Showing posts with label ساڻيہ ڏانھن سفر، خير محمد ڪولاچي،. Show all posts
Showing posts with label ساڻيہ ڏانھن سفر، خير محمد ڪولاچي،. Show all posts

Sunday, June 04, 2023

ساڻيہ ڏانھن سفر - خير محمد ڪولاچي

ساڻيہ ڏانھن سفر

خير محمد ڪولاچي



مون پنهنجي هڪ ڪتاب جنهنجو نالو ساروڻيون ساڻيه جون هو تنهن ۾ سنڌ ۾ ڏھ مهينا ترسڻ جون يادگيريون قلم بند ڪيون هيون. ان ڪتاب جي مواد کي گهڻن سارهيو هو پر اتي هڪ همراه اهو به سوال اٿاريو هو ته توهان جو هاڻي ديس ته ڪئناڊا آهي توهان سنڌ جي سلهاڙيل يادگيرين کي ڪيئن ٿا ساڻيه جون ساروڻيون چئو. مون کيس لکيو هو ته اسان گهڻو وقت جنهن ڌرتي تي گهاريو آهي، اسان جينهن ڌرتي تي جنم ورتو آهي، جتي رانديون رونديون ڪيون آهن، جتي جي ماروئڙن جي ڏک سک جو حصو رهيا آهيون سو ئي اسان جو حقيقي ديس آهي.