Monday, June 24, 2019

ڪيا حال سڻاوان دل دا - نصير مرزا


ڪيا حال سڻاوان دل دا
نصير مرزا
هي خانپور ريلوي جنڪشن، اُتان نڪتس ته رستي ۾ ”چوڪ ظاهر پير“، جتان سٺ ڪلوميٽرن تي بينظير پُل، وچ ۾ درياءِ سنڌ...جنهن جي هڪ ڪناري چاچڙان شريف ۽ ٻئي پاسي جنهن ديار جو وردُ منهنجي چپن تي، اهو ”مٺن ڪوٽ.“ شهر ۾ داخل ٿيڻ سان خواجه سائين غلام فريد جي نيرولي رنگ واري گنبذ تي پري کان نگاهه ڇا پئي، مون ته جهونگارڻ شروع ڪيو...”سانوڻ ميگهه ملهاران، ترسا پوي، آ پُنهلا، موڙ مُهاران.“ درگاهه اندر هر طرف هو نظارو نيهن جو...سجاده نشين سائين محبوب ڪوريجه صاحب صحن ۾ سنگت سان موجود. آئون ڇاڪاڻ ته حضور شرم، سو پٻن تي هلندو، پاسو پاسو ڏيئي روضي اندر داخل ٿي ويس...لحد مبارڪ، ان جي مٿان گنبذ ۽ در و ديوار مان مُلتاني چيڪي مٽيءَ جو عجب جهڙو هڳاءُ آيم. قبر تي جيڪو پڙ پيل، ان مان وري عطر عنبير جي خوشبو پئي آئي...هر پاسي عقيدتمندن جو هجوم...تن ۾ ڪجل ريک سان قلوپئٽرا جهڙي هڪڙي نوخيز گائڪا، ڪافين جو شايد سندس پهريون البم رليز ٿيو هو، جنهن کي خواجه صاحب جي پيراندي رکي، جهونگارڻ لڳي...”نيهُن اولڙا، اوکا لايم، سڪ پل پل دي مارُ منجهايم.“


تربت جي سيرانديءَ ڪتبي واري تاج آڏو بيهي سرائيڪي ڪافي جي هن وجيهه شاعر کي تصور ۾ مون آندو ۽ مٿن لاجواب تحقيق ڪندڙ پنهنجي ريڊيائي ڪُليگ ڊاڪٽر نصرالله ناصر کي فون ڪيو، جنهن سرائيڪي ٻوليءَ جي هزار سالا شاعريءَ تي ”پي ايڇ ڊي“ ڪئي آهي. ٻڌائڻ لڳو ته، سرائيڪي سانوري محبوب جهڙي ٻولي، جنهن جا سڀ ڪلاسيڪل شاعر هڪ کان هڪ، پر منجهن گلاب جو گل، تارن ۾ چوڏهين جو چنڊ، ۽ ان جو ڀاڳ سڀاڳ صرف خواجه غلام فريد سائين، جن جو اصل نالو خورشيد عالم، پر پنهنجو نالو پاڻ تجويز ڪيائون ”خواجه غلام فريد.“ ذهين ايترا، جو اٺن سالن جي ڄمار ۾ ڪلام پاڪ حفظ ڪري ورتائون. فارسيءَ تي ملڪو حاصل ڪيائون. هاڻي سرائيڪي ته سندن ماءُ ٻولي، پر گڏ سنڌي، اردو، هندي ۽ پُوربي ٻوليءَ تي به کين دسترس حاصل ٿي وئي. وڏي ڀاءُ خواجه فخر جهان کي پنهنجو پير و مرشد بنايائون. مجاز کان حقيقت جي منزل تي پهچي چيائون ”بڻ دلبر شڪل ”جهان“ آيا، هر صورت عين عيان آيا.“ پنهنجي چاچڙان شريف واري بيٺڪ تي مُريدن کي روز فارسيءَ ۾ درس ڏيندا هئا...سندن انهن ليڪچرز کي چئن جُلدن ۾ گڏ ڪري اُن ڪتاب جو نالو رکيو ويو آهي ”اشارات فريد.“ جنهن جو اردو ترجمو پڻ شايع ٿيل آهي. نصرالله ناصر صاحب جي ٻڌايل اهڙين ڳالهين مان ٿورو منهنجو ڌيان پاڪ پتن ديار واري زبردست بزرگ ۽ شاعر ”بابا فريد گنج شڪر“ ڏانهن به ته ويو. جيڪي خواجه غلام فريد کان سوين سال اڳ، حضرت قطب الدين بختيار ڪاڪي اولياءَ جي زماني ۾ موجود هئا. بابا گرونانڪ ۽ حضرت نظام الدين اولياءَ، بابا فريد گنج شڪر سان ڪيڏي نه والهانه عقيدت رکندا هئا. نظام الدين اولياءَ ئي کين ”گنج شڪر“ جو خطاب ڏنو. پاڪ پتن ۾ سندن مبارڪ مزار اندر هڪ عجب جهڙو دروازو تعمير ڪرايو، جنهن جو نالو تجويز فرمايائون ”بهشتي دروازه.“
خواجه غلام فريد سائين جي فرحت آثار مزار واري صحن مان ٻاهر آيس ته رنگارنگ بازار...جنهن ۾ منهنجي لاءِ ڪشش جو ڪارڻ ”فريد ميوزڪ شاپ“ هو، جنهن جي هر شيلف ۾ خواجه صاحب جي ڳايل ڪافين جي ڇا ته ڪليڪشن...گذر گئي گذران...آواز استاد نزاڪت علي سلامت علي، جيڪا ايڏي ته درد انگيز انداز ۾ ڳايل ڪافي، جو اکين مان لڙڪن جا مينهن، پوءِ ”ميڏا عشق وي تون، ميڏا يار وي تون“، آواز پٺاڻي خان...هي خواجه صاحب جي ڇا ته شاهڪار ڪافي...پوءِ سرائيڪي وسيب جي ڪوئل گائڪه زاهده پروين جي آواز ۾ پُوري ڪئسيٽ...“سوهڻي يار ٻاجُهون ميري نهين سرندي...“، ”دُکي دلڙي دردان ماري“...، ”هئه عشق دا جلوه هر هر جا...“ آواز استاد منظور علي خان...پوءِ هي ڪافيون ”روندي عمر نڀائي، يار دي خبر نه ڪائي“ ۽ ”شاهه رانجها البيلا، جوڳي جادوگر وي“...آواز استاد محمد جمن، پوءِ عابده پروين جي آواز ۾ ”الله هڪ هئه، هڪ هئه، هڪ هئه، سانون هڪ دي دم دم سڪ هئه...“ مخدوم سائين طالب الموليٰ جي آواز ۾ ڳايل هيءَ ڪافي ”اڄ زيور پئي ٺهندي هن.“ پوءِ ”سرخ گلابان دي موسم وچ، ڦلان دي رنگ ڪالي...آواز اسد امانت علي خان...انهن ڪئيسٽس ۽ سي ڊيز جي خريداريءَ بعد قيس فريديءَ جو مرتب ڪيل ”ديوان فريد“ ورتم، ته ان جا ورق اٿلائيندي پُٿلائيندي پتو پيو خواجه صاحب ڦوهه جواني ۾ سيلاني هئا. خوشحال، سخي ۽ ٻاجهارا انسان، پر سخت عاشق سڀاءَ، عشق جي آتش ۾ چولستان جي گرم صحرا ۾ هلندا رهندا هئا...گڏوگڏ ههڙيون ڪافيون به لکندا ۽ چوندا رهيا. ”گيا رول راول، وچ روهي“...”واهه حضرت عشق مجازي، سڀ راز رموز دي بازي“...ان عشق کين جيڪا اذيت ۽ پيڙا بخشي، اُن لاءِ  چيائون ”درد فريد ستاوي، اَگ لاوي، ڀُن ڀُن کاوي، پَٽ پَٽ ماس تي هَڏيان.“ عشق جي درد بعد سندن ڪافين ۾ ٻيو گهڻو ذڪر ”برسات“ جو. چولستان، ڇاڪاڻ ته باراني علائقو، ان ڪري مينهن جي موضوع کي عجب عجب انداز ۾ لکيو اٿن ”سانوڻ مينگهه ملهاران“، ”سانوڻ بوندڙيان جهڙ لاوي...ڪيئي سندن ڪافين جا مُکڙا ته صفا نج پج سنڌيءَ ۾...”هر دل جو دلدار يار منهنجو“...”ويندم هوت وساري“...سرائيڪي ٻوليءَ بابت محققن واقعي درست ئي ته لکيو آهي، اها ڄڻ سنڌي ۽ پنجابي ٻوليءَ جي وچ واري ڪڙي.
درگاهه خواجه غلام فريد کان ٿورو وٿيرڪو، هي جيڪو ”خواجه غلام فريد عجائب گهر“، اهو به ته ڏسڻ جهڙو، جتي خواجه صاحب جا نوادرات...لباس جو ڪجهه حصو، يا سندن شاعريءَ ۾ جن جن شين جو ذڪر آهي، نموني طور اُهي به موجود...ٻڪرين جي ڳلي واريون ننڍڙيون ننڍڙيون گهنڊڙيون...ڪنڊيءَ جي وڻ جا ڇوڏا...ديوين جا ڪنڊا...کنڊ...نبات...مصري، مساڳ، سُرخي ۽ ڪجل ڪانيون...جن متعلق سندن هي ڇا ته محبوب سٽون ”ڌار ڪجل دي ٿئي تلوار...“، ”اکيان ڪجل ڪالڙيان...“ شاعري ۾ ڪم آندل اهڙين شين سان گڏ هن عجائب گهر ۾ ڪلام خواجه فريد جا به ڪيترائي نخسا، جن منجهان ڪو ڊاڪٽر مهر عبدالحق جو مرتب ڪيل ته ڪو مجاهد جتوئي ۽ مولانا عزيز الرحمان جو. ڊاڪٽر جاويد چانڊيي ۽ ڊاڪٽر شهزاد قيصر، جيڪي پنهنجي پي ايڇ ڊي وارا مقالا لکيا، انهن جا مسوده به ته هن عجائب گهر ۾ موجود هئا. پڙهڻ ۽ ڳائڻ ۾ خواجه صاحب جو ڪلام ڇا ته دل گُداز، جنهن لاءِ مخصوص سُر ته راڳ ڀيروي آهي، پر راڳ ڀيم، پهاڙي، پرڀاتي، لوڙائو ۽ مانجهه راڳڻين ۾ به سندن ڪلام ٻڌبو آهي ته اکيون اشڪبار ٿي وينديون آهن. فقراءَ ٻڌائيندا آهن ته خواجه صاحب جي آواز ۾ عجب پنهنجائپ ۽ ميٺاڄ سمايل هوندو هو. هميشه پکين وانگر ماڻهن سان مٺو ٻوليندا هئا. سندن ڄمار اڃا 56 جي لڳ ڀڳ ئي هئي جو وصال جي هيءَ وائي ورجائڻ لڳا هئا:
گُذريا  ويلا هسن کلڻ دا
آيا وقت فريدا چَلَڻ دا
اوکا پينڊا دوست ملڻ دا
جان لُبان تي آندي هئه
اها ۲۴ هين جولاءِ، سن ۱۹۰۱ع، سندن مڙهه چاچڙان شريف کان مٺڻ ڪوٽ ڏانهن آندو ويو. هاڻي ان ديار مان نڪرندي خواجه فريد سائين جي مزار ڏانهن مُڙي نگاهه مون کنئي، نواب آف بهاولپور پاران تعمير ڪرايل سندن مقبرو مون کي بلڪل تاج محل نما معلوم ٿيو. تڏهن درگاهه جي وڻن کي هٿ لوڏي مون الوداع ڪيو ته ڪنهن وڻ تان ڪوئل ڄڻ خواجه فريد جي هيءَ ڪافي آلاپڻ شروع ڪئي:
ڪيا حال سُڻاوان دل دا،
ڪوئي محرم راز نه ملدا-

No comments:

Post a Comment