Showing posts with label مٺل جسڪاڻي. Show all posts
Showing posts with label مٺل جسڪاڻي. Show all posts

Saturday, July 30, 2022

ڪجهه احساس، جذبا، سوچون ۽ مشاهدا - مٺل جسڪاڻي

ڪجهه احساس، جذبا، سوچون ۽ مشاهدا...

مٺل جسڪاڻي



علم پرائڻ ۽ پيٽ گذر جي لاءِ جتي ۽ جيستائين به وڃي سگهجي، وڃي نڪرجي. واندڪائيءَ ۾ گهمڻ ڦرڻ سان پڻ مشاهدن مان پرائبو آهي، مستقبل جي رٿابندي ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي، زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي، ڪيڏانهن نڪرڻ ڏکيو نه لڳندو آهي. ان ڪري، خاص طور تي، ننڍي عمر وارن کي پهرين ترجيح تعليم پرائڻ، ٻي ترجيح جهڙو به، جيڪو به، جتي به روزگار ملي، اهو ماڻي، ٻئي بهتر روزگار جي جستجو جاري رکڻ گهرجي. جيڪو وقت بچت ٿي ملي، اهو پهچ آهر، ويجهو ويجهو يا پري پري، گهمڻ ڦرڻ نڪري وڃجي.