڪا اھيمت نه ھئي. نيو ڪئسل شھر ۾ ڪوئلن جي ڪھڙي ڪاڻ. ھي اھو علائقو آھي جتي چوڌاري- ساڄي کاٻي، ڏکڻ اتر طرف فلپين ۽ انڊونيشيا جھڙن ملڪن جا ڏھ ھزار کان مٿي ٻيٽ آھن. ھي ھڪ سنگاپور ويو ته ڪھڙي وڏي ڳالھ، ٻيٽ جي ملئي حاڪم سوچيو ھوندو.
۽ پوءِ انگريزن ھن ٻيٽ کي ٺاھيو. جڏھن مير ٽالپر منهوڙي جھڙي ٻيٽ تي قلعا ۽ مسجدون مندر  ٺاھيو ويٺا آھن اتي ھي جھونا جھازي (انگريز) ھڙي ٻيٽ کي ٺاھي ڇو نه پرائي پنهنجي لنگھندڙ جھاز جي ٽيٽ وٺن. سنگاپور ۾ رھڻ لاءِ انگريزن اوسي پاسي کان ايندڙ مزورن توڙي واپارين جي آڌرڀاءُ ڪئي. ملايا انڊونيشيا کان ته ملئي ۽ چيني اچي نڪتا پر چين جي سر زمين تان به چيني لڏ پلاڻ ڪري سنگاپور آيا. انهن ڏينهن ۾ چين ۽ ڏکڻ ھندستان ۾ غربت ڏاڍي ھئي. ھن پاسي کين روزگار ملڻ ۽ چار پئسا ڪمائڻ جي وڏي اميد ھئي ڇو ته انگريزن جو ھٿ ھو جن جيتوڻيڪ سڀ ڪجھ پنهنجي سک ۽ ملڪ لاءِ ڪيو ٿي پر مڪاني ماڻھن کي به گھڻي کان گھڻو امن امان ۽ سٺو روزگار مھيا ڪري ڏنو ٿي. ھن تر جا ماڻھو اھو سڀ ڪجھ پينانگ ٻيٽ تي ڏسي چڪا ھئا يا ان بابت ٻڌي چڪا ھئا ته ڪيئن انگريزن ھڪ ويران ٻيٽ (پينانگ) کي سرسبز شاداب بڻائي ڇڏيو ۽ اتي لڏي ويندڙ ھميشھ لاءِ سکيو ستابو ٿي ويو. لڏ پلاڻ جو ھڪ اڻ کٽندڙ سلسلو جو شروع ٿيو ته ويجھڙائي تائين ھلندو رھيو. امير ۽ واپاري به وڌيڪ خوشحال ٿيڻ لاءِ سنگاپور لڏي آيا پر سڀ کان گھڻا غريب آيا. ڪيترائي اھڙا جن وٽ ٻيڙيءَ جي ڀاڙي جا پئسا به نه ھئا. جسم تي ڦاٽل وڳو ۽ پير اگھاڙا ھئا. انهن ۾ گھڻائي چينين جي ھئي. ھنن مٽ مائٽ ڇڏي سنگاپور ۾ سالن جا سال پورھيو ڪيو ۽ پئسو ڪمائي پٺيان غريب مائٽن کي به موڪليو ته پاڻ لاءِ به بچايو. ان بچيل پئسي کي ڌنڌي ڌاڙي ۾ لڳائي وڌيڪ ڪمايو. اڄ جي سنگاپور جا گھڻي ڀاڱي امير ھن ٻيٽ تي اچڻ وقت مسڪين ۽ غريب ھئا. سندن ڀاڳ جي ڪھاڻي محنت ۽ پورھئي جي ڪھاڻي آھي. آئون ھميشھ سست ماڻھن کي سنگاپور جي چينين جي ڪھاڻي ٻڌي ۽ اتساھ حاصل ڪرڻ لاءِ چوندو آھيان. ھو محنت ڪري ڪيئن وڏا واپاري ٿيا، بيحد ڏکين حالتن ۾ رھي تعليم حاصل ڪري مٿاھون درجو حاصل ڪيائون، پئسو اچڻ بعد به ھو مرڻ گھڙيءَ تائين محنت ڪندا رھيا، اڻ مئي ملڪيت اچڻ بعد به ھو عيش زندگي کان پري رھيا. ھو خلق جي خدمت ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا رھيا. اھڙن ڪيترن ئي چينين جا قصا، جيڪي سنگاپور اچڻ مھل ڪنگال ھئا ۽ پوءِ ڪروڙ پتي ٿي ويا، ڪتابي صورت ۾ آھن. مون به ڪيترن جون ڪھاڻيون روبرو ٻڌيون ۽ ڪتابن ۾ پڙھيون آھن ۽ ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رھڻ دوران مون وٽ جيڪو دوست وطن کان ايندو ھو ان کي ٻڌائيندو ھوس ۽ انهن ماڻھن سان ملرائيندو ھوس. ھتي پنهنجن پڙھندڙن لاءِ ھڪ چيني ھمراھ جو قصو لکڻ بي محل نه ٿيندو.
اگھاڙن پيرن واري يتيم ڇوڪري کان ارب پتي امير بئنڪر تائين
سنگاپور ۾ جيڪي توھان کي امير، شاھوڪار نظر اچن ٿا اھي سڀ اصل کان پئسي وارا نه ھئا. حقيقت ته اھا آھي ته ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي ٻيا جيڪي به سنگاپور آيا اھي سڀ غريب ھئا. غريب به غريبن جھڙا. اڄ ڪلھ ولايتن ۾ وڃڻ يا گھمڻ وڏ ماڻھپي سمجھيو پيو وڃي. پر سؤ سال ٻه سؤ سال اڳ پنهنجو گھر ۽ پنهنجو وطن ڇڏڻ ڏاڍي ڏکي ڳالھ ھئي. مسافري، رڻ پٽ ۽ بيابانن ۾ اٺن ذريعي ٿيندي ھئي يا سمنڊ تي تنهن زماني جي سادن جھازن ذريعي. گھر کان نڪرڻ وقت ھر ڪو موڪلائي نڪرندو ھو جو منزل تائين پھچڻ ايڏو سولو ڪم نه ھو. اھڙين حالتن ۾ جيڪي غريب چيني پنهنجو وطن چين ڇڏي سنگاپور آيا ٿي يا ڏکڻ ھندستان جا تامل، سي مڙيئي غريب ھئا. بک، بيمارين ۽ بي روزگاريءَ کين ۽ سندن گھر جي ڀاتين کي بيحال ڪري رکيو ھو ان ڪري ھنن مجبور ٿي نئين دنيا ڏي رخ رکيو ٿي. ھو ايڏو ته غريب ھئا جو کين سفر لاءِ ڀاڙي جا به پئسا نه ھوندا ھئا. ڪيترن ته پنهنجن ننڍن ٻارن کي ڪڍي ڇڏيو ته من پورھيو ڪري وڃي پنهنجو پيٽ ڀرين. پنهنجي ڪکن ۾ رھڻ سان ته بک ٿا مرن.
سنگاپور پھچي جن جن محنت ڪئي ۽ عقل کان ڪم وٺي پئسو بچايو ۽ان کي وڌايو ويجھائيو اھي يا انهن جو اولاد وڏا ماڻھو ٿي ويا. سنگاپور ۾ اڄ به توھان کي اھڙا ڪيترائي امير چيني، سک، تامل ۽ سنڌي ھندو ملندا جيڪي ھتي خالي ھٿين پھتا پر پوءِ محنت، عقل ۽ ڀاڳ کين ڪٿي جو ڪٿي پھچايو. سنگاپور جي اوور سيز يونين بئنڪ جي سٺ ماڙ عمارت، سنگاپور جي و ڏي ۾ وڏي عمارت آھي. ڪجھ سال اڳ ان عمارت ۾ اوور سيز يونين بئنڪ (OUB) جي چيني مالڪ مسٽر لئين يـِنگ چائو (Lien Ying Chow) سان ملاقات ٿي. لئين سندس ذات آھي جيئن پھرين به ٻڌائي چڪو آھيان ته چيني ماڻھو پھرين ذات لکندا آھن. سندن نالي جي ٽن لفظن ۾ پھريون لفظ ذات ٿئي باقي ٻه لفظ نالي جا ٿين- جن مان گھڻو ڪري ھڪ لفظ صفت ٿئي ۽ ٻيو اسم جيئن ته: سھڻو باغ، خوشبودار گل ، تکو گھوڙو، پاڻيوارو  ٻيٽ، ٿڌي ھوا وغيره وغيره. بهرحال ھن مضمون ۾ مسٽرليئين ينگ چائوءَ جو بار بار سڄو نالو کڻڻ بدران فقط چائو سڏينداسين.
چائوءَ جڏھن 1918ع ۾، يارھن ورھن جي ڄمار ۾ پنهنجو وطن چين ڇڏيو ته ھو ھٿين خالي ھو. اڄ ھو سنگاپور جي امير ترين ماڻھن مان ھڪ آھي جنهن جون ھوٽلون آفيس بلڊنگس، بنگلا ۽ بئنڪون نه فقط سنگاپور ۾ آھن پر ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ ھانگ ڪانگ ۾ پڻ آھن. پاڻ ڊپلومئٽ ۽ سفير به رھي چڪو آھي. سندس زندگيءَ جو دلچسپ احوال ھانگ ڪانگ جي ھفتيوار رسالي ۾ Barefoot Boy to Billionaire Banker جي نالي سان اچي چڪو آھي. ۽ فار چون رسالي جو ايڊيٽر لوئس ڪرار ھن تي ڪتاب لکي رھيو آھي. جيڪو ھيستائين ڇپجي به چڪو ھوندو. ڪتاب جو نالو رکيو اٿس: From Chinese Villager to Singapore Tycoon”. پاڻ 1807ع ۾ چين ۾ ڄائو. منهنجي ساڻس ملاقات پنج سال کن اڳ ٿي جڏھن ھو ڇھاسي ستاسي سالن جو ھو. ھينئر جي اڃان جيئرو ھوندو ته نوي ايڪانوي سالن جو ھوندو ۽ انشا الله ضرور ھوندو جو بقول سندس منهنجي صحت ٺيڪ ٺاڪ آھي ۽ آئون سخت جان آھيان سو گھٽ ۾ گھٽ ھڪ سؤ سال ته جيئرو رھندس .
مسٽر چائو چين جي ڏاکڻي گئانگڊانگ صوبي جي جنهن ڳوٺ ۾ ڄائو ان جي ان وقت آدمشماري ويھ ھزار کن ھئي ۽ ڳوٺ جي ھر ماڻھوءَ جي ساڳي ذات Lien ھئي منهنجو ڏاڏو ليئين چائي (Lien Chye) ڳوٺ جو معزز ۽ پوڙھن ماڻھن مان ھو، ۽ منهنجو پيءَ ليئين سوي سينگ (Lien Swee Seng) ڳوٺ جي گھڻي کان گھڻو پڙھيل ماڻھو ھو.  1811ع ۾، جڏھن آئون پنجن سالن جو ٿيس ته مون کي لکڻ سيکاريو ويو. ڏھاڙي مون کي ھڪ صفحو لکڻو پوندو ھو. منهنجو پيءُ مون کي اھائي نصيحت ڪندو رھندو ھو ته سٺو ماڻھو اھو آھي جيڪو محنتي آھي، قانون جي عزت ڪري ٿو ۽ سک ۽ شانتي پسند ڪري ٿو. ھو مونکي ھر وقت اھو ئي سبق ڏيندو ھو ته پٽ! ياد رکج ته انسان کڻي غريب ٿي وڃي پر ھن کي اخلاق قائم رکڻ کپي.
آئون اھا جاءِ ھرگز نه وڪڻندس
OUB جي وڏي عمارت ۾ مسٽر چائوءَ جي آفيس 45 ماڙ تي  آھي جتان ھو دريءَ مان اھو ھنڌ ڏسي سگھي ٿو جتي ھو 14 سالن جي يتيم ڇوڪري جي حيثيت ۾  1920ع ۾ سنگاپور پھتو ھو. ھن جي کيسي ۾ ٿورا ڪي سڪا ۽ ڪنهن دوست جي ائڊريس ھئي ۽ دماغ ۾ ڪيتريون ئي اميدون ۽ آسون. اڄ ھو سنگاپور جي اوچين عمارتن ڏي نهار ٿو ڪري ته ھن کي انهن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون سندس تخليق ٿيل نظر اچن ٿيون ويندي سندس آفيس واري اوور سيز يونين بئنڪ بلڊنگ. دنيا جي اھا مشھور بئنڪ OUB سن  1947ع ۾ مسٽر چائو شروع ڪئي ھئي ۽ ھن وقت به ان بئنڪ ۾ ھن جو چوٿون حصو آھي جيڪو اٽڪل 6 بلين ڊالر ٿئي ٿو.
مسٽر چائوءَ جي آفيس مان سندس 39 ماڙ منڊارن سنگاپور ھوٽل جا ٽاور پڻ نظر اچن ٿا- جيڪي Luxury Apartments جا جھڳٽا آھن. مسٽر چائوءَ ھڪ پراڻي زماني جي عمارت ڏي ھيٺ اشارو ڪندي ٻڌايو: “آئون اھا جاءِ ھرگز نه وڪڻندس . اِھا عمارت دارصل اھا آھي جتي پورھئي ۽ پئسي ڪمائڻ لاءِ آتي ڇوڪري (چائوءَ)، ھڪ چيني سيٺ جي دڪان ۾ شاپ اسسٽنٽ ٿي ڪم شروع ڪيو ھو. چائوءَ- جنهن، غربت سان زندگيءَ جي شروعات ڪئي، محنت، ايمانداري ۽ عقل کان ڪم وٺي خوب پئسو ڪمايو ۽ دڪان جي نوڪر مان دڪان جو مالڪ ٿيو، وارپاري ٿيو، جھازن جو خريدار ٿيو. اڄ ھو نه فقط سٺو سوداگر آھي پر بئنڪر، ھوٽلن جو مالڪ، ٻن ملڪن جو سفير، ڪميونٽي جو اڳواڻ، اثر رسوخ وارو ۽ سخي مرد آھي جنهن شخص تعليم پٺيان ڪروڙھا ڊالر خيرات ڏئي ڇڏيا آھن. ھن جي ذاتي دوستن ۾ ھن پاسي جون ڪيتريون اھم شخصيتون ٿي گذريون آھن، جھڙوڪ: چيانگ ڪائي شيڪ، چائو اين لائي، ڊينگ زيائوپنگ، لارڊ مائونٽ بئٽن، تنڪو عبدالرحمان وغيره.
پاڪستان جي چنيوٽين، کوجن، بوھرين، ڏيپلائي ميمڻن ۽ لاڙڪاڻي پاسي جي شيخن وانگر جنهن واپاري ڪميونٽي سان مسٽر چائوءَ  جو تعلق آھي اھا چين جي سواتر Swatow)۽ منڊارن زبان ۾ (Shantou علائقي جي ٽيوچو ڳالھائي ٿي ۽ اھي ھانگ ڪانگ، ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا ۾ پڻ پکڙيا پيا آھن ۽ گھڻو ڪري بئنڪن، ھوٽلن ۽ جھازن جا مالڪ ۽ واپاري آھن. پاڻ ۾ ٻڌي به ڏاڍي اٿن. بقول چائوءَ جي: اسين ٽيوچو Teochews ڪئنٽوني زبان ۾Chiuchows) به سڏجن ٿا) ھڪ  ٻئي سان ئي دوستي ڪيون ٿا ۽ ھڪ ٻئي جي ئي مدد ڪندا رھون ٿا. ھڪ ئي صوبي مان اچڻ ڪري اسان ھڪ ٻئي سان پنهنجائي محسوس ڪريون ٿا .
مسٽر چائو چار شاديون ڪيون ۽ ڏھٽاڻ پوٽاڻ ۾25 ٻار اٿس. ھو صبح جو ڇھين بجي اٿي تائي چي (Tai Chi) ڪسرت ڪري ٿو. ( تائي چي قديمي چيني ورزش آھي جنهن کي ڌرمي درجو حاصل آھي. ان ۾ آھستي آھستي پاڻ کي ذھني طرح سڪون ۾ رکڻو پوي ٿو). تائي چي ورزش بعد چائو ڊگھي واڪ تي نڪريو وڃي. ان بعد تيار ٿي ھلڪي نيرن ڪري بئنڪ واري آفيس ۾ وڃي ٿو. آفيس وڃڻ لاءِ ڊرائيور ھن کي سندس 25 سال پراڻي ڪار رولس رائس ۾ وٺي ويندو آھي. منجھند جي ماني ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ بزنيس مين سان ڪندو آھي. ان بعد ٿوري دير ننڊ ڪري ھوٽلن جي سار سنڀال لاءِ ھوٽل منڊارن سنگاپور واري آفيس ۾ وڃي وھندو آھي، جتي ھو ڪيترن ئي ملاقاتين سان ملندو پڻ آھي.
مسٽر چائوءَ جي ننڍ پڻ جي ڪھاڻي
مسٽر چائو جي رھائشگاھ جو نالو Lien Villa آھي. ھن  ٻي وڏي لڙائيءَ بعد سگھو ئي اھو گھر  ورتو ھو ۽ اڄ اڌ صدي گذرڻ بعد به اھو ان ئي حالت ۾ آھي ايتريقدر جو فرنيچر کي به ھيڏانهن ھوڏانهن ريڙھيو نه ويو آھي. بقول سندس 28سالن جي جوان چيني زال مار گريٽ چان جي ته چيني ماڻھو سک ۽ سٺي ڀاڳ جي حالت ۾ گھر يا گھر جي سامان ۾ رد بدل آڻڻ ۾ گريز ڪن ٿا متان اڀاڳ نه ٿي پوي. سندس زال لنڊن جي تعليم يافته وڪيل آھي، ھن ٻڌايو ته ھڪ دفعي مالھيءَ، گھر جي باغ ۾ ماکيءَ جي مکين جي ماناري کي ھڪ ھنڌان ڪڍي ٻئي ھنڌ لڙڪائڻ ٿي چاھيو ته چائوءَ ان کي به منع ڪئي ۽ چيو ته جيڪا شيءَ جتي آھي انکي اتي ئي رھڻ ڏيو نه ته بدسوڻي ٿي پوندي. سندس بئنڪ جو نشان (Logo) ٽونگ وارو سڪو آھي. ھڪ دفعي بئنڪ جي ڊئريڪٽرن صلاح ڏنس ته ان کي بدلايو وڃي پر ھن کين اھو چئي صلاح قبول نه ڪئي ته اھو نشان مونکي تڏھن کان پسند آھي جڏھن آئون ٻار ھوس ۽ چين ۾ رھندو ھوس.
چائوءَ جي زندگيءَ جو وڌيڪ احوال سندس زباني جيئن ڇپيو آھي ھتي ائين ڏيان ٿو:
چين ۾ منهنجي پيءُ کي ڪپڙي جو دڪان ھو. خريدار ڪپڙي جي قيمت پتل جي سڪن ۾ چـُـڪائيندا ھئا. ھڪ سينٽ ۾ ڏھ پتل جا سڪا ھئا. ھڪ ڊالر (جنهن ۾ ھڪ ھزار اھڙا پتل جا سڪا ٿيا) وڏي ڳالھ سمجھيو ويو ٿي. ڌنڌو سٺو ھلي رھيو ھو. آئون پنهنجي پيءُ کي غريب ماڻھن کي علاج ۽ دوا درمل لاءِ پئسا ڏيندو ڏسندو ھوس. ڪڏھن ڪڏھن ھو دفن جو خرچ پڻ غريب گھر جي ڀاتين کي ڏيندو ھو. اسان ھڪ سادي گھر ۾ رھياسين ٿي پر اھو تمام صاف سٿرو ۽ سھڻو ھوندو ھو. ھن کي وڏو ٻـِـدرو ھو ۽ چانور رکڻ لاءِ گندي ھوندي ھئي.
پٺئين پاسي سمھڻ لاءِ ڪمرا ھئا ۽ وچ ۾ وھڻ ۽ ماني کائڻ لاءِ ھال ٺھيل ھو- جنهن جي اڳيان ورانڊو پڻ ھو. مونکي ياد ٿو اچي ته مونکي منهنجي پيءُ ٻڌائيندو ھو ته اسان جو پڙڏاڏو يا شايد تڙ ڏاڏو سرڪاري نوڪريءَ ۾ وڏي عھدي تي ھو. مونکي ھن جي رئنڪ جي خبر ناھي. ملڪ جي شھنشاھ اسان جي ڳوٺ جي ماڻھن کي ڇتين جي گرڊرن کي ڳاڙھو رنگ ۽ ٽيئرن کي بلو رنگ ھڻڻ جي موڪل ڏني ھئي. (1)
ھڪ ڏينهن منهنجي پيءُ مونکي ٻڌايو ته منهنجو نالو ليئن ينگ چائو ڇو رکيو ويو. چيني لفظ ينگ چائو ھڪ خوبصورت ٻيٽ جي نالي تان ورتل آھي جتي بي انتها پاڻي آھي. جڏھن تون وڏو ٿيندين، بابا چيو، ته آئون اھو ئي چاھيندس ته تون ڪنهن اھڙي ٻيٽ تي وڃين جتي تمام گھڻو پاڻي ھجي ۽ تون روزگار ۾ سٺو ڪمائي سگھين.
چين ۾ تن ڏينهن جي رھائشي حالتن مطابق اسان سٺو کاڌو ۽ اوچو ڪپڙو پھريو ٿي. انهن ڏينهن ۾ جن جي گھر ۾ چانور ھوندا ھئا اھي وڏي ڳالھ سمجھيا ويا ٿي. جڏھن آئون ستن سالن جو ٿيس ته بابو ماستر صاحب کي دعا سلام ڪرڻ لاءِ مونکي مندر واري اسڪول ۾ وٺي ھليو. اسڪول ۾ اسان ٽيوچيو (ڏکڻ چين جي چيني زبانن مان ھڪ ٻولي) ڳالھائي ٿي ۽ تمام ھلڪا ڪتاب پڙھيا ٿي.
اسڪول بعد مون بابا کي سندس ڪم ۾ مدد ڪرائي ٿي. بابا خريدارن کي قرض تي ڪپڙو ڏيندو ھو پر فقط ڪجھ مھنن لاءِ. سال ختم ٿيڻ مھل ته ھن ھر صورت ۾ حساب چڪتو ڪرڻ چاھيو ٿي. ماڻھن کان قرض وٺڻ لاءِ مونکي وڃڻو پوندو ھو ۽ نئين سال جي ڏينهن تي ته صبح کان وٺي آڌي رات ٿي ويندي ھئي ۽ مونکي پاڻ سان لالٽين کڻي نڪرڻو پوندو ھو.
اھڙي ھنڌ رھجانءِ جتي پاڻي جام ھجي
ھڪ ڏينهن جڏھن آئون ستن سالن جو ھوس ته منهنجي پيءُ گھر ۾ گھڙڻ سان  پنهنجي چوٽي (Pigtail)ڪتري ڇڏي ۽ پوءِ منهنجي پڻ ڪتري ڇڏي. آئون سڄو ڏينهن رئندو رھيس. منهنجي پيءُ مونکي سمھجھائيندي چيو: ڏس پٽ، پاڻ کي ھاڻ پراڻي زماني جي رواج موجب چوٽيون نه رکڻ کپن ڇو جو ھاڻ پنهنجو واسطو ان چين سان ٿيڻ وارو آھي جيڪو ڊاڪٽر سن يات سين (Sun Yat Sen) جي ھٿ ۾ آھي.
انهن ڏينهن ۾ منهنجي ماءُ ھڪ فال ڪڍڻ واري مائي وٽ مونکي وٺي ھلي. آئون باھ واري گھوڙي جي سال ۾ ڄائو ھوس جيڪو سال سٺ سالن ۾ فقط ھڪ دفعو اچي ٿو. فال وجھڻ واري مائيءَ، جيڪا چڱي ڪراڙي لڳي رھي ھي مختلف سالن جي 60 پتن کي اٿلائيندي پٿلائيندي گھوڙي جي تصوير وارو ھڪ ڪارڊ ۽ ٻه ڪاٺيون کنيون.
ان جو مطلب ڇا ٿيو؟ منهنجي ماءُ پڇيو.
فال ڪڍندڙ عورت گنڀير منهن ٺاھي ڪنڌ ڌوڻيو. مون سمجھيو ته ھوءَ پڪ اھو چوندي ته آئون جلد مري ويندس. اوھ، منهنجو، بلڪ تنهنجو ھي پٽڙو! فال ڪڍندڙ مائيءَ چيو، تمام ڊگھي ڄمار جو ٿيندو. ھن قسم جي گھوڙي کي پنهنجي سڄي طاقت سان مقابلو ڪرڻو آھي. پر تون فڪر نه ڪر ھن کي کائڻ پيئڻ توڙي پھرڻ لاءِ تمام گھڻو ملندو. رھڻ لاءِ عاليشان گھر ھوندس. پر انهن سڀني سوڀن کي ماڻڻ لاءِ ھن کي محنت کان ڪم وٺڻو پوندو.
منهنجي ماءُ خوش ٿيندي مرڪيو ۽ مون به دل ۾ سوچيو ته مڙيئي خير آھي جيستائين محنت جو سوال آھي اھا ته آئون بيشڪ تمام گھڻي ڪندس.
 1916ع، جڏھن آئون نون سالن جو ٿيس ته منهنجي غريب ماءُ گذاري وئي. ٻئي سال چين ۾ اھڙي ته خطرناڪ وبا پکڙي جو منهنجو پيءُ به ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ھو فقط چاليھ سالن جو ھو. منهنجي سار سنڀال لھڻ لاءِ ڪير به نه ھو. مونکي فقط ھڪ ڀاءُ ھو جيڪو مونکان به ٻه سال ننڍو ھو. مون پنهنجي پيءُ جي سوٽ جي ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو پر مونکي مزو نه آيو. سو آئون بابا جي ڳالھ تي غور ڪرڻ لڳس- پٽ، اھڙي جاءِ جي ڳولا ۾ رھجانءِ جتي پاڻي اڻ ميو ھجي.
مونکي ڌيان ۾ آيو ته اسانجي ڳوٺ کان پنج ڇھ ميل پري واري ڳوٺ ۾ منهنجي ڏاڏي جي ھڪ ڀيڻ جيڪا مسٽر تي (Tay) جي زال آھي، رھي ٿي. ھو تمام گھڻو شاھوڪار ھئا ۽ ھنن کي رھڻ لاءِ ھڪ سھڻو گھر ھو. منهنجي ڏاڏي جي ھن ڀيڻ جي مڙس تي لئان چئان (Tay Lian Chuan) ۽ سندس پٽ کي ھڪ بيڪري شاپ ھو. سو آئون ھنن سان ملڻ ويس ۽ مونکي ھنن خوشيءَ سان پاڻ وٽ ڪم لاءِ رکيو. مون ڪجھ وقت ھنن جو نوڪر ٿي ڪم ڪيو پر مونکي اتي به مزو نه آيو ڇو جو اھا جاءِ ڪو ٻيٽ نه ھو. ھڪ ڏينهن منهنجي سوٽ مونکي چيو ته ھن جي مڱينديءَ جي پيءُ کي ھانگ ڪانگ ۾ ھڪ سيڌي جو دڪان آھي. مون چيو مانس: يار! ھو مونکي پنهنجي دڪان تي نوڪر ڪري رکندو؟ تون معلوم ته ڪر، ٿي سگھي ٿو ھن کي ڪم واري جي ضرورت ھجي.
ڪجھ عرصي بعد ھن مونکي خوشخبري ٻڌائي ۽ آئون نڪري پيس. مون پنهنجي سوٽ جو گھر ڇڏيو ۽ سواتو شھر ڏي روانو ٿيس جتان پوءِ آگبوٽ (Steam Ship) ذريعي ھانگ ڪانگ پھتس. ھانگ ڪانگ پھچڻ سان آئون ڪم ۾ جنبي ويس. نه ڏٺم ٿي ڏينهن نه رات. مون ٻن سالن تائين بنا پگھار جي ڪم ڪيو. مون کي فقط کاڌو ۽ رھائش ملي ٿي ۽ سال ۾ ھڪ دفعو انگ پائو (خرچي). روز صبح جو مونکي ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون ۽ ڇوڏا ڪري اچڻو پيو ٿي ۽ پوءِ ويھ ويھ پنجويھ پنجويھ ڪيٽي وزن جون چانورن جو ڳوڻيون مختلف گھرن ۾ پھچائڻيون پونديون ھيون ۽ انهن کان پئسا پڻ اوڳارڻا پوندا ھئا. ڪي ڪي گھر ته ٻي يا ٽي ماڙ تي ھوندا ھئا.
آئون تمام خوش ھوس. مونکي اھو سوچي خوشي ٿي، ته آئون محنت ڪري پنهنجي باس کي پئسو ڪمائڻ ۾ مدد ڪري رھيو آھيان. مون سڄي دڪان کي ٻهاري ڏئي ڇنڊيو ڦوڪيو ٿي ۽ سڄي گھر لاءِ ڳنڌڻ ماني ٺاھي ٿي. پھرين آئون فقط ڀت رڌيندو ھوس، ان بعد مڇي ۽ ڀاڄيون به رڌڻ لڳس. نيرن تي اسين چانورن جي رٻ، چونئرن ۽ لوڻاٺيل ڀاڄيءَ سان کائيندا ھئاسين. انگريزن جي حڪومت ڪري ھانگ ڪانگ وري به چين کان سکيو ستابو ھو پر تڏھن به ماڻھو ايڏا خوشحال نه ھئا، غربت گھڻي ھئي. اسان وٽ پيئڻ لاءِ ڪافي نه ھئي. فقط چيني چانهھ ھئي، سا به ڪڏھن ڪڏھن پيئڻ لاءِ ملندي ھئي ۽ جڏھن جڏھن ڪنهن کي ملي ويندي ھئي يا خريد ڪري سگھندو ھو ته خوشيءَ سان پيئندو ھو.
ھر ھڪ کي خوش ڪرڻ لاءِ آتو ھوس
ھانگ ڪانگ اچڻ کان اڳ مونکي فقط ٽيوچو زبان آئي ٿي. ھانگ ڪانگ ۾ ڪئنٽوني زبان ھلي ٿي ۽ آئون جلد سکي ويس. ھڪ ڏينهن تي جو چيانگ (Tay Joo Chiang)، جيڪو چين ۾ منهنجي سوٽ جي بيڪري شاپ تي اڪائونٽنٽ ھو، اسان سان ملڻ آيو. ھو سنگاپور جي ھڪ ڪمپني ‘Kian Guan Chan’ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ اوڏانهن وڃي رھيو ھو. ان ڪمپنيءَ جو مالڪ اوئي تيانگ ھام ھو جيڪو سنگاپور ۽ باتاويا (جڪارتا) جو  مشھور کنڊ جو بادشاھ (Sugar King) ھو. مسٽر تي کي خبر ھئي ته آئون محنتي ڇوڪرو آھيان ۽ مونکي وڌڻ ويجھڻ جو شوق آھي سو مونکي چيو: ڪر خبر، سنگاپور ھلڻ جو ارادو اٿئي؟
ھانگ ڪانگ ۾ مونکي پگھار نٿي مليو. رڳو انگ پائو (خرچي ۽ بخشش) ٿي ملي. سو مون سوچيو ته ڇو نه ھلجي. مون مسٽر تي کي ٻڌايو ته ھن وقت  مون وٽ ڀاڙي جا پئسا نه آھن. جيئن ئي گڏ ڪندس ته سنگاپور تو وٽ اچي نڪرندس.
ان ساڳي سال،  1920ع ۾ منهنجي پيءُ جو ھڪ سؤٽ، جنهن کي آئون چاچو سڏيندو ھوس بئنڪاڪ ۾ رھيو ٿي، ھانگ ڪانگ گھمڻ آيو ۽ واپس وڃڻ وقت مونکي به ھلڻ لاءِ چيو.  مون چيومانس ته آئون سيام (ٿائلنڊ) ھلڻ بدران رستي تي سنگاپور ۾ لھڻ پسند ڪندس. مون وٽ ڏھ ھانگ ڪانگ جا ڊالر ھئا جن مان پنجاھ سينٽ ( اڌ ڊالر) پاڻ وٽ رکيم باقي ٻيا پنهنجي چاچي کي ڏنم. سامونڊي سفر لاءِ اسان ھڪ پراڻي ھزار ٽن جي آگبوٽ ۾ ڊيڪ پئسينجرن جي حيثيت سان اٺن نون ڏينهن جي سفر لاءِ سوار ٿياسين. ڊيڪ پئسينجرن لاءِ ڪمرا نه پر گدام ھئا جن ۾ اسان ائين سٿيل ھئاسين جيئن سارڊين مڇيون دٻيءَ ۾ ھونديون آھن. ھيترن مسافرن لاءِ فقط ھڪ ڪاڪوس ھو.
چوڏھن سالن جي ڄمار ۾ آئون سنگاپور پھتس. منهنجا ھٿ ۽ کيسا خالي ھئا. جسم تي گنجي ۽ چڍي ھئي. اسان آگبوٽ مان لھي سمپان (ڪاٺ جي چپن تي ھلندڙ ٻيڙي جنهن ۾ چار پنج ماڻھو ويھي سگھن) ۾ چڙھياسين جنهن نديءَ جي منهن وٽان ٿي رور وئلي روڊ وٽ ڌڪين تي اچي ڇڏيو. سمپان مان لھي ڌڪيون چڙھي مٿي نديءَ جي ڪناري تي اچي بيٺاسين يعني River Valley روڊ تي، جتي ڪيترائي رڪشا وارا موجود ھئا. منهنجي ۽ چاچي جي کيسي ۾ ڀاڙي لاءِ ڏھ سينٽ به نه ھئا سو اسان پنڌ ئي پنڌ ڀاڄين جي ھڪ فارم ۾ آياسين جيڪو منهنجي چاچي جي ڪنهن واقف ڪار جو ھو. ٻئي ڏينهن اسان مسٽر تي (Tay)کي ڳولي ھٿ ڪيو. ھن کي سوچيو به نه ھو ته آئون ڪو ھتان اچي نڪرندس سو مونکي ڏسي ھن تعجب لڳو. ھن اسان کي ماني ھلي کارائي. سڀان سوير مون وٽ ھليو اچجانءِ ھن مونکي چيو. ھن مونکي ڪـِـيان ٿائي شاپ تي نوڪري وٺرائي ڏني جيڪو مسٽر تي وو سينگ جو ھو ۽ رابنسن روڊ تي 62 نمبر دڪان ھو. اٽڪل 40 کن ماڻھن ان دڪان ۾ ڪم ڪيو ٿي.
چڱو نوجوان، مسٽر تي چيو، آئون توکي ڪم تي رکان ٿو پر وعدو ڪر ته دل لڳائي محنت ڪندين.
مون جواب ڏنو: ھائو. ضرور سائين.
تي وو سينگ تمام سٺو ماڻھو ھو. ھن گوتم ٻڌ جي پوڄا ڪئي ٿي ۽ ٻڌ بکشوئن کي دل وٽان خيرات ڏنو ٿي. ھن جو ڌنڌو جھازن کي سامان سپلاءِ ڪرڻ ھو. ھن جھاز ۽ جھازين جي ضرورت جي ھر شيءَ سپلاءِ ڪئي ٿي- کاڌي پيتي جي شين کان وٺي سڙھن، لنگرن ۽ کوھن جو سامان. ڪوڪن ڪلين ۽ رسين لالٽينن کان ڀاڄيون ڀتيون ۽ ميوا شراب. ۽ آئون ھر ڪم ڪندو رھيس- ٻهاري ڏيڻ، ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ، ڍڳي گاڏين تي آيل سامان لھرائڻ، جھازن تي موڪلڻ جو سامان پئڪ ڪرڻ. مختلف دٻيون ۽ شيشا شيشي جي ڪٻٽن ۾ ٺاھي رکڻ. جنهن وقت به ڪو اھڙو ڪم نظر آيو ٿي جيڪو آئون ڪري سگھيس ٿي، ان کي ان ئي وقت پورو ڪيم ٿي. ھر ھڪ کي خوش ڪرڻ لاءِ آتو رھيس ٿي.
تڪڙين پروموشنن ٻين جي دل ۾ ساڙ پئدا ڪيو
ھڪ مھني جي نوڪريءَ بعد، منهنجي باس مونکي چيو ته ھو مونکي ھر مھني ڏھ ڊالر پگھار طور ڏيندو. آئون بيحد خوش ھوس. سال پوري ٿيڻ تي انگ پائو طور ويھ ڊالر ملڻ تي پڻ مونکي ڏاڍي خوشي ٿي مون ڪجھ پئسا پنهنجي ننڍي ڀاءُ ڏي چين موڪليا، ڪجھ پئسن جا ڪپڙا ورتا، باقي بچائي رکيم. آئون دڪان جي ٻي ماڙ تي ستس ٿي، ۽ ڏينهن ۾ ٽي دفعا ماني ملي ٿي ۽ وار ڪترائن لاءِ به پئسا مليا ٿي. صبح جو ستين بجي ئي اٿي ڪم ۾ لڳي ويندا ھئاسين ۽ شام جو ڇھين بجي موڪل ڪندا ھئاسين. آچر ڏينهن به اھائي روٽين رھندي ھئي. سڄي سال ۾ موڪل جو فقط ھڪ ڏينهن آيو ٿي- اھو ھو چينين جي نئين سال شروع ٿيڻ وارو پھريون ڏينهن.
سال پورو ٿيڻ تي منهنجي باس ٻڌايو ته ھو منهنجو پگھار ٻيڻو ڪري رھيو آھي. “ڇو ٿا مونکي کاريو؟” مون چيو.
“آئون توکي کاري نه رھيو آھيان.” ھن وراڻيو “اھو ان ڪري ٻيڻو ڪري رھيو آھيان جو تون تمام گھڻو ڪم ڪرين ٿو. آئون توکي ڏيتي ليتيءَ جو ھنر سيکاريندس.”
اھڙي طرح مون نه فقط گھڻي کان گھڻو ڪم ڪيو ٿي پر واپار ۽ پئسي جي ڏي وٺ پڻ سکندو رھيس. منهنجي وي سيانگ ھاڪ نالي ھڪ چيني ڇوڪري سان دوستي ٿي وئي جيڪو ڀر واري گھر ۾ رھيو ٿي. جيئن ته ھو اسڪول ويو ٿي ان ڪري آئون ھن کي مسٽر وي ڪري سڏيندو ھوس. ھڪ ڏينهن مون ھن کي چيو: مسٽر وي، مون کي انگريزي سيکاريندين؟
ھن رضامندي ڏيکاري ۽ ٻئي ڏينهن کان ھو روزانو ڪلاڪ ٻه مونکي انگريزي سيکارڻ لڳو.
رابنسن روڊ جي ھن دڪان ڪيان ٿاءِ شاپ تي ٻه سال ڪم پورو ڪرڻ تي مون وٽ ايترو پئسو ٿيو جو مون نوان بوٽ وٺي پاتا ۽ پھرين سال کان وڌيڪ بچايو. مون ڪيترائي دوست ٺاھيا. ڪڏھن ڪڏھن آئون مسٽر وي سان  گڏ فلم ڏسڻ لاءِ سئنيما ويندو ھوس ۽ ھميشھ ھن جي ٽڪيٽ آئون ڀريندو ھوس ڇو جو ھو مونکان ڪڏھن به ٽيوشن جا پئسا نه وٺندو ھو. ان سال مون 200 کن ڊالر ڪمايا. جڏھن آئون سورھن سالن جو ٿيس ته مونکي اسسٽنٽ شپنگ ڪلارڪ مقرر ڪيو ويو. ان پروموشن سان گڏ منهنجو پگھار به ٻيڻو ڪيو ويو. مونکي جھاز تي وڃي گھربل شين جو آرڊر وٺي اچڻو پوندو ھو. مونکي ھاڻ ايتري انگريزي آئي ٿي جو شين جي لسٽ ٺاھي سگھان. ڪڏھن ڪڏھن ته يڪي سؤ کن شين جي لسٽ ھوندي ھئي. دٻن ۾ پئڪ ٿيل شيون، شراب، بيئر، بسڪيٽ، کاڄا چونئرا، ٽوال، صابڻ، مشينن جا اسپيئر پارٽ وغيره وغيره. منهنجي باس چيو: تون ايترو ئي سٺو آھين جيترو ٿيڻ کپي. مونکي توکي ايترو پگھار ڏيڻ کپي جيتري جو تون لائق آھين.
1923ع ۾ مونکي ترقي ڏئي شپنگ ڪلارڪ ٺاھيو ويو. مونکي ھاڻ ايتري ته انگريزي آئي ٿي جو مختلف شين جا بل ۽ رسيدون وغيره ٺاھي سگھيس ٿي. آئون آفيسر ٿيڻ جي باوجود پنهنجي ماتحت عملي سان ملندو رھيس. ڪنهن مزور کي سامان کڻائڻ ۾ به مون عار نٿي محسوس ڪيو. جھاز تي سامان چاڙھڻ وقت قلين کي کڻائڻ ۾ مدد ڪندو ھوس. آئون 40 ڪيٽي چانور جي ڳوڻ يا برف جو  بلاڪ کڻي سگھيس ٿي. ان سال بونس سميت منهنجي پگھار 1040 ڊالر ٿيو. انهن پئسن مان مون 900 ڊالر بچائي رکيا. مونکي اسسٽنٽ مئنيجر بنايو ويو. ايندڙ مال جو آئون انچارج ھوس ۽ مون کي مارڪيٽ جي اگھ پار تي نظر رکڻي پئي ٿي ۽ پوءِ مارڪيٽ جي جائزي ۽ پنهنجي تجربي موجب مال جي خريدارن ۽ امپورٽ جو ڌنڌو ڪرڻو پيو ٿي. مونکي ڪيترين ئي وڏين ڪمپنين جي مئنيجرن سان ملڻو پيو ٿي. انهن ڪمپنين مان ڪجھ ھيون: بواسٽيڊ، گٿري، رابنس ۽ جان لٽل. سن  1925ع ۾ جڏھن آئون 19 سالن جو ٿيس ته مون ڪجھ وقت ڪميونٽي جي ڪمن کي ڏيڻ شروع ڪيو. ان سال مون 2340 ڊالر ڪمايا جن مان پورا 2000 ڊالر بچايا.
منهنجين انهن تڪڙين پروموشنن ٻين جي دلين ۾ ساڙ پئدا ڪيو. پئسو بچائڻ ڪري ڪي مونکي ڪنجوس سڏڻ لڳا. پر ساڳي وقت ضرورتن کان مجبور ٿي مونکان اوڌر به وٺڻ لڳا ۽ پوءِ مونسان ضد ۽ زنگ ڇڏي ٿي ڏنائون. ڪيترن ته اوڌر واپس به نٿي ڪئي. ھڪ وقت اھڙو اچي ويو جو دڪان ۾ ڪم ڪندڙن ۾ اڌ کان وڌيڪ منهنجا قرضي ھئا.

سنگاپور جي فوجي اڏن جا ٺيڪا اسانکي ملڻ لڳا
ويھن سالن جو ٿي مون شادي ڪئي. ان وقت جي ماءُ پيءُ کي ھر وقت اھا اؤن ھوندي ھئي ته پٽڙا شادي ڪن ته پوٽا پوٽيون ڏسون. منهنجي چاچي ٻڌايو ته منهنجي پيءُ منهنجي شاديءَ جي جوابداري ھن کي سونپي آھي ۽ ھو ان ڪم لاءِ چين مان ڪا ڪنوار ڳولڻ چاھي ٿو. چاچا، مھرباني ڪري اھو ڪم منهنجي حوالي ڪريو. آئون پاڻھي پنهنجي لاءِ ڪنوار ڳوليندس. مون ان بابت پنهنجي دوست وي سيانگ ھاڪ (جنهن مونکي انگريزي سيکاري ھئي) جي ڀيڻ سان ڳالھ چوري. ھن کي تعليم حاصل ڪرڻ جا ڪي موقعا نه مليا ھئا پر ٻين ڳالھين ۾ تمام سگھڙ ھئي. مون پنهنجي چاچي کي ھن سان ملڻ لاءِ موڪليو جنهن کي ڇوڪري پسند آئي ۽ اسانجي شاديءَ لاءِ راضي ٿي ويو. شادي تمام سادي نموني سان رچائي وئي. اسان پنهنجي سس سان پيرين پئي ملياسين ۽ وات مٺو ڪيوسين ۽ ٻيو مڙيئي خير. اسان پنهنجي رھڻ لاءِ ھڪڙو ڪمرو مسواڙ تي ورتو. ان ڪمري لاءِ جنهن فرنيچر جي مونکي ضرورت ھئي ان جي اسڪيچ ٺاھيم ۽ شنگھائيءَ جي ھڪ واڍي کان ٺھرائي ورتم.
انهن ڏينهن ۾ منهنجي پنهنجي مئنيجر سان کٽ پٽ ٿي پيئي جيڪو عمر ۾ مونکان پنج سال وڏو ھو. مون ڏٺو ته واپار جي معاملي ۾ ھو پراڻائي طريقا استعمال ڪري رھيو ھو ۽ ھن منهنجي ڪابه صلاح نٿي ورتي. باس چيو ته ھاڻ ڳالھ ھيءَ آھي جو مئنيجر مون وٽ توکان وڌيڪ رھيو آھي، ان ڪري بهتر اھو ٿيندو ته تون ڇڏي وڃ. ھن مونکي ھڪ ھزار ڊالر وڌيڪ ڏنا. ھن ڀلي ڀت سمجھيو ٿي ته آئون ڌار رھي به اڪيلي سر گذارو ڪري ويندس ۽ ٻيو ته انهن ڏينهن ۾ منهنجي باس سمورو ڪم مئنيجر حوالي ڪري ڇڏيو ھو ۽ پاڻ ڪانگ ميانگ سان وارو مندر ٺھرائڻ ۾ مشغول رھيو ٿي جنهن لاءِ ھن رنگون (برما) مان گوتم ٻڌ جا ٽي وڏا مجسما گھرايا ھئا.
مون 5000 ڊالرن جي مور سان ‘Asian Ship Chandler’ نالي ڪمپني شروع ڪئي. ھڪ آئون پاڻ ھوس ۽ ٻيو ھڪ ڪلارڪ رکيم. آئون اڪيلي سر جھازن تي وڃي سامان لاءِ آرڊر وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. پر منهنجي سيڙپ تمام گھٽ ھئي. ان ڪري مون پنهنجي ھڪ دوست کي پاڻ سان شامل ڪيو جيڪو ھڪ ٻي ڪمپنيءَ جو اسسٽنٽ مئنيجر ھو. گھڻيئي محنت ڪئيسين پر افسوس جو اسانجي ڪمپنيءَ جو ڏيوالو نڪري ويو. بهر حال مونکي ڪو گھڻو ڏک نه ٿيو جو مونکي ڌنڌي جي ڄاڻ ۽ تجربو ھو. ٿوري ئي عرصي ۾ ھڪ ٻي فرم ۾، منهنجو لڳايل پئسو وڌي 12000ڊالر ٿي ويو. ان بعد وري مون پنهنجي مٿئين دوست (جنهن جو نالو ھائو وانگ ھانگ ھو) کي پاڻ سان شامل ڪري ڪمپني ٺاھي ۽ جيئن ته مونکي انگريزي آئي ٿي ان ڪري منهنجي 60 سيڪڙو حصيدراي رھي. ان ڪمپنيءَ جو نالو واھ ھـِـن ائنڊ ڪمپني رکيوسين. واھ (WAH) معني چين ۽ ھن (Hin) معنيٰ خوشحالي. اھو  1929ع جو سال ھو ۽ آئون 23 ورھين جو ٿي چڪو ھوس. اسان رابنس روڊ تي ٻه دڪان وٺي انهن جي سٺي نموني مرمت ڪرائي ھڪ ماڊرن قسم جا اسٽور روم کوليا. منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ھجڻ ڪري اسان جي واھ ھـِـن ائنڊ ڪمپنيءَ کي وڏين وڏين ڪمپنين ۽ ڪارخانن کان ڪريڊٽ ملڻ لڳو. مسٽر ھائو (مون وارو دوست) ۽ آئون سٺي نموني ڪم ڪندا رھياسين.  1929ع کان وٺي  1941ع تائين اسان جي ڪمپني واھ ھـِـن ائنڊ ڪمپني لڳاتار وڌندي ويجھندي رھي جيتوڻيڪ وچ وچ ۾ ڌنڌي ۾ موڳائپ به آئي ٿي. اسان برطانيھ جي نيوي ۽ آرميءَ کي راشن پاڻي سپلاءِ ڪيو ٿي. سنگاپور ۾ فوجين جون ڪيتريون ئي ڇانوڻيون ۽ اڏا ٺھي رھيا ھئا جن جا ڪيترائي ٺيڪا اسانکي ملڻ لڳا. برٽش وارن اسان کي ڀروسي جوڳو ۽ سستي اگھ وارو مڃيو ٿي ۽ ھائو ۽ منهنجو اھو ئي اصول ھو ته فائدو گھٽ رکجي جيئن گراھڪي وڌي. ڪڏھن ڪڏھن ته اسان کي اھي ٽينڊر به ملي ويا ٿي جن ۾ اسان ڪجھ وڏا اگھ پيش ڪيا ٿي. اھو ان ڪري جو اسان سٺو مال سپلاءِ ڪيو ٿي ۽ وقت تي پھچايو ٿي ۽ مليٽري وارن انهن سان وڌيڪ ڏيتي ليتي رکڻ چاھي ٿي جن سان ھنن جي پھرين کان سڃاڻپ ٿي وئي ٿي
جپانين جو سنگاپور تي حملو
اڳتي ھلي اسان پنهنجي ڪمپني واھ ھن ائنڊ ڪمپنيءَ جون ڪجھ شاخون ٺاھيونسين، جن جو ڪم دٻن ۾ پئڪ کاڌو ۽ ميوو امپورٽ ڪرڻ ھو. مليٽريءَ جا ٺيڪا ھجڻ ڪري اسان ولايت مان ھزارين کوکا سامان جا گھرايا ٿي ۽ اسان جو ھول سيل وارن سان به مقابلو ھوندو ھو. ھول سيل جو واپاري به اھو آئٽم ايتري گھٽ قيمت ۾ ڏئي نٿي سگھيو جنهن ۾ اسان ريزڪيءَ ۾ سپلاءِ ڪيو ٿي. اسان پنهنجي ڪمپنيءَ جون شاخون ڪوالالمپور، پينانگ، اپوح ۽ ملايا جي ٻين شھرن ۾ به کوليون. مون ھڪ عليءَ نالي ملئي ڊرائيور رکيو جيڪو منهنجي عمر جو ٿيندو مھني جا ڏھ ڏينهن کن اسانجا Oldsmobile گاڏيءَ ۾ رستي تي گذرندا ھئا. ھڪ ڏينهن اسانجي گاڏي رستو ٽپندڙ نانگ مٿان چڙھي وئي. اسان گاڏي بيھاري مئل نانگ کي ڏسي رھيا ھئاسين ته مونکي عجيب ڌپ محسوس ٿي. جھڙو کڻي مٿي ڏسان ته ھڪ وڏو واگھ (tiger) بيٺو ھو. زندگيءَ ۾ ھي پھريون دفعو ھو جو مون ٽائيگر ڏٺو. اسان شيشا مٿي ڪري وٺي زور زور سان ھارن وڄايو ۽ واگھ جنگل ۾ غائب ٿي ويو.
اسانجي ڪمپنيءَ واھ ھـِن ائنڊ ڪمپنيءَ مسواڙ جا دڪان ڇڏي پنهنجي عمارت خريد ڪئي. اھو ائين ٿيو ته رابنسن روڊ وارو 62 نمبر دڪان جيڪو منهنجي باس جو ھو، جنهن ۾ مون ڪم جي شروعات ڪئي ھئي، باس جي مري وڃڻ بعد ھاڻ ان دڪان جي وڪري لاءِ اعلان ڪيو ويو ھو. اسان جا دڪان ننڍڙا ۽ گرائونڊ فلور تي ھئا. سنگاپور ۾ نه فقط چينين جا دڪان، آفيسون، اسٽور روم ۽ گدام ھئا پر انڊين ۽ يورپين جا پڻ ھئا. اسان چينين ۽ انڊين کان يورپين جا دڪان وڏا ۽ ماڊرن ھئا. سو مون دل ئي دل ۾ پاڻ کي چيو: ڏس، چائو، جڏھن يورپي ڪري سگھن ٿا ته ڇو نه اسين؟ واھ ھـِن ائنڊ ڪمپنيءَ جي ڏھين ورسيءَ تي اسان نئين ورتل جاءِ ۾ شفٽ ٿياسين. مون سنگاپور جي وڏن واپارين ۽ دوستن کي ڪاڪٽيل پارٽي ڏني. اسانجي پھرين سنگاپورين ڪمپني ھئي جنهن ايڏي پئماني تي دعوت ڪئي. آئون پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي چين مان وٺي آيس. ان ۾ ڪو گھڻو وقت نه لڳو جو آئون ڪامياب ماڻھو سڏجڻ لڳس. سنگاپور جي پروويزن ائنڊ وائين ائسوسيئيشن جو مونکي اڳواڻ بنايو ويو. مون خير جي ڪمن ۾ خاص ڌيان ڏيڻ شروع ڪري ڏنو. پنهنجي ڪمائيءَ جو ڏھون حصو خيرات ٿي ڪيم- خاص ڪري غريبن جي تعليم لاءِ. چيني ٻارن لاءِ سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا حاصل ڪرڻ ڏکيو ڪم ھو سو مون جھڙن واپارين سنگاپور جي چيني اسڪولن جو خرچ برداشت ڪيو ٿي.
 1941ع ۾ 34 ورھن جي ڄمار ۾ مونکي چائنيز چئمبر آف ڪامرس جو صدر ٺاھيو ويو. ھيستائين جيڪي صدر چونڊيا ويا ھئا انهن ۾ آئون ننڍي ۾ ننڍو ھوس. مونکي ڏاڍي خوشي ۽ فخر محسوس ٿيو. پنهنجي ڪمپني واھ ھـِن ۾ ڏھين تائين ڪم ڪرڻ بعد روزانو چئمبر ۾ ويندو ھوس ۽ ٽپھري ڌاري موٽندو ھوس. ڪجھ ھن قسم جو سسٽم ٺاھيو ويو ھو ته چئمبر جي صدارت جو واري وٽيءَ تي چين جي مختلف صوبن جي ماڻھن کي موقعو ڏنو وڃي. آئون ٽيوچو ڳالھائڻ وارو چيني ھوس، مونکان اڳ ھوڪين ڳالھائڻ وارو لي ڪانگ چيان ھو جيڪو سنگاپور جو رٻڙ ڪنگ سڏيو ويو ٿي. اھڙي طرح نائب صدر به مختلف چيني ڪميونٽي يا صوبي جو چونڊيو ويو ٿي.
انهن ڏينهن ۾ چئمبر جي صدر کي وڏي ڳالھ سمجھيو ويو ٿي، ۽ جيڪو به ٿيو ٿي ته ھن کي وقت ۽ پئسي جي قرباني ڏيڻي پيئي ٿي. چئمبر طرفان نانينگ سيانگ پائو نالي اخبار پڻ ڪڍڻي پيئي ٿي. چئمبر جو صدر ھجڻ ڪري ماڻھن منهنجي ھر قسم جي مدد ڪئي ٿي. منهنجو ڌنڌو ھر روز وڌندو ئي رھيو، وڌندو ئي رھيو ۽ پوءِ،  8 ڊسمبر تي، جپانين جي ھوائي جھازن سنگاپور مٿان بم ڪيرايا.
آسٽريليا ۾ مونکي ڪو ڍنگ جو ڪم نه سجھيو
سنگاپور ۾ بم ڪيرائڻ بعد، جپانين في الحال سنگاپور کي ڇڏي ملايا جو رخ رکيو. سال1942 شروع ٿيو جپانين ھوائي حملا وري شروع ڪيا. رستي ويندي جيئن  ئي الارم وڳو ٿي يا ھوائي جھاز جا آواز ٻڌاسين ٿي ته ڪار مان لھي، آئون ۽ ڊرائيور ڊرين جي پائيپن ۾ لڪي وياسين ٿي. گھر کان ٻاھر نڪرڻ خطري کان خالي نه ھو پر مون ھڪ صدر جي حيثيت ۾ ھر روز چئمبر جو چڪر ھئڻ ضروري سمجھيو ٿي. ھوائي حملن ۾ چئمبر جي عمارت کي به سخت نقصان رسيو ھو ۽ مون ھر روز ھزارين مزرو، ڊالر في مزرو جي حساب سان مرمت جي ڪم لاءِ لڳايا ٿي. ميمبرن ان ڪم جي فنڊ لاءِ باقاعدي چندا ڏنا ٿي. روزانو صبح جو ڏينهن بجي، اسان کي جنگ بابت احوال ۽ حڪم احڪام وٺڻ لاءِ ليفٽيننٽ جنرل آرٿر پر سيوال ۽ ٻين آفيسرن سان ملڻو پيو ٿي. ساڳي وقت ڪٿي ڪنهن امداد جي ضرورت پئي ٿي ته اسانکي ان بابت اطلاع ڏنو ويو ٿي.
منهنجي دوست ۽ منهنجي ڪمپني واھ ھــِـن ڪمپني جو پارٽنر مسٽر ھائو مونکي چتاءُ ڏيندو رھيو ته انگريزن سان گھڻو ملي جپانين خلاف بچاءُ جو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏي ڇو جو جيڪڏھن جپانين جي سوڀ ٿي ۽ سنگاپور سندس قبضي ۾ اچي ويو ته پوءِ انگريزن سان گڏ اسانکي به ڳولي ڳولي ماريندا يا گھٽ ۾ گھٽ زندگي زھر ڪندا. جيئن جيئن جپاني ملايا کان سنگاپور ڏي وڌندا ويا ته مسٽر ھائو مونکي صلاح ڏني ته آئون سنگاپور ڇڏي ڪنهن ٻئي ملڪ ھليو وڃان. پٺيان ھو ڌنڌي جي سنڀال لھندو رھندو. اسان ھڪ لک سنگاپوري (Straits) ڊالر بئنڪ جي لاڪر ڊپازٽ ۾ رکيا جيئن  سڀان جي اڪائونٽ بند ڪري ڇڏين ته گھٽ ۾ گھٽ لاڪر مان پئسا ڪڍي ڪم ۾ آڻي سگھجن. مسٽر ھائوءَ لاڪر جي چاٻي رکي. ملڪ ڇڏڻ لاءِ مون لاءِ گورنر جي اجازت وٺڻ ضروري ھئي ۽ 10فيبروري تي آئون ان ڪم لاءِ ھن وٽ ويس پر ھو سخت مشغول ھو. جپاني ملايا کان سنگاپور جي سززمين تي پھچي چڪا ھئا ۽ ھاڻ وچ شھر ڏي وڌي رھيا ھئا. سو وڌيڪ ترسڻ بدران ڪالونيل سيڪريٽري مسٽر فريزر وٽ پھتس. ھن منهنجي ڳالھ ٻڌي مونکي سنگاپور ڇڏڻ جي يڪدم موڪل ڏني.
منهنجي کيسي ۾ ڪجھ ھزار ڊالر کان علاوھ 7500 ڊالرن جو چيڪ پڻ ھو جيڪو انڊيا يا آسٽريليا مان ڪئش ٿي سگھيو ٿي، سڃاڻپ جا ڪاغذ ھئا ته آئون سنگاپور جي چائنيز چئمبر جو صدر آھيان، فوجي ٺيڪن جون ڪاپيون ھيون ۽ ٻه وڏا ھيرا (ڪل 50,000) ڊالر قيمت جا) ھئا، جيڪي مون ڪڇي اندر سبي ڇڏيا ھئا. مونکي سمھڻ وقت خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پيو ٿي جو منهنجي ٻاروتڻ کان وٺي سڄي عمر جي اھائي ڪجھ ڪمائي ھئي جيڪا آئون پاڻ سان کڻي ٻاھر نڪري رھيو ھوس. پٺيان منهنجي گھر گھاٽ، دڪان، آفيس يا ٻي ملڪيت جو ڇا ٿيندو ان جي خبر نه ھيم. مون آسٽريليا جي بندرگاھ پرٿ ڏي ويندڙ مسافر جھاز ايس. ايس. گارگن تي سفر ڪرڻ جي ٽيڪٽ خريد ڪئي. ھو بلو فنل ڪمپني وارن جو ٻاڦ تي ھلندڙ، 4000 ٽن وزني جھاز ھو. مون جھڙا پنج سؤ کن مسافر ھن جھاز تي سوار ھئا.جن ۾ چيني قونصل جنرل ۽ ٻيا ڪيترائي واپاري پڻ ھئا. اسان کي 10 تاريخ باٽاويا (جڪارتا) لاءِ   Sailڪرڻو ھو پر سمنڊ تي جپاني ۽ برطانيھ جي جنگي جھازن جي وچ ۾ سخت بمباري شروع ٿي چڪي ھئي جنهن ڪري اسان کي بندرگاھ ۾ ئي ترسڻو پوي. نيٺ اسان کي چينين جي نئين سال شروع ٿيڻ کان اڳ سنگاپور ڇڏڻ جو موقعو ملي ويو. سمنڊ تي بارود جا ڄڻ ته الا ٿي ٻريا. اسانجي قافلي ۾ جملي ٻارنهن جھاز ھئا. اسان جي خوشقسمتي چئجي جو اسان جي جھاز کي ڪو گولو پاسيرو به نه لڳو.
باٽاويا (جڪارتا) پھچڻ تي اتي جي بندرگاھ جي ھاربر ماسٽر ٻڌايو ته شھر کان جپاني ڪي 15ميل مس پري آھن ۽ ڄاڻ ته سندن جھاز پھتا. سو اسان ان ئي وقت پرٿ (آسٽريليا) لاءِ لنگر کنيو ۽ پورن ستن ڏينهن راتين بعد پرٿ جي بندرگاھ ۾ پھتاسين. جيتوڻيڪ آئون ڀاڙو ڏئي چڙھيو ھو پر ڪئپٽن مونکي به کوھي (Mast)سان پٽي ذريعي ٻڌي بائنا ڪيولر (دوربين ) ڏئي ڇڏي ته آب دوز (Submarine) تي نظر رکان. جھاز فوجين سان ايڏو ته ڀريل ھو جو مونکي فرسٽ ڪلاس جي ڊائننگ ٽيبل تي سمھڻو پيو ٿي. کاڌو خوراڪ به تمام گھٽ ھئي پر خوشنصيبيءَ سان جھاز جو چيف اسٽيوورڊ منهنجو پھرين جو واقف ھو جڏھن آئون ڪيان ٿائي شاپ تي ڪم ڪندو ھوس. ھتان ھتان بچائي، ھو منهنجي پورت ڪندو رھيو.
پرٿ ۾ پھچڻ تي خبر پئي ته سنگاپور جپانين جي حوالي ٿي ويو آھي. آئون ٻه مھنا کن آسٽريليا ۾ ڪجھ ڪرڻ لاءِ ھيڏانهن ھوڏانهن ڦرندو رھيس. ھاڻ چائنيز چئمبر آف ڪامرس جو صدر ٿي ڪنهن ھوٽل ۾ بئرو ٿي ته ڪم ڪري نٿي سگھيس ۽ نه وري گاڏي ۾ شيون رکي ھوڪا ڏيئي وڪڻي ٿي سگھيس. ھونءَ رڍين ٻڪرين جا فارم وٺي ھلائي سگھيس ٿي پر ان قسم جي ڪم جو مونکي ڪو تجربو نه ھو.
انهن حالتن کي ڌيان ۾ رکي مون چين وڃڻ جو سوچيو. مون پنهنجي خاندان کي اڳواٽ ڪلڪتي موڪلي ڇڏيو ھو، جتي منهنجو ھڪ سٺو دوست ڊاڪٽر پائو اتي نئشنلسٽ قونصل جنرل ھو. مون ھن ڏي تار موڪلي پنهنجي فئمليءَ کي چين موڪلڻ لاءِ مدد گھري. مون ٽرانسپورٽ جھاز نيو ليڊيئر ذريعي پرٿ ڇڏيو جيڪو ڪولمبو لاءِ بارود کڻي پئي ويو. مون کي فرسٽ ڪلاس ڪئبن لاءِ ھڪ ھزار ڊالر ڏيڻا پيا پر ان ھوندي به مونکي جھاز تي خلاصين وانگر ڪم ڪرڻو پيو. ڪولمبو پھچي خبر پيئي ته فقط ھڪ ڏينهن اڳ جپاني جنگي جھازن ڪولمبو تي ڏاڍا بم بارود اڇلايا پر برطانيھ جي رايل نيوي جي جھازن ھنن کي ڊوڙائي ڪڍيو.
ڪلڪتي پھچڻ تي مونکي خبر پئي ته منهنجي فئملي خيريت سان چين پھچي وئي، سو  مون به ڪنمنگ (چين) لاءِ ھوائي سفر جي ٽڪيٽ خريد ڪئي. مونکي ٻڌايو ويو ته ھماليا جبل مٿان ٽپي ويندڙ ڏھن ھوائي جھازن مان ھڪ اڌ جو ضررو حادثو ٿئي ٿو. تن ڏينهن ۾ DC-3 ڊڪوٽا جھاز ھلندا ھئا جن ۾ وھڻ لاءِ 40 سيٽون ھيون. آئون سلامتيءَ سان پھتس ۽ پنهنجي فئمليءَ کي سک سانت ۾ ڏسي چنڪنگ روانو ٿيس. ويھن کان به مٿي سال سنگاپور ۾رھڻ بعد، ان کي ائين ڇڏڻ جو ڏاڍو ڏک ھوم. اڳتي جي ڪا خبر نه ھيم. پٺيان سڀ جائداد ۽ ڌنڌو سنگاپور ڇڏي آيو ھوس. آئون پنهنجي گھر، قيمتي شين ۽ واھ ھن ائنڊ ڪمپني ۾ پنهنجي حصي کي وسارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. چين ۾ رھڻ لاءِ مونکي ھڪ تمام سٺي ھوٽل ملي وئي، جنهن جو مالڪ وڏو عرصو رھڻ جو ٻڌي مونکان گھٽ مسواڙ وٺڻ لاءِ راضي ٿي ويو.
سنگاپور چائنيز چئمبر آف ڪامرس جي صدر جي حيثيت ۾ مونکي چيانگ ڪائي شيڪ پاڻ وٽ گھرائي ملايا جي حالتن مطابق خبر چار ورتي. ھن کي ڌارين ملڪن ۾ رھندڙ چينين جو بيحد اونو ھو. ھو ڪا دير مونکان پڇندو رھيو ته آئون ۽ منهنجي فئملي سنگاپور مان ڪيئن ڀڄي نڪتي. ڪجھ ڏينهن بعد ھن مونکي وار ٽائيم پوليٽيڪل قونصل وٽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ رھندڙ چينين جو نمائندو مقرر ڪيو. جنهن وقت آئون سنگاپور ڇڏي رھيو ھوس ته مون اھوئي سمجھيو ته بس ھر ڳالھ ختم ٿي وئي، پر پوءِ ٿورن ئي مھنن ۾ آئون چين جو ھڪ اھم ماڻھن ليکجڻ لڳس. ملڪ جي بچاءَ لاءِ قوم پرست جماعتون چين جي صدر چيانگ جي اڳواڻيءَ ۾ ۽ ڪميونسٽ مائو زيڊانگ ۽ چائو اين لائي جي قيادت ۾ ملي رھيا ھئا. اھي الائيز فورسز سان ملي جنگ جيتڻ جا اپاءِ وٺي رھيا ھئا. آئون فارين پاليسي جي ڪميٽي ۾ رکيو ويس. ان ۾ ٻيا ھي ميمبر ھئا: چائو اين لائي، تـُـنگ پي وو ۽ شائو لـِي چـر. ڪميٽيءَ جو ڪم الائيڊ ملڪن سان لھ وچڙ ۾ اچڻ ھو.
مون چين ۾ رھندڙ سنگاپور جي انهن شاگردن جي وڏي مدد ڪئي جن کي گھران پئسا اچڻ بند ٿي ويا ھئا. مون تعليم قائم رکڻ لاءِ سندن ھمٿ افزائي ڪئي. چين جي مختلف شھرن مان بئنڪن جا مالڪ ۽ نمائندا چنگ ڪنگ ۾ گڏ ٿي رھيا ھئا سو مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته ڇو نه ھتي بئنڪ کولي وڃي. مون ملايا، برما ۽ انڊيا ۾ رھندڙ وڏن چيني واپارين جي ميٽنگ سڏرائي. کين ٻڌايو ته آئون انهن بئنڪرن جي خدمتن جي لسٽ ٺاھڻ چاھيان ٿو جيڪي ھانگ ڪانگ، شنگھائي ۽ چين جي ٻين شھرن مان جنگي مسئلن ڪري خارج ڪيا ويا آھن. ھنن مونکي بئنڪ کولڻ لاءِ لائسنس وٺڻ لاءِ چيو جيڪو عام صورتن ۾ تمام ڏکيو ملي ٿو. پر مون صدر چيانگ سان ڳالھ ڪئي جنهن وزير خزانا سان ان ئي وقت ڳالھائي ڪم پڪو ڪرايو.
مون مٿين بئنڪن وارن کي به پنهنجي بئنڪ ۾ شامل ڪيو جيئن گڏ ھلائي سگھجي. اسانجي بئنڪ جو نالو اوور سيز چائنيز يونين بئنڪ رکيو ويو، جيڪو نالو نانيانگ سيانگ پائو اخبار جي سابق ايڊيٽر مسٽر فانگ لـِـي سن اسان لاءِ چونڊيو. آئون ايگزيڪيوٽو پريزيڊنٽ چونڊيو ويندس. مون ھيرا وڪڻي بئنڪ لاءِ مور ڏنو. اسان ينگسي نديءَ جي ڪناري تي ٻماڙ بلڊنگ مسواڙ تي وٺي بئنڪ شروع ڪئي. آئون مٿين ماڙ تي رھڻ لڳس. ڪجھ ڏينهن بعد، منهنجي ھڪ دوست ٻڌايو ته ٿائلنڊ جو ھڪ اسان جي زبان ٽيوچو ڳالھائڻ وارو مسٽر چـِـي او يانگ، جيڪو فلپين جي ڪميونيڪيشن بئنڪ جو مئنيجر رھي چڪو ھو ۽ ھينئر ھانگ ڪانگ جي اسٽيٽ بئنڪ آف چائنا جو مئنيجر ھو، جنگي حالتن کان ڀڄي چين جي شھر گوئيلن ۾ آيو آھي. ھن کي بئنڪن ھلائڻ جو وڏو تجربو آھي. آئون ھن جي  رھائش واري شھر ڏي ھلي ويس ۽ کيس منٿ ميڙ ڪري وٺي آيس ته ھو ھلي اسان جي بئنڪ جو پھريون مئنيجر ٿئي.
سال ۾ ھڪ ڊالر پگھار واري نوڪري
اسان پنهنجي بئنڪ جي ھڪ برانچ ويٽنام جي بارڊر واري شھر ٽانگ قنگ (Tong Qing) ۾ به کولي جيڪا تمام سٺو ھلڻ لڳي. ڏکڻ اوڀر جي ملڪن کان ڀڄي آيل چيني اتي آيا ٿي ۽ پاڻ سان آندل ھيرا جواھر، سون ۽ ڳھ ڳٺا وڪڻي، اسان جي بئنڪ معرفت چين ۾ رھندڙ سندن ٻين مٽن مائٽن ڏي پئسا موڪليا ٿي- خاص ڪري چين جي انهن علائقن ڏي جن تي اڃان جپانين جو قبضو نه ٿيو ھو. بعد ۾ اسانجي بئنڪ جي ھڪ ٻي برانچ ليوزھو شھر ۾ پڻ کولي وئي. مون محسوس ڪيو ته اسانجي بئنڪ دنيا ۾ رھندڙ چينين جي وچ ۾ ھڪ مضبوط ڪڙيءَ جو ڪم ڪري سگھي ٿي ۽ اسانجي بئنڪ ذريعي چينين کي نه فقط ھڪ ٻئي جي ڄاڻ ملي سگھي ٿي  پر سندن ڳانڍاپو پڻ ٿي سگھي ٿو.
ان بعد چين ۽ برطانيھ حڪومتن جي نمائندن مونکي چيو ته آئون پنهنجو اثر رسوخ ھلائي  ولايت ۾ رھندڙ چينين کي آمادھ ڪريان ته ھو ھن جنگ (جپان ۽ انگلنڊ جي وچ واري-ٻي عالمي لڙائيءَ) ۾ انگريزن جي مدد ڪن. مون کين صلاح ڏني ته ان لاءِ سٺا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ بهتر اھو ٿيندو ته يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي ڀرتي ڪيو وڃي. منهنجي اھا آئيڊيا انگريز توڙي چيني حڪومت کي پسند آئي ۽ سون جي تعداد ۾ نوجوان چيني شاگردن کي سلون (سريلنڪا) جي جابلو شھر ڪئنڊيءَ ۾ موڪليو ويو. انهن ڏينهن ۾ ڪئنڊي (Kandy) برٽش فوج جي ڪمانڊر ان چيف لارڊ لوئيس مائونٽ بئٽن جو ھيڊڪواٽر ھو. ٽريننگ بعد انهن چيني شاگردن کي ھيلڪاپٽرن ذريعي ملايا جي جنگلن ۾ لاھڻ جو پروگرام رٿيو ويو، جتان ھو گوريلا جنگ وڙھي سگھن.
ڪرنل لم بوسينگ (جيڪو پوءِ ميجر جنرل ٿيو) ان پروجيڪٽ لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو. ھي صحيح معنيٰ ۾ ھيرو ھو. ھڪ ڏينهن اسان  اھا خبر ٻڌي ته ھو اپوح ۾ جھلجي پيو آھي. (اپوح شھر اتر ملائيشيا جي رياست پيراق جي گاديءَ جو ھنڌ آھي). اھو ٻڌي اسانکي ڏاڍو ڏک ٿيو. اسان سڀني دل سان مڃيو ته ھن انهن سڀني پاران قرباني ڏني جن آزاديءَ لاءِ جنگ جوٽي ھئي.
1945ع جي شروعات ۾، صدر چيانگ مونکي اسپيشل ڪمشنر جي حيثيت ۾- يعني  ھڪ قسم جو سفير ڪري لنڊن موڪليو. منهنجو ڪم اھو ھو ته اھي يورپي ملڪ: ھالنڊ، فرانس، انگلنڊ وغيره جن جون ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ڪالونيون ھيون انهن سان ملي اوڀر ايشيا جي جنگ ۾ ڊٺل شھرن کي ٺاھڻ لاءِ سوچيو وڃي. لنڊن ۾ مون ھوٽل Savoy ۾  پنهنجي آفيس سيٽ ڪئي. منهنجي پھرين ملاقات ۽ واسطو لارڊ لوئيس مائونٽ بئٽن سان ٿيو. ان بعد، آئون سر ايڊورڊ جينٽ سان مليس جيڪو ملايا ۽ سنگاپور جو پھريون ھاءِ ڪمشنر ٿيو. آئون سر آرٿر موس سان پڻ مليس جيڪو ھانگ ڪانگ بئنڪ جو چيئرمين ھو. ھو ھانگ ڪانگ لاءِ اھو ئي ڪم ڪري رھيو ھو جيڪو آئون ڪري رھيو ھوس. پاڻ قد جو قداور، خوش مزاج ۽ عمر ۾ مونکان  15 سال وڏو ھو ۽ ھن مونکي ڀاءُ ڪري ٿي سمجھيو.
ھن نوڪريءَ ۾ چيني حڪومت مونکي سال ۾ ھڪ ڊالر پگھار طور ڏنو ٿي. پنهنجو ذاتي خرچ مون پنهنجي کيسي مان ڪيو ٿي. واھ ھـِـن ائنڊڪمپني طرفان برطانيھ جي حڪومت ڏي منهنجي ڪجھ رھت ھئي. ان جا بل پيش ڪري مون کانئن خرچ پکي لاءِ پئسو ورتو ٿي. ھوٽل سيوئاءِ زبردست ھوٽل ھئي، البت مھنگي ڏاڍي ھئي. پر مون پڪو پھ ڪيو ته چين جي ھڪ نمائندي جي حيثيت ۾ مونکي اسٽائيل ۾ رھڻ کپي. منهنجي حوالي ھوٽل جو سوٽ ھو جنهن ۾ بيڊ روم ۽ ھڪ ڊرائنگ روم به ھو. اھا وڏي عياشي ھئي پر منهنجو ھڪ ئي مقصد ھو ته جپانين کان جنگ کٽي وڃي   ۽ سنگاپور واپس موٽي ڌنڌو ڄمائجي.
ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ منهنجي گھر ۾ ھڪ جپاني جرنيل رھيو
لنڊن ۾ جيڪي سرڪاري قسم جون دعوتون ٿيون ٿي انهن ۾ مونکي به سڏرايو ويو ٿي ۽ مون محسوس ڪيو ته اھا منهنجي پڻ ڊيوٽي آھي ته ھنن کي ڪاڪٽيل ريسپشن تي گھرايان. ان دعوت ۾ لنڊن جو  چيني سفير ڊاڪٽر ويلنگٽن خو پڻ آيو. ان کان علاوھ ھالنڊ، فرانس ۽ بيلجم ۾ رھندڙ چيني سفير پڻ اچي نڪتا. اسانجي مھمانن ۾ لارڊ اِن ور فورٿ ۽ الرڊ ٽيـِـورٽ (ھائوس آف لارڊس جو نمائندو)، سر ايڊورڊ جينٽ، لنڊن ۾ رھندڙ چيني اڳواڻ ۽ بزنيس ڪميونٽي جا نمائندا پڻ ھئا. منهنجي اھا دعوت وڏي ڪاميابي ثابت ٿي.
جنگ ختم ٿيڻ بعد، امدادي ڪمن جي پوئواريءَ لاءِ آئون پئرس ۽ ھيگ روانو ٿيس. 14 آگسٽ 1945ع واري ڏينهن تي آئون ڊائننگ روم ۾ لنچ ڪري رھيو ھوس ته ھيڊ ويٽر اچي مونکي ھا خوشخبري ٻڌائي ته اتحادي فوجون (Alliance) کٽي ويون آھن. مون يڪدم سر ايڊورڊ جينٽ کي فون ڪيو ته آئون سنگاپور وڃڻ چاھيان ٿو. پھرين آڪٽوبر تي، ھن مونکي ٻڌايو ته ھو ٻن ڏينهن بعد ھوائي جھاز ۾ سنگاپور وڃي رھيو آھي ۽ ان ۾ ھڪ سيٽ مون لاءِ پڻ خالي آھي. ان ڏينهن شام جو مون ڪيترن ئي اھم شخصيتن کي ڊنر تي گھرايو- خاص ڪري انهن کي جن مونکي لنڊن ۾ رھڻ دوران  مدد ڪئي. ان دعوت ۾ اسان خوب شئمپئن (شراب) پيتو ۽ ڊانس ڪئي. اسان جي ڀرواري ٽيبل تي لارڊ مائونٽ بئٽن ويٺل ھو.
آئون BOAC ڪمپنيءَ جي ھوائي جھاز رستي سنگاپور روانو ٿيس. واٽ تي رات ڪولمبو ۾ گذري. ٻئي ڏينهن سيليتار ايئربيس تي ڪيترن وڏن آفيسرن ۽ چائنيز چئمبر آف ڪامرس جي ميمبرن منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو. خوشيءَ وچان منهنجي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا.
جيسين چين کان نئون قونصلر جنرل پھتو تيسين سنگاپور ۾ چين جي نمائندگي آئون ڪندو رھيس. مون سرڪاري پاسپورٽ استعمال ڪيو ٿي ۽ منهنجي ڪار تي چيني جھنڊو ڦڙڪيو ٿي.
سنگاپور جي اخبار ‘The Malayan Tribune’ منهنجي تصوير ڏئي مٿان سرخي ڏني:’The First Chinese Envoy’ آئون اڃان به چئمبر آف ڪامرس جو صدر ھوس.
جنگ جو اثر ھر ھڪ تي پيو ھو. مون کي خبر پئي ته  1942ع ۾ جپانين جو جيئن ئي سنگاپور تي قبضو ٿيو ته ھو يڪدم منهنجي ننڍي ڀاءُ جي گھر اچي ھن کان منهنجي پڇا ڪرڻ لڳا. جڏھن ھن مون بابت نه ٻڌايو ته جپاني ڪاوڙجي پيا ۽ منهنجي ڀاءُ کي جھلي ويا. دراصل ھن کي  منهنجي سنگاپور ڇڏڻ جي واقعي خبر نه ھئي. مون  پنهنجي ڊرائيور عليءَ کان پڇيو ته تو منهنجي غير حاضريءَ ۾ منهنجي ڪار Chrysler ٽئڪسيءَ طور ھلائي روزگار ڇو نٿي ڪمايو جڏھن ته جپانين سڀني ڊرائيورن تي زور پئي آندو. مون ڪنهن به صورت ۾ جپانين سان ساٿ نٿي ڏيڻ چاھيو. ھن جواب ڏنو ۽ آئون ھن جي وفاداريءَ مان ڏاڍو متاثر ٿيس.
اسان جي گھر ۾ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻيون غائب ھيون. ھو اسانکي وري نه مليون پوءِ خبر پيئي ته جپاني منهنجي ڳولا ۾ اسان جي گھران اچي نڪتا. ھنن شراب ۽ وائين جون سڀ بوتلون، ويندي 250 ننڍڙيون بوتلون، جيڪي مون ھابيءَ طور گڏ ڪيو ھيون، اھي به کڻي ويا. انهن مان ڪجھ اتي ئي پيتائون. نشي ۾ ڌت ٿي ھنن غريب نوڪرياڻين تي حملو ڪيو. منهنجا گڏ ڪيل بي بها تحفا ۽ پينٽنگلون وغيره سڀ کڻي ويا. بهر حال باقي گھر سٺي حالت ۾ ھو جو ان ۾ ھڪ جپاني جنرل رھيو ٿي. مون پنهنجي زندگيءَ جي شروعات وري نئين سنئينءَ شروع ڪئي.
نومبر جي شروع وارن ڏينهن ۾، لارا لوئيس مائونٽ بئٽن برٽش مليٽري ائڊمنسٽريشن ڪائونسل جو پھريون ائڊوائزري ڪائونسل مقرر ٿيو. مونکي سڄي ملايا جي ايڪانامي ۽ ڪامرس تي نظر رکڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. سنگاپور توڙي ملايا ۾ انهن ڏينهن ۾ کاڌي خوراڪ جي سخت کوٽ ٿي پيئي. لنڊن ۾ رھائش دوران مون اتي جي واسطيدار کاتن کي چوڻ چاڻ ڪرايو ته ھو اسان ڏي دٻي ۾ بند گوشت (Beef) ۽ دوائون موڪلين. ۽ ھاڻ اڇن چانورن جي سخت ضرروت ھئي. ھتي ڊالر جو اڌ ڪلو مس ٿي مليو، ۽ اھي چانور به ھتي جا مڪاني ديسي ٽائيپ ھئا. سو چئمبر چانور ۽ چوپائي مال گھرائڻ جو بندوبست ڪيو. ان سلسلي ۾ مونکي ھانگ ڪانگ وڃي برطانيا جي ملٽري ائڊمنسٽريشن سان ڳالھائڻو پيو.
ھانگ ڪانگ ۾ مون کي وڏي عزت ڏني وئي. منهنجو شايان شان
آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. آئون سر آرٿر موس سان پڻ مليس. ھانگ ڪانـَـگ ۾ ھيڏانهن ھوڏانهن وڃڻ لاءِ ڪائونسل مونکي ھڪ وڏي ڪار مھيا ڪئي، جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ ڪارن جي ڏاڍي کوٽ ھئي. جنگ جي ڪري سخت تباھي ٿي وئي ھئي. آئون اتي جي امپورٽرن ۽ ايڪسپورٽرن سان مليس جن سنگاپور سان واپار قائم رکڻ لاءِ جلدي جو وعدو ڪيو. دارصل مال ڍوئڻ لاءِ جھازن جي به وڏي کوٽ ھئي. پر منهنجي جھازن جي ايجنٽن سان ڄاڻ سڃاڻ ھجڻ ڪري مون ان مسئلي کي حل ڪري ورتو.
اھي ڪم ڪاريون ڪرڻ بعد مون پنهنجي ذاتي ڌنڌي ڏي ڌيان ڌريو ۽ پنهنجي ڪمپني واھ ھن ائنڊ ڪمپني کي منهن ڏيڻ شروع ڪيو. منهنجي دوست مسٽر ھائوءَ ٻڌايو ته جپانين جي اچڻ کان اڳ جيڪي ھڪ لک ڊالر پاڻ بئنڪ مان ڪڍايا ھئا انهن مان باقي 20,000 ڊالر ڪئش جي صورت ۾ بچن ٿا. مون ڪرنل ڊئويز کي خط لکيو ته اسان جي ڪمپنيءَ طرفان توھان ڏي پئسا رھن ٿا جيڪي آرميءَ جي  کنڌي ۾ کنيل آھن. پاڻ ملٽري اڪائونٽ آفيس جي حيثيت ۾ اسان ڏي ڏيڊ لک ڊالر ڏياري موڪليا جنهن رقم سان اسان جي ڪمپني واھ ھن ائنڊ ڪمپني ھڪ دفعو وري زور سان ڪاروبار ڪرڻ لڳي. بعد ۾ ڪرنل ڊئويز برگيڊيئر ٿي وري سنگاپور آيو ھو ۽ مليٽري کي راشن پاڻي سپلاءِ ڪرڻ لاءِ ھن اسان کي ڪيترن ئي ٺيڪن جي آڇ ڏني.
مون ھميشھ پنهنجي اسٽاف کي ٻين کان گھڻو پگھار ڏنو
جڏھن آئون لنڊن  ۾ آنرري ڊپلومئٽ ھوس ته منهنجي آفيس قونصليٽ وانگر ھئي. جيڪي چيني پنهنجي وطن وڃڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري رھيا ھئا انهن جي مون مدد ڪئي ٿي. انهن ڏينهن ۾ چينين ۽ ٻين لڏ پلاڻ ڪري وارن لاءِ سنگاپور جي شھريت حاصل ڪرڻ ھڪ اڻانگو مسئلو ھو. کين تڪليف ۾ ڏسي مونکي ھنن سان دلي ھمدردي ٿي ٿي. مون ھي مسئلو لارڊ ان ور فورٿ آڏو پيش ڪيو جيڪو  جھاز ران Ben Lineڪمپنيءَ جو مالڪ ھو ۽ ھڪ سياستدان، لئبر پارٽيءَ جو ڪرتا ڌرتا ۽ منهنجي Rehabilitation Committee ۾ نه فقط ساٿي رھي چڪو ھو پر منهنجي مدد به ڪئي ھئائين. مون چاھيو ٿي ته چينين کي سنگاپور جي Citizenship ملي وڃي ته ھو آٽوميٽيڪلي انگلنڊ جي شھريت لاءِ اپلاءِ ڪري سگھندا ۽ اھڙي طرح ھو وڏي خرچ کان بچي ويندا. ان ڪيس وڙھڻ لاءِ آئون ايرڪ اٽڪسن وٽ آيس جيڪو ٽاپ جو وڪيل ھو. ھن ويچاري مون کان في به نه ورتي. ھن چيو ته ھو انهن ماڻھن جي مدد ڪرڻ چاھي ٿو جن سنگاپور کي ڪامياب بڻايو آھي.
1946ع ۾، سر فئنڪلن گمسن سنگاپور جو گورنر ٿي آيو. سنگاپور جي سٽي ھال ۾ اسان ھن جي دعوت ڪئي ۽ مون چئمبر پاران آجياڻي جي تقرير پڙھي. ٻئي ڏينهن مون ھن کي پٽيشن پيش ڪئي جيڪا مسٽر ايرڪ وڪيل اسان لاءِ ڊرافٽ ڪئي ھئي ۽ جنهن ۾ اسان طرفان برطانيھ جي حڪومت کي عرض ڪيو ويو ھو ته ھو سنگاپور ۾ آيل ڌارين ماڻھن کي مڪاني شھريت ڏين. اڳتي ھلي مونکي ميونسپل ڪميشن ۾ رکيو ويو جتي مونکي حڪومت کي ان ڳالھ لاءِ راضي ڪرڻ ۾ وڏي ڪاميابي نصيب ٿي ته رڪشائون بند ڪيون وڃن ۽ 1949ع تائين، سنگاپور ۽ ملايا کي خودمختياري ملڻ لاءِ مذاڪرن ۾ آئون به حصيدار رھيس. اھم اھم ماڻھن منهنجي گھر ملاقاتن ۾ حصو وٺڻ ايندا ھئا. جھڙوڪ تنڪو عبدالرحمان ۽ سارڊن بن زبير وغيره.
ھڪ ڏينهن اھي ٻئي ڄڻا، يعني تنڪو عبدالرحمان ۽ تـُـن سارڊن جنگ کان اڳ واري پراڻي ماڊل جي ڪار بيبي آسٽن ۾ منهنجي گھر آيا. ملڪ جي آزاديءَ لاءِ بحث مباحثا ھلندا رھيا. وڃڻ وقت کانئن گاڏي اسٽارٽ ئي نه ٿئي. پوءِ مونکي گاڏيءَ کي ڌڪا ڏيڻا پيا جنهن اندر ھي ٻئي ٿلھا متارا ويٺا ھئا. آخر ۾ تنڪو بابا ملائيشيا ۽ ملائيشيا جو پھريون وزيراعظم ٿيو. تـُـن سارڊن ڪجھ وقت سنگاپور رھيو، ان بعد جوھور رياست ۾ وڃي رھيو. جيتوڻيڪ ملڪ جي  آزادي ۽ ٻين سياسي ڪمن ۾ آئون حصو وٺندو رھيس  پر مونکي ڪڏھن به سياستدان ٿيڻ جو شوق نه ٿيو.
فتحياتي بعد، اسانجي چنگڪنگ واري بئنڪ ڪئنٽن، سوواتو ۽ شنگھائيءَ ۾ پڻ برانچون کوليون. پھرين سٺو ڌنڌو ڄميو، پر پوءِ جلدئي، مائوزي ڊانگ جي اثر ھيٺ چيانگ ڪائي شيڪ جا نئشنلسٽ گروپ اچي ويا. سو اسان انهن بئنڪن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڊپازٽ به ڪي خاص وڏا نه ھئا. چين جي ڪرنسي به ڪري پئي ھئي.  1947ع ۾ آئون سنگاپور ۾ بئنڪ کولڻ بابت سوچڻ لڳس ۽  1949ع ۾، ھيءَ اوور سيز يونين بئنڪ کوليم. چين ۾ بند ڪيل بئنڪ مان ڪجھ پراڻو اسٽاف گھرائي ھن سنگاپور واري بئنڪ تي لڳايم. مون مسٽر تان سيا ڪئان کي بئنڪ جو پھريون چيئرمين مقرر ڪيو جيڪو اسانجي مخالف بئنڪ اوور سي چائنيز بئنڪ جو سابق مئنيجر ھو. آئون وائيس چيئرمين ۽ مئينجنگ ڊائريڪٽر ٿيس. اسان ان بئنڪ جو  ڪاروبار ھلائڻ لاءِ ڏھ آفيسر، پنڌرھن ڪلارڪ ۽ ٻه چوڪيدار رکيا. مسٽر چي او يانگ کي مئنيجر ڪري رکيوسين. اسان ٻه ملين ڊالر جي پيڊ-اپ ڪئپيٽل سان ڪم شروع ڪيو. ان وقت منهنجي خواب خيال به نه ھو ته ھڪ ڏينهن اسانجي بئنڪ ڪيڏي وڏي پئماني تي وڃي پھچندي.
مون بئنڪ لاءِ ڪا سٺي جاءِ ڳولڻ چاھي ٿي ۽ خوشنصيبيءَ سان اسان کي رئفلس پليس م ميئرس چئمبرس ۾ جاءِ ملي وئي. اسان کان اڳ اھا جاءِ مليٽري بئنڪ طور ڪم اچي رھي ھئي. ان بلڊنگ جو مالڪ مسٽر ميئر منهنجو سٺو دوست ھو جيڪو جپانين جي اچڻ کان اڳ ڪلڪتي ھليو ويو ھو. ھن اسان کي گرائونڊ فلور ۽ بيسمينٽ 4000 ڊالر مھني جي مسواڙ تي ڏنو. اھا وڏي ڳالھ ھئي ته رئفلس پليس اسانجي بئنڪ جي ائڊريس ھئي. اسان جي بئنڪ ۽ منهنجي ڪمپني واھ ھن ائنڊ ڪمپني سٺو ھلندي رھي. ماڻھو چوڻ لڳا ته اھو ان ڪري جو آئون بئنڪ وارن کان پگھار به نٿو وٺان. ڪي چوڻ لڳا ته آئون ڪنجوس آھيان  جو ايئر ڪنڊيشنر تي به خرچ نٿو ڪريان. پر اصل ڳالھ اھا آھي ته اسٽاف ۽ مون تمام گھڻو محنت سان ڪم ڪيو ٿي. مون پاڻ وٽ ڪم ڪندڙن کي اولاد وانگر سمجھيو ٿي ۽ منهنجا اھي اصول، اڄ به بدليا نه  آھن. ڪم ڪرڻ وارن کي سٺا پگھار ڏيڻ کپن ۽ جڏھن توھان کي وڏو فائدو ٿئي ته سڄي اسٽاف کي وڏو بونس ڏجي. اسٽاف کي پارٽيون ڏينديون رھجن. بيمار ٿيڻ ته ھنن کي اسپتال ۾ پڇڻ وڃجي. ھنن کي گھر ۾ ڪا پريشاني ھجي ته ھنن جي مدد ڪجي. جيڪو محنت ڪري ان جي پروموشن ڪجي. مون ھميشھ پنهنجي اسٽاف کي ٻين کان ڪجھ وڌيڪ پگھار ۽ ڌيان ڏنو آھي. جيڪڏھن توھان چاھيو ٿا ته توھان جو ڪاروبار سٺي نموني سان ھلي ته توھان ھميشھ بهتر ماڻھو رکو. 1958ع تائين، جڏھن به مونکي وڏو فائدو رسيو ٿي ته اسٽاف کي بونس ڏيڻ سان گڏ کين لنڊن وڌيڪ ٽريننگ لاءِ به موڪليو ٿي.
آئون ھيڪاندو ھٻڇي ٿي پيس
اسان چانورن ۽ ٻئي اناج جي امپورٽرن کي ٽريننگ ڏني ته ڪيئن شيون امپورٽ ڪجن. اسان ماڻھن کي سمجھايو ته پئسا ھنڌ بسترن ۾ رکڻ بدران بئنڪ ۾ سيونگ اڪائونٽ ۾ رکرائڻ کپن.
1957ع کانپوءِ اسان ھن بئنڪ جون برانچون سنگاپور کان ٻاھر به کوليون. ھڪ ڏينهن ڊاڪٽر گوح ڪينگ سوي، جيڪو ان وقت وزير خزانا ھو، کي مون چيو: ڊاڪٽر صاحب، منهنجي دل ٿي چاھي ته پنهنجي بئنڪ OUB جون لنڊن ۽ ٽوڪيو ۾ به برانچون کوليان، ھن منهنجي رٿ قبول ڪئي ۽ سال اندر اسانکي اجازت ناما ڏنا ويا. ٻئي برانچون 1965 ۾ ڪجھ ڏينهن جي وٿيءَ تي کوليون ويون. آئون ٽوڪيو ويس جتان جلدي جلدي نيويارڪ مان ٿي لنڊن پھتس، جيئن بئنڪ کلڻ جي فنڪشن ۾ حصو وٺي سگھان. ٽوڪيو واري بئنڪ جي اوپننگ Ceremony لاءِ مون تنڪو عبدالرحمان جي سالي کي چيف گيسٽ طور گھرايو جيڪو ٽوڪيو ۾ سفير ھو ۽ لنڊن واري بئنڪ لاءِ تنڪو صاحب جي وڏي ڀاءُ کي چيف گيسٽ ڪيو جيڪو ملائيشيا طرفان لنڊن ۾ ھاءِ ڪمشنر ھو.
واپاري دنيا ۾ ڪاميابيءَ جو راز کارائڻ پيارڻ ۽ دعوتن تي آھي. دعوتن ذريعي ئي ماڻھن سان تعلقات ٺھن ٿا. ۽ واپار وڌائڻ جو سڄي دنيا ۾ اھو ئي راز آھي. شروع وارن ڏينهن ۾ آئون پنهنجن مھمانن جي خذمت چاڪريءَ لاءِ کين ڪئٿي ھوٽل ۾ بئنڪ جي پينٽ ھائوس ۾ رھائيندو ھوس. اتي رھڻ ۾ ھنن کي ڏاڍو مزو آيو ٿي ڇو جو شھر ۾ رھائش لاءِ اھا ئي بهترين جاءِ ھئي. رئفلس ھوٽل مشھور ضرور ھئي پر اھا ڪئٿي ھوٽل وانگر چوڏھن ماڙ نه ھئي ۽ نه اتان ڏسڻ لاءِ ڪو سھڻو نظارو ھو. ھالنڊ کان آيل ڊچ بئنڪ جي ڪجھ مھمانن کي اسان جڪارتا ۾ به گھمايو ڦيرايو ۽ رھائيو، انهن اڳتي ھلي پنهنجي ايجنسي نيٺ اسان کي ڏني. ڪئٿي ھوٽل جي پينٽ ھائوس جي به دلچسپ ڪھاڻي آھي. جپاني جنرل پنهنجا ھيڊڪوارٽر ان ۾ ٺاھيا ھئا. ان بعد مائونٽ بئٽن ان ۾ رھيو. برٽش مليٽري ائڊمنسٽريشن ختم ٿيڻ بعد اسانجي بئنڪ اھو پينٽ ھائوس ھڪ ھزار ڊالر في مھني جي حساب سان مسواڙ تي ورتو-جيڪو انهن ڏينهن ۾ وڏو ناڻو سمجھيو ويو ٿي. مون ان پينٽ ھائوس ۾ شراب جو بار به ٺھرائي ڇڏيو ھو. ان ۾ ٽي بيڊروم ھئا. ڪيترائي اھم ماڻھو ان ۾ رھيا، ويندي ٿائلنڊ جي بادشاھ جي ڀيڻ  ۽ ٿائلنڊ جو پرائيم منسٽر سارت ڌنسترات پڻ.
ڪئٿي ھوٽل ۾ مون به پئسو لڳايو ۽ ھوٽل جي ڇھين حصي جو مالڪ ھجڻ ڪري آئون ان جو ڊائريڪٽر ٿيس. اھا ھوٽل لوڪ بي اِيو جي خاندان جي ملڪيت ھئي. اوشن پارڪ ھوٽل پڻ ھنن جي ھئي. ڪئٿي ھوٽل لاءِ مون ئي مسز لوڪ پي اِيو ۽ سندس پٽ لوڪ وان ٿو (Loke Wan Tho)کي صلاح ڏني ته ڪئٿي بلڊنگ ۾ آفيس ٺاھيو ۽ ھوٽل لاءِ به مون ھمت افزائي ڪئيمان. ڪئٿي ھوٽل لاءِ پھريون مئنيجر رکڻ لاءِ مون کين مائران لـِـنگ جو نالو ڏنو جيڪو شنگھائي (چين) ۾ پارڪ ھوٽل جو سابق مئنيجر ھو.
اڳتي ھلي اسان فجي ٻيٽ جي شھر سووا (Suva)۾ گرانڊ پئسفڪ ھوٽل خريد ڪئي جنهن جا مالڪ نيوزيلئنڊ اسٽيم شپ ڪمپني وارا ھئا. ان بعد اسان ٻه ٻيون ھوٽلون خريد ڪيون. اھي به فجي ٻيٽ تي ھيون. مون ۽ مسٽر لوڪ فجيءَ ۾ ڪافي چڪر ھنيا ٿي. مون جڏھن سنگاپور جي مندارن ھوٽل جو سوچيو ته ان وقت تائين ھوٽلن جي ڌنڌي ۾ مونکي پنڌرھن سالن جو تجربو ٿي چڪو ھو. مونکي صاف صاف لڳي رھيو ھو ته ان ڌنڌي ۾ وڏو فائدو آھي. پھرين لوڪ وان ٿو به مونسان گڏ ان پروجيڪٽ ۾ شامل ٿيو پر پوءِ ھن اھو ئي بهتر سمجھيو ته ھو پنهنجي ٻي جائداد تي ئي ڌيان ڌري ۽ اھا ھوٽل مون حوالي ئي ھجي. 1964ع ۾ مون اوور سيز يونين انٽر پرائيز لاءِ ورتي. ڀروارو پٽ مسٽر لوڪ پاڻ لاءِ رکيو جنهن تي آرچرڊ ٿيٽر ٺھرائين.
مون مٿيون پٽ منڊارن ھوٽل ٺھرائڻ لاءِ ورتو ھو. اھا ھوٽل پھرين 250 ڪمرن جي ٺھرائي رھيو ھوس. پوءِ مون سوچيو ته 400 ڪمرن جي ڪئي وڃي. ان بعد وري دل ۾ خيال آيم ته ڇو نه 700 ڪمرن جي ڪئي وڃي. آئون ھيڪاندو ھٻڇي ٿي پيس.
سنگاپور ھڪ ننڍڙو ٻيٽ آھي جيڪو پاڻيءَ لاءِ به ملائيشيا جو محتاج آھي
منڊران ھوٽل جي پلاننگ ڪرڻ وقت آئون ۽ منهنجي زال مختلف ھوٽلون ڏسڻ لاءِ دنيا جي چڪر تي نڪتاسين. ھر شھر جي بهترين ھوٽل ۾ رھي اسان ان ھوٽل جو جائزو ورتو ٿي. ھوٽل جي عمارت کان علاوھ ھوٽل ۾ مليل سھوليتون ۽ سروس پڻ ڏٺي ٿي. واپسي تي پنهنجي ھوٽل جي انجنير ۽ ڪنسلٽنٽ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ٿي جيئن ھو منهنجي ھن ھوٽل منڊارن کي سٺي ۾ سٺو ٺاھي سگھن. مثال طور ڪجھ ملڪن ۾ مون گول ڦرندڙ ريسٽورنٽون ڏٺيون ۽ مونکي به شوق ٿيو. نتيجي ۾ منهنجي ھوٽل منڊارن سنگاپور جي پھرين ھوٽل آھي جنهن ۾ Revolving Restaurant آھي. اسان جو انٽيريئر ڊيڪوريٽر اسڪيچون ٺاھي ايندو ھو جن کي غور سان ڏسي ھن کي ڪجھ واڌاري يا تبديليءَ لاءِ چوندو ھوس. منهنجي ٽيو نمبر پٽ سوني، جنهن آمريڪا ۾ ھوٽل مئنيجمينٽ ۾ ڊگري حاصل ڪئي ھئي ۽ ھاڻ ھلٽن ھوٽلز وارن سان گڏ ھو، موڪلن ۾ سنگاپور اچي مونکي منڊارن ھوٽل ٺھرائڻ ۾ مدد ڪندو ھو.
مون ھن ھوٽل جو نالو منڊارن ھانگ ڪانگ جي ھوٽل منڊران پٺيان رکيو. بهر حال 1972ع ۾ ٺھي راس ٿي پر اسان  1971ع کان ان جو ڪجھ حصو شروع ڪري ڇڏيو. ھوٽل جي کلڻ جي رسم ڊاڪٽر گوح ڪئي جيڪو ان وقت ڊپٽي پرائيم منسٽر ھو. شروع جي ڏينهن ۾ ڌنڌو تمام ٿڌو رھيو ۽ ٽن سالن ۾ 15ملين ڊالر نقصان ٿيوسين. پر پوءِ جي ٽن سالن ۾ نه فقط اھو نقصان ڪڍي ورتوسين پر عمارت جا به سڀ پئسا ڪڍي ورتاسين. ان کانپوءِ اڄ تائين اھا ھميشھ فائدي ۾ ھلي رھي آھي.
شروع کان ئي اسانجو ارادو ھو ته جيڪڏھن ھوٽل ھلي وئي ته اسان ڀرواري زمين پڻ وٺي ھوٽل کي وڌائينداسين. آگسٽ 1970ع ۾ اسان لوڪ فئمليءَ کان ٻيا ساڍا ٽي ھزار وال زمين خريد ڪري عمارت شروع ڪرائي. سنگاپور ۾ ايندڙ ٽوئرسٽن جو تعداد پڻ وڌي رھيو ھو. اسان ڪمرن جو تعداد وڌائي 1200 ڪيو ۽ ھوٽل جي Opening Ceremony ھڪ دفعو وري ڊاڪٽر گوح کان -1) آگسٽ1980 تي) ڪرائيسين.
مونکي ان ڳالھ جي خوشي ۽ فخر آھي ته اسانجي سنگاپور واري منڊارن ھوٽل اڄ دنيا جي بهترين ھوٽلن مان ھڪ آھي. ھن  ھوٽل ڪري اسانجي اوور سيز يونين انٽرپرائيز اسان جي ڪمپنين جي گروپ جو اھم حصو آھي. اسان جي گروپ جي ھن ڪمپنيءَ جو مرينا منڊارن ھوٽل ۾ پڻ وڏو حصو آھي ۽ ان کان علاوھ چين، ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ ترڪيءَ جي ٻين ھوٽلن ۾ پڻ اسانجا وڏا حصا آھن. اسان جي ھن ڪمپنيءَ سنگاپور ۾ منڊارن گارڊن ۽ ڪنڊومينم جي نالي سان ھزار کن گھر پڻ ٺاھيا آھن.
1960 ع کان وٺي  1970ع تائين وارا سال مون لاءِ بيحد ڏکيا ھئا. مون کي ھڪ ئي وقت ھوٽل ۽ بئنڪ کي ڏسڻو پيو ٿي. ان کان علاوھ مختلف ملڪن ۾ اسان جي ٺھيل آفيسن جي به نگھباني ڪرڻي پيئي ٿي. مون کي روزانو ٻارھن ڪلاڪ کن ڪرسيءَ تي ويھي لکپڙھ جو ڪم ڪرڻو پيو ٿي، ان کان علاوھ وڏن واپارين، سرڪاري ڪامورن ۽ سياستدان کي entertain به ڪرڻو پيو ٿي. پر ان سڄي محنت جي مونکي سٺو ڦل مليو ٿي. مون وٽ ان وقت فقط سنگاپور جي ٻن ھوٽلن منڊارن ۽ مرينا منڊارن ھوٽلن جا 2000 کن ڪمرا ھئا. ۽ مون ٻنهي ھوٽلن کي ھڪ ٻئي کان وڌ ڏسڻ چاھيو ٿي.
ملائيشيا جو پھريون پرائيم منسٽر ۽ بابا ملائيشيا تنڪو عبدالرحمان ٻي وڏي لڙائي کان اڳ کان وٺي دوست ھو. اسان کي  اھا خبر نه ھئي ته ھڪ ڏينهن سنگاپور ۽ ملائيشيا ڌار ٿي ويندو. 9 آگسٽ 1965ع تي جڏھن آئون پنهنجي زال سان اسپين جي ھڪ ٻيٽ ميورڪا (Majorca) تي موڪلون ملھائي رھيو ھوس ته ھوٽل جي مئنيجر اچي اھا خبر ٻڌائي ته سنگاپور ۽ ملائيشيا ڌار ٿي ويا آھن. مون سنگاپور فون ڪر معلوم ڪيو ته خبر پيئي ته سنگاپور جي نئين حڪومت مونکي سفير بنائڻ چاھي ٿي. آئون پنهنجي ٽرپ کي اتي ئي ڪئنسل ڪري زال سان سنگاپور موٽيس.
سنگاپور موٽڻ تي سنگاپور جي وزير خارجھ مسٽر ايس راجا رتنام (جيڪو سائوٿ انڊين تامل آھي) مونکي گھرائي مون کان پڇيو ته آيا آئون جپان ۾ رھڻ چاھيندس يا ٿائلنڊ ۾؟ مون کيس ٻڌايو ته في الحال ٻئي ملڪ مون لاءِ ڏورانهان آھن جو منهنجو سنگاپور ۾ ڌنڌو آھي، اھو رلي ويندو. بهر حال ھن کي بنهھ انڪار ڪرڻ بدران مون سوچڻ لاءِ ڪجھ عرصي جي مھلت گھري. سال کن بعد راجا رتنام مونکي گھرائي ملائيشيا جو ائڪتنگ ھاءِ ڪمشنر بڻايو. سنگاپور جي آزاد ۽ جدا ٿيڻ تي شروع شروع ۾ مونکي عجيب اڻ تڻ ھئي ته اسانجو ھڪ ٻيٽ نما ننڍو ملڪ آھي ان جو ڪاروبار ڪيئن ھلندو. پر ھاڻ ڏينهن تي ڏينهن گذرڻ تي مونکي محسوس ٿيڻ لڳو آھي ته خودمختيار ملڪ ٿيڻ ڪا خراب ڳالھ ناھي. بلڪ ٿوري گھڻي Competition سٺي ڳالھ آھي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي ترقي ٿي سگھي ٿي. شروع شروع ۾ اسانکي واقعي تڪليف ٿي جو سنگاپور ھڪ تمام ننڍو ٻيٽ آھي. ان کي ته ويندي پاڻي به ملائيشيا مان گھرائڻو پوي ٿو.
دنيا جي ٻين سفيرن کان مونکي وڌيڪ عزت ملي ٿي
ملائيشيا کان جدا ٿيڻ کانپوءِ اسانکي سنگاپور کي اڄ جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پيئي. ملائيشيا سفير ٿي وڃڻ کان اڳ آئون پرائيم منسٽر لي ڪئان يو سان ملڻ ويس. ھن چيو: مسٽر چائو تون ملائيشيا جي پرائيم منسٽر تنڪو عبدالرحمان کي به سڃاڻين ٿو، تون مونکان به واقف آھين. ان ڪري توکان وڌيڪ ٻيو ماڻھو ٿي نٿو سگھي جو اسان ٻنهي جي و چ ۾ دوستي ۽ Understanding جو ماحول پئدا ڪري. ۽ پوءِ ھن چيو، مونکي پڪ آھي ته تون پنهنجي ملڪ سنگاپور لاءِ بهتر ئي ڪندين. ۽ مون وراڻيو: جي ھا، مسٽر لي، توھان بي فڪر رھو، آئون پنهنجي وت آھر بهتر ئي ڪندس. بس اسان جي اھا ئي مختصر ڳالھ ٻولھ ٿي.
مارچ 1966ع ۾ آئون ڪوالالمپور روانو ٿيس ۽ 42 مھنن لاءِ سنگاپور جو ھاءِ ڪمشنر ٿي رھيس. پھريان ڪجھ مھنا ائڪٽنگ ھاءِ ڪمشنر ٿي ڪم ڪيم. ملائيشيا جو پرائيم منسٽر تنڪو عبدالرحمان، ھن جو ڊپٽي تن عبدالرزاق ۽ ٻيا ڪيترائي وزير منهنجا پراڻي زماني کان دوست ھئا جڏھن اسان گڏجي ويھي ملايا جي خودمختياريءَ لاءِ جدوجھد ڪندا ھئاسين. اسانجي دوستي ياريءَ ڪري منهنجي ڊيوٽي سولي ٿي پئي. سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪم ڪار پوري ڪرڻ، يا ڪا غلط فھمي دور ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جون حڪومتون مون ڏي پر اميد نظرن سان ڏسنديون ھيون. مونکي رڳو فون کڻڻ جي دير ٿيندي ھئي ۽ معاملا پاڻھي طئي ٿي ويندا ھئا. مسٽر لي ڪا ڳالھ ملائيشيا وارن کان چاھيندو ھو ته آئون يڪدم فون تي ڊئريڪٽ تنڪو کي چوندو ھوس. ڪنهن ڳالھ تي تنڪو ناخوش ھوندو ھو ته آئون پنهنجن حاڪمن کي سمجھائيندو ھوس ۽ پوءِ ان ئي وقت ملائيشيا واري پاسي ٻڌائيندو ھوس.
ڪابينا جي وزيرن جون جيڪي دعوتون ٿينديون ھيون، انهن ۾ مونکي ھميشھ گھرايو ويندو ھو. ان ۾ ڪو واڌارو نه آھي ته مونکي دنيا جي ٻين سفيرن کان وڌيڪ ۽ جھٽ پٽ، ترجيح ملي ٿي. ساڳي وقت اسان جي وزير خارجھ راجا رتنام کي به مون سان ڳالھائيندي وڌيڪ بي تڪلفي محسوس ٿي ٿي جو اسان پراڻا دوست ھئاسين. سفير جي حيثيت ۾ مون حڪومت جو ھڪ ٽڪو به خرچ نه ڪيو. مون نه پگھار ورتو ٿي ۽ نه ڪو ٻيو خرچ پکو. مون وٽ پنهنجو سڀ ڪجھ ھو ۽ پنهنجو خرچ ڪندي ۽ وقت ڏيندي مونکي دلي خوشي ٿي ٿي ته آئون سنگاپور ۽ ملائيشيا لاءِ سٺي خدمت ڪري رھيو آھيان. سنگاپور جي حڪومت مونکي اھا به ڇوٽ ڏئي ڇڏي ھئي ته آئون سفير ھجڻ جي سرڪاري نوڪريءَ سان گڏ پنهنجي بئنڪ جي چيئرميني به قائم رکندو اچان.
منهنجي حڪومت مونکي ھاءِ ڪميشن (سفارتخاني) لاءِ پنهنجي عمارت ٺھرائڻ جي سلسلي ۾ پٽ خريد ڪرڻ لاءِ چيو. ڪوالالمپور ۾ گولف ڪلب جي ڀر ۾ ايسو (ESSO) ڪمپني وارن جو وڏو پلاٽ ھو. ايسو وارن سان منهنجي وڏي عرصي سان ڄاڻ سڃاڻ ھئي. مون ھنن کي منٿ ميڙ ڪئي ته ھو اھو پٽ پنجاھ ھزار ڊالرن ۾ اسانکي وڪڻي ڏين جيتوڻيڪ ان وقت به ان  جي اصل قيمت وڏي ھئي. اسان اتي پنهنجي ھاءِ ڪميشن ٺاھي. منهنجي زال انٽيريئر ڊيڪوريشن کي ڏسڻ ۾ مدد ڪئي ۽ مون ٻاھر جو باغيچو ٺاھيو. مون پنهنجي لاءِ سنگاپور کان پنهنجو بورچي آندو ھو پر وڏين دعوتن ۾ مونکي ڪوالالمپور جي مڪاني ھوٽلن مان پڻ بورچين جي مدد ملي وئي ٿي. ڪڏھن ڪڏھن وڏن ماڻھن جي دعوت، گھر ۾ ڪرڻ بدران، پنهنجي بئنڪ جي برانچ آفيس جي پينٽ ھائوس ۾ ڪئي ٿي. اھو مائونٽ بئٽن روڊ تي ھو. آئون ۽ منهنجي زال ڪوالالمپور ۾ چڱا مشھور ٿي وياسين ۽ سخت مشغول زندگي گذارڻ لڳاسين.
اسان پير پنڌ ڀرڻ لاءِ ملائيشيا جي مختلف رياستن جي سلطانن وٽ ويندا ھئاسين جيڪي اسان جي وڏي گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪندا ھئا. منهنجي نوڪريءَ جو ٽرم آگسٽ 1969ع ۾ ختم ٿيو ۽ ڪوالالمپور ڇڏڻ کان اڳ اسان ملائيشيا جي بادشاھ سان ملڻ وياسين. ھن اسان کي چانديءَ جي فريم ۾ پنهنجو ۽ راڻيءَ جو فوٽو تحفي ۾ ڏنو. وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان، تن رزاق ۽ تن ڊاڪٽر اسماعيل پڻ اسانجي مان ۾ وڏيون دعوتون ڪيون. ان وقت کان وٺي، اڄ تائين عيدالفطر تي آئون ھميشھ ھنن پراڻن دوستن وٽ ڪوالالمپور ۾ ويندو رھان ٿو. ڪيترا مونکي ھينئر به يوئر ايڪسيلنسي چئي مخاطب ٿيندا آھن پر آئون کين ھميشھ اھو ئي چوندو آھيان ته بابا آئون ھاڻ ڊپلومئٽ نه رھيو آھيان.
ڪوالالمپور (ملائيشيا) ڇڏڻ وقت اسان جنهن وٽ آخر ۾ ڪرٽسي ڪال ڀريو اھو جوھور رياست جو سلطان ھو. ان بعد ڪاز وي (پل) ٽپي اسان جو ملڪ (ٻيٽ) سنگاپور ٿو اچي. جوھور جي سلطان اسانکي سندس بڪت سيرين واري محل ۾ لنچ ڪئي ھئي. مانيءَ بعد موڪلائي نڪتاسين ته واٽ تي مون واري پراڻي ڪار لنڪن خراب ٿي پيئي اسان کي بيھڻو پيو. سلطان به اسان جي پٺيان ھو تنهن به پنهنجي گاڏي بيھاري ۽ اسان کان بيھڻ جو سبب پڇيو. ھن کي ڏاڍو افسوس ٿي رھيو ھو جو ھو ڪنهن وڏي ڪار ۾ ھجڻ بدران ننڍڙي اسپورٽس ڪار ۾ ھو جنهن ۾ وھڻ لاءِ کائنس علاوھ فقط ھڪ باڊي گارڊ جي وھڻ جي جاءِ ھئي. پر پان اسانکي چيو پرواھ نه ڪريو، آئون توھان کي ھينئر جو ھينئر سنگاپور موڪلڻ جو بندوبست ڪريان ٿو. ۽ پوءِ اسان سان گڏ رستي تي ٿي بيٺو ۽ سندس رياست جوھور جي نمبر پليٽ واري ڪنهن وڏي گاڏيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو. آخر ھڪ لنگھي جنهن کي بيھاري، ڪار جي مالڪ چيو: آئون توھان جو سلطان آھيان. ھز ايڪسيلنسي سنگاپور جي ھاءِ ڪمشنر جي ڪار خراب ٿي پئي آھي. توھان منهنجي پاران ھن کي پاڻ سان سنگاپور وٺي وڃو. اھو ٻڌي آئون ڏاڍو خوش ٿيس.
جپاني ٿائلنڊ کي نقصان نه پھچائي سگھيا
ٿائلنڊ به مون لاءِ  اسپيشل ملڪ رھيو آھي. ٿائلنڊ ۾ رھندڙ منهنجا ڪيترائي چيني دوست مون واري صوبي سواتو جا آھن ۽ منهنجا ھم عمر ئي آھن. 1949ع کان وٺي منهنجو ٿائلنڊ وڃڻ ٿيندو رھيو آھي. بئنڪاڪ جا ٽاپ بئنڪر منهنجي علائقي جا چيني آھن جن سان منهنجو شروع کان ئي واسطو رھيو آھي. منهنجو ھڪ ته سٺو دوست مسٽر تان پـِـيات چـِـن (جنهن جو ٿائي نالو چن سوفون پانيچ ھو)، بئنڪاڪ بئنڪ جو پريزيڊنٽ ھو. ٻي وڏي لڙائيءَ کانپوءِ جڏھن ھو سنگاپور ۾ بئنڪ کولڻ لاءِ جاءِ ڳولي  رھيو ھو ته مون ھن کي پنهنجي ڪمپني واھ ھن واري بلڊنگ (جيڪا رابنسن روڊ تي ھئي) جي مٿين ماڙ جي آڇ ڪئي. مون ھنن کي اھا جاءِ سڄي سال لاءِ بنا مسواڙ جي ڏني جيسين ھنن نيو برج روڊ تي پنهنجي عمارت خريد ڪئي. اھو دوستي جو اظھار ھو جيڪو اسان ٽيوچو زبان ڳالھائڻ وارا چيني ڪندا آھيون. اھو نه ته مسٽر چن مسواڙ نٿي ڏيڻ چاھي، پر مون وٺڻ کان صاف انڪار ڪيو. ھڪ ڏينهن ھن مونکي اوميگا پليٽينم واچ تحفي ۾ ڏني جنهن جي قيمت پڪ ھزار ھا ڊالرن ۾ ھوندي.
سال کن رکي پوءِ مون به جڏھن پنهنجي اوور سيز يونين بئنڪ (OUB)کولي ته ٿائلنڊ جي ھڪ ٻي مشھور چيني شخصيت مسٽر تي گانگ لائو (جنهن جو ٿائي نالو انڊين تيجا پائيبل ھو) ۽ بئنڪاڪ ميٽرو پوليٽن بئنڪ جو صدر ھو، منهنجي مدد لاءِ مئنيجر موڪليا. منهنجي سوڪرم ناواپان سان پڻ سٺو رستو رھيو. پاڻ ٿائي مليٽري بئنڪ جو صدر ھو. مسٽر چولنگ (بانچا) رام سم جيڪو ٿائي فارمس بئنڪ جو صدر ھو، سان پڻ منهنجي سٺي ياري دوستي رھي ۽ ھڪ ٻئي جي ڪم ايندا رھياسين. اسين سڀ ٽيوچو زبان ڳالھائڻ وارا چيني ھئاسين. اسان جي بئنڪن ھڪ ٻئي جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪيو ٿي. مون راءِ ڏني ته ٿائي بئنڪون بارٽر سسٽم ۾ حصو وٺن. ٿائي ماڻھو اسان ڏي چانور موڪلين ۽ اسين سنگاپور کان دٻن ۾ بند ٿيل کاڌو ۽ ٻيو امپورٽيڊ سامان موڪليون. ھي ايل سي (Letter of Credit) ذريعي ڪم شروع ڪيو ويو. جنهن ۾ ٻنهي پاسن جي ڌرين کي فائدو رسيو ٿي. ٿائلنڊ کان چانور آڻيندڙ جھازن کي خالي نٿي موٽڻو پيو. ھنن کي ان جي بدلي سنگاپور مان سامان کڻي وڃڻو پيو ٿي. منهنجي ٿائي شھنشاھي خاندان سان پڻ سٺي ڏيٺ ويٺ ٿي وئي. ھو جڏھن به سنگاپور ايندا ھئا ته سندن خدمت چاڪريءَ جو بندوبست آئون ڪندو ھوس ۽ بئنڪاڪ ۾ آئون به ڪڏھن ڪڏھن ھنن جو مھمان ٿي رھندو ھوس.
ٿائلنڊ جي وزيراعظم جي راءِ تي ٿائلنڊ جي بادشاھ مونکي ‘Noble Order of the Crown of Thailand’ جي ڪمانڊر جو اعزاز ڏنو.  ھي ھڪ تمام وڏو اوارڊ آھي. مونکي فخر آھي ته آئون پھريون سنگاپوري باشندو آھيان جنهن کي ھي  اعزاز مليو. ٿائلنڊ ۽ اسان جي OUB (اوور سيز يونين بئنڪ) گروپ جا تعلقات اڃان تائين سٺا ھلندا اچن. ٿائلنڊ جي ھر وزيراعظم جا مونسان دوستن وارا ناتا رھيا آھن. گھرو معاملن ۾ ٿائي ماڻھو به چينين وانگر آھن، ھو پاڻ کان وڏي جي عزت ڪن ٿا. گذريل زماني ۾ جڏھن انگريز ۽فرينچ بيحد طاقتور ھئا ۽ ھنن آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن کي پنهنجيون ڪالونيون پئي ٺاھيو، پر ٿائلنڊ جي حاڪمن ۽ عوام پنهنجي ملڪ کي ڪالوني ٿيڻ کان بچائي ورتو ۽ ٻي عالمي لڙائيءَ ۾ جيتوڻيڪ جپاني ٿائلينڊ پھچي ويا پر ھنن ٿائلنڊ وارن کي ڪو خاص نقصان نه رسايو. ٿائلنڊ جو بادشاھ ئي رھيو ۽ جپانين ڪڏھن به ائين نه چيو ته “ٿائلنڊ تي ھاڻ اسانجو قبضو آھي. اسان ھن ملڪ کي بدلائڻ چاھيون ٿا”.
پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪجھ حصو ھميشھ غريبن کي ڏجي
جڏھن آئون ننڍو ھوس ته آئون پڙھي نه سگھيس. ننڍي ھوندي ئي يتيم ٿي ويس. ملڪ ۾ ڏڪاري حالتون ھيون. پڙھڻ پوءِ جي ڳالھ ھئي مزوري ڪري پيٽ جي باھ وسائڻ ۾ ئي پورو ھوندو ھوس. ان بعد اسڪول وڃڻ کان وڏو ٿيس ۽ پوءِ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انهن ئي ماڻھن کي رکڻو پيو جيڪي تعليم يافته ھئا. اھو ھنن لاءِ به سٺو ھو ۽ مون لاءِ به سٺو ھو. جن ماڻھن سان منهنجي اٿڻي ويھڻي ھئي ۽ جنهن سوسائٽي ۾ آئون رھيس ٿي اھا منهنجي لاءِ يونيورسٽي ھئي. آئون ته اھو چوندس ته انسان جي تعليم وٺڻ جي عمر وئي ناھي. ھو ھر دور ۾ تعليم حاصل ڪري سگھي ٿو. آئون جڏھن ٻار ھوس ته غربت ڪري چين ۾ مونکي ته اسڪول وڃڻ نصيب نه ٿيو ھو سو منهنجي ھميشھ اھا خواھش رھي آھي ته غريب ٻآرن جي مدد ڪجي جيئن ھو تعليم وٺي سگھن.
جڏھن کان آئون پيرن تي بيٺس- يعني 22 سالن جي ڄمار تي پھچي پنهنجو ڌنڌو شروع ڪيم تڏھن کان پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪجھ حصو ھميشھ تعليم لاءِ ڪڍندو اچان. انگريزن جي حڪومت ۾ فقط ذھين شاگردن کي برٽش اسڪولن ۾ داخلا ملي سگھي ٿي. پوءِ چيني واپارين ھمت ڪئي ۽ چندا جمع ڪري عوام لاءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کوليائون جيئن غريبن جا ٻار به تعليم جھڙو زيور حاصل ڪري سگھن. مونکي خوشي آھي ته انهن سخي مردن ۾ آئون به ھڪ ھوس جن نانيانگ يونيورسٽي ۽ نگي ائن ڪاليج (جيڪو ھينئر نگي ائن پولٽيڪنڪ سڏجي ٿي) کي ٺھرائڻ ۾ حصو ورتو. مون نئشنل يونيورسٽيءَ کي به چڱو پئسو ڏنو ٿي جيئن انهن شاگردن جي مدد ٿي سگھي جيڪي ٽيوشن افورڊ نٿا ڪري سگھن. منهنجي لاءِ اھا خوشي ۽ عزت جي ڳالھ آھي ته آئون نئشنل يونيورسٽي ڪائونسل جو ڏھن سالن کان به مٿي چيئرمين ٿي رھيس.
مون پنهنجي ذات ليئين (Lien) نالي 1980ع ۾ Lien Foundation قائم ڪئي جيڪا ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ لاءِ خيرات ڏئي- خاص ڪري تعليم جي ميدان ۾. پراڻن ڏينهن ۾ سنگاپور جي شاگردن کي چين جي يونيورسٽين ۾ موڪليو ويو ٿي. پر 1949ع ۾ مائوءَ جي اچڻ کان پوءِ جڏھن چين جي سياسي سوچ بدلي، ھنن جو چين وڃڻ بند ٿي ويو. پوءِ چائنيز چئمبر آف ڪامرس وچ ۾ آيو جيئن ڪا واھ ڳولھي سگھجي. جنوري 1953۾ تان لارڪ ساءِ (Tan  Lark Sya) نانيانگ يونيورسٽي کولڻ جي رٿ پيش ڪئي پر انگريز حڪومت ڪا دلچسپي نه ڏيکاري. ان ڪري اسان واپار سان واسطو رکندڙ چينين ھڪ لميٽيڊ ڪمپني ٺاھي. ھڪ ھوڪين ڳالھائيندڙ چيني ھوئي ڪئان (Huay  Kuan) ان يونيورسٽيءَ لاءِ جورونگ جي علائقي ۾ پنهنجي 500 ايڪڙ زمين (جنهن تي ھن رٻڙ جي پوک ڪئي ٿي) Donate ڪيا. مون ھر ٻيو ڏينهن اوڏانهن گذاريو ٿي. آرڪيٽيڪٽ انجنيئر سان بحث مباحثو ڪرڻ، گاھ ۽ وڻ ڪٽرائڻ، انهن جا لاھ ڪڍرائي عمارت ٺاھڻ جي قابل بنائڻ، وغيره وغيره. مسٽر تان لارڪ ساءِ جنهن رٻڙ جي پوک مان وڏي ملڪيت ميڙي ھئي تنهن پنج ملين ڊالر پڻ ڏنا. اڌ ملين ڊالر مون به چندي ۾ ڏيڻا ڪيا پر جيئن ته آئون انهن ڏينهن ۾ ھڪ ھلڪو ڦلڪو بزنس مئن ھوس سو اھا رقم ھڪ ئي وقت ڏيڻ بدران مون ٻن سالن ۾ قسطون ڪري ڏني.
مون آمريڪا وڃي ڊاڪٽر لـِـين يو تاگ کي مڃرايو ته ھو اسانجي يونيورسٽيءَ جو پھريون چانسلر ٿئي. پاڻ وڏو اسڪالر ۽ ليکڪ آھي. پاڻ منهنجي چوڻ تي ڪجھ عرصي لاءِ اسانجي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿي رھيو.
بلڊنگون ڏسڻ ۽ ٺھرائڻ منهنجو شوق رھيو آھي. ڪنهن سٺي ھوٽل يا بئنڪ جي ٺھڻ جو ٻڌندو آھيان ته ھلي وڃي ان کي ڏسي ايندو آھيان- چاھي کڻي ڪٿي به ھجي. گھڻو اڳ نيويارڪ جي وال اسٽريٽ تي مون ارونگ ٽرسٽ جي بلڊنگ ڏٺي. ان بلڊنگ جي ائڊريس نمبر 1، وال اسٽريٽ ھئي. مون به پنهنجي بئنڪ جي ائڊريس 1رئفلس پليس رکڻ چاھي ٿي جنهن ۾ آئون ڪامياب ٿيس.
آئون بيحد خوش آھيان ته مون زندگيءَ ۾ گھڻو ئي ڪجھ ٺاھيو خاص ڪري جڏھن ته آئون خالي ھٿين چين کان آيس. پر اھو آھي ته مون وٽ سخت محنت ڪرڻ جي قابليت ھئي. اڄ آئون پنهنجي ڪمائيءَ جو 48سيڪڙو ان ئي سوسائٽي ۽ ملڪ جي ضرورتمندن کي امداد طور ڏيان ٿو جن کان آئون ڪمايان ٿو. ھي فلسفو آئون پنهنجي پيءُ کان سکيس جيڪو جيتوڻيڪ ايڏو امير نه ھو پر ھن کي پنهنجي ڳوٺ جي ماڻھن جي مدد ڪندي خوشي ٿي ٿي. ھن مونکي ھميشھ اھا نصيحت ڪئي ٿي ته پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪجھ حصو غريبن ۽ ضرورتمندن کي خيرات ۾ ضرور ڏجي.
سنگاپور جي مسٽر ڄائو واري ڪھاڻيءَ ۾ ڏنل فوٽ نوٽس
-1 چين توڙي جپان، انڊنيشيا ۽ ملائيشيا وغيره ۾ اھو رواج ھلندو اچي ته ڪن خاص رنگن جو استعمال فقط شاھي گھراڻو يا ملڪ جا حاڪم ئي ڪري سگھن ٿا. جيئن اڄ به ملائيشيا ۾ ڦڪو (زردو) رنگ ملئي سلطانن جي نشاني سمجھيو وڃي ٿي.
-2 اوڻھين سڄي صدي چين ۾ مردن ۾ چوٽي رکڻ جو رواج ھو. مذھبي توڙي سماجي لحاظ کان مرد لاءِ چوٽي رکائڻ ضروري سمجھيو ويو ٿي. ايتريقدر جو سنگاپور جي ھڪ مشھور امير واپاري ھئمپوئا جو پٽ انگلنڊ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري موٽڻ مھل چوٽي ڪٽائي، انگريزي ھيئر ڪٽ ڪرائي آيو ته سندس پيءُ کيس سنگاپور ۾ رھڻ بدران يڪدم سندس اباڻي وطن چين موڪلي ڇڏيو ته وڃي سڌري اچي.
-3 چينين جي ميٿالاجي مطابق ٻارھن سالن جو چڪرو ٿئي ٿو ۽ ھر سال ڪنهن جانور (ڀولڙي، ڪوئي، شينهن سوئر وغيره) جو سال ٿئي ٿو ۽ ان سال ۾ ڄاول ٻار جي وصفن ۽ عادتن تي ان جانور جي سٺاين ۽ مداين جو اثر رھي ٿو. اھي جانورن جا سال وري پنجين پنجين چڪر ۾ وڌيڪ اھم ٿيو پون- يعني جملي سٺ سالن ۾ ھر ھڪ جانور ھڪ دفعو گھڻو اھم ٿيو پوي جيئن مسٽر چائو جي ڄمڻ واري گھوڙي جو سال ھو. اھو خاص سال ھو جنهن ۾ اھو باھ جو گھوڙو سڏجي ٿو.
-4 چينين جي نئين سال واري ڏينهن تي جيڪا ٻارن کي خرچي ملي ٿي اھا چيني زبان ۾ انگ پائو سڏجي ٿي. انگ پائو (Ang  Pow)  گھڻو ڪري ڳاڙھن لفافن ۾ وجھي ڏني ويندي آھي ۽ نه فقط پنهنجن ٻارن کي پر مائٽن ۽ دوستن جي ٻارن کي پڻ ڏني ويندي آھي جيڪي ان ڏينهن تي گھمڻ ايندا آھن. ھي چيني لفظ انگ پائو ھن پاسي جي ملڪن (ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور وغيره) ۾ ايڏو عام ٿي ويو آھي جو ويندي عام خرچي يا بونس به انگ پائو سڏيو  وڃي ٿو. ويندي رشوت کي پڻ. (ھونءَ ھانگ ڪانگ ۾ جتي سنگاپور وانگر منڊارن چيني زبان بدران ڪئنٽونيز چيني زبان سرڪاري ٻولي آھي، انگ پائو کي لائي سي (Lai  See) چون.
-5 ڪيٽي وزن جو ماپ آھي ۽ ھڪ ڪلو گرام کان گھٽ ٿئي ٿي. ھن پاسي (ڏور اوڀر) جي ملڪن ۾ اناج يا ميوو سير، ڪلو گرامن يا پائونڊن ۾ تورڻ بدران ڪيٽين ۾ تورين. ڪيٽي (Kati) ملئي زبان جو لفظ آھي پر ھن پاسي جا چيني توڙي مدراسي عام طور اھائي تور استعمال ڪن. جيئن اسان وٽ ان جون پاٽيون يا ڪاٺين جي لـَـڏ.
-6 رور وئلي  (River  Valley) روڊ ڪولمئن پل وٽان شروع ٿي ڪليمانجارو ايوينيو تائين ھليو وڃي ٿو. رور وئلي پل جي ساڄي پاسي (اتر اوڀر ۾) فورٽ ڪئننگ پارڪ آھي ۽ کاٻي پاسي آرڊ روڊ، ريڊ اسٽريٽ، ڪئننگ لين وغيره آھن. ليانگ ڪورٽ ۽ ھوٽل نيو اوتاني به اتي آھن. مسٽر چائو کي اڄ مني صدي گذرڻ بعد به اھو Exact ھنڌ ياد آھي جتي ھو چاچي سان گڏ سئمپان (Sampon) مان لٿو ھو ۽ سنگاپور ٻيٽ جي ڌرتيءَ تي پھريون قدم رکيو ھو.
-7 پئسي وارو ٿيڻ بعد مسٽر چائو پنهنجن ٻين مائٽن جو به خيال رکيو. سندس ھڪ مائٽ ٻڌايو ته چائوءَ اھو انسان آھي جنهن ھر ان ماڻھوءَ جي مدد ڪئي ۽ ان کي اڳتي وڌايو جنهن ھن جي (چائو جي) غربت وارن ڏينهن ۾ سندس مدد ڪئي. بئنڪاڪ وارو سندس چاچو جنهن چائوءَ کي سنگاپور پھچايو، ان کي چائوءَ پنهنجي ڪمپنيءَ ۾ اسٽور مئن ڪري رکيو. ھو آھستي آھستي وڌندو ويو تانجو ان ڪمپنيءَ جو وڃي چيئرمين ٿيو.
-8 ھي فريزر اھو آھي جنهن جي نالي ملائيشيا ۾ مشھور خوبصورت  ٽـَـڪري (Hill Resort) فريزر ھل نالي آھي.
-9  لوڪ يو  (Loke Yew) ھڪ امير ۽ وڏو سخي مرد چيني ھو جيڪو سنگاپور ۾ ھڪ غريب ٻار جي حيثيت ۾  1858ع ۾ آيو ۽ اڳتي ھلي رٻڙ ۽ ٽين جي واپار ۾ وڏو پئسو ٺاھيائين. ھن رئفلس ڪاليج ۽ ڪيترين ئي اسپتالن کي پنهنجي کيسي مان وڏا فنڊ ڏنا.
 -10 مسٽر چائو جيتوڻيڪ پنهنجي ڪم جي نوعيت لاءِ اھو ئي چوندو رھي ٿو ته مزيدار ۽ سولو آھي پر حقيقت ۾ ھن کي سخت محنت ڪرڻي پيئي ٿي جنهن جو اعتراف سنگاپور جا حاڪم پڻ ڪن ٿا. مسٽر چائوءَ لاءِ راجا رتنام (سابق وزير خارجھ) ويجھڙائيءَ ۾ ھڪ ھنڌ بيان ڏنو ھو ته:
Mr. Lien Ying Chow knew lots of People. A professional diplomat cannot move around so easily. A shrewed businessman has a knack for discounting disinformation. He was very useful in Singapore”.
سنگاپور ھڪ ٻيٽ به آھي ته ملڪ به
سنگاپور ٻيٽ بابت ھتي گھڻو تفصيلي احوال لکڻ نٿو چاھيان. ھن ٻيٽ بابت ھر روز اخبارن ۾ مختلف ماڻھن جا سفر ناما ايندا رھن ٿا. منهنجو به ھن ٻيٽ سان ستر واري ڏھاڪي کان وٺي واسطو رھيو آھي. جپان، ڪوريا، ھانگ ڪانگ، ٿائلنڊ ۽ چين وغيره ايندي ويندي سنگاپور ۾ جھاز ۽ جھاز جي عملي جي ضرورت جو سامان کڻڻ لاءِ جھڙوڪ، تيل، پاڻي، مشينري ۽ کاڌي جو سامان. ان بابت انهن ڏينهن جو احوال مختلف سفرنامن ۾ لکندو رھيس. ان بعد ملائيشيا ۾ اٺ نـو سال رھڻ دوران ھر وقت سنگاپور اچڻ وڃڻ لڳو رھيو ۽ بس، ڪار ۽ ٽرين رستي سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وچ۾ سفر ڪرڻ ائين آھي جيئن حيدرآباد کان ڪراچي اچجي. بهر حال انهن ڏينهن جي سنگاپور بابت تفصيلي احوال ھنن ٽن ڪتابن ۾ آھي:
-   سنگاپور ويندي ويندي
-   سنگاپور ٿو سڏ ڪري، ۽
-   آل ابائوٽ سنگاپور.
ان ڪري ھتي، ھن مشغول ۽ ماڊرن ٻيٽ بابت وڌيڪ لکڻ اجايو ثابت ٿيندو. مختصر ھن ريت ته ھي ٻيٽ انگريزن پاران ھنن جي نمائندي سراسٽئمفورڊ رئفلس ھتي جي ملئي حاڪم کان ھٿ ڪري ٺاھيو جوڙيو. انهن ڏينهن ۾ رئفلس بينڪولين جو ليفٽيننٽ گورنر ھو. بينڪولين (جنهن  کي ملئي زبان ۾ بينگڪولو به سڏين) انڊونيشيا جي ٻيٽ سماترا جو انهن ڏينهن ۾ مشھور بندرگاھ ھو. انهن  ڏينهن ۾ انڊيا جو گورنر جنرل لارڊ ھئسٽنگس ھو. ھن جي اجازت سان رئفلس ھن ويران ٻيٽ (سنگاپور) جي ڳالھ چوري ۽ پھريون دفعو  28جنوري  1819ع ۾ ھن ٻيٽ تي قدم رکيو. انهن ڏينهن ۾ سنگاپور جي ڀروارو ٻيٽ ريائو وڏي شان شوڪت وارو ھو جتي ھن تـَـر جو ملئي حاڪم ۽ ٻيا مان شان وارا ماڻھو  رھيا ٿي. پر پوءِ اسٽئمفورڊ رئفلس ۽ ان کانپوءِ وارن ٻين انگريز حاڪمن ۽ ھن دور ۾ ھن ٻيٽ جي چيني پرائيم منسٽر لي ڪئان يو ھن ننڍڙي ۽ پٺتي پيل ايشيائي ٻيٽ کي ھڪ سھڻو، ماڊرن، پرامن ۽ طاقتور ملڪ بنائي ڇڏيو آھي.
جتي ملائيشيا ختم ٿئي ٿو ۽ ملائيشيا جي آخري رياست جوھور جو وڏو شھر ۽ بندرگاھ جوھور بارو آھي اتان ميل ٻن جي پل (Cause Way) ٽپي ھن ٻيٽ تي پھچي سگھجي ٿو. ھن ٻيٽ جي550 چورس ڪلوميٽر پکيڙ آھي. ھن ٻيٽ تي رھندڙ 25 لک عوام ۾ ٽي حصا چينين جا آھن جيڪي گھر ۾ پنهنجي پنهنجي صوبي جي چيني زبان ڳالھائين ٿا پر آفيس ۽ ڪاليج ۾ منڊارن (چيني زبان) ڳالھائين ۽ اھا زبان سنگاپور جي چئن قومي زبانن مان ھڪ سرڪاري زبان آھي. ھن ٻيٽ جون باقي ٽي سرڪاري زبانون ھي آھن: ملئي، تامل ۽ انگريزي. ھي ٻيٽ ملئي علائقي ۾ ھجڻ ڪري ٻئي نمبر تي ملئي ڳالھائيندڙ گھڻا آھن. ۽ ٽئي نمبر تي تامل. انگريزن جي ڏينهن ۾ ڏکڻ ھندستان کان ڪيترائي مدراسي تامل ھتي آيا. دراصل شروع ۾ ھي ٻيٽ مدارس پريزيڊنسي ۾ ھو جيئن سنڌ جو صوبو ڌار ٿيڻ کان اڳ انتظام جي حساب  سان بمبئي پريزيڊنسي سان لاڳاپيل ھو.
سنگاپور جو ٻيٽ ھندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ جي سنگم وٽ ائين آھي جيئن ڏکڻ آفريڪا جو بندرگاھ ڪيپ ٽائون ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ھندي وڏي سمنڊ جي ميلاپ وٽ آھي. اڄ ڪلھ سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ سنگاپور وڏي ۾ وڏو بندرگاھ آھي. ساڻس بئنڪاڪ، ھانگ ڪانگ، منيلا، شنگھائي ۽ ٽوڪيو جھڙا بندرگاھ به مقابلو نٿا ڪري سگھن ۽ سڄي دنيا ۾ ھي چوٿون نمبر وڏو بندرگاھ آھي.
سنگاپور کي 19 آگسٽ  1965ع تي انگريزن طرفان خودمختياري ملي. ھي ٻيٽ خط استوا جي بلڪل ويجھو آھي. اٽڪل 85 ميل (137ڪلوميٽر ) اتر ۾ آھي. ان ڪري ھتي ڏينهن رات ھڪ جيڏا ٿين اٽڪل ٻارھوئي ھڪ ئي موسم رھي. خط استوا جي ويجھو ھجڻ ڪري گرمي  گھڻي ھجڻ کپي پر ٻارھوئي مينهن ۽ جھڙ ڪري ڏينهن جو گھڻو حصو ٿڌڪار واري موسم رھي ٿي. مينهن کان بچاءُ کڻي ڪو ضروري نه سمجھي پر اس جي بچاءُ لاءِ پاڻ سان ڌوپ ڇٽي رکجي يا مٿي تي ٽوپي. ڇو جو ھنن ملڪن ۾ جڏھن سج نڪري ٿو ته ان جا ڪرڻا سڌا پون ٿا ۽ ڏينهن لڳي (Sun Stroke) ٿي سگھي ٿو. ان کان پاڻ کي بچائجي-خاص ڪري پرديس ۾.

No comments:

Post a Comment