Showing posts with label الطاف، شيخ،. Show all posts
Showing posts with label الطاف، شيخ،. Show all posts

Friday, February 11, 2011

توهان بدران دعا گهرندڙ...! - الطاف شيخ

توهان بدران دعا گهرندڙ...!
الطاف شيخ
اسلام ۾ قبر کي پڪو ڪرائڻ يا گنبذ اڏائڻ جي اجازت آهي يا نه. قبر کي سهڻو بنائڻ ۽ مٿان پڙ (چادرون) چاڙهڻ سان اندر دفن ٿيل جا گناهه ۽ ڏوهه معاف ٿي وڃن ٿا يا نه. قبرن مٿان هٿ گهمائي پنهنجي منهن کي مَلڻ سان ثواب ۽ خوشحالي ملي ٿي يا نه. ڪنهن بزرگ ۽ دين اسلام جي عالم جي پوئواري ڪرڻ بدران ان جي قبر جو مجاور ٿي وهڻ، ان نيڪ ولي اولياءَ وانگر نماز روزي جو پابند ٿيڻ بدران لوهه جي پيتي اڳيان رکي، آئي وئي کان چندو اوڳاڙڻ وغيره، ڪيتري قدر صحيح آهي يا سخت بدعت. ان جو اسان ننڍي کنڊ (Sub-Continent) جي ماڻهن کي احساس نٿو ٿئي، تڏهن ڳوٺ ڳوٺ ۾ ته ڇا پر هاڻ سپر هاءِ وي تي به قبرون، گنبذ ۽ انهن قبرن جا خذمتگار مجاور نظر اچن ٿا ۽ ننڍپڻ کان ڏسي ڏسي اهي ڳالهيون ڄڻ ذهن لاءِ قابل قبول ٿي ويون آهن. قبول هڪ تبليغي عالم جي: “اسان جا ڪيترائي ڳوٺاڻا توڙي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو صحيح علم کان اڻ واقف آهن. هو شرڪ جي حد تائين قبرن ۽ جهنڊن کان ڏک سور لاهڻ جي گُهر ڪن ٿا ۽ جڏهن اسين مسلمان ڪلمو پڙهي چئون ٿا ته الله کان سواءِ ٻيو ڪو به نه آهي ته پوءِ ان هستيءَ سان اسان ٻئي کي ڪيئن شريڪ ڪريون ٿا. اسلام ئي هڪ اهڙو مذهب آهي جنهن ۾ بندي ۽ رب جو سنئون سڌو تعلق آهي ۽ جڏهن ڪنهن ٻائي ٻانڀڻ، پادري پنڊت جهڙي ٽياڪڙ جي ضرورت ناهي ته پوءِ ڇو ان رب سان سنئون سڌو نينهن لاهڻ بدران هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪون ٿا.”