قسمت جا ليکا...
پاڻ ملائيشيا جي هڪ بزنيس ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽر، حاجي غلام علي سولنگيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. هو اڄ کان سترهن ارڙهن سال کن اڳ، پنهنجي گهران، روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ڪالونيءَ مان، هٿين خالي سنگاپور ۽ ان بعد ملائيشيا آيو. چار سال کن ڏينهن رات محنت مزوري ڪري، هو سکي زندگي گذارڻ لڳو. هُو هڪ ملئي انجنيئر ڇوڪريءَ سان گڏ ڪوالالمپور جي علائقي جالان ڪلانگ لاما ۾ سائيبر ڪيفي جو مالڪ ٿي ويو هو. هنن ٻنهي مستقبل قريب ۾ شاديءَ جو ارادو رکيو ٿي، جنهن لاءِ ٻنهي گڏجي ڪوالالمپور جي هڪ سٺي علائقي ۾ هڪ سهڻو فليٽ به بڪ ڪرايو. جنهن لاءِ هو 40-40 هزار رنگٽ به ڀري چڪا هئا ۽ هاڻ باقي ڪا معمولي هڪ اڌ قسط رهي هئي ته عليءَ جي خوشين سان ڀريل زندگيءَ ۾ اوچتو رولو اچي ويو. سندس ڪيفي ۾ ٻين جي جهيڙي ڪري، سندس جو هلندڙ بزنس بند ٿي ويو. ملئي ڇوڪريون به اهڙيون بي وفا يا ٺڳڻيون نه ٿينديون آهن، پر هو ڇا چوندا آهن ته؛ پنج ئي آڱريون برابر نه ٿيون ٿين. هن ڇوڪريءَ جي طبيعت ۾ اوچتو اهڙا لاڙا پيدا ٿيا جو هوءَ عليءَ جي بدران هر ڳالهه پنهنجي ساهيڙيءَ جي مڃڻ لڳي. عليءَ سان شادي ڪرڻ جو نه فقط ارادو لاهي ڇڏيائين بلڪ عليءَ جي بچيل سچيل پونجي به ھڙپ ڪري وئي. بُڪ ٿيل فليٽ ته اڳيئي سندس نالي هو. علي هڪ دفعو وري زيرو تي وڃي پهتو.
هن جي ڌارئين ديس ۾ ڪا به قانوني حيثيت نه هئي جو هو ڪنهن ڳالهه تي پنهنجو حق ڄمائي سگهي. علي جيڪو هتي ملائيشيا ۾ گهرٻار ٺاهي هاڻ سکي زندگيءَ جا خواب ڏسي رهيو هو، تنھن جا اهي خواب ساڀيان ٿيڻ بدران چڪناچور ٿي چڪا ھيا. هن جو هاڻ نه ڪمائيءَ جو ذريعو رهيو هو نه گهر گهاٽ. هو سوچڻ لڳو ته؛ هاڻ ڇا ڪرڻ کپي. واپس وطن هلي قسمت آزمائجي يا وڌيڪ هتي رهي وري هٿ پير هڻجن. هو فقط بي اي پڙهيل هو. ان تعليم تي کيس، پنهنجي ملڪ ۾، نوڪري ته ڇا پر ڪو سڀرو ستابو پورهيو به نٿي ملي سگهيو. هتي ملائيشيا ۾ رهي، هو نه فقط هتي جي ملئي ٻولي سکي ويو هو، پر انگريزي به سٺي ٿي وئي هئس. ان کان علاوه پيٽروناس ٽاور تي هلندڙ ڪم ۽ هوٽل (سائبر ڪيفي) جي هلندڙ ڪم مان کيس ڌنڌي بزنس جو تمام گهڻو تجربو ٿيو هو. ساڳئي وقت هِن ملڪ جي مختلف قومن ملئي، چيني ۽ انڊين واپارين، پروفيشنل ۽ سياستدانن سان به Contact ۽ سڃاڻپيون ٿي ويون هيس.
”دبئي، ڪويت ۽ عرب ملڪن جي سخت موسم ۽ شوخ ماڻهن کان ملائيشيا جي موسم ۽ ماڻهو وڌيڪ حليم آهن. هاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هلي قسمت آزمائڻ بدران وري هتي ئي نئين سنئينءَ کان ڪجهه ڪرڻ جو سوچيم. ڪيفي بند ٿيڻ ڪري منهنجي ملائيشيا ۾ ڪم ڪرڻ جي ويزا به ختم ٿيڻ واري هئي.“
قدرت خدا جي اهڙي ٿي جو منهنجو هڪ پاڪستاني واقفڪار، جنهنجو هتي ڊاڪٽري اوزارن ۽ سرجيڪل ٽولز جو بزنس ھيو، ان جو ٻيو پاڪستاني پارٽنر، کيس ڇڏي ڪنھن ٻئي ڌنڌي ۾ لڳي ويو. کيس ماڻهوءَ جي ضرورت هئي. مون کي شامل ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيائين. مون خوشيءَ سان اھو نئون ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن بزنس ۾ منهنجو اھو پنجابي دوست، سيالڪوٽ ۽ ٻين هنڌن تان هول سيل تي ڊاڪٽري ۽ اسپتالن جو سامان گهرائيندو هو. هن منهنجي حوالي هڪ مزدا ٽائيپ پڪ اپ ڪئي، جنهن ۾ مختلف شين جا سئمپل رکي، سڄو ڏينهن ڪڏهن ڪنهن شهر ۾ ته ڪڏهن ڪنهن شهر جي اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن ۾ وڃڻ شروع ڪيم. جتان جتان جنهن شيءِ جو آرڊر مليو ٿي، فون ذريعي پنهنجي دوست بزنس مئن، جيڪو منهنجو باس ٿيو، ان بابت اطلاع ٿي ڪيم. هن ان ئي وقت اهو سامان، ميسينجر ذريعي يا ڪوريئر سروس ذريعي، ضرورتمند ڊاڪٽر يا اسپتال ڏي موڪليو ٿي. مون ويسٽ ملائيشيا جي يارهن رياستن مان هر رياست ۾ مهينو گذاريو ٿي ۽ آخري مهينو ڊسمبر وارو ڪوالالمپور (گادي واري شهر) ۾ رهيس ٿي.“
”پوءِ ڀلا شاديءَ جو پروگرام ڪيئن ٺهيو؟“ مون پڇيو.
”مون هن ڌنڌي ۾ وڏي محنت ڪئي ۽ پئسو بچايو.“
ملائيشيا ۾ بزنس ڪرڻ به ڪو سولو ڪم ناهي. ڇو جو هتي چينين سان مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. اسپتالون توڙي منجھن ڪم ڪندڙن جي گهڻائي، چينين ۽ انڊين جي آهي. سندن همدرديون پنهنجن چيني واپارين ۽ انڊيا جي سامان سان آهن. آئون گذريل 12 کن سالن کان، هن ڌنڌي تي ڪافي حاوي رهندو اچان. هي ڌنڌوEstablish ٿيڻ تي مون شاديءَ جو ارادو ڪيو. منهنجي نظرن ۾ ڪا به اهڙي ڇوڪري نه هئي، جنهن سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ يا دوستي هجي. منهنجي پنهنجي ان ٽيچر سان فون تي ڳالهه ٻولهه جو سلسلو ضرور جاري هو، جنهن مون کيB.A تائين پنهنجي خرچ تي پڙهايو. سندس ڳالهين مان مون کي اهو لڳندو هو ته کيس پنهنجي نياڻين جو بيحد فڪر آهي. انھن جون شاديون اڃا نه ٿيون هيون. مون کي اوچتو خيال آيو ته منهنجي نظرن ۾ ٻي ته ڪا به ڇوڪري نه آهي، ڇو نه هن پنهنجي شفيق استاد جي گهران شادي ڪريان، جنهن مون کي پڙهايو ۽ مون تي سندس ٿورا به آهن. هن جي ڌيءَ نسرين، جيتوڻيڪ مون کان عمر ۾ وڏي آهي ۽ اسان جو ننڍي هوندي کان سندن گهر ۾ ڀاتين وانگر اچڻ وڃڻ هو، ان ڪري اسان مان ڪنهن به شاديءَ بابت سوچيو به نه هو. مون سوچي سوچي، نيٺ پنهنجي استاد صاحب رضا محمد عرشي صاحب کي فون ڪيو. مون کيس، سندن ڌيءَ سان عقد نڪاح جو ارادو ڏيکاريو. منهنجي حالتن مطابق، مون لاءِ هيءُ گهر ان ڪري به صحيح هو جو اسان هڪ ٻئي جي حالتن کان واقف هئاسين. هوءَ غربت ۾ به رهي سگهي ٿي. کيس ڪراچيءَ ۾ رکي آئون اڪيلي سر هتي نوڪري به ڪري سگهيس ٿي يا ڪراچيءَ ۾ ڪجهه ڪرڻ جو به سوچي سگھيس پئي.
”منهنجي ارادي کي، منهنجي زال جي والدين ۽ گهر جي سڀني ڀاتين ساراهيو ۽ مون ڪراچيءَ پهچي جهٽ اچي شادي ڪئي. هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن آئون نسرين (زال) کي وٺي توهان جي گهر ڪراچيءَ آيس.“
”پوءِ زال جي ويزا جو بندوبست ڪيئن ڪيئي؟“ مون اهو قانوني نقطو سمجهڻ چاهيو ٿي.
”شاديءَ بعد جيتوڻيڪ مون زال سان گڏ رهڻ چاهيو ٿي،“ عليءَ ٻڌايو، ”پر زال کي ملائيشيا رهائي نٿي سگهيس. ڇو جو آئون هڪ معمولي ملازم هوس. مون اهو ئي ارادو ڪيو ته هاڻ ڪراچيءَ ۾ ڪو بزنس ڪجي. مون کي ان لاءِ حالتون سازگار نه لڳيون. تنھنڪري مجبور ٿي، وري به ملائيشيا موٽي اچي، ساڳئي ڌنڌي جون واڳون سنڀاليم. هو ڇا چوندا آهن ته؛ ”ڪن جي آئي نصيب اچي ته ڪن جي وئي نصيب اچي.“ ڪجهه مهينن بعد منهنجي بزنس پارٽنر مون کي سڏي دل جو احوال ٻڌايو ته هو هي ڪاروبار ڇڏڻ چاهي ٿو. دراصل هن آسٽريليا لڏي وڃڻ ٿي چاهيو، سو هن مون کان پڇيو ته جيڪڏهن آئون ان کي پاڻمرادو هلائڻ چاهيان ته هلائي سگهان ٿو، نه ته هو اها ڪمپني بند ڪري ڇڏي. مون هائوڪار ڪئي ۽ ڪجهه ڏينهن جي ڪاغذي ڪارروائي ۽ حساب ڪتاب بعد، قانوني طرح آئون هن ڪمپنيءَ جو مالڪ ۽ ڊائريڪٽر ٿي ويس. اهڙيءَ صورت ۾ منهنجي زال به مون سان گڏ رهي سگهي ٿي. پوءِ هن سگهو ئي ڪراچي ڇڏي اچي مون کي Join ڪيو.“
”نه! نه ئي وري آئون هاڻ ان جي تمنا رکان ٿو. بلڪ الله جو شڪر ڪيان ٿو ته قدرت کي منهنجي بهتري منظور هئي.“ عليءَ چيو.
”ڪيئن؟“ مون پڇيو.
”اهو هن ريت جو منهنجا 40 هزار ڊالر ضرور ويا، پر چڱو جو اهو معاملو اڳتي نه وڌيو، هوءَ مون کي Early Stage تي ئي دوکو ڏئي وئي نه ته شاديءَ بعد جيڏو دير سان هوءَ ڇڏي ها، اوڏو وڏو نقصان ڏئي ها.“
”ڀلا هن پهرين ڇوڪريءَ سان ڪڏهن ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن جي والد مڱڻو ڪري پوءِ تو سان شادي نه ڪرائي. جنهن جي صدمي ۽ ذهني عذاب، تو کي گهر ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو؟“ عليءَ کان پڇيم.
”جي ها. هڪ دفعو،“ عليءَ چيو، ”جڏهن منهنجو سائبر ڪيفي جو ڌنڌو ختم ٿي ويو ۽ مون ڊاڪٽري اوزار وڪڻڻ شروع ڪيا ته هڪ ڏينهن پيراق جي اسپتال مان نڪري رهيو هوس ته منهنجي فون جي رنگ وڳي.“
”اها ڇوڪري هئي؟“ مون پڇيو.
”نه هن جو پيءُ،“ عليءَ ٻڌايو، ”هو سخت بيمار هو. هن ٻڌايو ته جڏهن کان هن جي ڌيءَ گهر ڇڏي وئي آهي ته واعدي موجب هن سان وري نه ملي آهي. هينئر آئون سخت بيمار آهيان، مون هن کي ڪيترا نياپا ڪيا آهن ته آئون هن جو هڪ دفعو منهن ڏسڻ چاهيان ٿو، پر هوءَ ڪنهن جي به ڳالهه ٻڌڻ نٿي چاهي. مون کي پڪ آهي ته اهو فقط تون آهين، جنهن جي هوءَ نه فقط ڳالهه ٻڌندي پر مڃيندي به. تون گذريل ڳالهيون، غم ۽ غصو وساري مون تي مهرباني ڪر ۽ هن کي مون سان ملڻ لاءِ فون ڪر.“ هن مون کي ڇوڪريءَ جو نمبر ڏنو ۽ مون هن کي چيو ته ’هي سڀ ڪجهه قدرت جا ليکا آهن. هاڻ جيڪي ڪجهه ٿي ويو، رب جي رضا تي راضي رهڻ کپي. اسلام به اهو ئي چوي ٿو ته والدين جو خيال رکڻ کپي، هو پوڙها ٿي چڪا آهن. تنهنجا اسان تي ٿورا ٿيندا، تون پنهنجي پيءُ سان ضرور مل‘. منهنجو چوڻ هن مڃيو ۽ هوءَ پنجاب کان هلي، روهڙيءَ پنهنجي پيءُ سان ملڻ آئي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن ئي رواني ٿي وئي. قدرت جا ڪمال اهي به ڏسو ته ڌيءَ جي وڃڻ بعد 24 ڪلاڪن ۾ هن جي وفات ٿي وئي.“
”آئون رب پاڪ کان سڀ لاءِ دعا پيو گهران ۽ ساڳي وقت آئون پنهنجي رب جو ٿورائتو آهيان ته هن مون غريب کي هن حال تي پهچايو آهي، جنهن جو آئون سوچي به نٿي سگهيس. ٿي سگهي ٿو اهو سڀ ڪجهه منهنجي نيڪ نيتي ۽ سڀ جو ڀلو چاهڻ جي ڪري هجي. آئون اهو ئي چوندس ته هر انسان کي ٻئي جو ڀلو سوچڻ کپي ۽ ٻئي جي ڏک ۾ شامل ٿي، ان لاءِ خوشيون پيدا ڪرڻ کپن.“
No comments:
Post a Comment